پير علي محمد راشدي
سنڌ ۾ ڪيترائي خاندان اهڙا آهن جيڪي تاريخ جو حصو آهن، يا سندن خاندان
جي حوالي سان تاريخ جڙي آهي، اهڙن معتبر
خاندانن مان هڪ راشدي خاندان آهي. جنهن ۾ ڪيترائي
جڳ مشهور اديب محقق، دانشور ۽ اڳواڻ پيدا ٿيا، جن
سنڌ جي تاريخ جا ڪيترائي باب پنهنجن ڪارنامن وسيلي
جوڙيا آهن، اهڙين نه وسرندڙ هستين ۾ سنڌ جو ڏاهو
زيرڪ سياستدان، ادب ۽ لفظن وسيلي موتين مالا
ٺاهيندڙ اديب، سنڌين جي صدين جي رسم ۽ رواج تي
کوجنا ڪندڙ محقق، ٻئي کي جملن ۾ مٺڙي جادو ساڻ
پنهنجي مقصد تي راضي ڪرائيندڙ سفارتڪار، صحافي،
ايڊيٽر جنهن پنهنجي قلم ڪالم اخبار ۽ ايڊيٽوريل
وسيلي سنڌي قوم جي حقن ۽ سنڌ ۾ قائم سياسي پارٽين
جي تنظيم سازي ۾ مدد ڪئي. نظرين جو پرچار ڪيو،
تحريڪن کي رهنمائي ڏني ۽ تحريڪن جو پيغام عوام کي
پهچايو اهو پير علي محمد راشدي صاحب آهي. سنڌ جي
هن مهان هستي پنهنجي زندگي جا ڀرپور 82 سال تحرير
۽ تقرير ۾ تحريڪ سان گذاريا. جنهن پنهنجي قلم کي
عبادت سمجهندي تحريڪن لاءِ گس ۽ لاڙا ڏنا پوءِ
چاهي اها سنڌ ۾ انگريز راڄ خلاف تحريڪ هجي يا مسجد
منزل گاهه، يا سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي ۽ تحريڪ
پاڪستان هجي. هن پنهنجي قلم سان سنڌي اردو ۽
انگريزي اخبارن وسيلي سنڌ جو مقدمو وڙهيو، جبل
جيڏي هن اعلى دماغ شخصيت جي زندگي عملي طرح سان
ڪجهه حصن ۾ ورهائيل آهي، جنهن ۾ هڪ زميندار ۽ پير
گهراڻي ۾ پيدا ٿيڻ پر پنهنجي صلاحيت ۾ جدوجهد
وسيلي قوم ۾ شناخت ڪرائڻ، ٻيو صحافت، ادب، ٽيون
سياست ۽ سفارت شامل آهن. پير علي محمد راشدي ڪيترن
ئي دورن جو ترجمان ۽ تاريخساز انسان هيو جنهن
زندگي ۾ جيڪو به ڪم يا شعبو هٿ ۾ کنيو ان ۾ پنهنجي
فن ۽ ڪمال سان ڪاميابي ماڻي. سندس سحر انگيز شخصيت
۾ دنيا جي گهڻين ٻولين تي عبور کي وڏو دخل هيو. هن
صحافت، ادب ۽ سفارت جي عهدن تي تاريخساز ڪارناما
سر انجام ڏنا. جنهن جي تحقيق ڪرڻ بعد اسان کي اڄ ۽
سڀاڻي تي ناز رهندو پر پير علي محمد راشدي جي
سياسي دور ۾ حڪومتن جي جوڙ توڙ ۽ ون يونٽ قائم ڪرڻ
سخت تنقيد جو نشانو بڻيو رهندو. سندس سياسي غلطيون
اڄ جي وڏيرن، سياستدانن لاءِ سبق آهن. هن طوفاني
شخصيت جنهن پنهنجي سوچ عقل ۽ عمل سان منصوبابندي
ڪري حاڪمن جي سوچن جا رخ بدلايا، سندس منصوبن سان
اقتدار ڊهندا ۽ ٺهندا رهيا. سياسي تاريخ جا ورق ۽
حالتن جا موڙ مڙيا. مٿس ڪجهه لکڻ کان اڳ اهو ٻڌائڻ
ضروري آهي ته سندس پيدائش وارو دور پيري جاگيرداري
جي عروج وارو دور هيو. هي جهالت جو دور هيو، علم
ڪو نه هيو. پير علي محمد راشدي صاحب جو خاندان
لڪياري سيدن جي شاخ مان آهي. سندن نسب جو سلسلو
سيد علي مڪي جي سنڌ ۾ اچڻ سان شروع ٿئي ٿو، جيڪو
