محترمه بينظير ڀٽو
محترمه بينظير ڀٽو ان خاندان جي پهرين سياسي عورت آهي جيڪو صدين
کان هڪ وڏو جاگيردار قبيلو ليکيو ويندو هيو. 1958ع
جي پهرين زرعي اصلاحات کان اڳ ۾ ڀٽن وٽ صوبي سنڌ ۾
تمام گهڻا هاري هوندا هيا ۽ سندن زمين جي ماپ
ايڪڙن ۾ نه پر ميلن ۾ ٿيندي هئي. سن 1943ع ۾ جڏهن
سنڌ جي انگريز فاتح چارلس نپيئر صوبي جو گشت ڪيو
ته هن گاڏي جي ڊرائيور کان پڇيو ته اهي زمينون
ڪنهن جون آهن. کيس جواب مليو ته ”ڀٽن جون آهن“
چيائين جڏهن اهي زمينون ختم ٿين ته مون کي ننڊ مان
اٿارجانءِ پر جڏهن هو پاڻ ئي جاڳيو تڏهن وري معلوم
ڪيائين ته ساڳيو جواب مليس ته ڀٽن جون زمينون آهن،
هو حيرت ۾ پئجي ويو.
هوءَ ان ڀٽو خاندان جي مجاهد عورت آهي، جيڪي صدين جي
پراڻن ريتن رسمن ۽ رواجن کان علاوه پنهنجي عورت جي
شادي ٻي ذات ۾ ڪرڻ کي غلط سمجهندا هيا. شاديون
پنهنجن خانداني سوٽن، ماساتن ۽ ماروٽن ۾ ٿينديون
هيون. جيڪڏهن رشتو موجود نه هجي ته پوءِ عورتون
ڪنواريون ئي زندگي گهارينديون هيون. سندس ڏاڏي سر
شاهنواز خان ڀٽو سنڌ جي صدين کان هن ظالم
جاگيرداري نظام کي ٽوڙيو ۽ پنهنجي ٻي زال جي ڌيئرن
جون شاديون ڀٽن کان ٻاهر ڪرايون. خاندان کان ٻاهر
شادي ان ڪري ڪو نه ڪرائي ويندي هئي ته ملڪيت جو
حصو نه ڏيڻو پوي.
ڀٽو خاندان پردي جو سخت پابند هيو. ايستائين جو ايراني
نسل جي ٻاهرين عورت بيگم نصرت ڀٽو صاحبه به شادي
کان بعد ڪراچي ۾ برقعو پائي پنهنجن ماڻهن ڏانهن
ويندي هئي. باقي لاڙڪاڻي اچڻ مهل ته مڪمل طرح سان
برقعو پائيندي هئي. هڪ دفعي ڪراچي کان جڏهن
لاڙڪاڻي پهتا ته بيگم صاحبه ڀٽو صاحب کي ٻڌايو ته
ڀٽو صاحب حيران ٿيندي چيو ته ”کيس برقعي پائڻ جي
ضرورت ڪانهي“ ان لحاظ کان به بينظير ڀٽو خوشنصيب
عورت آهي جيڪا مردن وانگر آزاد دنيا کي ڏسڻ محسوس
ڪرڻ جي ڏات ماڻي. دراصل ڀٽو صاحب پنهنجي پياري
ڌيءَ کي ننڍپڻ کان ئي اهو احساس ڏياريندو هيو ته
هوءَ اڳتي وڌندي ۽ کيس گهڻو ڪم ڪرڻو آهي. ڀٽو صاحب
پنهنجي اولاد کي ننڍپڻ کان ئي دنيا جي عالمي
شخصيتن سان ملائيندو رهندو هيو.
