ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي
دنيا ۾ تمام ٿورا ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي پنهنجي شخصيت ۾
تاريخ جو ڏيک ڏيندا آهن. خاموش ڪتابن اندر ورقن ۾
لفظن سان ڀريل سچن يا ڪوڙن مثالن واري تاريخ نه پر
زندگيءَ ۾ روزانو هلندڙ ڦرندڙ ڏسندڙ ٻڌندڙ ۽
ڳالهائيندڙ تاريخ، زندگيءَ جي سچين حقيقتن سان
ٽٻٽار جرڪندڙ تاريخ، زندگي ۾ ڪي ڪي ماڻهو حاصلات،
هار جيت يا سماجي قد ڪاٺ يا ماپ سان نه پر پنهنجي
سونين سوچن ڏيئي جي پهرين لاءُ جيان چمڪندڙ، روشن
ذهن ۽ اندر جي کير جهڙي اجري نڪور انساني اعتقاد
سان پرکيا ۽ توريا ويندا آهن، سندن سڃاڻپ سماج ۾
موجود بدبودار ناسور خلاف بغاوت جا ٻول الاپيندي
ٿيندي آهي، سندن واتان سچائيءَ جا گفتا تاريخ
ٺهندڙ ورق بڻجي نروار ٿيندا ۽ پنهنجي روپ کي تاريخ
جي آرسي بڻائيندا آهن، سندن معيار ۽ مقصد سماج جا
نفعا ۽ نقصان نه پر عظيم ۽ اٽل ارادن ساڻ اڻ موٽ
قدم هر وقت زمين تي کتل هوندا آهن. پهاڙ جيڏا اڏول
مهان ماڻهو بدلجندڙ ريتن رسمن سان اڀار ڀريل نون
لاڙن ۾ ڪين لڙهندا آهن، پر سندن جيل جيڏا حوصلا هر
ڏاڍ جي طوفان اڳيان ديوار چين وانگر مضبوط مقابلن
۾ مصروف ۽ تاريخ کي پنهنجي گرد پيا ڦيرائيندا آهن.
اهڙا اڙ ٻنگ ٻلواڻ جواڻ اونداهين دور ۽ دنيا ۾
اميدن جي دوش تي آسرن ڀريل اٿاهه سهڻين جڳ مڳ روشن
صبح ۽ شامن جا راڳ الاپي پيغام ڏيندا رهن ٿا. هو
پاڻ پنهنجا سپنا ۽ خوشيون وساري مسڪين ماروئڙن جي
منهن تي مسڪراهٽن ۽ خوشين جي خوشبو جا طالب رهن
ٿا. اهڙا ماڻهو پنهنجي وقت ۽ دور جا سرجڻهار،
اوتار ۽ ديوتا هوندا آهن. جيڪي ناسور جو علاج ڪندا
آهن. سماجڪ سڌار سرواڻ ٿيندا آهن. اهڙن ماڻهن کي
راج دروهي جي لقبن سان نوازيو ويندو آهي. اهڙن مرد
مٿيرن جي جيون جوت گهڻو ڪري ڳنڀير، ڏک ڀري، ڀوائتي
۽ دل ڏاريندڙ هوندي آهي. اهڙن تاريخ ساز انسان کي
ڳولهڻ مهل سنڌ ۾ سوڀو گيانچنداڻي ئي هر هڪ جي
اکين اڳيان اچي وڃي ٿو. سندس نالو ئي هر هڪ زبان
تي اڪري اچي ٿو. سوڀو نالو آهي سوڀ ماڻڻ جو، سچ ۽
حق چوڻ ٻڌڻ جو. شايد هن مهان ماڻهوءَ پنهنجي نالي
