27 سيپٽمبر 1960ع تي جنرل اسيمبلي جي پندرهن اجلاس
۾ پاڪستان جي اڳواڻي ڪئي، هن اجلاس ۾ عالمي اڳواڻن
جهڙوڪ روس جو صدر خروچيف، برطانوي وزيراعظم
مئڪملن، ڪيويا جو صدر فيڊرل ڪاسترو، ڀارتي
وزيراعظم جواهر لعل نهرو جهڙن ليڊرن به شرڪت ڪئي.
ڀٽو صاحب پاڪستان سرڪار پاران ڊسمبر 1960ع ۾ پهريون روس جو دورو
ڪري ماسڪو سان تيل جو معاهدو ڪيو. حڪومت پاڪستان
پاران روس سان اقتصادي معاملن بابت هي پهريون
معاهدو هيو. پاڻ مارچ 1962ع ۾ ملڪ اندر قومي
اسيمبلي جي ٿيندڙ چونڊن ۾ بنا مقابلي منتخب ٿيڻ جو
اعزاز حاصل ڪيائين جيڪا ملڪي ۽ مقامي سطح تي سندس
لاڳاپن جي مقبوليت جو روشن مثال ظاهر ڪري ٿي، نئون
آئين ٺهڻ بعد وري کيس تاريخ 13 جون 1962ع تي حڪومت
۾ وزارت ملڻ جو موقعو حاصل ٿيو. ڊسمبر 1962ع ۾ هن
کي پرڏيهي معاملن تي مهارت سبب پاڪ، ڀارت وچ ۾
ڪشمير متعلق ٿيندڙ ڳالهين خاطر پاڪستان سرڪار جو
اعليٰ نمائندو مقرر ڪيو ويو ۽ ان وقت کان وٺي آخري
وقت تائين ڪشمير سندس زندگي ۾ اوليت حاصل ڪندڙ
موضوع رهيو، پاڪ ڀارت ڪشمير مسئلي جي ڏس ۾ وفد جي
اڳواڻ طور ڀٽو صاحب سال 62-1963ع دوران لڳاتار
هندستان سان ڳالهين جا ڇهه دور مڪمل ڪيا، جيئن ته
ڀٽو صاحب شاگردي واري زماني کان ئي پنهنجي سوچ ۽
عمل کي مسلمان، پاڪستان ۽ ايشيا لاءِ ڪم آڻيندو
رهيو تنهن ڪري وٽس دنيا جي خارجي پاليسين بابت وڏا
منصوبا ۽ تجويزون موجود هونديون هيون، جيتوڻيڪ وٽس
وزارت اطلاعات، قدرتي وسيلا يا تجارت هئي پر هو
پرڏيهي معاملن تي بحث يا مشورا ڏيندو رهندو هيو
تنهن ڪري حڪومت وٽ سندس پرڏيهي معاملن بابت صلاحيت
جا چٽا ثبوت موجود هيا، ڪيترا دفعا ته ان وقت جي
صدر جنرل محمد ايوب خان جي حڪومت جي وزير خارجه
محمد علي بوگره جي بيماري وارن ڏينهن ۾ قيادت جي
ذميواري ڀٽو صاحب کي منتقل ڪئي ويندي هئي مڪمل طرح
سان ڀٽو صاحب کي وزير خارجه جو قلمدان 22 فيبروري
1963ع تي مليو. هي موقعو ڀٽو صاحب جي سياسي زندگي
۾ ٻي وڏي ڪاميابي جي حيثيت رکي پيو ڇاڪاڻ ته هاڻي
هو دنيا جي عالمي ادارن ۾ مڪمل طرح سان پنهنجي
صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي ملڪ قوم، مسلم دنيا، ايشيا