محترم بينظير ڀٽو صاحب تاريخ 21 جون 1953ع تي 70 ڪلفٽن
ڪراچي ۾ ڄائي. هوءَ عظيم جمهوري اڳواڻ ماءُ بيگم
نصرت ڀٽو ۽ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي پهرين
اولاد آهي. مٿس سندس پڦيءَ جو نالو بينظير رکيو
ويو. ڀٽو خاندان ۾ وڏن جا نالا پنهنجي اولاد تي
رکڻ جو قديم رواج آهي. جيئن ته محترمه پيدائشي طور
تمام خوبصورت ۽ گلابي چمڙي جي مالڪ هئي تنهن ڪري
پيار مان سڀ کيس ”پنڪي“ سڏيندا هيا.
محترمه جڏهن اڃا ٽن ورهين جي هئي ته کيس ”ليڊي جيننگس
نرسري اسڪول“ ۾ داخل ڪيو ويو. پنجن ورهين جي ڄمار
۾ ڪراچي جي سڀ کان بهتر اسڪول“ دي ڪنوينٽ آف جيزس
اينڊ ميري“ ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي تعليم انگريزي
ٻولي ۾ هئي. اهو ئي سبب هيو جو سندن گهر ۾ انگريزي
ٻولي هلندي هئي. هن اسڪول ۾ آئرش ماسترياڻيون
پڙهائينديون هيون. ٻئي طرف باقائدي مولوي اسلامي ۽
قرآن شريف جي تعليم لاءِ رکيل هيو.
پاڻ جڏهن چئن سالن جي هئي ته سندس والد اقوام متحده جي
اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ويو ۽ ستن سالن جي هئي ته
ڪابينا ۾ وزير مقرر ٿيو. والده ڀٽو صاحب سان
پرڏيهه ويندي کيس چوندي هئي ته ”تون ٻين ٻارن جو
خيال رکجانءِ ڇاڪاڻ ته تون وڏي آهين“ ائين ننڍپڻ
کان محترمه ۾ خود اعتمادي ۽ حوصلي جي قوت جنم
ورتو. محترمه ڏهن سالن جي ٿي تڏهن کيس ڪوهه مري هل
اسٽيشن جي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. جتي پهريون ڀيرو
کيس پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻو پيو. جهڙوڪ وهنجڻ لاءِ
ٻاهران نل مان پاڻي ڀرڻ، بوٽ پالش ڪرڻ ڇاڪاڻ ته
سندس والد جو اسڪول جي انتظاميا کي حڪم هيو ته
منهنجي ٻارن کي به ٻين ٻارن وانگر سمجهو.
قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي وزير خارجه جي عهدي تان
استعيفا ڏيڻ بعد محترم والد سان ريلوي گاڏي ۾
لاڙڪاڻي تائين سفر ڪيو. هر اسٽيشن تي ماڻهن جا
هجوم پهتا. هنن ”فخر ايشيا زنده باد“ جا نعرا
هنيا. اهڙي طرح محترمه کي پنهنجي والد جي صحبت ۾
سياسي جهيڙن جهڳڙن، تقريرن، تبصرن بابت ڄاڻ ملندي
هئي. 1967ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد پيو
تڏهن محترمه اٽڪل چوڏهن سالن جي ڄمار ۾ 70 ڪلفٽن
تي قائم پيپلز پارٽي جي دفتر تي ميمبر شپ لاءِ
ايندڙ ويندڙ ماڻهن جون قطارون لڳل ڏٺيون وري 1968ع
۾ سندس والد کي جنرل محمد ايوب خان جي حڪومت
گرفتار ڪيو تڏهن محترمه بينظير جي تعليمي زندگي جو