جو ڀرم رکندي پنهنجي جوڀن جوانيءَ جا ڪيترائي سال،
خوبصورت رنگ ڀريل ٿڌڙيون راتيون، لامحدود آسمان تي
چمڪندڙ جهر مر جهر مر ستارن جي دنيا ۽ چوڏهين جي
سوني چمڪندڙ چنڊ جي انڊلٺ جهڙي رنگين چانڊوڪي ڏسڻ،
آزاد دنيا جي آزاد انسانن وانگر آزاديءَ سان ساهه
کڻڻ، يارن دوستن ٻچڙن ۽ جيون ساٿي سان ٽهڪن ۽
مسڪراهٽن يا سندن روشن مستقبل لاءِ سوچڻ لوچڻ
بدران پاڪستان جي مختلف جيلن جي چئن ديوارن،
هٿڪڙين، زندان جي زنجيرن ۽ لاهور جي شاهي قلعي ۾
اڪيلو راڪاس ديو جهڙي ڏهڪاءَ ڀريل اونداهه ڪاري
ٻوساٽ واري ماحول ۾ گذاريون. ڪنهن سان ڏک سور سلي
ديوارن سان، هن پنهنجي ئي من ۾ سوال گهڙيا ۽ پاڻ
کي ئي جواب ڏئي مطمئن ڪيو. سوڀي هوليون، ڏياريون،
تهوار ۽ عيدون پنهجن عزيزن ۽ ڌرتي دوستن سان گلي
ملي نه گذاريون پر جيلن جي ديوارن سان گهاريون.
سچ چوڻ، انسان ۽ سنڌ سان محبت ڪندڙ هن امن ۽ محبت جا نعرا هڻندڙ
مکڙين جي پهرين مرڪ جهڙي معصوم آدرشي انسان کي
سماج ڇا ڏنو؟ ڪجهه به ته ڪو نه ڏنو! اگر ڪجهه ڏنو
ته باغي، جاسوس جا لقب ڏنا، تنهائيون ۽ محروميون
ڏنيون، ڏک صدما ۽ جيل ڏنا، مرڪ بدران لڙڪ ڏنا، ڇا
سوڀي کي سنڌ ۽ انسان سان محبت جي پاداش ۾ جيلن ۾
ضايع ٿيل جوانيءَ جا قيمتي سال واپس ملي سگهن ٿا؟
سوڀي کي ڪجهه به ته نه کپي، سوڀو زندگيءَ ۾ ڪجهه
وٺڻ سکيو ئي ڪو نه، سوڀو اگر وٺڻ چاهي ٿو ته مڃتا
۽ محبتون، سنڌ ڌرتي تي ئي ڌرتي جي هن سپوت مٿان
اهڙو به وقت آيو جو حالتن سندس تمام ساٿين کي سنڌ
ڇڏڻ تي مجبور ڪيو پر سوڀي کي سلام ته هن لطيف ۽
سچل جي ڌرتي ڪو نه ڇڏي. 1946ع کان 1970ع تائين جيل
به سنڌڙي جا قبول ڪيا پر بمبئي ڪلڪته ۽ لکنو جون
جهرمر رنگين گليون بازاريون نه ماڻيون، سوڀي
پنهنجو جيءُ جياپو ڌرتيءَ ۽ لاڳاپو ڌرتي ڌڻين سان
ڳنڍيو. ماڪ ڀنل خوشبو وارن ساهن ۽ سنڌڙيءَ جي
مهڪار ۽ هٻڪار سانڍي. هن ڌرتيءَ سان محبت وچن ۽
وفائن جا گيت ڳايا ۽ مٽيءَ جا ڏکايل پر حوصلي ڀريل
سڏ ٻڌا. سوڀي جون سوچون لوچون، ارمان، ڏک سک ڌرتي
ڌڻين ۽ پيڙيل مظلوم طبقن، ڪمزور انسانن جي امان
آهي، سندس سمورو جيون ڌرتيءَ ۽ مسڪين ماڻهو آهي.