1127ع ڌاري سنڌ ۾ لڏي آيو. سيد علي مڪي جي اولاد
لڪيءَ جي ڳوٺ ۾ رهائش پذير ٿي تنهن ڪري لڪياري
سڏجڻ لڳا. راشدي خاندان جي باني سيد محمد راشد جي
پيدائشي شجري مطابق سيد محمد راشد شاهه جنهن 6 جون
1818ع تاريخ وفات ڪئي، ان کي ٻه پٽ هيا هڪ سيد
ميان صبغت ا شاهه اول جيڪو صاحب دستار يا پير
پاڳارو سڏيو ويندو هيو. ٻيو سيد محمد ياسين شاهه
جيڪو صاحب علم يا جهنڊي وارو پير سڏيو ويندو هيو،
پير ميان صبغت ا شاهه 1831ع جي تاريخ 18 فيبروري
تي وفات ڪئي، کيس ٻه فرزند هيا، هڪ سيد علي محمد
شاهه جنهن مان راشدي خاندان آهي، ٻيو ننڍو سيد علي
گوهر شاهه جنهن مان حضرت پير پاڳارو جو اولاد آهي،
سيد علي محمد شاهه جي وفات 17 جولائي 1867ع تي ٿي
کيس پنج فرزند هيا جنهن مان هڪ سيد پير شاهه کي هڪ
فرزند سيد محمد حامد شاهه ٿيو، جيڪو 31 مارچ 1937ع
تي گذاري ويو. سيد حامد شاهه کي ٽي فرزند ٿيا. هڪ
سيد پير علي محمد شاهه راشدي ٻيو پير حسان الدين
راشدي ٽيون سيد احمد شاهه آهن. پير علي محمد راشدي
تاريخ 5 آگسٽ 1905ع جمعي ڏينهن صبح جو ساڍي پنجين
وڳي قديم ڳوٺ ”بهمڻ“ تعلقو رتوديرو ضلعو لاڙڪاڻي ۾
پيدا ٿيو.
سندس بنيادي تعليم پنهنجي گهر ۾ ٿي ڇاڪاڻ ته ان وقت
جو وڏيرو، پير ۽ جاگيردار تعليم لاءِ اسڪول کي
پنهنجي ڳوٺ يا شهر ۾ گناهه جو اڏو سمجهندو هيو، ان
وقت جي رهبرن ۽ حاڪمن سنڌ ۽ سنڌين کي تعليم جهڙي
شعوري انقلاب کان پري رکيو. پير صاحب ننڍپڻ ۾
مولوي محمد سومار ۽ مولوي محمد صديق وٽ عربي ۽
فارسي تعليم حاصل ڪئي، خانگي طرح چار درجا انگريزي
ماستر محمد رفيق ۽ پوءِ نصرت ريلوي اسٽيشن جي
ماستر کان پڙهيا، پير علي محمد راشدي صاحب تعليم
حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي
جي ڪورس يا ڪتابن ۽ امتحان جو محتاج نه رهيو. سندس
استاد زمانو، حالتون، گردش ۽ روزانو ملندڙ ماڻهو
هيا، سندس ڊگري سرٽيفڪيٽ نه پر زندگي جو تجربو
آهي. کيس سنڌي، اردو، انگريزي، فارسي، عربي ۽ چيني
زبانن تي پڙهڻ، لکڻ ۽ ڳالهائڻ تائين مڪمل عبور
هيو. هن شخص پنهنجي علم ۽ ڄاڻ درياهه جيتري وڏي
بڻائڻ لاءِ جهنگن ۽ ڳوٺن ۾ ڏينهن راتيون گذاريو،
پنڌ، پيچرا، ڏک ڏولاوا ڏٺا، ديس پرديس جهاڳيا ۽
روايتي پيرن ۽ نذرانو وٺندڙ مرشد گهراڻي کان علاوه
هڪ زميندار گهر جي هن شخص پنهنجي شناخت لاءِ
جدوجهد ڪئي ۽ زندگي کي مقصد ڏيڻ لاءِ پنهنجن پيرن
تي بيهڻ لاءِ بک به ڪاٽي پر آخر پاڻ مڃايو. هن
ڏاهي زندگي جو آغاز صحافتي شعبي سان ڪيو. 15 سالن
جي ڄمار ۾ لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ قادري خاندان جي
اخبار ”الحقيقت“ ۾ مضمون لکندو رهيو ۽ رپورٽر ٿيو.