لاءِ طاقتور آواز بلند ڪرڻ جي حيثيت ماڻي چڪو هيو
۽ شاگردي وارن زمانن ۾ يورپين استادن ۽ پريس سان
مهاڏو اٽڪائيندڙ نوجوان پنهنجي عمل سان دنيا جي
ادارن ۾ نقشن ۾ تبديليون آڻي سگهي پيو. اهو ئي سبب
آهي جو ڀٽو صاحب ملڪ کي مضبوط ڪرڻ، مسلم دنيا کي
گڏ ڪرڻ ۽ ايشيا جي مظلومن لاءِ آواز بلند ڪرڻ خاطر
ڪيترائي ادارا جوڙيا ۽ انهن حوالن سان مشهور به
ٿيو. ڀٽو صاحب 26 مارچ 1963ع تي چين سان نئين
پاليسي تحت پاڪ چين سرحدي حد بندي بابت معاهدو ڪرڻ
۾ ڪامياب ٿيو جيڪو پاڪ، چين دوستي جي ڏس ۾ پهريون
مٿاهدو ليکيو ويندو آهي. 27 جولائي 1963ع تي ڀٽو
صاحب پاڪ، ايران سرحدي معاهدي بابت قومي اسيمبلي
کي خطاب ڪيو ۽ ان سال ئي افغانستان سان لاڳاپن جي
بحالي بابت ايران ويندڙ وفد جي قيادت ڪيائين اهڙي
طرح سال 1963ع ۾ ئي ڀٽو صاحب پنهنجي وزارت ۽
صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي پاڙيسري ملڪن افغانستان،
ايران، روس ۽ چين سان بهترين سرحدي ۽ تجارتي
لاڳاپن کي بحال ڪرائڻ ۾ ڪاميابيون ماڻيون، هڪ سال
۾ ايتريون ڪاميابيون حاصل ڪرڻ تي سندس محنت ۽ شوق
جو ثبوت پيش ڪن ٿيون. روس، چين، ايران ۽ افغانستان
لاڳاپن پاڪستان لاءِ پڻ وڏو اعزاز رکن ٿا. جن ڪري
پاڪستان کي داخلي ۽ خارجي پليٽ فارم تي استحڪام
مليو ۽ ملڪ جي معيشيت هڪ مضبوط اقتصادي خوشحالي
کڻي اڳتي وڌي، ڇاڪاڻ ته امن ئي ڪنهن ملڪ کي ترقي
جي آغوش ڏانهن گهلي ويندو آهي، پهرين سيپٽمبر
1963ع تي ڀٽو صاحب اقوام متحده لاءِ ويندڙ وفد جي
قيادت ڪئي، اهڙي طرح هن اقوام متحده جي منعقد
چوڏهين، پندرهين، ارڙهين ۽ ويهين اجلاسن ۾ ملڪ جي
نمائندگي ۽ قيادت ڪئي.
سال 1964ع ۾ ڀٽو صاحب سلامتي ڪائونسل اندر ڪشمير جي مسئلي تي
هلندڙ بحث واري اجلاس ۾ ملڪي وفد جي قيادت ڪئي.
انڊونيشيا جي صدر سوئيڪارنو پاران تجويز ڪيل اپريل
1964ع ۾ ٻي افرو ايشيا جڪارتا پرڏيهي وزيرن واري
ڪانفرنس لاءِ پاڪستاني وفد جي پاڻ اڳواڻي ڪيائين،
جون 1964ع ۾ ڀٽو صاحب استنبول ۾ پاڪستان ايران ۽
ترڪي وچ ۾ علائقائي اتحاد بابت ٺاهه ڪرائڻ واري
معاهدي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽
R.C.D
نالي اقتصادي تعليمي ثقافتي رابطن لاءِ اتحاد
جوڙيو ويو.