ڏکيو سال آيو، ڇاڪاڻ ته کيس گذريل ٽن سالن جي
پڙهائي سميت او ليول امتحانن ڏيڻ ۽ ريڊ ڪلف ۾
داخلا جي امتحان جي تياري ڪرڻي هئي. 28 نومبر
1968ع تي ساهيوال جيل مان ڀٽو صاحب پنهنجي ذهين
ڌيءَ کي خط لکيو ”مون کي سچ پچ ته فخر آهي ته
منهنجي ڌيءُ اهڙي ذهين آهي جو هوءَ پندرهن ورهين
جي ڄمار ۾ اهي امتحان ڏئي ٿي جيڪي مون ارڙهن ورهين
۾ ڏنا هيا، ان رفتار سان تون صدر ٿي سگهين ٿي.“
ڀٽو صاحب کي ٽن مهينن بعد آزاد ڪيو ويو پوءِ لاڙڪاڻي جي
تاريخي جلوس ۾ محترمه به پنهنجي والد سان گڏ هئي،
شروع ۾ ريڊ ڪلف مان داخلا نه ملڻ جو اطلاع مليس
ڇاڪاڻ ته داخلا لاءِ عمر 17 سال هئي ۽ هن وقت سندس
عمر 16 سال آهي پر ڀٽو صاحب جي دوست جان ڪيلٿ
گيلبرائٽ محترمه جي مدد ڪندي 1969ع هن جي داخلا جو
انتظام ڪيو. هتي آمريڪا جي هارورڊ يونيورسٽي جي
ريڊ ڪلف ڪئپمس ۾ سال 1969ع کان 1973ع ۾ تائين
شاندار زندگي جا يادگار تجرباتي سال گذاريائين.
هتي کيس وڏين طاقتن ۽ ٽين دنيا جي بيوسي جي ڄاڻ
حاصل ٿي هئي. ايليٽ هال ۾ پهريون ڀيرو محترمه
بحيثيت عورت اڪيلي رهي. پڻ محترمه بوسٽن ڪامن ۾
هزارن شاگردن سان گڏوگڏ جدوجهد ڪرڻ کان علاوه
واشنگٽن ڊي سي جي تمام وڏن جلوسن ۾ حصو ورتو ۽
پهريون ڀيرو آمريڪا ۾ ئي ڳوڙها گيس جي لذت ماڻي.
محترمه پنهنجي پهرين سال ۾ ئي ايليٽ هال جي سوشل
سيڪريٽري منتخب ٿي. پوءِ هارورڊ اخبار ”دي ڪرمسن“
لاءِ مقابلو ڪيو.
محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي زندگي جي پهرين تقرير اچانڪ
جذباتي انداز ۾ ڪئي. پروفيسر والزر هال ۾ موجود ٻه
سئو شاگردن کي جڏهن ”جنگ ۽ علم اخلاقيات“ جي موضوع
تي ليڪچر ڏيندي پاڪستان پاران بنگلاديش ۾ حق نه
ڏيڻ تي دليل ڏنا، تڏهن محترمه جوابي تقرير ڪندي
پروفيسر جي خيالن جي اصلاح ڪئي. 1971ع ۾ بنگلاديش
۾ پاڪستان ڀارت وچ ۾ جنگ لڳي تڏهن جنرل يحيٰ خان
هڪدم ڀٽو صاحب کي نائب وزيراعظم ۽ وزير خارجه مقرر
ڪري اقوام متحده موڪليو. ڀٽو صاحب محترمه کي
نيويارڪ پهچڻ لاءِ چيو ۽ پهريون دفعو محترمه 18
سالن جي ڄمار ۾ سلامتي ڪائونسل جي هن اجلاس ۾ وفد
جي ميمبر جي حيثيت ۾ شريڪ ٿي. پيري هوٽل ۾ محترمه
پاڪستان ڀارت جنگ ۾ پرڏيهي سطح تي ٿيندڙ ڪوششون
ڏسي وڏو تجربو حاصل ڪيو. هتي روسي وفد، چيني وفد ۽
آمريڪا جو جارج بش جي اڳواڻي ۾ وفد آيو. 15 ڊسمبر
1971ع واري ڏينهن به سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾
محترمه پنهنجي والد سان شريڪ ٿي ۽ ڀٽو صاحب جي واڪ
آئوٽ ڪرڻ مهل هو به سندس پٺيان واڪ آئوٽ ڪري ٻاهر
آئي.
