1953ع ۾ بنا مقابلي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو ۽ پيرزادي
عبدالستار صاحب جي وڏ وزارت ۾ صحت ۽ روينيو جو
وزير ٿيو. بحيثيت سنڌ حڪومت جي روينيو وزير پاڻ
هاري تحريڪ جي باني اڳواڻ ڪامريڊ عبدالقادر ميوا
خان کوکر جي دعوت تي ٽنڊو ڄام ۽ ميرپور خاص جي
جاگيرن ۾ هارين مٿان ٿيندڙ تاريخساز ظلم ۽ ڏاڍ کي
اکين سان ڏسڻ خاطر ويس مٽائي پورا ٻه مهينا دورو
ڪيو ۽ مظلوم مسڪين هاري مٿان جاگيرداري جبر خلاف
قدم کڻندي پهريون ڀيرو جاگيردارن تي هارين جا ڪجهه
حق مقرر ڪيا. جنهن خلاف جاگيردار عدالت ۾ ويا. ملڪ
۾ مارشل لا لڳڻ کان اڳ سندس پاران سنڌ مان
جاگيرداري نظام جي خاتمي جي رپورٽ سرڪار کي موڪلي
وئي ۽ 1958ع ۾ ايوب خان مارشل لا لڳائڻ بعد هن
رپورٽ تي عمل ڪيو. پير علي محمد راشدي 15 جون
1954ع تائين وزارتي عهدي تي رهيو. پير صاحب جا وڏي
وزير پيرزادي عبدالستار صاحب سان اختلاف ٿيا نتيجي
۾ قاضي محمد اڪبر صاحب ۽ راشدي صاحب کي وزارت مان
ڌار ڪيو ويو. هي اهو دور هيو جڏهن پاڪستان ٺهڻ بعد
سنڌ جا وڏيرا ۽ پير سياستدان ميدان سياست ۾ هڪ ٻئي
کي نيچو ڏيکارڻ لاءِ هر هڪ طريقو استعمال ڪندا
هيا، پاڪستان ٺهڻ بعد وزير اعظم نواب لياقت علي
خان پهريون ڀيرو سياست ۾ غير جمهوري هٿ ڪنڊا
استعمال ڪرڻ جو رواج وڌو هيو. هن سنڌ اسيمبلي ۾
اڪثريت رکندڙ وزيراعلى خانبهادر محمد ايوب کهڙي کي
هٽائي پرودا هڻي ٽن سالن لاءِ سياست مان خارج ڪري
ڇڏيو هيو. ٻئي طرف ان وقت جي اسيمبلي ميمبرن ۽
سياستدانن وزيراعظم لياقت علي خان جي ان غير
جمهوري عمل خلاف ڪو به رد عمل ڪو نه ڏيکاريو ۽ ان
کي کهڙي صاحب جو ذاتي معاملو سمجهيو تنهن ڪري کهڙي
صاحب ۽ ٻين صاحبن هڪ ٻئي کان هر حال ۾ اقتدار ڦرڻ
جي سياست شروع ڪئي. کهڙي صاحب ٻيهر وزير اعلى ٿيڻ
بعد وري پير الاهي بخش ۽ ٻين سياستدانن کي نااهل
ڪري زوري طاقت استعمال ڪري اليڪشن کٽي. وري جڏهن
کهڙي صاحب کي ٻيهر ايبڊو لڳائي ٽن سالن لاءِ سياست
مان خارج ڪيو ويو تڏهن 1953ع ۾ اليڪشن ٿيون، نتيجي
۾ پيرزادو عبدالستار صاحب وزيراعلى ٿيو. گورنر
جنرل غلام محمد جڏهن پيرزادي صاحب کي سنڌ اسيمبلي
مان ون يونٽ جو بل پاس ڪرڻ لاءِ چيو ته هن ون يونٽ
جي مخالفت ڪندي سنڌ صوبي جي آزاد حيثيت لاءِ
اسيمبلي مان اڪثريت حاصل ڪئي، جڏهن گورنر جنرل ڏٺو
ته ائين ڪم نه هلندو ته هن راشدي صاحب سان مشورو
