پير صاحب روس ويو، وچ ايشيا جون تاريخي جايون ۽ علمي مرڪز ڏٺا،
ٻه ڀيرا چين ۽ ٻه سال فلپائن ۾ رهيو. پير صاحب
پنهنجي يادگار ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ به منيلا ۾
لکيو هيو، پير صاحب 1952ع ۾ عراق، هندستان، شام ۽
لنڊن جون تاريخي جڳهيون، ميوزم ۽ ڪتب خانا ڏٺا.
1956ع ۾ به بغداد، شام ۽ لبنان ويو، 1958ع ۾
افغانستان جي دوري ۾ تفصيل سان سنڌ ۽ افغانستان جي
لاڳاپن تي تحقيق ڪيائين، 1963ع ۾ بغداد جي حڪومت
پاران 12 سئو سالا جشن ۾ شرڪت ڪيائين. 1964ع ۾
حڪومت پاڪستان پاران کيس روس ۾ علمي کوجنا لاءِ
موڪليو ويو. 1964ع ۾ هانگ ڪانگ ۾ قديم آثارن تي
تحقيق لاءِ ويو. 1965ع ۾ کين روسي ڪلچرل
ايسوسيئيشن جو نائب صدر چونڊيو ويو. 1966ع ۾
پاڪستاني ليکڪن جي وفد ۾ (30 اپريل کان 15 مئي)
تائين چين ويو. 1966ع ۾ شهنشاهه ايران طرفان کيس
پهلوي ڪتب خاني جي ٿيندڙ ايران شناس عالمن جي
عالمي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ خاص طرح گهرايو ويو. وري
سيپٽمبر 1966ع ۾ افغانستان حڪومت جي سرڪاري دعوت
تي افغانستان ويو.
سندس ڪتاب ”تاريخ مظهر شاهه جهاني“ ۾ سترهين صدي جي دور کي
سمايو ويو آهي جو هن وقت تائين تاريخ ۾ سڀ کان وڏو
دستاويزي رڪارڊ ليکيو وڃي ٿو. تاريخدان جي حيثيت ۾
وٽس صرف حقيقت، اصل ۽ سچ ئي معيار هيو. سنڌ جي
تاريخ تي تحقيق ڪندي سنڌي قوم جي ورثي سان ڌارين
جا ڏاڍ بيان ڪندي هو ٻڌائي ٿو ته ”سومرن ۽ سمن جي
دور جو علمي خزانو ارغونن ۽ مغلن جي لشڪر ڪشي سبب
تباهه ٿي ويو، جنهن لاءِ اسان چئي نه ٿا سگهون ته
علم ۽ ادب جو خزانو ڪيترو هيو“ تنهن هوندي به
راشدي صاحب مغلن ۽ ارغون جي تاريخ، ڪهاڻين روايتن
۽ حوالن کي حاصل ڪري سومرن ۽ سمن جا اديب ۽ عالم
ظاهر ڪيا. سندس ڪتاب سنڌ جي ماضي بابت هڪ جرڪندڙ
آئينو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن کي عام
پڙهندڙن جي هٿن ۾ آندو وڃي.
پير صاحب جمهوريت دوست اديب اڳواڻ هيو. سندس شخصيت سان سنڌ دشمن
حڪمرانن انصاف ڪو نه ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو کيس
ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري به پاڪستان کان ٻاهرين ملڪ
ڏني. فارسي تاريخي اڀياس سبب پير صاحب کي هڪ مهيني
لاءِ 22 آڪٽومبر کان 19 نومبر 1954ع تائين ايران
جي يونيورسٽين ۾ ايراني تهذيب تي ليڪچر ڏيڻ خاطر
سرڪاري طرح گهرايو ويو. مصر، بيروت ۽ آمريڪا تائين
عالمي ادبي سيمينارن ۾ کيس گهرائي سندس ليڪچر ٻڌا
ويندا هيا. مشرقي علمن تي پير صاحب جو ليڪچر
سرٽيفڪيٽ جي حيثيت رکندو هيو. سال 1964ع ۾ پڻ چيني
حڪومت پاران سرڪاري طرح کيس تاريخ جي تحقيق لاءِ
روس موڪليو. ايراني حڪومت سندس شخصيت ۽ ذهن جي
بلندي کي خراج الشان اجتماع منعقد ڪري تعارفي
تقريب جو انتظام ڪيو ۽ ان وقت اتي راشدي صاحب جي
شان ۾ شعر پڙهيا ويا. فارسي ٻولي جي ناميارن اديبن
اسڪالرن ۽ محققن پير حسام الدين جو هڪ وڏي فارسي
محقق ۽ تاريخدان جي حيثيت ۾ تعارف ڪرايو ۽ ايران
سرڪار کيس ايران جو سڀ کان وڏو عوامي ايوارڊ ”نشان
سپاس اول“ ڏنو. تهران يونيورسٽي کيس ڊاڪٽريٽ جي
ڊگري به ڏني پر هو ڪارڊ تي نه لکرائيندو هيو. تنهن
بعد 1961ع ۾ پاڪستان سرڪار پاران جنرل محمد ايوب
خان جي دور ۾ پير صاحب کي ”ستاره امتياز“ ڏنو. ان
بابت راشدي صاحب جو چوڻ هيو ته ”هڪ ڊڪٽيٽر کان
ايوارڊ وٺڻ عزت نه پر بي عزتي جو ڪارڻ آهي“ جنرل
ضياءُ الحق به پير صاحب کي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان
ڪيو پر پاڻ جرئت ڪندي وٺڻ کان انڪار ڪيائون.
راشدي صاحب هڪ خاموش طبيعت، محبت وارو ماڻهو هيو، شفقت ۽
مسڪراهٽ وٽس هر وقت هوندي هئي. رعب دار نفيس قسم
جو ماڻهو، تمام سهڻو، زلف وڏا ۽ کليل، هر وقت اعلى
۽ خوبصورت سوٽ ۾ نظر ايندو هيو. مطالعو ۽ مشاهدو،
ٻڌڻ ٻڌائڻ سندس مشغلو هيو.
دوستن، يارن جو وڏو انبوهه هر وقت وٽس موجود، اگر ڪنهن کي ڪا
غلطي ۾ تڪليف اچي وڃي ته معافي وٺندو. سدائين حق ۽
سچ چوڻ ٻڌڻ جو عاشق، سچ جو ساٿاري، ادبي سماجي
ثقافتي تنظيمن جو يار ۽ سرواڻ، نئين نسل جي
رهنمائي ڪرڻ سندس ايمان هوندو هيو. حقيقتن جو
تلاشي ۽ ڪوڙ جو دشمن، ٻٽي پاليسي کان نفرت ۽
سامهون تنقيد سان محبت هيس. جديد نظرين جو مالڪ
پاڻ عالم علمن جو قدردان هيو. سندس اڪثر وقت ڪتب
خاني ۾ گذرندو هيو. فوٽو گرافي سان وڏو شوق ۽ سنڌي
راڳ سان چاهه هيس.
پير صاحب جي زندگي ۾ هڪ وڏو خال هوندو هيو ان ڪري هو زندگي ڀر
تنهائي جي احساس ۾ تڙپندو رهيو. ڪيترن موقعن تي
سندس پياسي اکين مان ڳوڙهن جا وسڪارا وهي پوندا
هيا پر هو غم برداشت ڪرڻ وارو حوصلو رکندو هيو، هن
پنهنجي وڏي ڀاءُ پير علي محمد راشدي جي پٽ ۽ ڌيءُ
کي گود وٺي پاليو.
پير صاحب هڪ يار ويس، مهمان نواز، محبتي ۽ مٺو ماڻهو هيو.
جيڪڏهن ڪاوڙبو هيو ته پوءِ هو ”حسام بي نيام“ جو
ڏيک ڏيندو هيو، هونئن ته مشرق ۽ مغرب ۾ سفر ڪيو ۽
دنيا جا ملڪ ڏٺا پر کين ايران تمام گهڻو پسند آيو.
پير صاحب جو ايراني حڪومت تي ايڏو گهڻو اثر هوندو
هيو جو پاڻ جيڪا به سفارش ڪندو هيو ان تي هڪدم
ايراني حڪومت عمل ڪندي هئي، حيدرآباد ۾ ايران وارو
مرڪز ته ايران جي ثقافت واري وزير آقائي پهل بد
پير حسام الدين جي خواهش پوري ڪرڻ خاطر کوليو.
پير حسام الدين راشدي صاحب قومپرست، سوشلسٽ اديب عالم دانشور
کان علاوه انسان دوست ۽ همدرد شخص هيو، ڪڏهن به
پاڻ مٿان الزامن جو جواب نه ڏيندو هيو. سندس چوڻ
هيو ته ”تاريخ جو سڀ کان وڏو ڏکوئيندڙ پهلو هي آهي
ته هن هر سچ لکڻ واري کي سزا وار سمجهيو آهي، ڪير
غلط ڪير درست آهي اهو مستقبل جي مورخ جي فيصلي
لاءِ رکيل آهي.“
هي سنڌ جو اهو دلير فرزند آهي جيڪو پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به موت
کان نه ڊنو. هن ڏس ۾ اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته
راشدي صاحب پنهنجي زندگي جي آخري ڏهن سالن ۾ تمام
گهڻو بيمار رهيو. مٿس دل جا دورا پيا. کيس تمام
خطرناڪ بيماري ڪينسر هيو ۽ هو پنهنجي گلي جي
آپريشن لاءِ ست دفعا اسپتال ۾ داخل ٿيو پر آپريشن
روم ۾ هر دفعي داخل ٿيڻ مهل مسڪرائيندو ويو ۽ هر
دفعي ڪتابن سامان، تحقيق ڇپيل، اڻ ڇپيل مواد، سنڌ
جي وڌيڪ تاريخ بابت وڌيڪ تحقيق لاءِ ماڻهن جو
انتخاب، جائداد کان وٺي پنهنجي آخري آرامگاهه يعني
قبر تائين وصيت ڪندو رهيو. ايستائين جو هن پنهنجي
زندگي ۾ مڪلي ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ پنهنجي قبر
پڻ تعمير ڪرائي ڊزائن ٺاهي ۽ قبر ۾ سمهي ڏٺو. پاڻ
کي جيئري سنڌ جي مڪلي واري خوشبودار مٽي ۾ آرامي
ٿيندي محسوس ڪيائين، زندگي ۾ ٽي شيون کيس پياريون
هيون، هڪ پنهنجا تاريخي ڪتاب ۽ دنيا مان گڏ ڪيل
قلمي نسخا، ٻيو حيدرآباد ۾ قائم ڪيل سنڌالاجي
انسٽيٽيوٽ ۽ ٽيون مڪلي جو قبرستان. پاڻ جڏهن به ڏک
۾ يا خوشي ۾ هوندا هئا ته مڪلي جي قبرستان ۾
ڪيتريون ئي راتيون گذاريون هئائين. سندس لاءِ
مشهور هيو ته هو اسپتال جي بستري تي آپريشن بعد
پنهنجي گلي کي پٽيون ٻڌايون سمهيو پيو هوندو هيو
اگر ڪو به دوست کيس محفل جي دعوت ڏيندو هيو ته ان
حال ۾ به حاضر ٿيندو هيو ڇاڪاڻ ته دوست محفل ۽
نشست سندس ڪمزوري يا خوشي هوندي هئي پر افسوس جو
پهرين اپريل 1982ع تي هن مرد مٿيري جي انتقال کان
پوءِ سندس عزيزن رشتيدارن ۾ اهڙو ڪو به موجود
ڪونهي جو پير صاحب جي نقش قدم تي هلي ڪو ٻوٽو ٻاري
باقي گهڻائي دوست پير صاحب جي شهرت مان ججهو فائدو
حاصل ڪندا رهن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو سندس انتقال
جي چوڏهن سالن بعد به پير صاحب جي تمام سادي قبر
مڪلي ۾ اڄ تائين اڌ ۾ رهيل آهي جنهن لاءِ ڪنهن سنڌ
دوست کي اپيل آهي ته سنڌ ۽ سنڌين جي تاريخ جي وارث
جي قبر سندس شان مطابق تعمير ڪرائي سنڌين تي احسان
ڪري. پروفيسر غلام مصطفى شاهه جو چوڻ آهي ته مان
راشدي صاحب سان سندس انتقال کان چند ڏينهن اڳ
مليس. گلي ۾ ڪينسر جي ستين آپريشن سبب هو وڏي
تڪليف ۾ هيو. هن بزرگ نماڻين اکين سان مون کي ڏٺو.
اذيت سبب زبان تي ڪمزوري هيس ۽ چچرندڙ لفظن ۾ صرف
اهو چيائين ته ”مون دفن ٿيڻ جي وصيت ڪئي آهي، انهن
ڇوڪرن تي ڪو اعتبار ڪو نه آهي، مهرباني ڪري ان کي
ڏسجانءِ“ پير صاحب کي اولاد ڪو نه هيو پر اڄ سڄي
سنڌ سندس پونيئر آهي.
پير صاحب جي ڪتابن جو مختصر جائزو وٺڻ مهل اهو نظر اچي ٿو ته هن
مير معصوم بکري تي ڪتاب لکڻ ۾ 48 سال لڳايا، پاڻ
19 سالن جو هيو جو هي ڪتاب لکڻ شروع ڪيو ۽ 68
ورهين جي ڄمار ۾ مڪمل ڪيو، تحفة الڪرام ڪتاب سنڌ
جي تاريخ جي انسائيڪلو پيڊيا آهي جنهن ۾ سنڌ جي
تاريخ ۽ اهم شخصيتن ۽ شهرن جو ذڪر آهي، هن جو سنڌي
۾ پهريون حصو شايع ڪيائين. مقالات الشعراءَ ڪتاب
به ناياب ڪتاب آهي جنهن ۾ سنڌ جي فارسي شاعرن جو
تذڪرو آهي هي ڪتاب به مير علي شير قانع جو لکيل
هيو جيڪو ايڊٽ ۽ حاشين سان پير صاحب سنڌي ۾ شايع
ڪرايو. تڪمله مقالات الشعراءَ ڪتاب خليل ٺٽوي جو
پوئين دور جي فارسي شاعرن بابت تذڪرو آهي هي ڪتاب
به پير صاحب ايڊٽ ڪري سنڌي ۾ شايع ڪرايو. تاريخ
مظهر شاهجهاني ڪتاب يوسف ميرڪ بن مير ابو القاسم
بکري جو لکيل هيو، هن ڪتاب جي ڄاڻ گذريل ٽن سئو
سالن کان ڪنهن به عالم کي نه هئي ايستائين جو
سرهينري ايليٽ جيڪو تاريخ هند لکڻ مهل هندستان ۽
يورپ جي هر هڪ حصي ۾ ويو هيو اهو پڻ هٿ نه ڪري
سگهيو. پير صاحب جو چوڻ هيو ته مغلن جي دور بابت
عام تاريخدانن مان ڄاڻ ملندي هئي ۽ سنڌ جو ذڪر ته
لوڻ برابر هوندو هيو. پر تاريخ مظهر شاهجهاني
پهريون ڪتاب آهي جيڪو مغليه دور جي اڌ صدي بابت
روشني وجهي ٿو ۽ سنڌ جي حالتن تي تفصيلي احوال ملي
ٿو. پير صاحب ڪتاب جي شروع ۾ ايڊيٽ کان علاوه اردو
ٻولي ۾ هڪ سئو صفحن جو قيمتي مقدمو به لکيو آهي.
هفت مقالا ڪتاب اردو ۾ آهي جنهن ۾ فارسي ٻولي ۽
ادب جا ست مقالا آهن. پير صاحب مقدمو لکي ڪتاب
شايع ڪرايو. تذڪره شعراءِ ڪشمير به فارسي ٻولي ۾
فارسي ڪشميري شاعرن جي احوال بابت آهي پير صاحب
وڏي محنت ڪري مقدمو ۽ هاشيا لکي شايع ڪرايو. تذڪره
مشائخ سيوستان ۾ فارسي ٻولي ۾ سيوهڻ جي بزرگن جي
تذڪري بابت آهي. جيڪو عبدالغفور بن حيدر سيوهاڻي
1039 هجري ۾ لکيو. پير صاحب ان جي ايڊٽ ڪئي. سنڌي
ترجمو ڪرايو ۽ مهراڻ ۾ شايع ڪرايو. ترخان نامه
ڪتاب سيد مير محمد بن سيد جلال ٺٽوي لکيو جنهن ۾
ترخاني دور جو احوال آهي، هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ
بابت بنيادي حيثيت رکي ٿو. پير صاحب فارسي زبان ۾
مهاڳ ۽ ترخانن بابت سڀني تاريخي ڪتابن جو احوال
ڏنو آهي، جن ۾ ترخانن جو ذڪر آهي، آخر ۾ ترخانن جا
نسب ناما به تيار ڪري ڏنا اٿس. حديقة الاولياءَ
سيد عبدالقادر بن سيد محمد ٺٽوي جو لکيل آهي، جنهن
۾ ايڪيتاليهن بزرگن جو ذڪر آهي، هي ڪتاب به پير
صاحب محنت ڪري شايع ڪرايو جنهن ۾ سنڌي زبان ۾ وڏو
مقدمو آهي، جنهن ۾ انهن سڀني تاريخن جو حوالو ڏنو
اٿس جن ۾ بزرگن جو ذڪر آهي، منشور الوصيت ڪتاب
ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وصيت بابت آهي جيڪو پير
صاحب ترتيب ڏئي شايع ڪرايو آهي جنهن ۾ پاڻ وصيت
نامي جو تعارف ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته وصيت نامي
وسيلي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي سوچ، فتح، حالتن،
ماحول، مقابلن، سماجي جوڙجڪ ڇا هئي ۽ هر طرح جا
تفصيل موجود آهن. راشدي صاحب ستن ضميمن وسيلي نادر
شاهه جي دور کان وٺي هر تاريخ جو حوالو ڏئي ۽
ڪلهوڙن جي تاريخ مڪمل ڪئي آهي. هشت بهشت ڪتاب ۾
سنڌ جي باڪمال فارسي شاعر ملا عبدالحڪيم عطا ٺٽوي
جون اٺ مثنويون شامل آهن، جن کي ترتيب ڏئي پير
صاحب شايع ڪرايو. مثنوي چنيسر نامو به فارسي مثنوي
ادارڪي بيگلار جو لکيل آهي جنهن ۾ ليلا چنيسر جو
تفصيل سان احوال آهي. هن تي به پير صاحب 67 صفحن
تي تفصيلي مقدمو لکيو آهي، مثنويات وقصائد به مير
علي شير قانع جي فارسي مثنوين ۽ قصيدن تي مشتمل
آهي، پير صاحب ترتيب ڏئي 40 صفحن تي مشتمل مقدمو
سنڌي ۾ لکي تفصيل ڏنو آهي. مثنوي مظهر ال آثار سيد
جهانگير هاشمي ڪرماني بکري 946هه جو لکيل آهي. پير
صاحب ان جي تصيح ۽ فارسي مقدمو لکي جهانگير هاشمي
جي زندگي جي احوال سميت شايع ڪيو.
تذڪره روضه السلاطين وجواهر، العجاب ڪتاب سلطان محمد فخري بن
محمد اميري هروي جو آهي جيڪو شاهه حسن ارغون ۽
مرزا عيسى خان ترخان جي دور ۾ ٿي گذريو. پير صاحب
ان کي ترتيب ڏيندي ست باب لکيا آهن، جن ۾ سنڌ هند
۽ اسلامي دنيا جي سلطانن ۽ حاڪمن جو ذڪر آهي، شاهه
ارغون جو احوال مسلمان شاعر عورتن جو احوال به
آهي، هن ڪتاب ۾ اردو ۾ لکيل 77 صفحن تي مشتمل حرف
آغاز ۾ پير صاحب فخري جي آمد جي احوال کان علاوه
سنڌ جي سياسي سماجي صورتحال بابت وضاحت ڪئي آهي،
فخري پهريون شخص آهي جنهن دنيا کي عورت شاعرن بابت
ڄاڻ ڏني. 1961ع ۾ شايع ٿيندڙ پير صاحب جي تذڪره
امير خاني ۾ ان خاندان جو ذڪر ڪيو آهي، هن خاندان
جو اٽڪل ٽي صدين تائين سنڌ مٿان اثر رسوخ ۽ حڪم
هليو. امير خاني خاندان جون قبرون سکر جي پرين ڀر
درياهه جي ڪناري تي ستين جي ٿان ۾ آهن. امير خاني
جوسربراهه مير ابوالقاسم نمڪين اڪبر بادشاهه جي
ڏينهن ۾ بکر ۽ سيوهڻ جي گورنر هيو، ستين جي ٿان
واري جاءِ تي ٿلهو ٺهرائي چانڊوڪي راتين ۾ ڪچهريون
ڪندو هيو. سندس پٽ ابوالبقا امير خان سيوهڻ، ملتان
۽ جونا ڳڙهه ۾ مغلن پاران گورنر ٿي رهيو. هن ڪتاب
۾ بکر ۽ سيوهڻ جي اقتصادي سماجي ۽ سياسي حالتن جو
تفصيل آهي. مير معصوم بکري ڪتاب لاءِ پير صاحب وڏي
محنت ڪئي. هن ايران وڃي مير معصوم جا پنڌ ۽ رانهون
ڏسي فوٽو ڪڍيا. سمورا ڪتاب پڙهيا ۽ مير معصوم بکري
جي سوانح تيار ڪيائين. هن ڪتاب ۾ مير معصوم بکري
جي سياسي ڪارگذارين، علمي خدمتن، تعميراتي ڪمن ۽
علائقي ۾ سياسي سماجي اقتصادي ثقافتي حالتن بابت
تفصيل آهي. پير صاحب جو ڪتاب مرزا غازي ترخان اردو
۾ آهي جيڪو سنڌ جي حاڪم مرزا جاني بيگ ترخان جي پٽ
غازي بيگ بابت آهي جنهن اڪبر ۽ جهانگير بادشاهن جي
دور ۾ به سنڌ ۽ قنڌار تي حڪمراني ڪئي. هو شعر ۽
سخن جو به مداح ۽ عاشق هيو، هن ڪتاب ۾ ان دور جي
سياسي علمي ثقافتي حالتن جو به ذڪر آهي. ماڪ ڀنا
رابيل ڪتاب ۾ پير صاحب ماهنامي زندگي ۾ ڇپيل
مضمونن ۽ مقالن جو انتخاب ڏنو آهي، جيڪو سوانح ۽
سنڌي ٻولي ادب بابت نهايت مفيد مواد ڏئي ٿو هي
ڪتاب 1965ع ۾ شايع ٿيو. پير صاحب جو ڪتاب ڏهين صدي
هجري جي سنڌ در اصل ترڪن جي عثمانيا سلطنت واري
دور ۾ سيد علي رئيس جيڪو مصري ٻيڙي جي ڪماني ڪندو
بصري، يمن، مسقط، گوادر ۽ جاوا ۾ پورچو گيزن سان
مقابلا ڪندو گجرات ۽ سنڌ پهتو ۽ جڏهن واپس وطن
پهتو ته هن ”مراة الممالڪ“ سفر نامو لکيو جنهن ۾
سنڌ جي سياسي واقعن تي روشني وڌي ۽ راشدي صاحب ان
مان هند ۽ سنڌ بابت مواد شايع ڪرايو. سندس ڪتاب هو
ڏوٿي هو ڏينهن به سنڌ جي لڳ ڀڳ ويجهڙائي ۾ ٻن سئو
سالن جي معلومات سان ڀرپور آهي جنهن ۾ خاندانن،
ادبي ادارن ۽ وڏيرن، عوام ۽ سياسي زندگيءَ بابت هڪ
مفصل ڄاڻ آهي، پير صاحب جو ڪتاب ڳالهيون ڳوٺ وڻن
جون پڻ هڪ يادگار ڪتاب آهي جيڪو سندس زندگي ۾ آخري
ڪتاب هيو، پاڻ اٽڪل 300 مضمون ۽ مقالا لکيائون، هن
ڪتاب ۾ اٽڪل 43 مضمون ۽ مقالا، 35 صفحا ترڪي متن،
هڪ نقشو ٺٽو شهر جو ۽ 171 ٺٽي متعلق تصويرون شامل
آهن. راشدي صاحب جو اردو ۾ شايع ٿيندڙ ڪتاب سنڌي
ادب به سنڌي ادب جي پهرين مڪمل تاريخ آهي. جنهن ۾
سنڌي ٻولي جي تاريخ، عربن کان سومرن ۽ سمن تائين
سنڌي ٻولي جو ادب، ارغون، ترخان ۽ مغل دور جو
ادب، ڪلهوڙن جي دور جو سنڌي ادب، ٽالپرن جي دور جو
ادب، برطانوي ۽ موجوده پاڪستاني دور جو ادب ۽ سنڌي
شاعري جون صنفون شامل آهن.
پير حسام الدين راشدي جهڙو عالمي معيار جو سنڌي تاريخدان يا
محقق گذريل هڪ صدي ۾ پيدا ڪو نه ٿيو آهي ۽ اهو خال
اڃا تائين خالي آهي. پير صاحب کي سنڌ جو آئزڪ
نيوٽن يا ابن خلدون به چئي سگهجي ٿو. هو الرازي،
گليلو يا مائيڪل انجيلو وانگر عظيم انسان هيو، جن
پنهنجي ماحول جا زنجير ٽوڙي ذهني آزادي حاصل ڪئي ۽
دنيا کي ايندڙ صدي تائين حيرت، سونهن ۽ سوچ لاءِ
مواد ڏنو.
مددي
ڪتاب: اهي ڏينهن اهي شينهن، مهراڻ راشدي نمبر،
نئين زندگي، روح رهاڻ، شيخ اياز جي تقرير، بيگم
ممتاز راشدي جو مضمون.
|