پوءِ سال 1924ع ۾ پنهنجي ڳوٺ مان ماهوار رسالو
”الراشد“ ڪڍڻ شروع ڪيو. 1924ع ۾ ”سنڌ نيوز“ جي
نامه نگار جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. 1925ع کان 1929ع
تائين ”الحزب“ شڪارپور ۽ ”الامين“ سکر جا ايڊيٽر
رهيا، 1929ع کان 1930ع تائين سکر مان خانبهادر
محمد ايوب کهڙي جي سرپرستي ۾ نڪرندڙ اخبار ”سنڌ
زميندار“ جا ماهوار 50 رپيا پگهار تي ايڊيٽر رهيا.
هن اخبار وسيلي راشدي صاحب سنڌ ۾ هندو مسلم مسئلن
تي باقائدي مسلسل جذباتي انداز ۾ مضمون لکيا. جنهن
جي نتيجي ۾ هندن ۽ هندو دوست خلاف سنڌ ۾ طوفان کڙو
ٿي ويو، پوءِ باقائدي ماحول ٺاهي مسلمانن کي منظم
ڪيائين، سندس قلم اخبار کي مسلم آرگن بڻايو. ڪجهه
عرصي بعد راشدي صاحب جي سياسي ڏاهپ ڏسندي خانبهادر
محمد ايوب کهڙي کيس پنهنجو پرائيويٽ سيڪريٽري مقرر
ڪيو پر 1932ع ۾ کهڙي صاحب سان اختلافن سبب استعيفا
ڏنائين وري پير حسام الدين سان گڏجي 1934ع ۾ سکر
مان اخبار ”ستاره سنڌ“ جاري ڪيائين. هن اخبار سنڌ
۾ ڪامورن، هندن ۽ دولتمند مسلمانن جي غلط ڪارين
خلاف باقائدي سلسلو هلايو. اخبار خلاف ڪيس داخل
ٿيو جيڪو انگريزي جج وٽ لڳاتار ٽي سال هليو. هي
ڪيس راشدي صاحب پاڻ ڳايو ۽ کٽيو. هيڏي ساري پيرن ۽
وڏيرڪي گهراڻي جو فرزند سچ جو ايترو ساٿاري هيو جو
هن پاڻ لاءِ به هڪ مضمون ۾ چيو آهي ته جڏهن کهڙي
صاحب جي اخبار سنڌ زميندار ڇڏي تڏهن ٻنهي ڀائرن وٽ
لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ ڪرايو ڪو نه هيو ۽ بغير ٽڪيٽ سفر
لاءِ اسٽيشن تي پهتا. هڪ مريد مليو جنهن ٽڪيٽ خريد
ڪري ڏني. ٻئي هنڌ چيو اٿائين ته سکر مان اخبار
”ستاره سنڌ“ جاري ڪرڻ مهل وٽن پئسو به ڪو نه هيو ۽
ننڍو ڀاءُ حسام الدين راشدي روزانو سکر کان هندن
جي ساڌ ٻيلي تائين پنڌ ويندو ۽ ايندو هيو، هو اتان
هندن ۾ تقسيم ٿيندڙ ننگر پاڻي، پوڙيون ۽ پرشاد وٺي
ايندو هيو جيسين وٽن بندوبست ڪو نه هيو تيسين سڄو
ڏينهن ان مان گذاريندا هيا. وڏيرڪي ۽ پيرن جي
اولاد لاءِ اهڙا ڏکيا ڏينهن گذارڻ تمام ڏکي ڳالهه
آهي پر وٽن اعتماد هيو جو هٿين خالي ٻئي شهر ۾
اخبار ڪڍڻ جو فيصلو ڪري ڪاميابي ماڻي. کين اخبار
لاءِ به ورڪر ساٿين مدد ڪئي ۽ پريس ۽ ٻيو سامان به
هڪ جيڪب آباد جي وڏيري دوست وٺي ڏنو. 1936ع ۾
ڪراچي منتقل ٿيا ۽ ”صبح سنڌ“ اخبار جاري ڪيائون،
جيڪا ان وقت سنڌ ۾ سر شاهنواز ڀٽو جي قيادت ۾ قائم
”سنڌ اتحاد پارٽي“ جي پروگرام لاءِ ڪم ڪندي هئي،
1940ع ۾ ڪراچي مان انگريزي اخبار ”مسلم وائيس“
جاري ڪئي جيڪا 1946ع تائين هلي. مسلم وائيس اخبار
وسيلي سنڌ جي مسلمانن پاران مسلم ليگ ۽ تحريڪ
پاڪستان لاءِ هلندڙ تحريڪن کي همٿائڻ لاءِ ڪم ڪيو.