ڪيو. ڇاڪاڻ ته راشدي صاحب جو گروپ وڏي وزير
پيرزادي صاحب جو مخالف هيو، راشدي صاحب گورنر جنرل
غلام محمد کي مفيد مشورو ڏنو ته ون يونٽ ٺاهڻ ۽
اسيمبلي ميمبرن کي قابو ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ کهڙو صاحب
بهترين ماڻهو آهي، تنهن کي وڏو وزير ڪيو، اسان
ساڻس گڏ آهيون، ائين ٿيو ۽ کهڙي صاحب تان ابڊو يا
پرودا جي وڌل پابندي ختم ٿي، هو وڏو وزير ٿيو ۽
سنڌ اسيمبلي کان ون يونٽ جو بل پاس ڪرائي صوبي جي
خودمختيار حيثيت ختم ڪري مغربي پاڪستان جو حصو
بڻايو، ون يونٽ ٺاهڻ ۾ بظاهر ته کهڙو صاحب اڳيان
هيو پر دراصل اهو فڪر، سوچ، عمل سياسي گر سڀ راشدي
صاحب جا هيا، روح روان سائين علي محمد راشدي صاحب
هيو، خانبهادر کهڙي وڏي وزير ٿيڻ بعد نومبر 1954ع
۾ راشدي صاحب کي صحت، روينيو ۽ اطلاعات جو محڪمو
ڏنو پوءِ ڊسمبر 1954ع ۾ راشدي صاحب جي ڪوششن سان
سنڌ اسيمبلي ون يونٽ جو بل پاس ڪيو، ساڳين اسيمبلي
ميمبرن جن اڳ ۾ ون يونٽ خلاف ووٽ ڏنو هيو انهن
مهيني اندر حمايت ۾ ووٽ ڏنو ڇاڪاڻ ته اسيمبلي
ميمبر سڀ وڏيرا هيا ڪجهه ويڪو وڏيرا، ايبڊو قانون
تحت نااهل ٿيڻ کان ڊڄندڙ وڏيرا، ڪجهه جيل جا ڪمزور
وڏيرا ميمبر اهڙي ماحول ۾ صرف اڀرندڙ سج کي سلام
ئي ڪيو ويندو آهي ان زماني ۾ هڪ رٽائر اسيمبلي جي
پڙهيل مهذب وڏيري ميمبر رئيس موسى خان ٻگهيو صاحب
سان منهنجي 1971ع ۾ ملاقات ٿي، هن کهڙي صاحب ۽
راشدي صاحب جي دور جي اسيمبلي ميمبرن جي تعريف
ڪندي ٻڌايو ته سنڌ جو وڏيرو ڀنڀوريءَ مثال آهي.
ڀنڀوري هميشه اوچي ڍنگهر يا ڪانڊيري تي ويهندي
آهي، سنڌ جو وڏيرو هميشه اقتدار واري سياست جو
وفادار هوندو آهي.
ون يونٽ ٺهڻ بعد راشدي صاحب قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ۽ 11
آگسٽ 1955ع تي وزيراعظم چوڌري محمد علي جي ڪابينا
۾ مرڪزي وزير اطلاعات ۽ نشريات جو عهدو ماڻيائين،
هن صاحب پاڪستان جي 1956ع وارو دستو ٺاهڻ ۾ ڀرپور
ڪوششون ورتيون. راشدي صاحب هڪ طرف سياست جي شطرنج
۽ توڙ جوڙ جو وڏو ماهر ۽ شاطر سياستدان هيو ته ٻئي
طرف سياست جي دنيا ۾ يا اقتدار جي ايوانن ۾ زلزله
ڪيئن ۽ ڪڏهن ايندا ان جي اڳواٽ کيس ٻڙڪ يا کڙڪ
پئجي ويندي هئي، هو جيڪڏهن حڪومت ۾ هوندو هيو ته
کيس اپوزيشن جي ايندڙ وقت ۾ ٿيندڙ تمام فيصلن جي
ڄاڻ هوندي هئي، جيڪڏهن مخالفت ۾ هوندو هيو ته وري
حڪومتي فيصلن جي خبر هوندي هيس.
راشدي صاحب در اصل پاڻ سان وفادار هوندو هيو تنهن ڪري هو پنهنجن
مخالفن سان نويڪلو تنهائي ۾ ملي کين ڪجهه مفيد
مشورا به ڏئي ڇڏيندو هيو. اهو ئي سبب آهي جو ڪهڙو
به دور ايندو هيو سندس وار ونگو نه ٿيو. راشدي
صاحب حڪومت ۾ رهندي جڏهن ڏٺو ته هاڻي مسلم ليگ
وارن حڪمرانن جي تڏا ويڙهه ٿيندي ۽ مسلم ليگ کي
ختم ڪري ريپبليڪن پارٽي ٺاهي ويندي تڏهن پاڻ آگسٽ
1956ع ۾ وفاقي وزارت تان استعيفا ڏئي سفارت حاصل
ڪري ملڪ مان هليو ويو. وري جڏهن 1962ع ۾ واپس وطن
آيو تڏهن صحافت کي وقت ڏنائين. 1969ع ۾ ٺهندڙ بزرگ
۽ رٽائر سياستدانن جي اينٽي ون يونٽ فرنٽ مان وري
يونٽ ٽوڙڻ لاءِ ڪوششون ورتائين، اڳوڻن وزيرن،
اڳوڻن ميمبرن سنڌ اسيمبلي مان پاڪستان جي قرارداد
پاس ڪندڙن، ڪراچي کي مرڪز حوالي ڪندڙن، سنڌ
اسيمبلي مان ون يونٽ جو بل پاس ڪرائيندڙن ايبڊو
قانون تحت سياست مان زوري خارج ٿيندڙ سنڌ جي بزرگ
سياستدانن سال 1970ع ۾ سنڌ متحده محاذ جوڙيو ۽
1970ع وارين چونڊن ۾ بيٺا. پير علي محمد راشدي
صاحب به سيوهڻ ڪوٽڙي تڪ تان سنڌ اسيمبلي جي ميمبري
لاءِ اميدوار بيٺو جنهن ۾ کانئس نوجوان وڪيل سيد
عبدا صاحب (موجوده وزيراعلى) اليڪشن کٽي ويو، سال
1972ع ۾ سندس ڏاهپ ۽ ملڪي توڙي عالمي مسئلن تي وڏي
ڄاڻ کان متاثر پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ جناب
ذوالفقار علي ڀٽو صاحب مرڪزي وزارت اطلاعات جو
صلاحڪار مقرر ڪيو، جڏهن ڀٽو صاحب پاڪستان ۾ علم
ادب تاريخ تي بحث مباحثن کي عام ڪرڻ لاءِ پاڪستان
نيشنل سينٽر جا دفتر قائم ڪيا، تڏهن راشدي صاحب کي
ان جو چيئرمين مقرر ڪيائين، پاڪستان نيشنل سينٽرن
ذريعي پوري ملڪ ۾ سرڪاري طرح مجلسون مذاڪرا منعقد
ٿيندا هيا. هي تجربو گهڻو ڪامياب ويو.