ڀٽو صاحب 28 جون 1972ع تي بحثيت صدر پاڪستان پنجن ڏينهن
لاءِ ڀارت ويو ته محترمه به ان وفد ۾ شامل ٿي.
شملا معاهدي دوران محترمه کي ڀارت ۾ تمام گهڻي
مقبوليت ۽ شهرت ملي. محترمه وري واپس هارورڊ
يونيورسٽي آمريڪا وئي جتي سال 1973ع گريجوئيشن پاس
ڪيائين. ساڳي سال انگلينڊ جي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾
داخلا ورتائين هتي ليڊي مارگريٽ هال ۾ ننڍڙو ڪمرو
غسل خاني ۽ ٽيليفون کان سواءِ مليس. سال 1823ع ۾
هائوس آف ڪامن جي انداز ۾ قائم ٿيل ”آڪسفورڊ يونين
ڊبيٽنگ سوسائٽي“ ادارو مستقبل جي سياستدان ٿيندڙن
کي وڏي مدد ڪندو هيو. محترمه لڳاتار ٽن سالن تائين
هتي سياست، فلسفو، معاشيات ۽ چوٿين سال بين
الاقوامي قانون ۽ سفارتڪاري جي پوسٽ گريجوئيٽس
ڪورس وارن ڏينهن ۾ آڪسفورڊ يونين مان ڀرپور فائدو
حاصل ڪندي تقرير جو فن حاصل ڪري ورتو.
آڪسفورڊ ۾ محترمه جي زندگي جي پهرين تقرير جو موضوع ملڪ
جي چونڊيل سربراهه جي معزولي فوج طرفان نه پر
آئيني هئڻ گهربي هئي. سال 1974ع ۾ محترمه لاهور ۾
ٿيندڙ اسلامي سربراهه ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ آئي.
محترمه آڪسفورڊ يونين ۾ ڪيترا سال خزانچي جي حيثيت
۾ ڪم ڪيو. هوءَ 1976ع ۾ يونين جي صدارت ۾ ڪامياب
ٿي جيڪا آڪسفورڊ يونين جي پهرين ايشيائي ۽ يونين
جي تاريخ جي ٽين خاتون عورت هئي. محترمه 25 جون
1977ع تي پنهنجي تعليم مڪمل ڪري وطن واپس موٽي.
هتي پهچڻ شرط وزارت خارجه ۾ انڊر سيڪريٽري عهدي تي
ڪم ڪرڻ لڳي پر اٽڪل ڏهن ڏينهن بعد پاڪستان ۾ هلندڙ
پي اين اي جي تحريڪ جي بهاني سان 5 جولاءِ 1977ع
تي سندس والد وزيرراعظم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي
حڪومت کي جنرل محمد ضياءُ الحق ختم ڪري ڇڏيو.
محترمه سڄي رات پنهنجي گهر ۾ فوجي ايڪشن بعد ڪنهن
به حادثي جي انتظار ۾ تمام ڀاتين سان مختلف وسوسن
۽ سوچن واري ڪيفيت ۾ جاڳي گذاريو ڇاڪاڻ ته
بنگلاديش ۾ وزيراعظم شيخ مجيب الرحمان ۽ سندس
خاندان جو اتان جي فوج هٿان قتل سندس ذهن ۾ ويٺل
هيو. صبح جو کين آزادي ملي. ڀٽو صاحب جي حڪم تي
محترمه بينظير پهريون ڀيرو لاهور ٻوڏ جي ستايلن
سان همدردي ڪرڻ لاءِ پهتي سندس شاندار استقبال
ٿيو. هوءَ هن وقت تائين سياست ۾ ڪو نه داخل ٿي
هئي. پر پوءِ پنهنجي والد جي آزادي بعد ملڪ اندر
دورن ۾ والد سان گڏ هوندي هئي، مارشل لا وارن کيس
پهريون ڀيرو نوٽيس موڪليو ته سياست کان پاسو ڪيو.