جيل جهاڳيندڙ هن پوڙهي جوان مسلسل زندگي جي جيون ۾
جيوت لاءِ ڏک، قيد مصيبتون، تنهائيون، نظربندي،
تهمتن، بي وفائين، بي قدري، بي وسيءَ وارن ڏينهن ۾
جبل جيڏي زندگي جو هڪ هڪ ڏينهن جهاڳيندي خاموشي
سان زندگي جو سفر پورو ڪيو آهي، هندن کان وڌيڪ
روشن خيال، علم ادب دوست، جمهوريت پسند، ترقي
پسند، قوم پرست سنڌي مسلمانن جو محبوب محترم سوڀو
گيانچنداڻي تاريخ 3 مئي سال 1920ع تي دنيا جي سڀ
کان وڏي مهذب ثقافتي ماٿري موهن جي دڙي ڀرسان ماڻڪ
ملهار جهڙي پياري ڳوٺ ”ٻنڊ“ اڳوڻو تعلقو ”لب دريا“
هاڻي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ديوان تنورمل جي گهر ۾
ڄائو. هن مادري ٻولي (پرائمري) ڳوٺ بگيءَ جي اسڪول
۾ ماڻي. انگريزي تعليم لاءِ پهريان اي- وي اسڪول
قمبر، تنهن بعد گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو ۽
پوءِ سال 1935ع ۾ اين جي وي هاءِ اسڪول واري زندگي
بابت سندس پراڻو هم ڪلاس مشهور ڀارتي سنڌي اديب
ليکو تلسياڻي چوي ٿو ته ”هڪ ڏينهن صبح جو اين جي
وي اسڪول ۾ 15- 16 سالن جو نوجوان قد بدن پورو
پنو، رنگ کليل چهرو ڪشش وارو، مڌر ڪڙڪ آواز، اچار
صاف، دل موهيندڙ انداز ساڻ ميز تي چڙهي ٽئگور جي
گيتا نجلي مان پريه ڪويتا انگريزي ۾ پڙهي رهيو هو.
Leave this chanting and singing and tellaing of leds.
کاڌيءَ جي قميص، پتلون ۽ مٿي تي ٽوپيءَ واري سادي
پوشاڪ جهڙو سادو سوڀو ڇل ول کان پري مون پهريون
دفعو ڏٺو. ڪراچي ۾ پڙهڻ دوران هوبندر روڊ
”چداڪاشي“ مندر ۾ رهندو هيو. اسڪول جي ڪتابن بجاءِ
علم ادب جا ڪتاب رسالا شوق سان پڙهندو هيو. ايتري
تائين جو هلندڙ ڪلاس ۾ به غير نصابي رسالا پڙهندو
هيو.
سوڀو 1936ع دوران تحقيق ۽ ادب ڏانهن مائل ٿيو ۽ پهريون دفعو
سندس اسڪول مئگزين ۾ مضمون گرديو ٽئگور بابت شايع
ٿيو. سوڀو صاحب مئٽرڪ اپريل 1937ع ۾ بمبئي
يونيورسٽي مان پاس ڪئي. جون 1937ع ۾ ڊي جي سنڌ
ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتي. جتان 1939ع ۾ انٽر پاس
ڪيائين پوءِ ٽئگور جي ڪاليج ”شانتي نڪتين“ ۾ داخلا
ورتائين. سال 1941ع ۾ بي اي پاس ڪيائين.
شانتي نڪتين ڪاليج ڪلڪتي کان ستانوي ميل پري هڪ خوبصورت وادي ۾
قائم آهي، هي سر زمين اڳ ”ڀير ڀونئن“ يعني سورمن
جي زمين نالي مشهور هئي، هن جو بنياد هندستان جي
مهاڪوي ”رويندر ناٿ ٽيگور“ وڌو هيو. رابندر ناٿ
ٽيگور کي سندس مشهور ڪويتا ”گيتانجلي“ تي سال
1913ع ۾ عالمي نوبل انعام مليو. هن انعام ۾ ملندڙ
رقم مان هي زمين خريد ڪري هڪ عظيم محبت جو درسگاهه
قائم ڪيو.
شانتي نڪيتن ڪاليج ۾ تعليم قديم گروڪل انداز ۾ ڏني ويندي هئي
جيڪا ٻين ڪاليجن کان بلڪل مختلف هئي. هتي اٽڪل پنج
سئو شاگرد جن ۾ هڪ سئو عورتون به شامل هيون، ڪاليج
جي ڪمرن ۾ نه پر ڪاليج ۾ لڳل وڻن جي ڇانو هيٺ ڇٻر
يا گاهه تي پلٿي ماري ويهندا هيا ۽ استاد هڪ
منجيءَ يا منڊلي تي ويهندو هيو. هتي امتحان به ڪو
نه ٿيندا هيا، شاگرد علم ادب کان علاوه راڳ ۽ ناچ
جي بابت به ليڪچر ٻڌندا ۽ تربيت حاصل ڪندا هئا. سڀ
شاگرد ٻاهران آيل هيا. سال 1939ع ۾ ڪاليج جي
ماهوار في ستر رپيا هئي جڏهن رهائش کاڌو پيتو الڳ
هوندو هيو. هن ڪاليج ۾ ادب، حيا، اخلاق، فهم ۽
فراصت، ميٺ محبت، نياز نوڙت جو علم سيکاريو ويندو
هيو هن ماڳ تي پريم ۽ پريت جو پڙلاءُ هوندو هيو.
گرديو ٽئگور جي قدمن ۾ ويهي سوڀو صاحب انسانيت سان
محبت ڪرڻ جو درس حاصل ڪيو.
ڪامريڊ سوڀراج گيانچنداڻي سال 1941ع ۾ تعليم مڪمل ڪري سنڌ پهتو
۽ ساڳي سال ۾ سندس شادي ٿي. سال 1942ع سوڀو صاحب
ايس ايم لا ڪاليج ڪراچي ۾ ايل ايل بي ۾ داخلا ورتي
جيڪا مسلسل تحريڪن ۽ جيلن سبب مڪمل ڪري نه سگهيو ۽
پوءِ 1970ع ۾ لا ڪاليج لاڙڪاڻو مان پاس ڪيائين.
ڪامريڊ سوڀو صاحب جي ذهن ٽئگور ڪاليج جي تعليمي
عرصي ۾ مارڪسواد ڏانهن لاڙو کاڌو هن سنڌ اچڻ بعد
پروڪميونسٽ مضمون لکڻ شروع ڪيا. هن دور ۾ مهاتما
گانڌي ۽ جواهر لعل نهرو جون آتم ڪٿائون ۽ ٽئگور جا
گيت سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ٿي ”سنڌ ساهت“ وسيلي
نوجوانن تائين پهچايا ويندا هئا، هڪ نئين قسم جي
دنيا جنم وٺي رهي هئي. روس واري انقلاب جي علم ادب
شاگردن جي دلين ۾ هلچل مچائي ڇڏي هئي، سندن ذهن کي
ڪجهه ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو هيو. سوامي وويڪا
نند ۽ راجا رام تيرٿ راءِ ”هندومت“ کي سوشلزم طور
پيش ڪيو. ڪامريڊ سوڀي جي ذهن تي به مهاتما گانڌي
جي سوچ ۽ شخصيت جو اثر هيو. ڪامريڊ سوڀي جي مائٽن
جي تمنا هئي ته هو ڪو اعليٰ سرڪاري عهدو ماڻي پر
سوڀو صاحب ته پنهنجي لاءِ سورن ڀريل سماج جي تباهي
لاءِ بغاوت جو جهنڊو سنڀاليو.