پر وري 1945ع کان 1947ع تائين سائين جي ايم سيد جي
سهڪار سان ”قرباني“ اخبار جاري ٿي جنهن اخبار
وسيلي تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌي ليڊرن کي مسلم ليگ مان
ڪڍڻ خلاف ۽ سنڌ جي مسئلن تي ڀرپور موقف پيش ڪندي
جدوجهد ڪئي. اڳتي هلي هن اخبار جي لکيل ايڊيٽوريل
”فرياد سنڌ“ ڪتاب جي شڪل ماڻي. جيئن ته هن اخبار
جا ايڊيٽوريل ۽ مضمون مسلم ليگ خلاف هوندا هئا،
تنهن ڪري پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌ جي پهرين وزير اعلى
محمد ايوب کهڙي صاحب اخبار تي پابندي لڳائي ڇڏي.
پوءِ راشدي صاحب 1948ع کان 1951ع تائين محمد ايوب
کهڙي صاحب جي سرپرستي ۾ نڪرندڙ انگريزي اخبار ”سنڌ
آبزرور“ جو ايڊيٽر ٿيو. هن اخبار وسيلي سنڌي نقطه
نگاهه کي شاندار جامع ۽ ڀرپور طريقي سان پيش ڪيو
ويو ۽ انگريزي اخبار ڊان کي سندن فرقيوارانه
مضمونن جو مدلل جواب ڏنو ويو. ان دور ۾ الطاف حسين
۽ پير علي محمد راشدي ٻن اخباري ايڊيٽرن جي صحافتي
جهڳڙي پاڪستان جي تاريخ ۾ يادگار اهميت ماڻي.
1952ع ۾ انگريزي اخبار ”اسٽيٽسمين“ ڪڍي ساڳي سال
کيس ”آل پاڪستان نيوز پيپرس ايڊيٽرس ڪانفرنس“ جو
صدر چونڊيو ويو. هن حيثيت ۾ کيس دنيا جي ڪيترن
ملڪن جو وفد جي قائد جي حيثيت ۾ دورو ڪرڻ جو موقعو
مليو. 1951ع ۾ ”پاڪستان ڀارت جوائنٽ پريس ڪميشن“
جو صدر ٿيو ۽ ٻنهي ملڪن جي اخبارن ۽ صحافين معرفت
حڪومتن کي ويجهو آڻڻ جو ڪارنامو سر انجام ڏنو.
1954ع کان 1955ع تائين ڪراچي جي انگريزي اخبار
”ايسٽرن ايڪسپريس“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو. هانگ ڪانگ ۾
رهڻ دوران 1963ع کان 1964ع تائين جنگ اخبار ۾ ڪالم
”مشرق بعيد“ لکي جنهن ۾ دنيا جي عالمي امور تي
تجزيه تبصرا ۽ رايا شامل هيا، جنگ اخبار ۾ مسلسل
61 سال ڪالم ”مشرق مغرب“ لکندو رهيو، اخبار عبرت ۾
”رند ۽ پنڌ“ جي عنوان سان سنڌ جي مسئلن بابت ڪالم
لکندو رهيو. انگريزي جنگ لنڊن ۾ ڪالم ”اي پوائنٽ
آف ويو“ اها چاهي خلافت تحريڪ هجي يا سنڌ جي بمبئي
کان عليحدگي، تحريڪ پاڪستان هجي هو هر هڪ سياسي
جنگ ۾ ميدان ۾ هيو سندس قلم هٿيار ۽ اخبار ڍال
هوندي هئي. سندس تقرير ۽ گفتگو جو ڪمال ٿورن لفظن
۾ گهڻي ڳالهه ڪرڻ هوندو هيو.
