ممتاز علي ڀٽو
مسٽر ممتاز علي ڀٽو صاحب تي تفصيل سان لکڻ کان اڳ سندس خانداني
پس منظر جو مختصر جائزو پيش ڪرڻ ضروري آهي، سندس
پڙ ڏاڏو سنڌ جي نوابن ۽ سردارن ۾ ڀٽو خاندان جو
نالو پيدا ڪرڻ واري شخصيت سردار دودا خان ڀٽو آهي.
سردار دودا خان ڀٽو جي اولاد ۾ ئي نوابي، سرداري ۽
سياست جون شاخون قائم آهن. سردار دودا خان ڀٽو کي
ٽي پٽ هيا جنهن مان هڪ امير بخش خان ڀٽو، ٻيو خدا
بخش خان ڀٽو جنهن پوءِ ڳڙهي خدا بخش ڳوٺ جو بنياد
وڌو. خدا بخش خان ڀٽو کي غلام مرتضيٰ خان ڀٽو جنهن
مان سر شاهنواز ڀٽو ۽ وري ان مان ذوالفقار علي ڀٽو
صاحب جو گهراڻو آهي. ٽيون پٽ الاهي بخش خان ڀٽو
هيو. جنهن مان ٻه پٽ هڪ واحد بخش خان ۽ ٻيو نبي
بخش خان ڀٽو آهي. ڀٽو قبيلي جي سرداري سردار واحد
بخش خان پوءِ سردار پير بخش خان ڀٽو صاحب وٽ آهي.
نواب نبي بخش خان ڀٽو صاحب کي ٽي پٽ ٿيا هر هڪ
غلام مصطفيٰ خان، ٻيو معشوق علي خان ۽ ٽيون ممتاز
علي خان ڀٽو صاحب آهي. ڀٽو خاندان ۾ ٻن سوٽن
برصغير هند جي سياست ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو ۽ سنڌ کي
سياسي لاڙن ڏانهن وٺي ويا. سنڌ انهن ٻنهي سوٽن جي
ڪارنامن ۽ ڪاميابين تي فخر ڪري ٿي. ٻئي سوٽ سر
شاهنواز خان ڀٽو ۽ نواب نبي بخش خان ڀٽو ان وقت
هند ۽ سنڌ جي سياست جا رهبر ۽ راڻا هيا. هر محاذ ۽
هر اليڪشن ۾ ڪامياب حڪمت عملي سبب سوڀ سندس مقدر
هئي. نواب نبي بخش خان ڀٽو صاحب جي سياسي زندگي جو
به مختصر جائزو ڏيڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته ان بعد
اهو ثابت ٿيندو ته جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب
وانگر جناب ممتاز علي ڀٽو صاحب کي به سياست ورثي ۾
ملي آهي. نواب نبي بخش خان ڀٽو نواب هوندي به
طبيعت جو سٻاجهڙو، سچو، نيڪ ۽ شريف انسان رهيو.
زميندار هوندي به ڪڏهن ڪنهن کي نه ڏکويائين، ڪنهن
سان به تکو نه ڳالهايائين گهٽ ڳالهائڻ ۽ وري خاموش
طبيعت جو مالڪ، صاف ڪردار، وعدي جو سچو، پڪو
انسان، سياست جي ميدان ۾ قول ۽ فعل ۾ هڪجهڙائي،
ڪڏهن به سياسي عهدي مان ڪو به فائدو حاصل نه ڪيو.
نواب نبي بخش خان ڀٽو جي سياسي سرگرمين کان اڳ اهو
ٻڌائڻ به ضروري آهي ته پاڻ سنڌ جو واحد ناقابل
شڪست سياستدان رهيو آهي. هو پنهنجي شان شوڪت
مقبوليت ۽ عروج جي زماني ۾ ئي سياست تان رٽائر
ٿيو، پوءِ وري اڄ ڏينهن تائين سياست واري رستي
ڏانهن مڙي به نه ڏٺائين. نواب صاحب ضلعو لاڙڪاڻو
لوڪل بورڊ جو صدر، چار سال کن بمبئي ڪائونسل جو
ميمبر ڏهه سال کن سينٽرل اسيمبلي جو ميمبر، ڏهه
سال سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو پر ڪڏهن به وزارت
يا ڪو خطاب نه ورتائين. ڪڏهن به پارٽي نه
مٽايائين. هن ان وقت جي ناقابل شڪست سنڌ جي مرد
آهن سياستدانن جهڙوڪ مسٽر محمد علي جناح، خانبهادر
محمد ايوب کهڙو، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ قاضي فضل ا
صاحب کان اليڪشن ۾ مقابلا ڪري فتح ماڻي. پاڻ
33-1934ع ۾ انڊين ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر ٿيو.
سر شاهنواز خان ڀٽو صاحب پاران ضلعي لوڪلبورڊ جي
صدارت ڇڏڻ بعد ان عهدي لاءِ نواب صاحب ۽ خانبهادر
کهڙي جي وچ ۾ ٿيندڙ اليڪشن سڄي سنڌ جي نوابن،
سردارن، جاگيردارن ۽ سياست کي لوڏي ڇڏيو پر آخر
نواب نبي بخش خان ڀٽو ڪاميابي ماڻي. مرڪزي اسيمبلي
جي ٻن خالي سيٽن لاءِ ٽي اميدوار شيخ عبدالمجيد
سنڌي، نواب صاحب ۽ سر عبدا هارون بيٺا، جڏهن ته
ووٽ سڄي سنڌ کي ڏيڻو هيو. سر عبدا هارون ته اڳ
اسيمبلي ميمبر رهڻ ڪري ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي خلافت
تحريڪ يا سنڌي مسلمانن جي ترجمان اخبار الوحيد جي
ايڊيٽر ڪري گهڻا مشهور هيا پر مقابلي ۾ سڄي سنڌ
اول نمبر ووٽ نواب نبي بخش خان ڀٽو ۽ ٻئي نمبر سر
عبدا هارون کي ڏئي ڪامياب ڪيو. رتوديرو ميرو خان
تڪ واري سنڌ اسيمبلي جي سيٽ تي نواب صاحب ان وقت
جي مقبول ۽ هر دلعزيز سياستدان قاضي فضل ا مرحوم
کي شڪست ڏني.
هي دور اهو هيو جڏهن سرڪاري پارٽي، ڪانگريس پارٽي ۽
محمد علي جناح جي انڊپينڊنٽ پارٽي ميدان ۾ سرگرم
هيون ڇاڪاڻ ته جناح صاحب جي مسلم ليگ اڃا قائم نه
ٿي هئي. ان وقت انگريز سرڪار جي راڄ ۾ به نواب
صاحب هندستان جي ريلوي صلاحڪار ڪميٽي ۽ مرڪزي
صلاحڪار ڪائونسل جي اليڪشن ۾ سرڪاري پارٽي ۽ جناح
صاحب جي پارٽي کان سوڀ ماڻي. هن دور ۾ پارٽي جا
قائد ۽ سينيئر اڳواڻ ميمبر ٿيندا هيا، جڏهن ته
نواب صاحب جو ڪنهن پارٽي سان واسطو به نه هيو.
نواب نبي بخش خان جون سياسي طرح همدرديون ڪانگريس
پارٽي سان هونديون هيون. اهڙي ئي ناقابل شڪست
سياستدان نواب نبي بخش خان ڀٽو صاحب کي تاريخ 29
نومبر 1933ع تي ميرپور ڀٽو ڳوٺ ۾ هڪ سهڻو پٽ ممتاز
علي ڀٽو صاحب ڄائو. پاڻ ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل
ڪيائين، پوءِ والد صاحب کين هندستان جي شهر مصوري
۾ تعليم ڏياري، جناب ممتاز علي ڀٽو سال 1959ع ۾
لنڪس ان يونيورسٽي لنڊن مان بئريسٽر ۽ پوءِ سال
1963ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان ايم اي جي ڊگري
حاصل ڪئي. اباڻي ڳوٺ واپس اچڻ بعد هو صاحب پنهنجي
زمين سنڀالڻ ۾ مصروف ٿي ويو. کيس شڪار ڪرڻ جو شوق
ننڍپڻ کان ئي هيو ڇاڪاڻ ته ڀٽو خاندان جا تمام
سربراهه دعوتن، شڪار ۽ مهمان نوازي ۾ سنڌ اندر
پنهنجي مقام رکندا هيا. ان دور ۾ وڏن نوابن،
جاگيردارن، سردارن ۽ وڏيرن يا سندن اولاد جو
پسنديده شوق شڪار ڪرڻ هوندو هيو پر ممتاز علي ڀٽو
صاحب کي اهو شوق وڏي جنون جي حد تائين هيو. هو
جهنگل ۾ ڪچي جي ظالم جانور سوئر جو شڪار وڏي شوق
سان ڪندو هيو. وٽس اعليٰ شڪاري ڪتن جا ٽولا هوندا
هيا. سوئر تي حملو ڪندو هيو پاڻ سنڌ جي دلير
روايتي وڏيري جي طبيعت رکندڙ نوجوان هيو. سندس
اٿڻ، ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ، رعب ۽ دٻدٻي واري
شخصيت مان سنڌ جو ٺيٺ وڏيرڪو پڻ ظاهر ٿيندو آهي.
ڪيٽي ڀٽو ۾ سندس ڪيتريون ئي شڪار لاءِ ڍنگرن جون
پيهيون ۽ اوطاقون ٺهيل هونديون هيون. هن دور ۾ پاڻ
هڪ سرگرم يارن دوستن جو وڏو حلقو رکندڙ نوجوان
وڏيري جي حيثيت ۾ سڃاتو ويندو هيو. سندس نوجوان
سوٽ مسٽر ذوالفقار علي ڀٽو ان وقت سياست ۽ حڪومت
جي ايوانن ۾ پاڻ مڃائي چڪو هيو. سال 1956ع ۾
ڪنوينشن مسلم ليگ ۽ پاڪستان جي صدر جنرل محمد ايوب
خان اليڪشن ڪرايون، ان وقت ملڪ ۾ پي ڊي سسٽم هيو ۽
قومي اسيمبلي جي سڌو سنئون چونڊ ڪو نه ٿيندي هئي.
ان وقت جي وزير خارجه پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽو
صاحب اليڪشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڀٽو صاحب پنهنجي
نوجوان بئريسٽر سوٽ مسٽر ممتاز علي ڀٽو کي پاڻ سان
سياست ۾ ٻانهن ٻيلي ڪندي ميدان ۾ آندو.
5 مارچ 1965ع ۾ 22 سالن جي عمر ۾ممتاز علي ڀٽو صاحب
لاڙڪاڻي مان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو. جڏهن
ڀٽو صاحب جا صدر جنرل محمد ايوب خان سان تاشقند
معاهدي تي اختلاف ٿيا ۽ هن وزارت خارجه تان
استعيفا ڏني تڏهن ممتاز علي ڀٽو صاحب پهريون دفعو
قومي اسيمبلي ۾ ڀرپور تقرير ڪندي پنهنجي صلاحيتن
جو مظاهرو ڪيو. ان دور ۾ سندس قومي اسيمبلي ۾ ڪيل
تاريخي تقرير کي هڪ ننڍي ڪتابچي ”اوندهه ۾ آواز“
جي عنوان سان شايع ڪرايو ويو. جڏهن جناب ذوالفقار
علي ڀٽو تاريخ 30 نومبر 1967ع تي پنهنجي الڳ سياسي
جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو، تڏهن
ممتاز علي ڀٽو صاحب کي پيپلز پارٽي جي باني ميمبر،
سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميمبر کان علاوه پارٽي جي
چئن اصولي ڪميٽي جي ميمبر مان هڪ هئڻ جو اعزاز
حاصل ٿيو. ڀٽو صاحب سيپٽمبر 1968ع کان جنرل محمد
ايوب خان صاحب خلاف جمهوري جدوجهد جو آغاز ڪيو ته
هو به هن تحريڪ ۾ ٻانهن ٻيلي هيو ۽ پيپلز پارٽي جي
قائد ڀٽو صاحب سان 13 نومبر 1968ع تي پڻ ڊي پي آر
تحت گرفتار ٿيو پوءِ چٽگانگ، ڍاڪا ۽ مري جي جيلن ۾
قيد رهيو. تاريخ 17 ڊسمبر 1970ع جي پهرين عوامي
اليڪشن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ٻن قومي اسيمبلي جي سيٽن
تان سنڌ جا ٻه اڳوڻا وزيراعليٰ ۽ مرد آهن. دوست
خانبهادر محمد ايوب کهڙو ۽ قاضي فضل ا صاحب
اميدوار بيٺا، جڏهن ته سندن مقابلي ۾ ٻه نوجوان
سوٽ مسٽر ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مسٽر ممتاز علي ڀٽو
آمهون سامهون هيا. مسٽر ممتاز علي ڀٽو هن مقابلي ۾
قاضي صاحب کي تاريخي عبرتناڪ شڪست ڏني. مرڪز ۾
مغربي پاڪستان اندر پيپلز پارٽي ۽ مشرقي پاڪستان ۾
عوامي ليگ اڪثريت حاصل ڪئي ته پوءِ شيخ مجيب
الرحمان صاحب سان مذاڪراتي ٽيم ۾ پ پ پاران مسٽر
ممتاز علي ڀٽو پڻ ڪميٽي جو ميمبر هيو. مذاڪرات
دوران شيخ مجيب صاحب پاران ڇهه نڪاتي پروگرام ۽
صوبائي خودمختياري بابت ڳالهين مان ممتاز ڀٽو صاحب
کي گهڻو تجربو ٿيو ۽ هن خودمختياري جو ويجهو جائزو
ورتو. جڏهن ڊسمبر 1971ع ۾ ڍاڪا جي شڪست بعد مشرقي
پاڪستان الڳ ملڪ ٿي ويو تڏهن مغربي پاڪستان ۾
اقتدار پيپلز پارٽي حوالي ڪيو ويو. ڀٽو صاحب تڏهن
مغربي پاڪستان ۾ اقتدار پيپلز پارٽي حوالي ڪيو
ويو. ڀٽو صاحب پنهنجي ”ٽيلينٽيڊ ڪزن“ ممتاز ڀٽو
صاحب کي سنڌ صوبي جو انتظامي سربراهه مقرر ڪيو. هن
24 ڊسمبر 1971ع تي سنڌ جي گورنر ۽ چيف مارشل لا
اينڊمنسٽريٽر جو حلف کنيو. پهريون ڀير پاڪستان جي
حڪومتي سياست ۾ نوجوان قيادت کي صوبن جو انتظامي
سربراهه مقرر ڪيو ويو. سياست ۾ نوجوان قيادت کي
صوبن جو انتظامي سربراهه مقرر ڪيو ويو. جنهن ۾
ممتاز صاحب کان علاوه ملڪ غلام مصطفيٰ کر گورنر
پنجاب ۽ حيات محمد خان شير پائو گورنر سرحد مقرر
ٿيا. عارضي طرح سان صدارتي نظام هلائڻ بعد تمام
پارٽين پارليامينٽري آئين ٺاهيو جنهن موجب پهرين
مئي 1972ع تي پاڻ سنڌ جي وڏي وزير جي حيثيت ۾ حلف
کنيائين. بحيثيت وزيراعليٰ سنڌ ممتاز علي ڀٽو صاحب
جي شخصيت هڪ بهترين ۽ ڪامياب انتظامي سربراهه جي
اڀري. سندس دور حڪومت ۾ مرڪز ۾ ٿيندڙ ڀٽو صاحب جي
انقلابي فيصلن کي عمل ڪرائڻ شامل هيو. جڏهن ڀٽو
صاحب ليبر اصلاحات نافذ ڪيا ۽ ڪارخانا سرڪاري
تحويل ۾ ورتا تڏهن ڪارخانيدارن پاران ڪراچي ۾ رد
عمل طور من پسند پاڪيٽ يونين وسيلي مزدورن جي نالي
تي هڙتالون ڪرائڻ، تالا بندي ۽ جلوس مظاهرا روزانو
جو معمول ٿي ويو. مقصد حڪومتي مشينري کي ناڪام
بڻائي ثابت ڪرڻ ته سرڪاري تحويل ۾ ڪارخانا هلي نه
سگهندا پر ممتاز علي صاحب پنهنجي اعليٰ ذهانت ۽
فيصلي جي قوت سبب وڏا سخت ۽ مشڪل فيصلا ڪري قدم
کڻي ان سازش کي ناڪام بڻايو. سنڌي ٻولي کي سنڌ جي
سرڪاري دفتري ٻولي جو بل اسيمبلي کان پاس ڪرايو ته
اردو پريس ۽ نواب مظفر حسين خان جي پارٽي پنجابي
پٺاڻ مهاجر محاذ پاران هڙتالون جلسا جلوس ڪڍيا ۽
تشدد واقعا پيش آيا. هن صاحب انهن بحرانن کي به
وڏي جرئت سان منهن ڏنو ۽ سنڌي ٻولي بابت اسيمبلي ۾
تقرير ڪندي اعلان ڪيائين ته ”سنