سال 1985ع ۾ آمريڪي دٻاءُ تحت جنرل محمد ضياءُ الحق غير جماعتي
بنيادن تي اليڪشن ڪرايون. پيپلز پارٽي بائيڪاٽ
ڪيو. محترمه جو شاندار استقبال ٿيو. لاڙڪاڻي ۽
ڪراچي جي عوام دل کولي سندس آجيان ڪئي، مارشل لا
حڪومت بينظير ڀٽو جي عوامي مقبوليت ڏسندي کيس پنجن
ڏينهن بعد 26 آگسٽ تي وري گرفتار ڪيو پر هاڻي وڏي
عرصي بعد واپس ملڪ موٽندڙ بينظير ڀٽو ست سال اڳ
قيدن ۾ گهاريندڙ ڪمزور بينظير کان وڌيڪ مضبوط هئي.
هاڻي آمريڪا ۽ برطانيا جا عالمي ادارا، ميمبر،
انگريزي اخبارون، رسالا ۽ دنيا جا جمهوريت پسند
ادارا، تنظيمون بينظير جي ڏاهپ ۽ جدوجهد کان گهڻو
واقف ٿي چڪا هيا. ظلم ۽ ڏاڍ سان پر امن جنگ کيس
دنيا ۾ جمهوريت جو هيرو بڻائي ڇڏيو هيو. هاڻي
بينظير کي گرفتار ڪري عوام ۽ دنيا کان دور رکڻ
مارشل لاءِ حڪومت لاءِ ممڪن ڪو نه هيو ڇاڪاڻ ته
هوءَ دنيا ۾ خاص طرح همدردي پيدا ڪري آئي هئي هوءَ
هاڻي صرف شهيد ڀٽو جي ڪمزور ڌيءُ نه پر هڪ مضبوط
سياسي اڳواڻ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي قائد هئي. سندس
گرفتاري بابت آمريڪي صدر رونالڊريگن پاران سرڪاري
طرح سان ڳڻتي جو اظهار ۽ برطانوي پارليامينٽ جي
ميمبرن مئڪس مئڊن ۽ لارڊ ايوبيوري به احتجاج ڪيو.
پوءِ فرانس جي هڪ عدالت پاران بينظير ڀٽو کي
شاهنواز ڀٽو قتل ڪيس ۾ حاضر ٿيڻ جو ليٽر مليو.
جنهن ڪري کيس 3 نومبر 1985ع تي آزاد ڪيو ويو. هوءَ
هڪ دفعو وري غير ملڪي تنظيمن ۽ دوستن سان رابطا
ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. آخرڪار 30 ڊسمبر 1985ع تي
ملڪ مان مارشل لا ختم ٿي. محترمه لنڊن ۾ پيپلز
پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس گهرائي
ملڪ واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو ۽ 9 اپريل تي سعودي
هوائي اڏام وسيلي سعودي عرب پهتي جتان وري پي آءِ
اي جي جهاز وسيلي 10 اپريل 1986ع صبح جو ستين وڳي
لاهور ايئرپورٽ تي پهتي، لاهور ايئرپورٽ کان مينار
پاڪستان تائين پهچڻ ۾ صبح کان شام ٿي وئي هئي.
دنيا جي پريس موجب استقبال ۽ جلوس ۾ اٽڪل ٽيهه لک
عوام موجود هيو. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ هي سڀ
کان وڏو عوامي استقبال ۽ جلوس هيو جنهن جو اڳ ڪو
به مثال ڪو نه ٿو ملي. هي عوام جو سمنڊ ۽ سيلاب
هيو جيڪو مسلسل مارشل لا جي سزائن ڏاڍاين ۽ محترمه
جي جمهوري جدوجهد لاءِ قربانين جي عظمتن جو مثال
هيو. ايشيا جي سياسي تاريخ ۾ ڪنهن به قوم پنهنجي
سياسي قائد جو ايترو احترام ۽ استقبال ڪو نه ڪيو.