ڪراچي پهچڻ بعد سوڀو صاحب شاگرد هلچل ۾ سرگرم ٿي ويو ۽ جلد ئي
ان وقت ”سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جو جنرل سيڪريٽري
چونڊيو. هي اهو زمانو هيو جڏهن ڪانگريس پاران
مهاتما گانڌي انگريزي سرڪار کي 8 آگسٽ 1942ع
”هندستان خالي ڪيو“ تحريڪ جو اعلان ڪيو هيو. سوڀو
صاحب پڻ سيڪريٽري سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي حيثيت ۾
تمام شاگرد ساٿين سان گانڌي جي آزادي واري تحريڪ ۾
نروار ٿيو. نتيجي ۾ 11 آگسٽ 1942ع تي سندس گرفتاري
جا وارنٽ جاري ٿيا. پر ڪامريڊ سوڀو گرفتار ٿيڻ
بدران زير زمين هليو ويو. انگريز حاڪم وٺ پڪڙ شروع
ڪئي. جلسا جلوس هڙتالون، لاٺي چارج ۽ گولي روزانو
جو رواج بڻجي ويو هيو. سوڀو صاحب انهن انقلابي ڪمن
۾ انڊر گرائونڊ ٿي ڀرپور حصو وٺندو رهيو ۽ سنڌ جي
نوجوان کي هن سامراج دشمن تحريڪ لاءِ تيار ڪندي
آخر پاڻ به گرفتار ٿي پيو ۽ 24 جنوري 1943ع کان
جولائي 1944ع تائين جيل ۾ رهيو. هتي سندس قيد واري
عرصي ۾ هيمون ڪالاڻي کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو. سوڀو
صاحب کان علاوه گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي، سيتل
درياڻي ۽ حيدرآباد، سکر، نوابشاهه، شڪارپور جا
دوست به گرفتار ٿيا. حيدرآباد جيل ۾ سوڀو صاحب سان
جيرا مداس دولترام، هريداس لالجي، نارائڻ داس
پيچر، محمد امين کوسو ۽ نرائڻداس رتن مل ملڪاڻي
ساڻ ملاقات ٿي. جيل ۾ هنن هڪ علمي مرڪز به قائم
ڪيو ۽ جيل ۾ ذهني اوسر لاءِ پاڻ کي تيار ڪيو.
18 مهينن بعد جيل مان آزاد ٿيڻ شرط سوڀو صاحب سماجي ڀلائي جا ڪم
ڪرڻ شروع ڪيو. ان وقت ڪسان مزدور پارٽي ۽ ڪميونسٽ
پارٽيون روشن خيال انقلابين لاءِ واحد سياسي
پارٽيون هيون.
سال 1945ع ۾ جڏهن سيد جمال الدين بخاري ڪراچي پهچي
مزدور راڄ لاءِ ڪم شروع ڪيا ته ان وقت ڪراچي
نوجوان ڪامريڊن جو مضبوط ڳڙهه هيو. بيگم شاني
بخاري جي گهر ۾ شام جو سڀ نوجوان ڪارڪردگي رپورٽ
ڏيڻ لاءِ پهچندا هيا. مزدور تحريڪ ۾ اڳواڻي ڪامريڊ
جمال الدين بخاري ڪندو هيو. جڏهن ته ٻيا نوجوان
گوبند مالهي رسالو ”نئين دنيا“ سوڀي صاحب تنظيم ۽
تقرير، موهن پنجابي، وپنو ڀارتي، نارائڻ داس ٻيجر
۽ علي احمد بروهي تي هڪ گروپ ڪراچي جي مختلف
چوراهن تي ڪاٺيءَ جا اسٽول رکي تقريرن ذريعي عوام
۾ مزدور راڄ ۽ مزدور انقلاب جو درس ڏيندا هئا،
جڏهن ته محترم ڪامريڊ شانتي بخاري وري مزدوري ڪندڙ
داين، گهرن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن، سٽ اڻندڙ ۽ چوڙيون
ٺاهيندڙ عورتن جي مدد ڪندي هئي“. ڪامريڊ سوڀي سنڌ
۾ مزدورن جي تنظيم کي گهڻو متحد ڪيو پر کيس ٻاهر
رهي پنهنجي قائدانه صلاحيت ۽ تنظيم ۽ تبليغ ڪرڻ جو
موقعو گهٽ مليو. ڪامريڊ سوڀي جي زندگي ۾ هڪ يادگار
وڏو تحريڪي واقعو عالمي شهرت رکي ٿو.
