خانبهادر کهڙي بابت جڏهن مون مضمون لکيو ته سندس حمايت ۽ مخالفت
۾ سڀ مضمون پڙهيا. مان پاڻ 1970ع واري اليڪشن ۾ هڪ
شاگرد اڳواڻ جي حيثيت ۾ سندس خلاف حصو ورتو.
پنهنجو غير جانبدارانه تجزيو آهي ته سندس سياست کي
ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ سندس عروج ۽ ڪمال
وارو دور آهي جنهن ۾ هو سنڌ جو اورنگزيب ۽ هيرو
هيو، جڏهن ته ٻيو دور غلط فيصلن سبب کيس سنڌ جو
غدار لقب به ٻڌڻو پيو. کهڙو صاحب بنيادي طرح سان
هڪ جاگيردار گهراڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس شخصيت به ان
نظام جي عڪاسي ڪري وئي. هو ڪنهن عوامي سياست يا
شخصيت جو مالڪ نه هيو. سياست ۾ فن، فنڪاري، سچ،
ڪوڙ واري ڊرامي بازي کان اڻ واقف هيو. سڌو سنئون
زمينداري سياست ڪندو هيو. مخالفت ۾ اچبو ته هر
طريقو استعمال ڪبو. هو رعب ۽ دٻدٻو پسند ڪندو هيو.
سندس نظرياتي سياست ڪا نه هئي. بس جهڙو ديس تهڙو
ويس سندس پهريون دور هندو مسلم سياست ۾ مسلم ڪاز
کي تحريڪ جو روپ ڏيڻ، مسلمانن لاءِ ڪورٽ، رستن ۽
اسيمبلين ۾ محاذ ٺاهي وڙهندو رهيو. هن هڙان ۽ وڙان
سنڌ ۾ مسلمانن جي تحريڪن کي ساٿ ڏنو ايتري تائين
جو ملسم تحريڪن جو ”مرد مجاهد“ لکيو ويندو هيو.
سنڌ جي مسلمانن هندو ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ خلاف کهڙي صاحب
کي پنهنجو رهبر بڻايو. جيلن مان آزادي بعد سندس
شاندار استقبال ڪيا. جلسا جلوس منعقد ٿيا. سنڌي
مسلمانن کهڙو صاحب کي هر اليڪشن کٽرائي. سندس
انگريز ۽ هندو راڄ خلاف جدوجهد جي هر هنڌ واکاڻ
هئي. ان عروج واري دور ۾ وري مسلم تحريڪن جي
ڪاميابين بعد سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي تحريڪ ۾ پڻ
خانبهادر کهڙو تحريڪ جي قائد سر شاهنواز ڀٽو سان
شانه بشانه جدوجهد ڪندي نظر آيو.
ٻيو دور مسلم ليگ جو آهي، 1936ع کان پوءِ سر شاهنواز
خان ڀتو جي سياست تان رٽائرمينٽ ۽ سنڌ مان لڏي
بمبئي رهڻ ڪري لاڙڪاڻو ۽ سنڌ جي سياست ۾ خانبهادر
سندس جڳهه والاري، مسلم ليگ جي شروعات کان وٺي
پاڪستان ٺهڻ تائين کهڙو صاحب مسلم ليگ سنڌ جو قائد
۽ اسيمبلي ۾ پارليامينٽري پارٽي جو ليڊر هيو جيڪو
سنڌ جي سياستدانن وڏيرن نوابن ۽ سندس هر دلعزيز يا
مقبول شخصيت جو ثبوت ڏئي ٿو. پاڪستان تحريڪ ۾ به
هو سنڌ اندر مسلم تحريڪ جو جهنڊو کنيو بيٺو آهي.
هو ايترو ته مضبوط ۽ مقبول آهي جو پاڪستان ٺهڻ بعد
مسٽر محمد علي جناح سنڌ لاءِ پهريون وزيراعلى
خانبهادر کهڙي کي ڪري ٿو. پاڪستان ٺهڻ بعد
وزيراعلى سنڌ جي حيثيت ۾ کهڙو صاحب بهترين
ايڊمنسٽريٽر ثابت ٿيو. وڏيرڪي انداز، محدود گفتار،
اعلى انتظامي صلاحيتن، بهترين ڪردار سبب سنڌ جي
ڪاموري تي سندس پورو ڪنٽرول رهي ٿو. ڪنهن به
ڪاموري جي اها مجال ڪونهي ته کهڙي صاحب جي آرڊر تي
عمل نه ٿئي سخت ترين ايڊمنسٽريٽر هيو، هر قسم جي
هنگامن ۽ بحران کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت جو مالڪ
هيو. نيڪ نمازي ۽ صاف شفاف زندگي گذارڻ جو عادي
هيو. محفلن ۾ يارن دوستن سان ڪچهرين جو قائل نه
هيو. ڪم جي ڳالهه ڪرڻ ۽ ٻڌڻ جو قائل هيو. پنهنجي
حڪم تي هر حال ۾ عمل چاهيندو هيو.
سندس اهڙي رعب ۽ مقبوليت واري سياسي زندگي ۾ پهريون
دفعو هڪ ٽڪراءُ اچي ٿو. وزيراعظم لياقت علي خان جي
حمايت سان هندستان مان آيل مهاجرن ڪراچي ۾ رهندڙ
هندن جي جائداد کي نقصان پهچايو ۽ هندو مسلم فساد
ڪرايو. کهڙو صاحب سنڌ جي وڏي وزير جي حيثيت ۾ پاڻ
ذاتي طور نگراني ڪري فساد ختم ڪرايا ۽ فسادي
مسلمان هندستاني مهاجرن کي گرفتار ڪيو. جيڪا ڳالهه
وزيراعظم لياقت علي خان کي ڪو نه وڻي. ٻنهي درميان
اختلاف ٿيا. کهڙي صاحب کان سياسي طور ڪراچي جو
ڪنٽرول کسڻ لاءِ ڪراچي کي مرڪزي جي ماتحت ڪرڻ لاءِ
لياقت علي خان صاحب مهم هلائي. کهڙو صاحب مخالفت
ڪئي پر آخر کهڙو صاحب کي هٽائي پير الاهي بخش کي
وڏ وزارت ڏئي ڪراچي کي مرڪز حوالي ڪيو ويو.
ٻيو دور کهڙي صاحب جڏهن ڏٺو ته طاقت جي زور تي سنڌ جي
اسيمبلي ۽ مسلم ليگ جي هر دلعزيز قيادت کي هٽائي
وڏيرن ۽ زميندارن جي هڪ ٽولي کي اقتدار حوالي ڪيو
ويو. کهڙي صاحب کي ايبڊو تحت نااهل ڪيو ويو. تڏهن
سندس اندر جو هڪ حڪمران وڏيرو زخمن بعد تڙپندي نظر
اچي ٿو. 1920ع کان 1948ع تائين حڪم هلائيندڙ وڏيرو
سياستدان هاڻي گهر ويهي ا کي ياد ڪري ۽ ٻنيون
سنڀالي، خاموشي سان پير الاهي بخش صاحب جهڙن وزيرن
وڏيرن پاران تڪڙبازي وسيلي حڪومت حاصل ڪرڻ کي
تقدير جي ستمگري سمجهي ويهي رهي. ڪامورا، وڏيرا ۽
ٻيا سڀ جي حضوري ۽ سوالي سندس بنگلي تي نه اچن.
اهو سڀ ڪجهه کهڙي صاحب کان برداشت ڪو نه ٿيو ٻيو
وري پير علي محمد راشدي صاحب جهڙي هر فن مولا
شخصيت خانبهادر کهڙي جي ويجهو هئي. ڪجهه نه ڪجهه
ٿيڻ گهربو آهي. اهو اعزاز سر شاهنواز خان ڀٽو کي
آهي. جنهن 1936ع ۾ اليڪشن هارڻ بعد سنڌ جي سياسي
وڏيرن دوستن کي خدا حافظ چئي مرڻ گهڙي تائين ٻيهر
سنڌ جي سياست ۾ پير نه پاتو. يا وري نواب نبي بخش
خان ڀٽو صاحب کي جنهن قاضي صاحب، کهڙو صاحب جي
عروج ۾ اسيمبلي سيٽن تي مقابلا ڪيا ۽ هر مقابلو
کٽيو. هن پنهنجي زندگي ۾ ڪا به اليڪشن ڪو نه
هرائي. هو ناقابل شڪست هيو پر هڪ وقت اچڻ تي سياست
تان رٽائر ڪيو ۽ اڄ تائين وري ڪنهن سياسي پارٽي
تان نظر ڪو نه آيو. در اصل اقتدار جو نشو، طاقت ۽
غرور ۾ مزو آهي، جيڪو اگر هڪ دفعو لڳو ته پوءِ ڪو
نه ويندو چاهي جان هلي وڃي. کهڙو صاحب ان طاقت ۽
اقتدار جي مزي کان محروم رهي نه سگهيو ۽ هن صاحب
به پير علي محمد راشدي صاحب جهڙن ذهنن جي مشورن کي
قبول ڪندي فيصلو ڪيو ته ملاکڙي ۾ اصل اهميت ٻي
ملهه جي آهي ۽ هو به کيڏندو. سنڌ جي ابن الوقت
وڏيرن کي مزو چکائيندو اهڙي طرح ملاکڙي جي ٻي ملهه
خانبهادر کٽي ورتي هڪ وقت ڪراچي مرڪز حوالي مخالفت
ڪندڙ صاحب سڄي سنڌ ون يونٽ خاطر مرڪز حوالي ڪري
ڇڏي، جيئن خانبهادر کهڙي کي هٽائي پير الاهي بخش
کان غلط ڪم ورتو ويو تيئن وري پيرزاده عبدالستار
جهڙي ون يونٽ مخالفت وڏي وزير کي هٽائي خانبهادر
کي وڏو وزير بڻائي ون يونٽ جهڙو فيصلو ڪرايو ويو.
هاڻي کهڙي صاحب محبت ۽ جنگ ۾ سڀ ڪجهه جائز آهي.
وارو نعرو هنيو. ڪرسي کي قائم دائم ۽ جلا بخشڻ
لاءِ کهڙي صاحب سنڌ ۾ مخالفن مٿان ڏنڊو وسايو. جيل
موڪلڻ، انتظامي ڪارروايون ڪرڻ، مخالفن کي هر حال ۾
ايوان ۽ اقتدار کان پري رکڻ ته وري وڏيرن خلاف
هاري جي حق جي آواز کي به ناپسنديده ڳالهه سمجهي
ڪچلڻ سندس سياسي وهنوار رهيو. هو سنڌ ۾ ان راند ۾
اڪيلو ڪو نه هيو پر تمام وڏيرا جيڪي اسيمبلين ۾
هيا سڀ شامل هيا. ڪنهن سائين مسلمانن کي ڌار وطن
ڏيڻ لاءِ جذبي ۾ سنڌ اسيمبلي مان پاڪستان ۾ شموليت
جو ٺهراءُ پاس ڪرايو ته ڪنهن پير فراخدلي ڪندي
ڪراچي سنڌ کان ڌار ڪري مرڪز حوالي ڪئي ته پوءِ
خانبهادر به اهڙن ئي سحر انگيز جذبن جو مالڪ ثابت
ٿيو ۽ ون يونٽ ٺاهي ويٺو.
کهڙو صاحب تاريخ جو شاگرد ڪو نه هيو، هو سڀاڻي جي
تاريخدانن جي قلم جي فيصلي کان واقف ڪو نه هيو،
تنهن ڪري سڀ سٺا ۽ سڀ غلط فيصلا ڪري ويٺو ڇاڪاڻ ته
وٽس فيصلي ڪرڻ ۽ سياست ۾ جنگ نه هارائڻ جي طاقت ۽
سوچ هئي. بهرحال کهڙو صاحب لاءِ سندس ٻيو دور تمام
گهڻو تڪليف وارو تڏهن ظاهر ٿيو، جڏهن هو 1970ع
وارين اليڪشن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي مقابلي ۾
بيٺو. ان وقت اخبارن، تقريرن ۽ تحريرن ۾ کهڙي صاحب
جي پاڪستان ٺهڻ بعد ٻئي دور جون داستانون ظاهر
ٿيو. جيڪي هن صاحب پاڻ به ٻڌيون ۽ پڙهيون. ڪلهه جي
حڪومتي، اقتداري فيصلن بابت اڄ جي تاريخ کهڙي صاحب
لاءِ هڪ اڻوڻندڙ باب جوڙيو.
سياست ۾ بدلا پڻ ٿيندا آهن. هڪ وقت هيو ته خانبهادر
محمد ايوب کهڙي مسلمانن جي سياست ڪندي سال 1936ع ۾
سنڌ جي هيري سر شاهنواز ڀٽو کي شيخ عبدالمجيد سنڌي
جهڙي نومسلم ورڪر هٿان شڪست ڏياري. وري هڪ وقت
اهڙو آيو جو سنڌ جو مرد آهن خانبهادر کهڙو مسلم
ليگ جي پليٽ فارم تان سال 1970ع وارين اليڪشن ۾
مسلمان، اسلام ۽ پاڪستان جا زوردار نعرا هڻندي به
سر شاهنواز ڀٽو جي پٽ سوشلزم جي حامي ذوالفقار علي
ڀٽو صاحب کان شڪست کاڌي، کهڙي صاحب ۾ هڪ ڳالهه
تمام ڀلي هئي ته هن وقت جي سياسي وهڪرن ۾ حڪومت
حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو پر هن پنهنجي زندگي ۾
صرف هڪڙي پارٽي مسلم ليگ ۾ رهڻ پسند ڪيو. هو مسلم
ليگ ۾ شموليت کان وٺي آخر تائين پڪو ۽ سچو مسلم
ليگي هيو. برساتي سياستدانن وانگر سياسي پارٽين جا
تبديل ٿيندڙ ويس وڳا نه پاتا اها الڳ ڳالهه آهي ته
مسلم ليگ وارن ساڻس ڪهڙي وفا ڪئي يا ڪهڙو حشر ڪيو.
کهڙي صاحب لاءِ مشهور هيو ته هو مغرور ماڻهو آهي، در
اصل هو فيوڊل ڪلاس جو ماڻهو هيو، سندس انداز
انگريز وارو هوندو هيو. سخت مزاج نه پر سخت
ايڊمنسٽريٽر هيو. وزارت يا ڪنهن به عهدي کان وڌيڪ
پاڻ کي سمجهندو هيو يا وڌيڪ اختيار استعمال ڪندو
هيو. جڏهن وڏو وزير هيو ته هر هڪ ڪم پاڻ ڪندو هيو.
چون ٿا ته وفاقي وزير دفاع جي ڏينهن ۾ چيف آف دي
آرمي اسٽاف جنرل محمد ايوب خان کي ڪلاڪ ٻه انتظار
گاهه ۾ ويهاري ڇڏيائين ۽ جڏهن جنرل محمد ايوب خان
مارشل لا لڳايو ته هن کهڙي صاحب کي گرفتار ڪري
بدلو ورتو. کهڙي صاحب جي ياري دوستي گهڻو ڪري تمام
گهٽ هئي، هو عوامي انقلابي ليڊر ڪو نه هيو. سندس
سياست صرف هلندڙ وقت مٿان گردش ڪندي هئي. هو صرف
اڄ جي سياست ڪندو هيو وٽس سڀاڻي جي سياست
ڪرڻ، ايندڙ وقت کي سامهون رکڻ ۽ فيصلا ڪرڻ واري
فلسفي بابت گنجائش نه هئي. حڪومت ۾ سخت
ايڊمنسٽريٽر هئڻ ڪري اڪثر وڏيرا، وزير ۽ ڪامورا
کهڙي صاحب کان ڊڄندا هيا. جڏهن اقتدار مان لهندو
يا جيل ويندو هيو ته خوش ٿيندا هيا وري جڏهن ٻاهر
نڪرندو هيو ته سڀ هار گلن جا کڻي استقبال ڪرڻ ۽
مبارڪ ڏيڻ لاءِ پهچندا هيس. کهڙو صاحب علم، ادب،
فن، شاعري ۽ فلسفي جي ڄاڻ وارو سياستدان نه هيو نه
ئي وري تاريخ تحقيق جي خبر هيس پر هو نيڪ نمازي،
روزا رکندڙ ۽ حج پڙهندڙ انسان هيو. شراب، شباب،
ڪباب جي محفل ڪو نه مچائيندو هيو. رڇ، ڪتن ۽ سوئرن
جي بڇ ۽ شڪار کان پري هيو. ويس وڳا سٺا پائيندو
هيو. اسيمبلي ۾ تياري ڪري ويندو هيو. تقرير ۾
دليلن جو ماهر هيو. ڪنهن کي اڄ جي وزيرن ۽
سياستدانن وانگر دم دلاسو ڪين ڏيندو هيو. ڳالهه
سمجهه ۾ آيس ته ڪم ڪندو نه ته رخو جواب موقعي تي
ڏيندو. ڪنهن به مخالفت جي پرواهه ڪا نه هيس، حمايت
مخالفت کلم کلا ڪندو هيو. سندس دوستي گهٽ دشمني
گهڻي هوندي هئي.
کهڙي صاحب پنهنجي زندگي جي 79 سالن مان اٽڪل پنجاهه
سال سياست ۾ گذاريا. سندس 1920ع کان 1948ع تائين
شاندار ڪارنامن جا باب ۽ 1948ع کان 1970ع تائين
تنقيد ڀريا صفحا تاريخ ۾ شامل آهن. هڪ تاريخ جي
تنقيد نگار يا سياسي ورڪر لاءِ لازم آهي ته هو هڪ
شخصيت بابت قلم کڻڻ مهل سندس خوبيون ۽ خاميون ظاهر
ڪري. فيصلو پڙهندڙ ڪري ته قوم ڪيئن ۽ ڪٿي نفعا ۽
نقصان حاصل ڪندي آهي.
پاڻ روزن واري عيد جي رات 9 وڳي تاريخ 20 آڪٽومبر
1980ع تي انتقال ڪري ويو. انتقال وقت سندس عمر 79
سال هئي. کيس اولاد ۾ شاهه محمد پاشا کهڙو، شاهه
زمان، مسعود احمد ۽ خالد محمود پٽ آهن. سندس نياڻي
محترمه رشيده کهڙو قومي اسيمبلي ميمبر رهي آهي، ۽
محترمه حميده کهڙو سياست ۾ سرگرم آهي.
مددي ڪتاب: جنب گذاريم جن سين، اهي ڏينهن
اهي شينهن، لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، مهراڻ تحريڪ
آزادي نمبر ۽ رسالو سنڌ دوست. |