نه صرف اهو پر محترمه بينظير ڀٽو صاحبه گجرانوالا
جي جلسي لاءِ 12 اپريل تي شام جو پنجين بجي پهچڻ
بدران 13 اپريل تي صبح جو پنجين بجي پهتي ته به
لکن جي تعداد ۾ عوام سڄي رات جاڳي سندس آجيان ڪئي.
ساڳيو حال فيصل آباد ۽ پشاور ۾ به ٿيو. اهڙا ئي
استقبال بلوچستان، سنڌ جي شهرن ۾ به ٿيا جن جي ڪري
سياسي جلوسن ۽ جلسن جي هڪ نئين رڪارڊ جنم ورتو.
بينظير صاحبه جا جلسا ۽ جلوس صبح رات يا شام واري
وقت جا محتاج ڪو نه هيا پر وقت ۽ عوام سندس منتظر
هيو. ورڪرن ۽ عوام ۾ هڪ سياسي جاڳرتا جو سيلاب هيو
جيڪو گذريل نون سالن جي دٻاءُ خلاف نفرت جو وڏو رد
عمل هيو. ايشيا جي هن خطي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽
محترمه بينظير ڀٽو پر امن سياسي جدوجهد ذريعي
مارشل لا جي آمرن سان مهاڏو اٽڪائڻ جو شاندار مثال
قائم ڪيو. جنهن ثابت ڪيو ته هٿين خالي عوام
جمهوريت جي جهنڊن هيٺيان پر عزم ۽ نه جهڪندڙ سياسي
قائد جي سڏ تي ٽينڪ ۽ توپ کان وڏي طاقت ثابت ٿي
سگهن ٿا. هو پهاڙ ۽ جبل به ڏاري سگهن ٿا. درياهن
جا رخ موڙي سگهن ٿا. تاريخ جي فيصلن کي پنهنجي
تابع ڪري سگهن ٿا. غلامي جا زنجير ٽوڙي سگهن ٿا.
15 آگسٽ 1986ع تي ايم آر ڊي آزادي واري ڏينهن تي لاهور
۽ ڪراچي ۾ جلسا ڪرڻ جو پروگرام ترتيب ڏنو. حڪومت
هڪ دفعو وري محترمه بينظير کي پنجاب بدري جو حڪم
ڏنو. پاڻ ڪراچي جي علائقي لياري ۾ جلسي کي خطاب
ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو. 13 آگسٽ تائين ايم آر ڊي جا
مرڪزي اڳواڻ ۽ هزارين عهديدار گرفتار ٿيا. محترمه
بينظير ڀٽو صبح سوير پنهنجن ڪارڪنن کي 70 ڪلفٽن تي
گهرايو ۽ هڪ وڏي جلوس جي قيادت ڪندي سوين گاڏين جي
قافلي ۾ رستن تي اچي پهتا، پوليس ڪلفٽن روڊ تي
اٽڪل ٽي سئو ۽ ڪراچي ۾ ٻه هزار ڳوڙها آڻيندڙ گئس
جا گولا استعمال ڪيا پر محترمه بينظير ڀٽو حڪمت
عملي تحت پوليس کي ڌوڪو ڏئي لياري ۾ هزارن جي
تعداد ۾ موجود ماڻهن کي مختصر خطاب ڪيو ۽ وري اتان
ڳوڙها گيس ۽ لاٺي چارج ٿيڻ بعد پوليس کان پاڻ
بچائي هڪ پيلي ٽيڪسي ۾ 70 ڪلفٽن پهتي جتي پوري
دنيا جي پريس موجود هئي. ڪلفٽن روڊ تي بيٺل پوليس محترمه
کي گرفتار ڪري نه سگهي ڇاڪاڻ ته هوءَ پيلي ٽيڪسي ۾
هئي. گهر پريس ڪانفرنس ڪندي کيس گرفتار ڪري لانڍي
جيل ۾ آندو ويو، ان ڏينهن لاهور ۾ پوليس هٿان ڇهه
۽ سنڌ ۾ اٽڪل سورهن ماڻهو هلاڪ ٿيا. سڄي ملڪ ۾
هنگاما جلسا ۽ جلوس شروع ٿيا. فرانس، جرمني،
برطانيا ۽ آمريڪا مان هڪ دفعو وري اسيمبلي ميمبرن
۽ تنظيمن محترمه بينظير ڀٽو جي آزادي لاءِ آواز
اٿاريو ۽ آخر حڪومت مجبور ٿي هن کي 9 سيپٽمبر
1985ع تي آزاد ڪيو.