تاريخ 3 ۽ 4 سيپٽمبر 1977ع تي صبح جو 70 ڪلفٽن تي
فوجي ڪمانڊو جو هڪ وڏو اٽالو آيو ۽ ذوالفقار علي
ڀٽي صاحب کي گرفتار ڪري وٺي ويا. محترمه جي ڪمري ۾
سامان جي تلاشي ورتائون ۽ هيٺ ملاقات واري ڪمري ۾
بندوقن جي سائي ۾ ويهاريو. پهريون ڀيرو محترمه
بينظير اهڙي ڊپ ڏياريندڙ خوفناڪ صورتحال مان گذري.
سندس والد ڏهن ڏينهن بعد ضمانت تي آزاد ٿيو پر وري
17 سيپٽمبر 1977ع تي هڪ قتل ڪيس ۾ لاڙڪاڻي مان
گرفتار ڪري ڪوٽ لکپت جيل لاهور ۾ قيد ڪيو ويو.
محترمه اتي ساڻس ملاقات ڪئي پر ٻن ڏينهن بعد 29
سيپٽمبر تي بينظير صاحبه کي ساهيوال مان گرفتار
ڪيو ويو. پوءِ هر پندرهن ڏينهن بعد وڌيڪ نظربندي،
وري رهائي، ڪڏهن صوبو دربدري، ڪڏهن نظربندي اها ان
وقت جي فوجي ٽولي ۽ محترمه جي وچ ۾ اک ٻوٽ واري
راند شروع ٿي چڪي هئي. هوءَ ڪڏهن ڪهڙي شهر ۾ ڪڏهن
ڪهڙي گهر ۾ ڪڏهن ڪهڙي صوبي ۾ لڳاتار نظربند يا
صوبو بدر رهندي ان تجربي ۽ تڪليف جي عادي بڻجي چڪي
هئي.
والد صاحب جي حڪم تي محترمه محدود سياسي سرگرميون شروع
ڪيون جنهن ۾ چانهه پارٽين، گڏجاڻين ۽ ميل ملاقات
شروع ڪيو. 14 فيبروري 1978ع کان بينظير صاحبه سنڌ
جو دورو شروع ڪيو. نواب شاهه جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ
پهتي ته کيس 18 فيبروري تي نوابشاهه مان ضلعي بدر
ٿي ڪراچي اچڻو پيو. 18 مارچ کان 70 ڪلفٽن ڪراچي ۾
نظر بند ڪيو. لاهور هاءِ ڪورٽ پاران ڀٽو صاحب کي
سزائي موت جو فيصلو ڏنو ويو. محترمه پنهنجي والد
سان موت جي ڪوٺڙي ۾ ملڻ وئي جتي هن ڏٺو ته اندر
بدبو، اوندهه ۽ زنجيرن سان ٻڌل هڪ کٽ پئي آهي،
والد جي پيرن ۾ زنجيرن جا نشان آهن. کٽ کي هڪ طرف
سوراخ آهي، جيڪو ڦاسي جي قيدين لاءِ پائخاني ڪرڻ
جي سهولت لاءِ هيو. هوءَ والد کي ڦاسي جي اعلان
بعد غير ملڪي حڪمرانن پاران اپيلن بابت تفصيل
ٻڌائي ٿي. پوءِ هيءَ قيدياڻي لاهور ۾ قيد پنهنجي
جيجل امڙ بيگم نصرت ڀٽو سان ملاقات ڪري ٿي. هاءِ
ڪورٽ جي حڪم تي هن کي آزادي ملي. محترمه 21 جون
1978ع تي پنهنجي پنجويهين سالگره راولپنڊي جي ڦاسي
واري ڪوٺڙي ۾ قيد والد سان ملهائي.