27 جون 1964ع تي ڀٽو صاحب دولت مشترڪه جي وزراءِ خارجه ڪانفرنس
۾ شرڪت ڪئي. 31 جولاءِ 1964ع تي ڀٽو صاحب ميثاق
استنبول جو اعلان ڪيو. ڀٽو صاحب پاڪستان جي بين
الاقوامي سرحدن تي ڀارت پاران جنگي حملي سبب پيدا
ٿيندڙ صورتحال بابت سيپٽمبر 1965ع دوران سلامتي
ڪائونسل جي اجلاس ۾ ملڪ جي قيادت ڪندي دنيا اڳيان
شاندار نموني ڀارت کي هڪ جارحيت پسند ملڪ قرار ڏنو
۽ دنيا جون همدرديون پاڪستان ڏانهن موڙيون، ڀٽو
صاحب جي ڪامياب خارجا پاليسي ۽ جدوجهد سبب ڀارت
دنيا ۾ اڪيلو رهجي ويو. ڀٽو صاحب جي مدبرانه
مقناطيسي شخصيت ۽ تقريرن جو اثر هيو جو عالم
اسلام، چين، ايران ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ 1965ع
واري جنگ ۾ پاڪستان جي فوجي اخلاقي، مالي ۽ سفارتي
مدد کلئي عام ڪئي، اهڙين وڏين عالمي ڪاميابين
پاڪستاني قوم ۽ فوج جي جوانن جو حوصلو وڌايو، آخر
ڀارت وڏي فوجي طاقت ۽ اسلحي سان شروع ڪيل جارحيت
واري جنگ ۾ شڪست محسوس ڪئي ۽ پنهنجي پراڻي همدرد
روس کي ٺاهه ڪرائڻ لاءِ گذارش ڪئي ، جڏهن ته ڀٽو
صاحب جي ڪوشش سان 16 سيپٽمبر 1965ع تي چين ڀارت کي
الٽيميٽم ۽ ڌمڪي ڏني هئي، تاشقند معاهدي تحت صدر
محمد ايوب خان، لعل بهادر شاستري ۽ روسي وزيراعظم
ڪوسيگن درميان جنگ بندي جو معاهدو ٿيو جنهن مطابق
پاڪستان فتح ڪيل جنگ بنا مقصد ماڻڻ جي ختم ڪئي.
هاڻي ڀٽو صاحب اقوام متحده ۾ هڪ ذهين، هوشيار نوجوان هر دلعزيز،
مقبول ڄاتل سڃاتل وزير خارجه جي حيثيت ماڻي چڪو
هيو. پوري دنيا جا وزير خارجه سندس عزت احترام
ڪندا هيا. دوستي جو ڀرم ۽ حام هڻندا هيا ۽ مختلف
مسئلن بابت مشورا ماڻيندا هيا. سڄي دنيا ۾ هن ذهين
نوجوان وزير خارجه جي شهرت ۽ هاڪ هوندي هئي. دنيا
جي هر وڏي عالمي اداري ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي
شرڪت ڪرڻ هڪ اعزاز سمجهيو ويندو هيو، سندس حالات
حاضره بابت تقريرون ۽ تجويزون عالمي ادارن ۾
سونهري تاريخ جي چمڪندڙ ورقن وانگر محفوظ ٿي ويا.
هي دور ڀٽو صاحب لاءِ يادگار ۽ حسين دور هيو. دنيا
۾ هڪ طرف پاڪستان جو وقار وڌيو، پاڪستان جي آزاد
خارجه پاليسي جي گهڻي تعريف ٿي هن کان اڳ سيٽو ۽
سينٽو جو ميمبر هئڻ سبب پاڪستان کي يورپين جي کيسي
۾ رهندڙ هڪ سڪي جي حيثيت هوندي هئي، ڀٽو صاحب جي
پرڏيهي محاذ تي خدمتن ۽ بهترين ڪارڪردگي بابت
حڪومت پاڪستان کيس 27 جون 1964ع تي ”هلال پاڪستان“
جو اعزاز ڏنو. 27 آڪٽومبر 1964ع تي ايران سرڪار
پاران ”نشان همايون“ جو اعزاز حاصل ڪيائين، 20
اپريل 1965ع تي انڊونيشيا سرڪار پاران ”آرڊر آف دي
ريپبلڪ“ جو اعزاز به مليو.
ڀٽو صاحب جنوري 1966ع ۾ صدر محمد ايوب خان جي قيادت ۾ پاڪ، ڀارت
وچ ۾ ڪشمير لاڳاپن متعلق ٿيندڙ ڳالهين واري وفد ۾
به شامل هيو. ڀٽو صاحب تاشقند معاهدي بعد ذهني طرح
سان جنرل محمد ايوب کان خوش ڪو نه هيو ۽ ڪن بنيادي
نڪتن تي اختلاف هئڻ ڪري سندس ذهن ۽ سياسي فلسفي
کيس وڌيڪ صدر ايوب خان سان ڪم ڪرڻ لاءِ اجازت نه
ڏني ۽ هن وڏي موڪل حاصل ڪئي. موڪل تان واپس اچن
بعد 20 جون 1966ع تي وزارت خارجه جهڙي ملڪ جي وڏي
۽ اهم عهدي تان استعيفا ڏني، هن کان اڳ ڀٽو صاحب
20 جنوري 1966ع تي به استعيفا ڏني هئي پر صدر ايوب
خان قبول نه ڪندي وڏي عرصي لاءِ موڪل منظور ڪئي پر
واپس اچڻ بعد به ڀٽو صاحب استعيفا ڏيڻ جو ئي فيصلو
ڪيو، 20 جنوري 1966ع تي استعيفا ڏيڻ بعد ڀٽو صاحب
راولپنڊي کان لاهور ٽرين ذريعي سفر ڪيو. ڀٽو صاحب
جڏهن لاهور اسٽيشن تي پهتو ته پنجاب جي عوام سندس
شاندار تاريخي استقبال ڪيو. جيئن ڪنهن قومي هيري
يا فاتح جو استقبال ڪيو ويندو آهي، ڀٽو صاحب عوام
جا اهڙا لڱ ڪانڊاريندڙ جذبا ڏسي خوشي وچان پنهنجا
جذبا روڪي نه سگهيو ۽ سندس اکين مان خوشي جا ڳوڙها
ڳڙي پيا جيڪي هن هڪ رومال سان اگهيا ۽ اهو رومال
ڪيترن هزارن رپين ۾ماڻهن هڪ ٻئي کان خريد ڪيو.
برطانيا جي عالمي مدبر لارڊر برٽن رسل هميشه ڀٽو صاحب جي
صلاحيتن جو وڏو مداح هوندو هيو. لارڊ برٽن پنهنجي
پاران ڀٽو صاحب کي سندس صلاحيتن جي حوالي سان
ويٽنام جنگي ڏوهن جي بين الاقوامي ٽربيونل جو
ميمبر ٿيڻ جي دعوت ڏني، محترم جي ايم سيد پڻ ڀٽو
صاحب کي سنڌ جي حقن بابت جوڙيل ”سنڌ اتحاد“ جي
سرواڻي جي آڇ ڪئي.
ڀٽو صاحب جي زندگي جي ٻئي دور جو خاتمو ٿيو، هن پنهنجي زندگي جي
ٻئي دور ۾ گهڻو وقت دنيا جي ملڪن ۾ گذاريو. تمام
عالمي ادارن ۾ ويٺو. دنيا جي وڏن وڏن سربراهن سان
ملندو رهيو. سال 1960ع کان 1966ع تائين ڇهن سالن
جي عرصي ۾ وڌيڪ دنيا ۾ دوست ٺاهيائين، پنهنجي
ذهانت، تدبر، ڏات ۽ دانشوري جو پوري دنيا جي
ايوانن ۾ ڌاڪو ڄمايائين. هو هڪ عالمي مدبرانه
شخصيت ثابت ٿيو دنيا جي اندر ٺهندڙ ۽ ڊهندڙ تاريخ
کي پنهنجي سامهون جڙندي ڏٺائين ۽ دنيا جا گهڻا
عالمي حادثا يا واقعا سندس اڳيان وجود ماڻيندا
رهيا. زندگي جون رنگين لذتون به ماڻيائين ته وري
ٻئي طرف اقتدار جي ايوانن ۾ پاڻ ويهي حڪومتي تجربا
حاصل ڪيائين. منصوبا جوڙيا، پاليسيون ٺاهيون ملڪ ۽
قوم کي انهن مان لاڀ ڏنو، ڇهن سالن جو هي دور سندس
لاءِ صرف ۽ صرف ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون، خوشيون،
عزت، شهرت لڳ لاڳاپا کڻي آيو. 24 مئي 1966ع ۾ ڀٽو
صاحب کي عالمي شهرت يافته شخصيت سبب ارجنٽائين جو
شهري سڏيو ويو.
ڀٽو صاحب آگسٽ کان آڪٽومبر 1966ع تائين پرڏيهي دوري تي هليو ويو
۽ اٽڪل هڪ سال تائين پنهنجي آئنده لائحه عمل بابت
سوچيندو رهيو. پنهنجي دوستن سان صلاح مشورا ڪندو
رهيو، ملڪ جي تمام سياسي پارٽين جي قائدن، اديبن،
دانشورن ۽ مفڪرن سان صلاحون ڪندو رهيو ۽ آخر
پنهنجي لاءِ هڪ نئون رستو ٺاهڻ جو فيصلو ڪيائين.
منهنجي شاگردي واري زماني جي سياسي استاد عبدالوحيد ڪٽپر وڪيل
ٻڌايو ته هو ضلعي بار ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي جو صدر
هوندو هيو، ايوب جناح اليڪشن ۾ قاضي فضل ا ۽ مسلم
ليگ جو حمايتي ۽ ڀٽو صاحب جو سياسي مخالف هيو. ڀٽو
صاحب وزير خارجه جي عهدي تان استعيفا ڏيڻ بعد
پرڏيهه هليو ويو هيو پويان صدر محمد ايوب خان
ٽريڪٽرن جو هڪ ڪوڙو ڪيس ڀٽو صاحب جي گهر جي خواتين
خلاف داخل ڪرايو. ڪٽپر صاحب جو هم زلف ڀٽو صاحب جو
منشي هيو. ان ڪوئيٽا فون ڪري ڪيس ۾ مدد ڪرڻ لاءِ
گذارش ڪئي ڇاڪاڻ ته ڪو به لاڙڪاڻي جو وڪيل ڪيس کڻڻ
لاءِ تيار ڪو نه هيو. ڪٽپر صاحب صبح سوير لاڙڪاڻي
پهچي ڪاغذ ٺاهي ضمانت ڪرائي، ڀٽو صاحب جڏهن
پاڪستان آيو ته هن ڪٽپر صاحب جو شڪريو ادا ڪندي
منجهند جي ماني تي دعوت ڏني، اهڙي طرح سندن دوستي
جو سلسلو شروع ٿيو. پنهنجي دوستن سان آئنده جي
لائحه عمل بابت مشورو ڪرڻ لاءِ هڪ دفعي سکر خيرپور
وڃي رهيا هيا، ڪٽپر صاحب گاڏي هلائي رهيو هيو،
رائيس ڪئنال جي ڪناري نصرت بند لڳ ريلوي ڦاٽڪ بند
هئڻ ڪري ڪجهه وقت لاءِ گاڏي بيهاري انتظار ڪرڻ
لڳا. رائيس ڪئنال جي هڪ پاسي هيٺ ڪجهه ٻوڙا ۽ ڍنگر
هيا ۽ انهن ڍنگرن تي ڪپڙا پيا هيا، جڏهن ته ٻوڙن
پٺيان ڪجهه اگهاڙيون عورتون ننگي جسم سان ويٺيون
هيون ڀٽو صاحب جي انهن تي نظر پئي هن انهن جسم
اگهاڙين ڍنگرن ۾ لڪل عورتن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ
چاهي، ڪٽپر صاحب هڪدم هڪ مال چاريندڙ ڌنار ڇوڪري
کي سڏ ڪري پڇيو، جنهن ٻڌايو ته هي ويچارا غريب
ماڻهو آهن جيڪي مهيني ۾ اڌ ڀيرو هتي اچي پنهنجا
ڪپڙا ڌوئي وهنجي ويندا آهن، وٽن ٻيو وڳو پائڻ لاءِ
ڪونهي تنهن ڪري هي ڪپڙا سڪائي پوءِ اهي پائي گهر
ويندا، ايتري ۾ ڦاٽڪ کليو ۽ ڪٽپر صاحب گاڏي اسٽارٽ
ڪندي ڀٽو صاحب ڏانهن ڏٺو، ڪٽپر صاحب حيران ٿي ويو
ته ڌنار ڇوڪري جي ڳالهه ٻڌي ڀٽو صاحب جي اکين مان
لڙڪ وهي رهيا هئا. ڪٽپر صاحب هڪدم گاڏي روڪي ڇڏي،
جڏهن ڀٽو صاحب ڪجهه وقت لاءِ ڳوڙها ڳاڙهي پنهنجي
دل جو بوجهه هلڪو ڪيو تڏهن لڙڪ اگهندي ٿڌو ساهه
کڻندي چيائين ”ڪٽپر پهريان منهنجي سياست جو رستو
مختلف هيو پر هاڻي منهنجي سياست جو مقصد اهي مسڪين
ماروئڙا ۽ انگ اگهاڙا غريب هوندا.“ انهي واقعي ڀٽي
صاحب جي ذهن ۽ سوچن کي جنجهوڙي ڇڏيو، سنڌ جي
ماروئڙن جي اهڙي مسڪين حالي ڏسي هميشه لاءِ انهن
جو آواز بڻجي اڀريو پنهنجي جيون جو محبوب انهن انگ
اگهاڙن ڏتڙيل انسانن کي بڻايائين.
1967ع جي شروع ۾ ڀٽو صاحب سياسي پارٽي ٺاهڻ لاءِ دوستن جو هڪ
اجلاس سنڌ جي عوامي ليڊر شير سنڌ مير رسول بخش خان
ٽالپر سان صلاح ڪرڻ بعد مير صاحب جي سوٽ مير محمد
بخش خان ٽالپر جي ڳوٺ محمد حسين ٺوڙها ضلعو
حيدرآباد وٽ ڪوٺايو. اجلاس ۾ پارٽي ٺاهڻ ۽ آئنده
لاءِ پروگرام ترتيب ڏنو ويو. جنهن ۾ ڀٽو صاحب
کانسواءِ معراج محمد خان، جي اي رحيم، ڪامريڊ قادر
بخش نظاماڻي پڻ شرڪت ڪئي. وري مخدوم آف هالا حضرت
طالب الموليٰ جي جڳهه تي 16 جولائي 1967ع تي ٻيو
اجلاس ٿيو جنهن ۾ پوري ملڪ مان ڀٽو صاحب جي دوستن
۽ حمايتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ پارٽي ٺاهڻ واري
فيصلي کي عملي جامو پهرائڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو.
آخري فيصلي مطابق ڀٽو صاحب لاهور ۾ ڊاڪٽر مبشر حسن جي گهر تاريخ
30 نومبر 1967ع تي پنهنجي والد مرحوم جي ٺاهيل
”سنڌ پيپلز پارٽي“ جو نالو تبديل ڪري ”پاڪستان
پيپلز پارٽي“ جو بنياد وڌو. جناب ذوالفقار علي ڀٽو
چيئرمين، شيخ رشيد ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
وائيس چيئرمين، مسٽر جي اي رحيم سيڪريٽري جنرل
چونڊيو ويو، پاڪستان پيپلز پارٽي منشور ۾ اسلام
اسان جو دين، جمهوريت اسان جي سياست، سوشلزم اسان
جي معيشيت ۽ طاقت جو سرچشمو عوام رکيو. عوام کي هڪ
نعرو روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان ڏنو ويو. جيڪو ڏاڍو مقبول
ٿيو ۽ ڀٽو صاحب جي ملڪي دورن ۾ ڏاڍي زوردار نموني
لڳايو ويندو هيو، رابطه مهم دوران 16 جنوري تي
ملتان 16 نومبر تي ٻيهر ملتان ۾ 18 نومبر 1968ع تي
صادق آباد ۾ ڀٽو صاحب مٿان خوني حملا ٿيا جن کي
ڀٽو صاحب جي پارٽي ورڪرن ۾ پيپلز گارڊ ناڪام
بڻايو.
ملڪ ۾ تنظيم کي منظم ڪرڻ کان پوءِ سيپٽمبر 1968ع ۾ هن فيلڊ
مارشل محمد ايوب خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو.
ٻن مهينن بعد 12 نومبر 1968ع تي هن کي ڊفينس آف
پاڪستان رولز تحت گرفتار ڪيو ويو، ڀٽو صاحب جي
گرفتاري بعد بيگم نصرت ڀٽو صاحبه تحريڪ جي اڳواڻي
ڪئي ۽ پوري مغربي پاڪستان ۾ پر امن جلسن جلوسن جو
هڪ نه ختم ٿيندڙ سلسلو شروع ٿيو. هر هنڌ عورتن
مردن، وڪيلن ۽ شاگردن پاران جلسا ٿيا احتجاج ٿيو،
هڪ اهو ملڪ جنهن ۾ اليڪشن ڪرڻ، کٽڻ ۽ اقتدار حاصل
ڪرڻ لاءِ هڪ مخصوص طبقو هيو جيڪو پوري قوم جا
فيصلا ڪندو هيو، پر هاڻي ڀٽو صاحب عام ماڻهو کي
جمهوريت جي راهه، پنهنجا جمهوري حق حاصل ڪرڻ، ووٽ
جي طاقت ۽ اهميت کي محسوس ڪرايو. اهڙي طرح هاڻي
حقن جي ڳالهه هر هڪ فرد وٽ گهر ڪري وئي، نيٺ
پاڪستان ۾ ڪنهن به فوجي آمر خلاف پهرين جمهوري
جدوجهد پاڻ ملهايو، صدر محمد ايوب خان 13 فيبروري
1969ع ۾ ڀٽو صاحب کي آزاد ڪيو. جنرل محمد ايوب خان
گول ميز ڪانفرنس گهرائي سياستدانن کي ڳالهين ڪرڻ
لاءِ ڪوٺ ڏني پر ڀٽو صاحب ان گول ميز ڪانفرنس جو
بائيڪاٽ ڪري اليڪشن ڪرائڻ لاءِ جدوجهد جو اعلان
ڪيو، آخر ڏهن سالن بعد جنرل محمد ايوب خان 25 مارچ
1969ع تي اقتدار تان دستبردار ٿيندي حڪومت هڪ فوجي
سربراهه جنرل يحيٰ خان حوالي ڪئي جنهن ٻيهر مارشل
لا لڳائي ون يونٽ کي ٽوڙي 28 نومبر 1969ع ۾ تي
مغربي پاڪستان ۾ چار صوبا قائم ڪيا، 17 ڊسمبر
1970ع تي هڪ ماڻهو هڪ ووٽ جي بنياد تي وفاقي
پارلياماني نظام تحت قومي اسيمبلي ۽ 27 ڊسمبر
1970ع تي صوبائي اسيمبلي جي چونڊن ڪرائڻ جو اعلان
ڪيو.
هن اليڪشن ۾ ڀٽو صاحب جي پارٽي اڳوڻي مغربي پاڪستان وارين قومي
اسيمبلي جي سيٽن تي اڪثريت ۾ سوڀ حاصل ڪئي، جڏهن
ته بنگال ۾ شيخ مجيب الرحمان سوڀ ماڻي، ڀٽو صاحب
قومي اسيمبلي جي پنجن سيٽن تان اليڪشن وڙهي ۽ چئن
سيٽن تان ڪامياب ٿيو. هن لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي مرد آهن
خانبهادر محمد ايوب کهڙي کان اليڪشن کٽي پنهنجي
والد جو سياسي بدلو ورتو، جڏهن ته لاهور مان مفڪر
پاڪستان علامه اقبال جي پٽ جاويد اقبال کي به
هارايو، باقي ڊيره اسماعيل خان ۾ مفتي محمود صاحب
کان ڀٽو صاحب کٽي نه سگهيو. سوڀ ماڻيندڙ عوامي ليگ
جي قائد شيخ مجيب الرحمان کي به اقتدار جو نشو
وڪوڙي ويو، شيخ مجيب الرحمان بنگال ۾ تحريڪ هلائي
جنهن کي فوجي طاقت ذريعي ڪچليو ويو. ان اندروني
ڪشمڪش جو ڀرپور فائدو وٺندي هندستان جنگ شروع ڪئي،
نيٺ بنگال ۾ 90 هزار فوج هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ شڪست
تسليم ڪئي.
16 ڊسمبر 1971ع تي بنگلاديش ڌار ٿيو ۽ ملڪ ٻن ٽڪرن
۾ تقسيم ٿي ويو. جنرل يحيٰ خان مجبور ٿي 17
سيپٽمبر 1971ع تي ڀٽو صاحب کي پاڪستان جو نائب
وزيراعـظم ۽ وزير خارجه مقرر ڪري سلامتي ڪائونسل ۾
وفد جي قيادت ڪرڻ لاءِ موڪليو. ملڪ جي ٻن ٽڪرن ٿيڻ
بعد جنرل محمد يحيٰ تي فوج ۽ عوامي دٻاءُ وڌي ويو
هن مجبور ٿي ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي 20 ڊسمبر
1971ع تي صدر پاڪستان ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر
جي چارج ڏيندي حلف کڻايو ان وقت ڀٽو صاحب جي عمر
43 سال هئي. |