راشدي صاحب پنهنجي وزارت واري زماني ۾ ڪيترائي ڀلائيءَ وارا ڪم
به ڪيا. جيئن ته انگريز سرڪار حر تحريڪ واري زماني
۾ حضرت شاهه مردان شاهه پير پاڳارو کي گرفتار ڪري
شهيد ڪرڻ بعد سنڌ ۾ پير پاڳاري جي گادي تي بندش
هنئي. حرن مٿان مختلف پابنديون جهڙوڪ فرنٽيئر
ريگيوليشن، ڪرمنل ٽرائيلس، حر مجاهدن مٿان لوڙهن ۽
حاضرين جي پابندي شامل آهن، راشدي صاحب گادي بحال
ڪرائي ۽ ٻين سڀني پابندين کي ختم ڪرايو. هارين کي
پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو حق ڏياري،
جاگيرداري نظام جي خاتمي لاءِ رپورٽ موڪلي، سنڌ جي
مقدس ادادري سنڌي ادبي بورڊ کي ترقي لاءِ مالي
امدادون ڏيارڻ، سنڌ يونيورسٽي جي قيام لاءِ علامه
آءِ آءِ قاضي جي ڀرپور مدد ڪرڻ، لياقت ميڊيڪل
ڪاليج قائم ڪرڻ، 1956ع ۾ ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد
قائم ڪرڻ جهڙا مثال تحريڪ پاڪستان ۾ قرارداد
پاڪستان ترتيب ڏيڻ، مسلم ليگ لاءِ برصغير ۾ ڀرپور
جدوجهد ڪرڻ شامل آهن. هن مسلم ليگ کي گهڻو مضبوط
بڻايو. سکر مسجد منزل گاهه واري جهڳڙي ۾ مسلمانن
جي ڀرپور قانوني صحافتي مدد ڪرڻ، سنڌ جي بمبئي کان
عليحدگي واري تحريڪ ۾ خانبهادر کهڙي ۽ محمد علي
جناح کي انگريز سرڪار وٽ پيش ڪرڻ لاءِ ڪيس ٺاهي
ڏيڻ، سنڌ اتحاد پارٽي، سنڌ پيپلز پارٽي جي جوڙجڪ ۾
ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جهڙا سٺا عمل به شامل آهن.
راشدي صاحب کي جتي محلاتي سازشن ۽ حڪومتي توڙ جوڙ، وزارت جي
ڊاهه ڊوهه جو ماهر سياستدان سڏيو ويندو هيو اتي هن
سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب اٻوجهه هارين،
مسڪين کي سندن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پهچي کليل ڪچهرين
لڳائڻ، مسئلا حل ڪرڻ، موقعي تي ڪامورن کي حڪم جاري
ڪرڻ لاءِ پنهنجي وزير اعلى ۽ ٻين وزيرن کي ساڻ ڪري
باقائدگي سان هڪ مهم هلائي جيڪا مسڪين ماروئڙن
لاءِ ته رحمت هئي پر ڪامورن جون ننڊون حرام ٿيون،
هن صاحب وزيرن کي ٿڌن ۽ بند ڪمرن مان ٻاهر ڪڍي
ڳوٺن جا دورا ڪرڻ کليل ڪچهرين ڪرڻ، جو رواج وڌو،
ڀلا راشدي صاحب پيدائشي طور هڪ وڏيرڪو ٻار، پرورش
پيراڻي گهر ۾ تعليم ملان مولوي هٿان ٿيل هيس ان جي
باوجود به اهڙي عوامي رنگ روپ کي تعارف ڪرائڻ سٺو
ساراهه جوڳو قدم آهي، کليل ڪچهرين جو رواج جناب
ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي دور حڪومت ۾ تمام گهڻي
مقبوليت حاصل ڪئي ڇاڪاڻ ته ڀٽو صاحب پاڻ به
باقائدگي سان هر هنڌ کليل ڪچهريون منعقد ڪندو هيو.
راشدي صاحب صحت جي وزارت وارن ڏينهن ۾ سنڌ جي هر
ضلعي ۾ سرڪاري اسپتالون قائم ڪرايون، ڪيترن ڊاڪٽرن
کي سرڪاري خرچ تي پرڏيهه اعلى تعليم لاءِ
موڪليائين.
