پير حسام الدين راشدي
پير حسام الدين راشدي جو شمار تاريخ، تحقيق، علم ۽ ادب جي دنيا
جي اهڙن هستين ۾ ٿئي ٿو جن دنيا جي تمام مشڪل
موضوع يعني قديم تاريخ جون الجهيل ڳنڍيون
سلجهايون. تحقيق وسيلي سنڌ جي قديم تاريخ مان اهڙن
ڪيترن ئي ناياب ورقن جو واڌارو ڪيو، جيڪي گمناميءَ
جي پردي ۾ ڍڪجي يا حادثن جو شڪار بڻجي قومن جي
تاريخ مان وسارجي ويا هئا، سندس خدمتن جو دائرو ۽
شهرت ايران، افغانستان، عربستان ۽ روس تائين وسيع
هيو ۽ سندس ڄاڻ جي کاڻ مان پوري دنيا جا اديب
عالم اسڪالر تحقيق جو فيض حاصل ڪرڻ لاءِ وٽس ايندا
رهندا هيا. ڇاڪاڻ ته وٽس لئبريري ۾ دنيا جا هزارين
ناياب ڪتاب موجود هوندا هئا. سندس ذاتي ڪتب خانو
رهبري لاءِ پوري دنيا ۾ مشهور هيو. جيڪي سندس وصيت
مطابق سنڌالاجي کي ڏنا ويا ۽ اڄ پڻ سنڌالاجي ۾ پير
حسام الدين راشدي لئبريري ڪارنر موجود آهي، سنڌي
ٻولي جو تاريخدان، دانشور ۽ اديب 20 سيپٽمبر 1911ع
تي سنڌو ندي جي ساڄي ڪناري قديم ڳوٺ ”بهمڻ“ ۾ سيد
حامد علي راشدي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. پاڻ پنهنجي
ڏاڏي سيد پير شاهه راشدي جي سر پرستي ۾ پليو. پير
حسام الدين راشدي جو ڏاڏو سيد پير شاهه راشدي سنڌ
جي مثالي بزرگن مان هيو. هو وڏي ڏيا وارو مڙس هيو.
تر ۾ سندس شخصيت وڏي ڌاڪ ۽ هشمت واري هئي ڇاڪاڻ ته
سيد پير شاهه راشدي سنڌ جي برگزيده شخصيت پير محمد
راشدي روضي ڌڻي جو اولاد هيو. جنهن جي پٺيان سڄو
”راشدي“ خاندان سڏجي ٿو. پير حسام الدين صاحب لاءِ
مشهور آهي ته سندس پيدائش لڳاتار ٽن ڏينهن تائين
والده ماجده کي تڪليف بعد ٿي. ڄمڻ بعد سندس اکين ۾
پونءِ ڀريل هئي ۽ اکيون به بند هيون. سندس ڏاڏي
پنهنجي حڪمت وسيلي اکين جو علاج ڪيس ۽ ڏاڏي پنهنجي
وڏي ڀاءُ جو نالو پير حسام الدين پنهنجي پوٽي تي
رکيو. پيار جو نالو ”ڏتل شاهه“ به هيس.
پير صاحب پنهنجي ڏاڏي جي سرپرستي ۾ ڳوٺ اندر قائم مدرسي ۾ فارسي
۽ عربي جي تعليم حاصل ڪئي، ڇاڪاڻ ته ان وقت تعليم
جون سهولتون ڪو نه هيون. مدرسي ۾ مولوي صاحب جي
ڏاڙهي ۾ هٿ وڌو. ڳالهه گهڻي وڌي وئي پر پير صاحب
پنهنجي ڏاڏي سائين جو دادلو هيو، جنهن مولوي صاحب
کي وڌيڪ پڙهائڻ کان منع ڪري ڇڏيو. ڪجهه انگريزي
تعليم غير سرڪاري نموني نصرت ريلوي اسٽيشن ماستر
کان حاصل ڪيائون پوءِ وري اها به ريلوي ماستر جي
ڄاڻ ختم ٿيڻ تي ختم ٿي وئي. اهو ٻڌائڻ ضروري آهي
ته دنيا جي اسڪول يا ڪاليج مان امتحان پاس ڪري
ڊگريون حاصل نه ڪيون پر هو علم جي حوالي سان ڄمندي
ڄام هيو. هن پنهنجي محنت سان سنڌي، اردو، انگريزي،
فارسي ۽ عربي ٻولين تي مهارت حاصل ڪئي ۽ هو انهن
ٻولين جو عالم سڏيو ويندو هيو.
پير حسام الدين صاحب پندرهن ورهين جي ڄمار ۾ لکڻ شروع ڪيو. سڀ
کان اول صحافت ۾ قدم رکندي سال 1924ع ۾ شڪارپور
مان نڪرندڙ اخبار ”جاڳڻ“ جا ضلعي نمائنده مقرر
ٿيا. هن اخبار جو مالڪ ميان خالقداد ڀيو صاحب هيو.
لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ اخبار ”الحقيقت“ ۾ باقائدگي
سان مضمون لکندا هيا. پاڻ ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾
پنهنجي وڏي ڀاءُ پير علي محمد راشدي سان صحافت جي
حوالي سان سکر رهڻ لڳو. ڇاڪاڻ ته هو محنت ڪندر،
توڪلي، جاکوڙي جوان هيو. سکر ميونسپل لئبريري مان
ناياب ڪتاب حاصل ڪري پڙهندو رهندو هيو. ڪتاب پڙهڻ
سندس مشغلو هيو. پاڻ هڪ دڪان ۾ پنهنجي ڀاءُ سان
هيٺ فرش تي سمهندو هيو.
سال 1929ع ۾ سکر جي اخبار ”المنار“ جا ڪجهه وقت ايڊيٽر رهيا.
ماهوار اخبار پيغام ۾ به ڪم ڪيائون، خانبهادر محمد
ايوب کهڙي جي سکر مان نڪرندڙ هفتيوار اخبار ”سنڌ
زميندار“ جا پاڻ 1930ع کان 1934ع تائين ايڊيٽر به
رهيا. هن اخبار پير صاحب جي قابليت ۽ صلاحيتن کي
سنڌ ۾ مشهور ڪيو. هي اخبار سنڌ جي مسلمانن جي
سياسي حقن کان علاوه ادبي ۽ علمي معيار ۾ به اعلى
رهندي آئي، هن اخبار انگريز راڄ خلاف سنڌي مسلمانن
۾ وڏو شعور پيدا ڪيو. اخبار جي ايڊيٽري سنڀالڻ وقت
پير صاحب جي عمر اٽڪل 20 ورهيه ۽ پگهار 30 رپيا
هئي. جڏهن پير علي محمد راشدي جا خانبهادر کهڙي
سان اختلاف ٿيا، تڏهن ٻنهي ڀائرن اخبار کي ڇڏيو.
هي اهو زمانو هيو جڏهن نواب ظفر علي خان، مولانا
حسرت موهاني، مولانا ابوالڪلام آزاد، هارنيمن،
مولانا محمد علي جوهر، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽
رامانند چئٽرجي جهڙا اڳواڻ اخبار نويس طور ڪم ڪندا
هيا. سنڌ ۾ هندو مسلم فساد جو مرڪز سکر هيو ۽ سنڌ
جي بمبئي کان عليحدگي تحريڪ عروج تي هئي.
پير حسام الدين وري پنهنجي وڏي ڀاءُ سان سکر منتقل ٿيو ۽
هفتيوار اخبار ”ستاره سنڌ“ ڪڍڻ شروع ڪيائون. پاڻ
هن اخبار جو 1934ع کان 1937ع تائين ايڊيٽر رهيو.
هن اخبار هندن جي ظلم، ڪاموري جي ڏاڍ، وڏيري جي
جبر ۽ پير ملان جي فريب خلاف جهاد ڪيو. تيز ۽ تکن
مضمونن ڪري اخبار مٿان لڳاتار ٽي سال ڪيس هليو.
سال 1941ع ۾ اخبار ”الوحيد“ ذريعي راشدي صاحب باقائدي سنڌ جي
مسلمانن جو ڪيس وڙهيو. سال 1945ع ۾ سائين جي ايم
سيد جي سهڪار سان ”قرباني“ اخبار ذريعي سياسي ۽
تاريخي مضمون لکيا. جنهن ۾ سنڌ جي مسلمانن جي
رهنمائي هوندي هئي، سنڌ ۾ پهريون دفعو سنڌي ادب جي
فروغ ۾ تحقيق لاءِ خانبهادر محمد صديق ميمڻ، عثمان
علي انصاري، مولانا دين محمد وفائي، حڪيم فتح محمد
سيوهاڻي، علامه محمد عمر دائود پوٽو ۽ سيد ميران
محمد پراڻا قلمي نسخا هٿ ڪيا، پراڻن علمي ذخيرن کي
ڳولهي هٿ ڪيو، هنن ”سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي“ ۽ ”سنڌ
نيچرل هسٽري سوسائٽي“ پوءِ ”سنڌي ادبي سوسائٽي“ به
قائم ڪئي پر فعال ٿي نه سگهي. سال 1950ع ۾ ”مرڪزي
صلاحڪار بورڊ“ ۽ پوءِ ”سنڌي ادبي بورڊ“ قائم ٿيو.
جڏهن آغا غلام نبي پٺاڻ وزير تعليم ٿيو تڏهن هن صاحب هن اداري
کي سرڪاري ادارو بڻائي مٿين ادب دوستن کي ان ۾
شامل ڪيو. شروع ۾ پير حسام الدين انهن دوستن جو هڪ
ميمبر هيو پر پوءِ اهڙو وقت به آيو جو تاريخ جي
حوالي سان انهن کي پوئتي ڇڏي ويو. اهو ٻڌائڻ ضروري
آهي ته ٻئي ڀائر هميشه گڏ رهيا پر ٻنهي جو عمل
مختلف هيو. پير علي محمد صاحب سياست جو ته پير
حسام الدين ادب جو شوقين هيو. دنيا ۾ اگر ڪٿي به
گڏ ويندا هيا ته وڏو ڀاءُ جهنگ ۾ شڪار ۾ مصروف ته
ننڍو ڀاءُ ڪتابن جون ٻوريون پڙهڻ ۾ مشغول، وڏو
ڀاءُ بمبئي، ڪلڪتي، دهلي ۽ لکنو جي سياست ۾ ته
ننڍو ڀاءُ اتان جي لئبريرين ۾ مصروف هوندو هيو.
راشدي صاحب کي 1953ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر ڪيو ويو، راشدي
صاحب 1954ع ۽ مارچ 1955ع وري سيپٽمبر 1961ع ۾ ۽
آخري سال 1974ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر رهيو.
راشدي صاحب هونئن ته ڪيترن ئي ادارن جو باني هيو
سندس ادارا ساز شخصيت سنڌ ۾ ٻن وڏن ادارن سنڌي
ادبي بورڊ ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي صحي معنى ۾
باني آهي. سنڌالاجي جي بنياد کان وٺي نالي تجويز
ڪرڻ تائين سندس ذهن استعمال ٿيل آهي. سنڌي ادبي
بورڊ کي دنيا جي علم دوست، عالمن ۽ ملڪن تائين
پهچائڻ ۾ سندس ڪردار قائدانه رهيو. محمد ابراهيم
جويو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ حسام الدين راشدي اگر
سنڌي ادبي بورڊ سان لاڳاپيل نه هجن ها ته هوند اڄ
سنڌي ادبي بورڊ نه هجي ها. سندن بورڊ لاءِ ڪيل
خدمتن بابت هڪ ڪتاب لکي سگهجي ٿو. پاڻ علامه دائود
پوٽو سان 1957ع ۾ ”مهراڻ“ جي ادارتي بورڊ ۾ به
شامل هيا، بورڊ جي ڪتابن لاءِ خاص طرح سنڌ جي
تاريخ لاءِ سندس راءِ آخري سند هوندي هئي، ڀيرومل
جي ”قديم سنڌ“ سندس سفارش ذريعي ڇاپي وئي. فارسي
ڪتابن جي بورڊ ۾ ايڊيٽنگ يا ڇپائي ۾ سندس ئي هٿ
آهي. حڪومت کان بورڊ کي فنڊ ڏيارڻ ۾ سندس شخصيت ئي
نظر اچي ٿي. فارسي ٻولي سان محبت سندس ذات جو حصو
هئي. جيئن ته سنڌ ۾ ٻه سئو سالن تائين فارسي زبان
رائج رهي ۽ ايران سان سنڌ جو اسلام کان اڳ تهذيبي
۽ اقتصادي ناتو هيو. ايتري تائين جو سنڌ جي سياست
۽ تاريخ جا اهم واقعا يا حادثا ايران کان ايندڙن
وسيلي ظاهر ٿيا. سنڌ جي اڪثر تاريخ فارسي ۾ لکي
وئي. جڏهن راشدي صاحب تاريخ جي محقق جي حيثيت ۾
ايڏانهن وڌيو ته کيس ڪيترن جڳهن تي تاريخ جو
لاڳاپو ٽٽل نظر آيو. خاص طرح هن محسوس ڪيو ته سنڌ
جي سياسي ۽ تهذيبي زندگيءَ جا واقعا ۽ حقيقتون يا
ته موجود ئي ڪو نه آهن يا وري انهن لاءِ لکڻ مهل
حقيقت پسندي کي وساريو ويو آهي. پاڻ انهن جدا جدا
زنجير جي ڪڙين کي جوڙڻ لاءِ سنڌ ايران ۽ دنيا جا
گهڻا ڪتب خانا ڏٺا. برطانيه، فرانس، مصر، عراق،
شام ۽ هندستان به ويا، سوين هزارين ڪتابن کي پڙهيو
۽ سنڌ بابت تاريخ جا وڃايل يا لڪايل ورق وري حاصل
ڪري، ڇنڊ ڇاڻ ڪري، ترتيب ڏئي حوالن ۽ دليلن سان
سنڌي قوم کي هڪ سدا بهار سوکڙي ڏئي ويو. پير صاحب
کي علم جي عشق جي جهڙپ لڳي ۽ تاريخ لکندي پاڻ
تاريخ بڻجي ويو. هن پورهيو ڪري پاڻ کي قلم جو
مزدور بڻائي تاريخ کي اونداهه مان ڪڍي ڪتابن ۾ کڻي
آيو. سندس ڪتاب لکڻ وقت تحقيق ۽ محنت هن واقعي مان
ظاهر ٿئي ٿي. ڪتاب ”مير معصوم بکري“ لکڻ وقت هو
ايران انهن رستن يا قدمن سان ويو جنهن قدمن سان
مير معصوم شاهه ايران کان بکر آيو هيو. پير صاحب
رستن ۾، جهنگلن ۽ ويرانن ۾ مهينا سفر ڪيو ۽ اتي
ترسيو جتي معصوم شاهه ڪتبا لڳائي نشان ڪيا هئا.
شهنشاهه اڪبر جي سفير معصوم شاهه جي لڳايل ڪتبن
جون تصويرون ڪڍيون ۽ فارسي ڪتب پروڙيا. ٻيو تحقيق
جو مثال سندس ڪتاب ”مڪلي نامو“ آهي. مير علي شير
قانع جو مڪلي نامو ڇهانوي صفحن تي لکيل هيو پر
راشدي صاحب مڪلي ۽ مڪلي جا آثار، حاڪم ۽ تاريخ تي
هن ڪتاب ۾ ست سئو ٻيانوي صفحا وڌيڪ لکي تاريخ جي
تحقيق جو حق ادا ڪيو. دنيا ۾ پير صاحب جي شهرت
اسان سنڌين جي سڃاڻپ هئي. پير صاحب ثابت ڪيو آهي
ته ادارا ماڻهو نه بلڪه ماڻهو ادارا پيدا ڪندا
آهن. هن جي گهڻو وصفي شخصيت ڪيترن ئي ادارن جي
بنياد جو ڪارڻ هئي. پاڻ ستٽيهه ادارن جا مختلف
حيثيت ۾ روح روان هيا ۽ هند، سنڌ، ايران، افغان،
مصر جي تهذيب تاريخ بابت ٽيتاليهه ناياب ڪتاب
لکيا. پير صاحب پنهنجو ”مڪلي نامو“ سنڌ جي تاريخ
جي هيري ”دريا خان دولهه“ جي نالي منصوب ڪيو.
پير صاحب جي اها عظمت آهي جو سنڌي وڏيرڪي گهر ۾ پيدا ٿيڻ جي
باوجود سنڌي وڏيرن وانگر قوم جي قسمت سان کيڏڻ يا
وڪرو ڪرڻ بدران هن سنڌي قوم جي اصل وڃايل تاريخي
شجري کي ڳولي قوم کي بقا شان ۽ عزت وارو ماضي
ڳولهي ڏيڻ ۾ پنهنجي زندگي جا ٽيهه سال گذاريا.
سندس تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ سنڌين جو شاندار ماضي، سنڌين
جا غدار يا سنڌين جا رهبر تاريخ جي حوالي سان جهڙي
نموني ظاهر ڪيا آهن، انهن حقيقتن کي ڪو به ارغون،
ترخان جو پوئلڳ، چئلينج نه ٿو ڪري سگهي. پير صاحب
پنهنجي زندگي جو هر ڏينهن سنڌ سڳوريءَ لاءِ وقف
ڪري ڇڏيو هيو ۽ سنڌ جي ماضي جي ڄاڻ لاءِ کوجنا
ڪندي سڄي دنيا جي قومن جي تاريخ تائين پهتو. کيس
دنيا جي تاريخ تهذيب، ثقافتي، علمي ۽ تحقيقي ادارن
۾ جيڪا شهرت ۽ عزت ملي اها ڪنهن به پاڪستان جي
دانشور يا ريسرچ اسڪالر کي ڪو نه حاصل ٿي. پير
صاحب تاريخ لکندڙن جي ان رويي کان بغاوت ڪري سنڌ
جي تاريخ تي تحقيق ڪئي جن غير سنڌي تاريخدانن سنڌ
سان ظلم ڪندي ايترو به لکيو ته ”سنڌ کي فاتح ڪندڙ
غيرن سنڌ ۽ سنڌين تي احسان ڪيو“. پير صاحب انهن
غيرن جي لکيل تاريخ جي حوالن سان ڪوڙ کي ڪوڙ ثابت
ڪندي ٻاهرين فاتحن کي جارح، غاصب، سازشي، لالچي ۽
تهذيب دشمن ثابت ڪيو، سائين حسام الدين راشدي جون
سنڌي سماج لاءِ ڪيتريون ئي خدمتون آهن جنهن لاءِ
هڪ ڪتاب ڇپجي سگهي ٿو پر سنڌي ٻولي جي ترقي، سنڌي
ادبي بورڊ کي عزت ڏيارڻ، سنڌي ڄاڻ جي سڄاڻن کي
ادبي، علمي کاڻ سنڌالاجي انسٽيٽيوٽ کان علاوه سنڌ
يونيورسٽي جي سنڌي سرڪاري ٻولي ۽ سائين پروفيسر
غلام مصطفى شاهه صاحب جي چواڻي ته سنڌ يونيورسٽي
جو اولڊ ڪئمپس مان ڄام شورو منتقل ڪرڻ ۾ راشدي
صاحب جو سهارو ۽ ڪمال شامل هيو. سندس هر دل عزيز
سماجي شخصيت هڪ انجمن هئي، سندس گهر بيت الضيا هڪ
دربار وانگر هميشه ڪچهري جو مرڪز بڻيل هوندو هيو،
جتي سنڌ جا اڄ جا وڏا اديب، دانشور، عالم، آفيسر
پنهنجي علم ۽ ڄاڻ وڌائڻ لاءِ هر وقت پانڌيئڙا
هوندا هيا. اڄ جي انهن مشهور هڪ هٽيءَ وارن دوستن
کي راشدي صاحب نه صرف علم ادب جي الف بي پڙهائي پر
کين کيسي مان خرچ ڪري خوب کارايو پيئاريو نه صرف
ايترو پر اڄ سنڌ جي ثقافتي، علمي، ادبي ادارن جا
گهڻا سربراهه سندس سفارش تي نوڪريون ماڻي شاهوڪار
زندگي گذارن پيا. انهن مان اٺانوي سيڪڙو دوستن کي
اڄ راشدي صاحب ياد به ڪو نه آهي هو ڪرسي، شهرت ۽
دولت جي نشي ۾ مگن مست ٿي ويا آهن. پير حسام الدين
انهن سنڌي اديبن مان آهي. جن ملڪ ۾ درٻاري اديبن
جي ٽولي کان پاڻ آجو رکندي خودي ۽ عزت سان زندگي
گهاري، هو دوستن جو ته دوست هيو پر دشمنن جو پڻ
سڄڻ، هي اهو سنڌي سپوت آهي جنهن جا دشمن ته هوندا
ئي ڪو نه هيا. هر زبان ۽ نظريي جو عالم، دانشور،
اديب کيس محبت مان ”پير سائين“ سڏيندو هيو.
بيت الضيا ۾ پير صاحب جي ويهڻ جي جاءِ ۽ ڪم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪمرو
هيو، جنهن جون ديوارون ڪٻٽن سان ڍڪيل، ڪتابن سان
ڀريل فرش کان ڇت تائين ڪاٺ جي ڪٻٽن مان ڪتاب ڪڍڻ
لاءِ هڪ ننڍي ڪاٺ جي ڏاڪڻ هوندي هئي. پير صاحب کي
هزارين ڪتاب هوندي به اها خبر هوندي هئي ته ڪهڙو
ڪتاب ڪٿي پيو آهي. ڪمري ۾ هڪ وڏي ميز هئي جنهن تي
اهڙا ڪتاب جيڪي لکڻ مهل حوالن ۾ ڪتب آڻڻ لاءِ
ضرورت ۾ هجن پيا هوندا هيا، پير صاحب جو سمهڻ وارو
ڪمرو به ڪتب خانو لڳو پيو هوندو هيو. پلنگ تي
ڪتاب، پلنگ هيٺان ڪتاب، ويهاڻي هيٺان رسالا ۽
اخبارون هونديون هيون، اهڙن ڪمرن ۾ دنيا جا وڏا
تاريخدان ۽ دانشور ملاقاتون ڪرڻ ايندا هيا، ڇاڪاڻ
ته سندس گهر هڪ، عظيم علمي مرڪز جي حيثيت ماڻي چڪو
هيو.
پير صاحب وٽ مختصر دعوت جو رواج ڪو نه هيو ۽ گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه
مهمان دعوت ۾ هوندا هيا. 1947ع ۾ پاڻ الحمرا
سوسائٽي ۾ بنگلو خريد ڪيائون جيڪو ”علي رضا هائوس“
سڏجي ٿو. اتي اچڻ بعد لان ۾ وڏيون دعوتون ۽
پارٽيون ٿينديون هيون، سندس اوطاق، دسترخوان ۽
ڪچهريون مڪمل طرح سنڌي ثقافت جو عڪس ۽ آئينو هيون،
ڪراچي جون ادبي محفلون پير صاحب جي شخصيت ڪري عروج
تي هيون.
کيس زبانن تي ايترو عبور هيو جو اردو ادب جا
ڪيترائي ادارا سندس مشورن سان هلندا هيا. اڄ جا سڀ
اردو عالم ۽ دانشور سندس رهنمائي ۾ پاڻ بڻائي
سگهيا. پير صاحب جي تاريخ نويسي ڏانهن لاڙي ۽
تاريخ تي ڏنل ڪتابن مان اسان کي اڀياس حاصل ڪرڻ
لاءِ دنيا جي وڏي مورخ ”ڊيورنٽ“ جي ڪتاب ”دليسن آف
هسٽري“ جي هنن جملن کي سمجهڻو پوندو ته ”تاريخ ڇا
آهي؟ تاريخ جي مطالعي مان ڇا فائدو؟ تاريخ کي
اوهان صرف ان لاءِ پڙهيو ته قومن جي عروج ۽ زوال
جون داستانون يا بادشاهن جي درد ناڪ آخري انجام جا
واقعا بيان ڪيل آهن. ڇا اوهان روشن سجاڳ حال خاطر
ماضي جي کاردار ڪنڊن يا قابل فخر ورقن مان رهنمائي
حاصل ڪئي آهي؟ ته جيئن ڪنهن به تبديلي يا انقلاب
مهل ڪو وري ڌوڪو نه کائي وڃو؟“ راشدي صاحب جو شمار
دنيا جي انهن ڏاهن محققن ۾ ٿئي ٿو جن جي نگاهه عام
انسان کان وڌيڪ گهري، حالات ۽ واقعن جي ڳوڙهي ڄاڻ
۽ تاريخي وهڪري مطابق هوندي آهي. علم جي اها منزل
تاريخ نويسيءَ کي هڪ مڪمل عملي فن جي معراج ڏئي
ٿي. جنهن ذريعي مورخ قومن جي عروج ۽ زوال جي رنگين
داستانن کان پرڀرو ٿي اصل حقيقتن ڀريل سچ ۽
صداقتن، سببن کي ڇنڊ ڇاڻ ڪري قومن جي حال ۽ مستقبل
لاءِ هڪ خوبصورت خاڪو تراشي ٿو ڏئي. راشدي صاحب
تاريخ لاءِ اصل حقيقتن ۽ معاشري جي لاڙن ۽ روين جي
تهه تائين پهچندڙ تاريخدان آهي. هن تاريخ جي دنيا
۾ اهڙيون تمام خالي جڳهيون ڀريون آهن، باب مڪمل
ڪيا آهن، جيڪي اڄ تائين سنڌ جي تاريخ لکڻ وقت ڪنهن
نه ڪنهن سبب ڪري رهجي ويا هيا. پير صاحب جو اهو
ڪمال هيو جو هو اهو به ڄاڻندو هيو ته تاريخ جو
وهڪرو جاگرافي جي تابع هوندو آهي، اها جاگرافي
معاشري ۾ اقتدار، اقتصادي معيار ۽ ثقافتي ورثن کي
جنم ڏيندي آهي، سنڌ جي جاگرافي وري برصغير جي تابع
جو ڪارڻ بڻي. سنڌ جي ماضي جي حيثيت ۽ اثر وري ان
وقت جي تاريخ جي تمام وڏن تهذيبي انقلابن، سياسي
اثرن ۽ معاشرتي تبديلين لاءِ تجربيگاهه ثابٿ ٿي.
جتي قديم سنڌ جي حيثيت ايتري شاهوڪار هئي ته اتي
وري وقت گذرڻ ڪري سنڌ جي تاريخ مٽجندي وئي. اهو ئي
سبب آهي جو اڄ اسلام کان اڳ ٻڌ ۽ هندو دور جون
شهادتون حاصل ڪونه آهن. پر مغلن، ارغونن، ترخانن
جي دورن جي وڃايل يا تبديل ڪيل تاريخ راشدي صاحب
حاصل ڪئي، ڇاڪاڻ ته هو فارسي، عربي ۽ اردو زبان جو
عالم هيو. پير صاحب شيراز ۽ اصفحان جي باقياتي
آثارن مان يا افغانستان، دهلي جي گورستان مان قديم
تهذيبن جا سنڌي تهذيب يا سنڌ جي جاگرافي اقتصادي
لاڳاپن سان هڪ جهڙائپ يا ويجهڙائپ ڳولهي ثابت ڪيو
آهي ته سنڌ ۽ سنڌي قوم هڪ بهادر جنگجو پر امن
پسند، شاهوڪار وادي ۽ تهذيب جي مالڪ رهي آهي. پير
صاحب جي لکيل ٽيتاليهه ڪتابن جي هر هڪ ڪتاب ۾ گهٽ
۾ گهٽ پنجاهه سال ۽ وڌ ۾ وڌ هزار سالن جي تاريخ ۽
واقعن جو تسلسل موجود آهي جنهن لاءِ هو پئرس،
مشهد، ڪابل، علي ڳڙهه، لنڊن ۽ آڪسفورڊ جي لئبريرين
۾ مهينن تائين ڪتابن ۾ گم رهيو. |