سندس ٻيو زندگي جو حصو ادب آهي جنهن ۾ پڻ هن پاڻ مڃايو.
پاڻ هڪ صدي جي زنده ڳالهائيندڙ سماجي ۽ سياسي
تاريخ هيو. اهو سچ آهي ته راشدي صاحب ادب وسيلي
اسان جي سئو سالا سماجي سياسي تاريخ محفوظ ڪري
ورتي جنهن لاءِ هن سنڌ جي سياست، ادب، تاريخ،
صحافت ۽ وڏيرن بابت ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ٽي
جلد شايع ڪيو. سندس ڪتاب ”فرياد سنڌ“ ”خط ۽ مضمون“
(سائين جي ايم سيد ڏانهن 1937ع کان 1958ع تائين)
روداد چمن اردو، ”اسٽوري آف سفرنگ آف سنڌ“ انگريزي
شامل آهن جن ۾ مواد سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي
تحريڪ، مضمون ۽ ڪاميابي لاءِ تجويزون شامل آهن،
سنڌي ٻولي جي خدمت سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبر جي
حيثيت ۾ لڳاتار 1940ع کان 1958ع تائين ڪيائين جيڪو
هڪ الڳ ۽ تفصيل طلب سبجيڪٽ آهي، بحيثيت اديب سنڌ
جي تقريبن هر ادبي ڪانفرنس ۾ کانئس صدارت ڪرائي
ويندي هئي.
زندگي جو ٽيون روپ سياسي آهي، جنهن جو آغاز
خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي پرائيويٽ سيڪريٽري جي
حيثيت ۾ شروع ڪيائين، سال 1933ع کان 1936ع تائين
ضلعي لاڙڪاڻي لوڪل بورڊ جا ميمبر ٿيا، سنڌ جي
وڏيرن ۽ سياستدانن پاران قائم ٿيندڙ تنظيم ”سنڌ
محمدن ايسوسيئيشن“ جو بنيادي اڳواڻ هيو. 1934ع ۾
سنڌ جي پهرين سياسي پارٽيءَ ”سنڌ پيپلز پارٽي“ سر
شاهنواز ڀٽو جي قيادت ۾ ٺهي جنهن ۾ پڻ اهم رڪن
هيو. 1936ع ۾ سر عبدا هارون ۽ سر شاهنواز ڀٽو جي
قيادت ۾ قائم ٿيندڙ ”سنڌ اتحاد پارٽي“ جو بنيادي
اڳواڻ هيو. 1938ع ۾ ا بخش سومرو جي اڳواڻي ۾
پهريون دفعو حڪومت جو مشير ٿيو. پاڻ راشدي صاحب جي
ايم سيد ۽ سومري صاحب سڄو سال عوامي رابطا مهم
شروع ڪيائون ته جيئن غريبن جا مسئلا سندن در تي
وڃي حل ڪجن پر ڪامورا شاهي ڪاوڙجي پئي ۽ آخر کيس
حڪومت مان ڪڍرايائون. 1938ع ۾ سنڌ مسلم ليگ سر
عبدا هارون جي قيادت ۾ ڪم شروع ڪيو ته راشدي صاحب
سندس پرائيويٽ سيڪريٽري ٿيو ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ منظم
ڪري سنڌ مسلم ليگ جو جنرل سيڪريٽري پڻ چونڊيو.
1939ع ۾ سنڌ ۾ مسجد منزل گاهه واري تحريڪ ۾ ڀرپور
حصو ورتائين جنهن وسيلي سنڌ ۾ هندن ۽ مسلم سنڌين
وچ ۾ نفرتن جنم ورتو ۽ آخر هندو مسلم ٻه الڳ ملڪ
ٺهيا. هن ڏس ۾ اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته راشدي صاحب
مسجد منزل گاهه بابت جسٽس ويسٽن جي سربراهي ۾ قائم
ٿيندڙ جڊيشنل ٽربيونل ۾ سنڌي مسلمانن جي ڪيس جي
وڪالت ڪئي ۽ ڪيس کٽيو، جڏهن ته پاڻ وڪيل به نه
هيو، ان کان علاوه ”قرارداد پاڪستان“ لاهور واري
اجلاس منعقد ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو پاڻ پتوڙيائين. 23
مارچ 1940ع جو قرارداد پاڻ ٺاهي ٽائيپ ڪري منظوري
لاءِ پيش ڪيائين. |