سندس زندگي جو هڪ باب سفارتڪاري پڻ هيو، کيس عالمي امور جي ڄاڻ
۽ روشن خياليءَ سبب هميشه مذاڪرات وقت ٽيبل تي
ڪاميابي حاصل ٿيندي هئي ڇاڪاڻ ته ڳالهين مهل هو
ٿڌي دل سان محاذ آرائي ختم ڪري هر حال ۾ مخالف کي
پنهنجو ڪرڻ واري اصول تي عمل ڪندو هيو، هن تمام
بهترين انداز ۾ ڳالهائڻ ۽ پرسڪون ماحول ۾ ٻئي کي
ٻڌڻ جي صلاحيت ۽ ڏات هئي. هو 1957ع ۾ فلپائن ۽
1961ع ۾ چين ۾ سفير مقرر ٿيو. 1961ع ۾ صدر جنرل
محمد ايوب خان مٿس پاڪ چين سرحدي ۽ تجارتي معاهدي
جو ڪم سونپيو جيڪو پندرهن سالن کان زير بحث هيو،
راشدي صاحب پنهنجي ڏاهپ سان سال 1962ع ۾ هي
ڪارنامو ڪري ڏيکاريو. پير صاحب جي صحافتي تيز قلم،
سفارتي فهم، سياسي طور هر طرح جي فيصلي ڪرڻ جي قوت
۽ تاريخي ڄاڻ عالمي حالتن تي عبور بابت سندس مخالف
به قائل هيا، ڇاڪاڻ ته بنيادي طرح سان هو مخالفن
کي به پنهنجي دوستي جي لاڳاپن ۾ رکندو هيو، پير
علي محمد راشدي کي بابائي صحافت سڏي سگهجي ٿو
ڇاڪاڻ ته هن سال 1920ع کان وٺي 1987ع تائين لڳاتار
67 سالن تائين صحافت ۾ پاڻ ملهايو. هن صاحب سنڌي
اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ ڪالم لکيا، سندس ڪالم حقن
حاصل ڪرڻ بابت هوندا هيا، پوءِ چاهي اهي خلافت
تحريڪ دوران انگريزي خلاف مسلمانن جا حق هجن چاهي
سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي تحريڪ ۾ سنڌ جي ماڻهن جا
حق هجن، چاهي مسجد منزل گاهه تحريڪ ۾ سنڌ جي ماڻهن
جا حق هجن، چاهي تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جي مسلمانن
جا آزادي لاءِ حق هجن، چاهي پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌ
جا حق هجن، راشدي صاحب جي اخباري ڪالمن ۾ پوري
دنيا ۾ ٿيندڙ واقعن جو تاريخ سان لاڳاپو، ايندڙ
دور ۽ حالتن جي روشني ۾ جنم وٺندڙ واقعن بابت اڳ
ڪٿي ڪيل هوندي هئي، سندس ڪالم تاريخ هيا، راشدي
صاحب صحافت جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو. راشدي صاحب
دنيا جي انهن تاريخساز صحافين مان آهي جيڪي پنهنجي
دور ۽ سماج جا ترجمان سمجهيا ويندا آهن. انهن جو
قلم سندن ذهني ۽ جسماني محنت ۽ صلاحت جو نچوڙ
هوندو آهي، راشدي صاحب سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا ۾
صحافت جي حوالي سان اڌ صدي کان وڌيڪ ماڻهن
جي ذهن تي حاوي رهيو. پاڻ بنيادي طرح سان شروع کان
ئي صحافي هيو پر وچ ۾ سياست کانئس ڏکي ٿي وئي ته
وري باقي زندگي صحافت ۾ مصروف گذاريائين، راشدي
صاحب يقين سان بابائي صحافت چورائڻ لائق آهي ڇاڪاڻ
ته عالمي سطح جو صحافي ثابت ٿيو. راشدي صاحب جو
مشغلن ۾ شڪار شامل هيو، هو وڏو شڪاري هيو جيڪو
ربيٽ وارني ۽ فانٿروپ جهڙن شڪارين کان علاوه ڀارت
جي نواب محي الدين ۽ مهاراجا آف بيڪانيز جهڙا
عالمي شڪاري سندس دوست هيا، پاڻ بهترين
ڳالهائيندڙ، سٺو ٻڌندڙ شخص هيو،
راشدي صاحب سنڌ جو ”ڪيور“ يا ”گيريبلڊي“ ”ڪپرزن“ ”اسٽوينسن“
هيريمن ۽ ”هنري ڪسنجر“جهڙو ذهن رکندڙ انسان هيو.