4 آڪٽوبر 1978ع تي ڪراچي کان ملتان جهاز وسيلي پهچڻ تي
محترمه ۽ سندس سهيلي ياسمين کي پوليس پڪڙي هڪ
سيسنا ننڍي جهاز ۾ زوري گهليندي وٺي وڃي ٿي، نتيجي
۾ محترمه جا ڪپڙا ڦاٽي پون ٿا ڄنگهن مان به خون
وهي ٿو ڇاڪاڻ ته رهڙن ڪري کيس زخم رسن ٿا. پوءِ
هوءَ به راولپنڊي ۾ قيد پنهنجي والده وٽ پهچي ٿي.
4 فيبروري 1979ع تي سپريم ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽو
صاحب کي لاهور هاءِ ڪورٽ جي ڏنل سزائي موت بحال
رکي. قيد ۾ بند محترمه پنهنجي والد جي ڪيس جو
فيصلو ٻڌو هن پنهنجي والد جي زندگي بچائڻ لاءِ
گهڻو ڪجهه ڪرڻ گهريو پئي پر مجبور قيدياڻي هئي ڇا
پئي ڪري سگهي؟ هوءَ پنهنجي والد جي زندگي بچائڻ
لاءِ سوين سوچون ذهن ۾ تيار ڪري پئي پر هن جي سوچ
تي قيد جون ديوارون قلف لڳايو ڇڏين. سندس جسم قيد،
ساهه قيد هيو. سندس حوصلو، جرئت قيد هئي. سندس
عقل، عمل، جوش جذبا قيد هيا. هوءَ مارشل لا حڪومت
جي مقابلي ۾ هٿين خالي به آزاد ڪو نه هئي. پاڪستان
جي سياست ۾ سياستدان ڪڏهن به اهڙي مصيبت مان ڪو نه
گذريا. اهڙي بند قيد ڪوٽ ۾ سياست اڳ داخل ڪو نه ٿي
هئي. وري اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به سياسي قائد جي
ڌيءَ اهڙي مجبور بيوس ڪو نه ڏٺي وئي آهي، ڪهڙو
عذاب ۽ اذيت محترمه نه ڏٺي پر هن پنهنجي عظيم والد
کي ڪڏهن به مايوس يا پريشان ڪو نه ڪيو. سدائين
عظيم والد سان حوصلي ساڻ ملاقات ڪئي. حوصلي جرئت
سان ڦاسي جي ڪوٺڙين ۾ حال احوال اوريو. محترمه به
هڪ عورت هئي، تمام ڪمزور عورت، هوءَ به پنهنجي
اندر ۾ حيران، پريشان، اداس مايوس ٿيندي هئي. دماغ
سوچ ۽ جسم گهٻرائجي ويندو هيو پر هن ڪڏهن به سرعام
پنهنجي جذبن جو ڪمزور اظهار نه ڪيو. هڪ مضبوط،
حوصلي واري اهڙي عورت ٿي جدوجهد ۽ حالتن جو مقابلو
ڪيو جن عورتن کي خبر پوندي آهي ته سندن هر ڏينهن
تاريخ جو هڪ يادگار حصو بڻجي وڃي ٿو. سندن عمل
ايندڙ دور ۾ سياسي ڪارڪنن لاءِ حوصلو پيدا ڪندو.
12 فيبروري 1979ع تي قانون نافذ ڪرڻ وارن وري
محترمه ۽ سندس والده کي راولپنڊي جي قيد مان ڪڍي
ڪجهه ميلن جي فاصلي تي هڪ پوليس ٽريننگ لاءِ قائم
پراڻي جڳهه سهالا سينٽر ۾ قيد رکيو. هي جڳهه هڪ
گنجي ٽڪر مٿان ٺهيل آهي. مارچ ۾ محترمه بينظير کان
ٿوريون گهڻيون مليل سهولتون به واپس ورتيون ويون.
سندس والد جي سفيد ڏاڙهي به وڌي وئي هئي. هو هيٺ
فرش تي سمهندو آهي، ڪجهه ڪتاب پڙهندو ۽ ڪجهه سگار
پيئندو آهي. |