سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي

 

صفحو :3

جڏهن اها حالت ٿي ته بئريسٽر جوڻيجي وري سنڌ ڏانهن قدم رکيو. تاريخ 30 سيپٽمبر 1920ع تي لاڙڪاڻي پهتو ۽ تاريخ 4 آڪٽوبر 1920ع تي هڪ وڏو جلسو ڪيائين. هتي اچڻ شرط جڊيشل ڪمشنر پاران کيس جيڪب آباد ۾ اڳ قابل اعتراض تقرير جي حوالي ساڻ ڪراچي حاضر ٿيڻ جو حڪم مليو. جنهن جو هن جواب ڏنو ته مان هاڻي افغانستان جو باشندو آهيان.

سنڌ مان مهاجرن جي واپسي لاءِ پئسا گڏ ڪري علي ڳڙهه مولانا محمد علي جوهر وٽ پهتو ۽ هندستان جي ڪيترن ئي شهرن جو دورو ڪيو. نومبر ۾ هن احمد آباد خلافت ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. ڊسمبر ۾ ناگپور آل انڊيا ڪانفرنس ۾ شرڪت بعد بمبئي خلافت ڪميٽي مهاجرن جي مدد لاءِ ان وقت هڪ لک رپيا منظور ڪيا ۽ پهرين مليل قسط جا پنجاهه هزار رپيا هڪدم افغانستان ڏياري موڪليا. هڪ دفعو هو وري لاڙڪاڻي پهتو ۽ آخر 15 جنوري 1921ع تي ڪابل وڃڻ لاءِ پشاور پهتو جتي ڊپٽي ڪمشنر کيس روڪيو، لڳاتار 20 ڏينهن هن کي اجازت نه ملي پوءِ هن 5 فيبروري 1921ع تي پشاور ۾ هڪ احتجاجي جلسو ڪيو، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. هن فارسي ۾ تقرير ڪندي پاڻ کي افغانستان جو شهري ثابت ڪيو ۽ پشاور ۾ هڪ وڏو سياسي طوفان کڙو ڪيو. نتيجي ۾ ڊپٽي ڪمشنر کيس سرحد مان نيڪالي ڏني پوءِ  لاهور آيو ۽ مارچ 1921ع ۾ لاهور ۾ هڪ وڏو جلسو ڪري پنهنجي حوصلي ۽ جدوجهد ايمان جو ڀرپور اعلان ڪيو. لاهور کان لکنو پهتو.

تاريخ ۾ مسلمانن جي مسلمانن مٿان ظلم ۽ ستم جي هن دل ڏکوئيندڙ مثال رئيس المهاجرين بئريسٽر جان محمد جوڻيجي جي سوچ مقصد ۽ سياسي زندگي کي ڪاپاري ڌڪ هنيو. هو هارائجي پيو. پر جوش نوجوان عملي عظيم انسان پنهنجي تحريڪ، زندگي جي جدوجهد، جلسن جلوسن ۾ ڪيل اعلانن ۽ مسلم دنيا کي متحد ڪري هڪ طاقتور قوت ۽ نيڪ آزادي واري مقصد لاءِ اڳتي طوفان وانگر تيز وڌندڙ جدوجهد کي پنهنجي کليل اکين سان، سجاڳ ذهن، دماغ ۽ ڪنن سان ڀرندي ٽٽندي ۽ تباهه ٿيندي ڏٺو، ٻڌو ۽ محسوس ڪيو. هن پنهنجون زمينون، رشتيدار، دوست، ديس، سنڌڙي جهڙوڪ مٺڙو وطن ۽ اباڻن جي جنم ۽ مرڻ ڀومي جنهن جذبي خاطر قربان ڪئي. ان تباهي جي سيلاب اڳيان بند ٻڌڻ لاءِ وٽس ڪجهه به نه بچيو. هو آزادي خاطر دشمن سان ته هڪ وڏي جنگ جوٽڻ وارو اڳواڻ هيو پر پنهنجن افغاني مسلمان ساٿين پاران ملندڙ گهاءَ يا زخم جو وٽس ڪو به علاج ڪم نه هيو. هن باقي زندگي جا ڏينهڙا مايوسي ۽ نااميدي ۾ هندستان جي اڳواڻن سان گذارڻ جو فيصلو ڪيو ڇاڪاڻ ته پنهنجي ديس واسين 760 سنڌي مهاجرن جي خاندانن جي تباهي بعد هن پاڻ واپس لاڙڪاڻي اچي پنهنجي گهر کي ٻيهر آباد ڪرڻ، زندگي گذارڻ کي ضمير خلاف تصور ڪيو ۽ طارق بن زياد وانگر هن سنڌي بئريسٽر مجاهد پنهنجا ٻيڙا ساڙي خلافت تحريڪ لاءِ هٿيار کڻي ميدان جنگ ۾ ڪاهيو هيو پوءِ ڀلا ناڪامي بعد ٻين دوستن کي ڇا ٻڌائبو؟ ۽ پنهنجي ڌرتي سنڌ جيجل مان بي گهر بي سهارا وطن کان پري وطن لاءِ واجهائيندي روئيندي رڙيون ڪندي سڏڪا ڀريندي مرندڙ سنڌي مهاجر قافلي وارن جو درد ۽ پيڙا محسوس ڪرڻ لاءِ هن به پاڻ باقي زندگي وطن کان پري وطن جي پيار جي باهه ۾ سڙندي گذاري ۽ پنهنجي خوشي ساڻ هن جلاوطن مجاهد، سنڌ جي طارق بن زياد جلد ساڳي سال ۾ پنهنجي ڦوهه جواني جي عروج 33 سالن جي ڄمار ۾ 16 اپريل  1921ع تي اجمير هندستان ۾ وفات ڪئي ۽ کيس وصيت مطابق اجمير شريف جي درگاهه ڀرسان دفن ڪيو ويو. سندس وفات بابت پڻ مختلف رايا آهن. ڪي خبرون آهن ته خلافت تحريڪ جي ناڪامي سبب دلبرداشته ٿي بيمار ٿي پيو ۽ ڪي خبرون آهن ته کيس زهر ڏنو ويو هو.

ڪاش هن پهاڙ جيڏي اٽل طوفاني زندگي ماڻيندڙ نوجوان سياستدان کي مسلم تاريخ ۾ جوڳي جڳهه ڏني وڃي ها ته به سندس روح کي راحت ۽ تحريڪ سان انصاف ٿئي ها پر غير سنڌي تاريخ ۽ پريس ۾ کيس خلافت تحريڪ جو سرگرم رڪن يا ڪارڪن سڏيو وڃي ٿو. اڄ کيس سندس عزيزن به وساري ڇڏيو آهي پر سنڌي قلمڪار هن جي قيادت ڪارنامن ۽ عمل جدوجهد ۽ حوصلي متعلق تحريڪ جي نفعن ۽ نقصانن بابت وڌيڪ لکي ته ايندڙ نسل هن تاريخ جي باب مان سبق، عبرت يا رهنمائي حاصل ڪري سگهي ٿو.

مددي ڪتاب: ياد جانا، اخبار الوحيد ايڊيشن. مهراڻ رسالو، ٽين زندگي رسالو،

پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني، پرينءَ جي پچار، لاڙڪاڻو ساهه سباڻو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org