محترمه بينظير ڀٽو صاحبه هاڻي مڪمل طرح سان پر امن ۽
جمهوري جدوجهد جي عظيم قائد جي حيثيت ۾ پاڻ مڃائي
چڪي هئي. هوءَ پاڪستان ۾ جوش کان وڌيڪ هوش سان
جمهوري لڙائي لڙڻ واري رهبر ثابت ٿي. هن پنهنجي
پارٽيءَ ۽ ورڪرن کي پنهنجي حڪمت عملي وسيلي هاڻي
گرفتاري ۽ جيلن کان پري رکڻ شروع ڪيو. هر هڪ واقعي
لاءِ الڳ الڳ حڪمت عملي جوڙي، پارٽي مان گروپ بندي
ختم ڪري پارٽي کي مضبوط ڪيو. پيپلز پارٽي کي
سگهارو ڪرڻ لاءِ پارٽي ۾، پيپلز لائير فورم،
خواتين ونگ، ليبر ونگ پيپلز ڊاڪٽرس فورم، هاري
ونگ، ڪلچرل ونگ، يوٿ فورم قائم ڪيا، جنهن ڪري
پارٽي وڌيڪ مضبوط ٿي، بينظير ڀٽو صاحبه کي پاڪستان
پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرپرسن به منتخب ڪيو ويو.
سندس قيادت ۽ باهمت شخصيت مايوس ورڪرن ۾ حوصلو
پيدا ڪيو. قائد عوام شهيد ڀٽو جي وفات بعد پارٽي
بي جان ٿي وئي هئي پر محترمه هڪ دفعو وري هن کي
پاڪستان جي مضبوط ترين سياسي جماعت بڻائي ڇڏيو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪا به اهڙي سياسي پارٽي
ڪونهي جيڪا پيپلز پارٽي جي تنظيم سان مقابلو ڪري
سگهي. هيءَ پارٽي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ شاخ رکي ٿي،
اليڪشن ۾ سڀ کان وڌيڪ اميدوارن جون درخواستون هن
پارٽيءَ کي ملنديون آهن، هن پارٽي جي ڪارڪنن سڀ
کان وڌيڪ مارشل لا خلاف جدوجهد ۾ جيل ڪاٽيا،
سزائون ڀوڳيون، ڪوڙا کاڌا ۽ هر دور ۾ اڳي کان وڌيڪ
مضبوط ٿيندي رهي. پاڪستان جا ماڻهو هن پارٽي کي
ڀروسي جوڳو ۽ قابل اعتماد سمجهن ٿا. پاڪستان ٺهڻ
کان اڳ مسلم ليگ قائداعظم جي قيادت ۾ واحد جماعت
هئي جنهن ڪنهن به غريب ورڪر کي اليڪشن ۾ بيهاريو
ته عوام ان کي کٽايو پوءِ ٻي اهڙي سياسي پارٽي
پيپلز پارٽي ثابت ٿي جنهن جهڙي به اميدوار کي
اليڪشن ۾ بيهاريو ته عوام بينظير ڀٽو صاحبه جي
قيادت کي ووٽ ڏيندي انهن کي ڪامياب بڻايو. مسلم
ليگ حڪومت ۾ اچڻ بعد ڏهن سالن تائين به پنهنجو
وجود قائم رکي نه سگهي ڇاڪاڻ ته مسلم ليگ جي قيادت
صرف حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو جڏهن ته جناب
ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي پيپلز پارٽي گذريل ٽيهن
سالن کان حڪومت ۽ عوامي جدوجهد جون ٻئي واٽون
محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ ورتيون ڪاميابي
ڏانهن وڌندي وڃي پئي.
18 سيپٽمبر 1987ع تي محترمه بينظير ڀٽو جي شادي جناب
آصف علي زرداري سان ڪراچي ۾ منعقد ٿي. اٽڪل ڏهن
سالن جي مصيبتن ۽ مشڪلاتن بعد ڀٽو خاندان ۾ هڪ
دفعو وري خوشيون واپس موٽيون. هڪ دفعو وري محترمه
12 مارچ کان 23 اپريل 1988ع تائين پرڏيهه آمريڪا ۽
برطانيا جي دوري تي وئي جتي هن واشنگٽن ۾ آمريڪي
ٽيليوزن ۽ اخبارن کي انٽريو ڏنا ۽ پنهنجي پارٽي جي
پاليسي جي وضاحت ڪئي.، جنرل ضياءُ الحق هڪ دفعو
وري پنهنجي غير جماعتي بنيادن تي چونڊجي ايندڙ
وزيراعظم محمد خان جوڻيجو صاحب کي 26 مئي 1988ع تي
عهدي تان هٽائي 16 نومبر 1988ع تي جماعتي بنيادن
تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو پر 17 آگسٽ 1988ع تي
سندس جهاز جي حادثي سبب فضائي موت واقع ٿيو.
محترمه بينظير کي تاريخ 21 سيپٽمبر 1988ع تي پهرين
اولاد پٽ ماسٽر بلاول ڄائو. واضح هجي ته جنرل صاحب
اها اليڪشن محترمه کي ٻار ڄمڻ واري مهيني ۾ رکي
هئي پر محترمه حڪمت عملي وسيلي غلط مهينو ظاهر
ڪرايو.
هن دفعي وري محترمه بينظير پنهنجي عظيم عوامي والد
وانگر طوفاني دورا شروع ڪيا، جلسا، جلوس، هڪ عوام
جو سيلاب روڊن، گهٽين ۽ ميدانن ۾ اچي ويو. هن وڌيڪ
محنت ڪري 16 نومبر 1988ع وارين اليڪشن ۾ پارٽي کي
ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي ثابت ڪيو ۽ ٽوٽل 207
سيٽون هيون. جنهن مان سندس پارٽي 92 مخالف پارٽي
اسلامي جمهوري اتحاد 54 ۽ ايم ڪيو ايم 13 سيٽون
حاصل ڪيون. پهرين ڊسمبر 1988ع تي پاڪستان جي قائم
مقام صدر غلام اسحاق خان صاحب محترمه کي پاڪستان
جي وزيراعظم طور حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني. 2 ڊسمبر
1988ع تي هن پاڪستان جي يارهين ۽ تاريخ اسلام جي
پهرين خاتون وزيراعظم جي حيثيت ۾ حلف کنيو. مسلسل
يارهن سال ڀٽو خاندان جون عورتون قيد تنهائي ۽ جلا
وطن رهڻ بعد وري پنهنجي گهرن ۾ خوشين جا ڏيئا
ٻرندي ڏٺا ۽ خوشي وچان ڳوڙها به ڳاڙيا. عزم،
حوصلي، جدوجهد، محنت جو سلو کين مليو. لڳاتار ڪنڊن
ڀريل رستن تي سفر ڪندڙ هن قابل فخر خاندان کي
ٿڌڙين هوائن وارن گهاٽن وڻن واري باغ ۾ آرام ڪرڻ،
ساهه پٽڻ جو موقعو مليو.
محترمه پنهنجي پاليسي ۾ سوشلزم بدران بدلجندڙ حالتن
مطابق نجي ملڪيت ۽ پرائيويٽائيزيشن جو عمل شروع
ڪيو. پنهنجي والد جي قاتلن کي ملڪي مفاد ۾ معاف
ڪيو ۽ جمهوري ادارن، انساني حقن لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ
جو اعلان ڪيو. پنهنجي پهرين پريس ڪانفرنس ۾ هن
سزائي موت وارن قيدين کي عمر قيد ۾ تبديل ڪيو.