راشدي صاحب کي سڌو سنئون سر شاهنواز ڀٽو، خانبهادر محمد ايوب
کهڙو، سر عبدا هارون، جي ايم سيد ۽ محمد علي جناح
جهڙن معروف شخصيتن سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، هن
کي چيئرمين مائوزي تنگ، فلپائن جي صدر ڪارلوس
گارشيا، هندستان جي جواهر لعل نهرو جهڙن سياستدانن
سان ملاقات جو موقعو مليو، پير صاحب جو آئيڊيلزم
ميڪاوليءَ جي نظريي سان ملندڙ هيو ڇاڪاڻ ته ميڪا
وليزم مطابق مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙا به طريقا
استعمال ڪري سگهجن ٿا. صحافت ۾ پير صاحب جي قد آور
شخصيت جو وڏو مثال اهو آهي ته هو 1956ع کان 1958ع
تائين پوري پاڪستان جي ”آل پاڪستان نيوز پيپرس
ايڊيٽرس ڪانفرنس“ جو صدر رهيو نه صرف ايترو پر
پاڪستان هندستان جي اخبارن جي ايڊيٽرن جي تنظيم
”جوائنٽ پريس ڪميشن“ جو صدر به چونڊيو ويو.
سنڌ جو هي مهان ڏاهو ايندڙ سياسي طوفان کي آسمان تي اڀرڻ کان اڳ
پرکڻ وارو سياستدان جيڪڏهن پنهنجي تحرير تقرير
سوچ، لوچ، مقصد، قوت يا وقت کي پنهنجي هر دلعزيز
سحر ڀري مٺڙي زبان ۽ شخصيت کي صرف سنڌ ۽ سنڌين
لاءِ وقف ڪري ها ته اڄ ڪو ٻيو رنگ هجي ها. سال
1973ع ۾ محترم سائين جي ايم سيد سان سن ۾ ملاقات
دوران سائين ٻڌايو ته ”سنڌ ۾ هن وقت تائين صرف ٽي
ذهن پيدا ٿيا آهن. جن ۾ هڪ اي ڪي بروهي، ٻيو
ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٽيون پير علي محمد راشدي پر
افسوس جو اهو سڌو سنڌ جي سياست نه ڪري سگهيا. سنڌي
ماڻهو جي اها تمنا رهي ته پير علي محمد راشدي جهڙو
اعلى ۽ ڏاهو ڪو قومي ڪارنامو سرانجام ڏئي، ڇاڪاڻ
ته اهڙا ماڻهو صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن، پير
صاحب سنڌ جو واحد شخص هيو جنهن کي اها سعادت حاصل
هئي ته هڪ وقت سندس شخصيت مذهبي، پيرن، ميرن،
وڏيرن، وفاقي، صوبائي، قومپرستن، سياستدانن،
اديبن، ايڊيٽرن، صحافين کان علاوه سفارتڪارن لاءِ
قابل قبول هئي. اگر هو پنهنجي گهڻ پاسائي شخصيت کي
صرف سنڌ لاءِ استعمال ڪري ها ته ڪو ٻوٽو يا ٻارڻ
ٻاري وڃي ها.“ هن شخصيت ڀرپور زندگي گهارڻ بعد 82
سالن جي عمر ۾ 14 مارچ 1987ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.
کيس ٻه پٽ آهن هر هڪ پير حسين شاهه راشدي صاحب
وڪالت ۽ سياست ڏانهن جڏهن ته عادل راشدي صاحب
صحافت واري شعبي ڏانهن دلچسپي رکندڙ آهي.
مددي ڪتاب: جنب گذاريم جن سين، اهي ڏينهن اهي
شينهن، رند ۽ پنڌ، جنگ، هلال پاڪستان ۽ عوامي آواز
جا مضمون، مهراڻ رسالو ۽ بيگم ممتاز راشدي |