18 کان 25 فيبروري 1946ع تائين بمبئي رائل انڊين نيوي جهازن
سمنڊ ۾ بيٺل جهازن ۽ بمبئي جي بندرگاهه ۽ ان جي
آسپاس نيوي جي اڏن تي قبضو ڪيو. ان بغاوت جي پڙاڏي
هر بندرگراهه تي بيٺل جهاز ۽ بحري ادارن کي پنهنجي
لپيٽ ۾ آندو. رنگون کان ڪراچي تائين، بنگالي
اپسمنڊ ۽ عربي سمنڊ اندر، جيڪي به هندي بحري جهاز،
زميني اڏا يا تربيتگاهه هيا تن تي نيوي جهازن قبضا
ڪري چؤڪيون قائم ڪري توپون وغيره لڳايون، انگريزي
هندستاني آفيسرن کي قبضي ۾ پنهنجي ڪئبن ۾ پهري هيٺ
رکيائون بمبئي ۾ وري نيوي جي باغين هڪ اسٽرائيڪ
ڪميٽي ٺاهي جنهن جو سربراهه مسٽر خان هيو، هن ۾
ڪانگريس، ڪميونسٽ ۽ مسلم ليگي خيالن جا ماڻهو هيا،
سنڌين مان ڪامريڊ سوڀو ۽ علي احمد بروهي ميمبر
هيا. هن هلندڙ اسٽرائيڪ ۾ دراصل هڪ وقت اهڙو آيو
جو 21 فيبروري جي 1946ع جي ڏينهن ڪامريڊ سوڀو ۽
سندس ٻيا ٽريڊ يونين ليڊر جهڙوڪ عينشي وديار ٿي،
گلاب ڀڳواڻاڻي، پوهو، اوتار ڪشن هنگل پنهنجي
موجوده ڪي ايم سي بلڊنگ سامهون ڪميون ڪم ٽريڊ
يونين آفيس
Commune cum T. U Office
۾ ويٺا هيا ته نيوي جي باغين جي هٿان توپ جو گولو
فائر ٿي ويو، جيڪو ڪياماڙي کان ڊرگ روڊ جي هڪ کليل
ميدان ۾ ڪريو. ڪراچي جي 6 لک آبادي ۾ هلچل ۾ اچي
وئي، مشهور ٿي ويو ته شايد انگريزن ۽ باغين ۾ جنگ
شروع ٿي وئي، جڏهن ته اهو توپ جو گولو غلطي مان
ڇٽو هيو. ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري ڪامريڊ جمال
الدين بخاري جي بمبئي وڃڻ سبب سوڀو صاحب ذميواري
سنڀالي، شام جو عيدگاهه ميدان تي مزدور شاگرد
اڳواڻ ۽ ڪارڪنن جي گڏجاڻي رد عمل طور سڏائي وئي،
جنهن ۾ هنگل، گوبند مالهي، شيوا جي ڀڳوان، گلاب
انيتي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي شامل هئا، فيصلو ٿيو جنهن
لاءِ هڪ لائوڊ اسپيڪر لڳائي اعلان ڪيو ويو. اٽڪل
پنج سئو ماڻهو گڏ ٿيا. هڪ طرف مهاتما گانڌي ۽ مسٽر
محمد علي جناح ڪانگريس ۽ مسلم ليگ پاران انهن
باغين کي هڙتال ختم ڪري پيش پوڻ جي اپيل ڪئي هئي
پر ماڻهو نوجوان ۽ نئين قيادت جي ڳولا ۾ هيا. عام
پورهيت، شاگرد دانشور، عام مسلم ليگي ۽ ڪانگريسي
سڀ هن هڙتال ۽ انگريز جي خلاف انقلاب جا حامي هيا،
ماحول تبديل ٿي ويو هو. شروع ۾ ته هي گڏجاڻي پنج
سئو ماڻهن جي هئي پر جلد ئي ست اٺ هزار ماڻهو جمع
ٿي ويا. سوڀو صاحب پنهنجي خطاب ۾ انگريز راڄ خلاف
ڀرپور تقرير ڪندي اعلان ڪيو ته 22 فيبروري 1946ع
تي سڄي هندستان ۾ ٿيندڙ هڙتال جي حمايت ڪيون ٿا ۽
سڀاڻي جنرل اسٽرائيڪ ۾ ڪا به بس، ٽرام، جهاز نه
هلندو، اسڪول ڪاليج نه کلندا ۽ انگريز جي حڪومت کي
هلڻ نه ڏبو، هن جلسي جي صدارت پروفيسر آصف جاهه
ڪارواڻي ڪئي جڏهن ته جلسي کي اوتار ڪشن هنگل، قاضي
مجتبيٰ به خطاب ڪيو. 22 فيبروري 1946ع جي صبح جو
هڙتال واري ڏينهن ڪامريڊ سوڀو، اي ڪي هنگل ۽
پروفيسر ڪارواڻي کي پوليس گرفتار ڪري صدر ٿاڻي تي
لاڪپ ڪيو. جنرل اسٽرائيڪ ڪامياب وئي ۽ سعيد منزل
کان ڊائو ميڊيڪل ڪاليج، ڊي جي سنڌ ڪاليج کان رنڇوڙ
لائين عوام جو سمنڊ هيو.
فوج ۽ پوليس عوام کي منتشر ڪرڻ لاءِ مسلم ليگ جي
محمود هارون کان علاوه وزيرعليٰ سر غلام حسين
هدايت ا ۽ جمشيد نسروانجي کان اعلان ڪرايو ته هن
جنرل اسٽرائيڪل کي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي حمايت
ڪانهي پر عوام نه ٻڌو. پوليس ڳوڙها گيس، لاٺي چارج
ڪئي، عوام پٿر وسايا ۽ عورتن پوليس مٿان ڪٽيل مرچ
۽ گرم پاڻي ڦٽو ڪيو نتيجي ۾ اٽڪل يارهن ماڻهو
عيدگاهه ميدان ڪراچي ۾ جنگ آزادي جي لڙائي ۾ شهيد
ٿي ويا. سوين زخمي به ٿيا. سوڀو صاحب ۽ سندس دوستن
کي جلسا جلوس باهيون ڏيڻ ماراماري ڏوهه هيٺ چالان
ڪري مئجسٽريٽ ڊبليو، زيڊ احمد جي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو،
جنهن کيس ٻڌايو ته حڪومت ڪيس واپس ورتا آهن، هن
جنرل اسٽرائيڪل ۾ بمبئي ۾ به اٽڪل ٽي سئو شهري
مارشل لا اٿارٽي وارن ماريا هيا. آخر نيوي جي هي
بغاوت ستن ڏينهن بعد سيٺ ولڀ ڀائي پٽيل ۽ مسٽر
محمد علي جناح جي يقين دهاني تي ختم ٿي. هن واقعي
بعد ڪميونسٽ پارٽي سنڌ ۾ هڪ وڏي جدوجهد آزادي جي
علمبردار قوت ٿي اڀري جنهن ۾ سوڀو صاحب هڪ تاريخي
انقلابي اڳواڻ جو ڪردار ادا ڪيو. |