مارشل لا ۾ مليل سزائن کي ختم ڪيو. 60 سال کان وڏي
عمر جي قيدين کي کي آزاد ڪيو. قتل کان علاوه ٻين
ڪيسن ۾ قيد عورتن کي آزاد ڪيو. اهڙي طرح اٽڪل
سترهن هزار قيدين کي فائدو حاصل ٿيو جلاوطن ٿيل
سياسي قيدي واپس آيا.
12 ڊسمبر 1988ع تي 35 ورهين جي ڄمار ۾ محترمه بينظير
ڀٽو صاحبه بحيثيت وزيراعظم پاڪستان قومي اسيمبلي
کان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪيو، کيس حمايت ۾ 148 ووٽ
مليا ۽ مخالفت ۾ 55 ووٽ پيا. هن سال 29 ڊسمبر
1988ع تي اسلام آباد ۾ منعقد سارڪ ڪانفرنس ۾ ڪيل
فيصلا محترمه جي وڏي پرڏيهي ڪاميابي هئي جنهن ۾
هندستان جو وزيراعظم راجيو گانڌي، بنگلاديش جو صدر
حسين ارشاد، سريلنڪا جو صدر جي ورڌني، مالديپ جو
صدر مامون عبدالقيوم، نيپال جو شاهه بريندرا ۽
ڀوٽان جو شاهه جگمي سنگي شريڪ ٿيا. پيپلز پارٽي ۽
ڀٽو خاندان جي مخالفن کي محترمه جو وزير اعظم هئڻ
هر حال ۾ بردداشت ئي ڪو نه هيو. هنن عدم اعتماد جي
تحريڪ هلائي پر محترمه قومي اسيمبلي کان اڪثريت ۾
ووٽ وٺي ان بحران مان بچي وئي ليڪن جنرل ضياءُ
الحق جي ساٿاري صدر مسٽر غلام اسحاق خان مختلف
الزام هڻي 4 آگسٽ 1990ع تي هن جي حڪومت کي صرف 18
مهينن بعد برطرف ڪري ڇڏيو. جڏهن ته عوام کيس پنجن
سالن لاءِ چونڊيو هيو. هڪ دفعو وري ڪمزور حڪمرانن
محترمه بينظير ڀٽو مٿان ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ۽
سندس ور مسٽر آصف علي زرداري کي مختلف ڪيسن ۾
گرفتار ڪيو ويو. محترمه بينظير ڀٽو کي پنهنجي قيد
۾ بند مڙس سان مختلف جيلن ۾ ملاقاتن ڪرڻ، ڪورٽن ۾
حاضرين تي ملڻ، سندس مقدمن لاءِ قانوني طرح عدالتن
۾ جنگ ڪرڻ کان علاوه پنهنجي خلاف لڳايل الزامن کي
خصوصي عدالتن ۾ منهن ڏيڻ واري سلسلي ۾ مصروف ٿيڻو
پيو. ان وچ ۾ 24 آڪٽوبر 1990ع تي چونڊون ڪرايون
ويون. صدر غلام اسحاق خان صاحب هڪ رٿيل منصوبه
بندي تحت پيپلز پارٽي کي هارايو. هاڻي محترمه کي
حزب اختلاف جي ليڊر جي حيثيت ۾ پنهنجو ڪردار ادا
ڪرڻ جو موقعو مليو. هوءَ مسلسل عدالتن ۾ پنهنجو
دفا ڪرڻ ۾ ڦاسي پوي ٿي. هڪ نه کٽيندڙ ذهني پريشاني
سان مقابلو ڪندڙ عورت هاڻي انهن ننڍين پريشانين ۾
ڀلا ڪيئن همت هاريندي، اڳ ته هوءَ مصيبت جا وڏا
جبل جهاڳي آئي هئي. محترمه بينظير کي حڪومت ۾ ويٺل
حڪمرانن پريشان رکيو ته ٻئي طرف وري صدر غلام
اسحاق خان ۽ سندس وزير اعظم ميان محمد نواز شريف
صاحب پاڻ ۾ ڪن مسئلن تي اختلافن سبب هڪ ٻئي جا
مخالف ٿي بيٺا. سندس اختلافن حڪومت کي ڪمزور ڪري
ڇڏيو. پرڏيهي امداد ڏيندڙ ملڪن اڳوڻا قرض نه ملڻ
ڪري نوان قرض نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اڳوڻا قرض
واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ٻي صورت ۾ پاڪستان کي
دهشتگرد ملڪ قرار ڏئي اقتصادي ناتن جي بائيڪاٽ جي
ڌمڪي ڏني. آخر اهڙي صورتحال سبب طاقتور قوتن
وزيراعظم ميان محمد نواز شريف صاحب کي هڪدم هٽائي
عارضي وزير اعظم مسٽر معين قريشِ کي مقرر ڪيو.
جڏهن ته ڪجهه عرصي بعد صدر غلام اسحاق خان کي به
هٽايو ويو. لڳاتار اڍائي سال محترمه جو مڙس آصف
علي زرداري صاحب جيل ۾ رهيو اهو پڻ آزاد ٿيو.
محترمه ۽ سندس ور جي مٿان داخل ڪيس ثابت ڪو نه
ٿيا.
وري 6 آڪٽوبر 1993ع تي اليڪشن ٿي جنهن ۾ پيپلز پارٽي
محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ 207 سيٽن مان قومي
اسيمبلي جون 86 سيٽون حاصل ڪيون. محترمه پاڪستان
جي تاريخ ۾ پنهنجي والد ماجد جو رڪارڊ برابر ڪندي
ٻيهر ووٽن ذريعي ڪاميابي ماڻي 19 آڪٽوبر 1993ع تي
وزيراعظم منتخب ٿي. هن پاڪستان مسلم ليگ جوڻيجو
گروپ سان مرڪز ۽ صوبن ۾ پي ڊي اي جي مخلوط حڪومت
ٺاهي.
محترمه بينظير ڀٽو کي جڏهن ٻيهر حڪومت ملي ته ملڪ ۾
افراط زر جي شرح وڌيل، زرمبادلي جا گهٽ ذخيرا
موجود هيا. اڳوڻي حڪومت جي ناقص پاليسين سبب بئنڪن
جو ڏيوالو نڪتل هيو. پرڏيهي قرضن جي عدم ادائگي ۽
منشيات جي ڌنڌي ۾ وڏن ماڻهن جي ملوث هئڻ سبب
پاڪستان کي منشيات فروش ۽ دهشتگرد ملڪ قرار ڏيڻ جا
عالمي طاقتن طرفان اعلان شامل هيا. سال 1994ع ۾
محترمه پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪندي تمام
گهڻا انتظامي فيصلا ڪيا جنهن ۾ ڪراچي اندر
دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ فوج جي واپسي ۽ پوليس
آپريشن ذريعي صوبي جي عوام کي سڪون واپس ڏنو،
بئنڪن مان مختلف ذريعن سان سرمائيدارن، واپارين،
سياستدانن، جاگيردارن پاران ورتل قرض واپس ڪرڻ
لاءِ سخت اپاءَ وٺڻ، سيلز ۽ انڪم ٽيڪس چورن خلاف
وڏي مهم هلائڻ، بئنڪن ۽ ٻين مالياتي ادارن پاران
بااثر ماڻهن کي قرض ڏيڻ تي بندش، وفاقي اينٽيڪرپشن
ڪميٽي جو قيام، پنجاب ڪو آپريٽو سوسائٽي پاران
لٽيل متاثرين کي پنجويهه هزار رپين تائين سرڪار
پاران ادائگي، اٽڪل پنجاهه هزار بيروزگارن کي
ملازمتون ڏيڻ، نج ڪاري ڪميشن جو قيام شامل آهن.
دراصل محترمه جو هي دور هڪ وڏي اقتصادي بحران لاءِ
مهانگائي کي وڌايو، ڇاڪاڻ ته گذريل حڪومتن
I.M.F
۽ ورلڊ بئنڪ کان ورتل قرض ادا نه ڪيا ۽ هر حڪومت
قرضن جي ادائگي کي ايندڙ حڪومت ڏانهن ملتوي ڪندي
رهي آخر مالي قرض ڏيندڙ ادارن سخت موقف اختيار
ڪيو. هن ڏس ۾ محترمه نجڪاري تي ڀرپور توجه ڏنو.
زرعي شعبي ۾ انڪم ٽيڪس، پراپرٽي ٽيڪس لڳائڻ جو
اعلان ڪيو. ٻئي طرف ماحوليات، زرعي، سوشل ۽
توانائي جي شعبن ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪيا. غير ملڪي
سرمايه ڪارن ۽ غير ملڪي ڪمپينين کي پاڪستان ۾
سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ هڪ پيڪيج ڏنو ۽ ڪيترن ئي ملڪن
پاڪستان ۾ سيڙپ ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري. هن سال معيشت
لاءِ ورتل سخت اپائن سبب عالمي مانيٽرنگ فنڊ واري
اداري هڪ رپورٽ تسليم ڪيو ته پاڪستان اقتصادي
بحران کان ٻاهر نڪري ويو آهي ۽ وٽس هڪ ارب 20 ڪروڙ
ڊالرن جا ذخيرا موجود آهن. عالمي بئنڪ ۽ ٻين بين
الاقوامي ادارن حب پاور پروجيڪٽ، غازي بروٿا
پروجيڪٽ ۾ 1400 ميگاواٽ واڌارو بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ
سوا ٻه ارب رپين جي منصوبي ۾ اڌ ڏيڻ جو فيصلو،
عالمي بئنڪ سوشل ايڪشن پروگرام لاءِ اسي ڪروڙ ڊالر
امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو. جيڪا اڳ ڏنل هڪ ارب
پنجونجاهه ڪروڙ ڊالرن کان علاوه آهي.
سندس ڪاميابين ۾ دفاعي سطح تي سويڊن ۽ فرانس حڪومت
پاران پاڪستان کي ميراج پنج هزار جهاز ۽ اگوسٽانوي
آبدوز کان علاوه جديد
A.M.X
ٽينڪ، لاما ۽ پيوما هيليڪاپٽر ڏيڻ جي معاهدن کان
علاوه جنرل ضياءُ الحق جي دور حڪومت ۾ فوجي سامان
خريدڻ لاءِ ڏنل پئسن مان پاڪستان کي 37 ڪروڙ ڊالرن
جو فوجي سامان ڏيڻ جو اعلان به شامل آهي. هن ڏس ۾
23 آڪٽوبر 95ع تي واشنگٽن ۾ آمريڪي سينيٽ ۽ ايوان
نمائندگان جي پينل کان پريسلر ترميم جي جڳهه تي
برائون ترميم منظور ڪرائڻ هڪ وڏي سفارتي ڪاميابي
آهي. سندس پرڏيهي ڪاميابين ۾ آمريڪا پاران ايٽمي
هٿيارن تي پابندي بابت پاڪستان جي موقف جي حمايت
ڪرڻ، ڪشمير مسئلي کي عالمي اسلام ۽ دنيا جي عالمي
ادارن کان مڃائڻ به شامل آهي. 3 جنوري 1994ع تي
ڪشمير بابت پاڪ ڀارت سيڪريٽري خارجه مذاڪرات ۾
ڪشمير کي ڀارت متنازعه تسليم ڪيو. آمريڪا ۾ 3
آڪٽوبر 1995ع تي اسلامي ملڪن جي وزرا خارجه اجلاس
۾ قرارداد پاس ڪري ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس کي
O.I.C
۾ مبصر طور جڳهه ڏني. 2 فيبروري 1994ع تي بوسنيا ۾
هلندڙ شديد لڙائي ۾ زندگي خطري ۾ وجهي دنيا جي ٻن
عورتن وزيراعظمن محترمه ڀٽو ۽ ترڪ وزيراعظم مسز
تانسو چلر دورو ڪري زخمين جي عيادت ذريعي دنيا جو
توجه ڇڪايو.
سال 1994ع محترمه لاءِ سياسي اقتصادي ۽ خارجي سطح
تي ڪامياب ٿابت ٿيو. هن عالم اسلام ۾ دنيا جا
ڪيترا ڪامياب دورا ڪيا. |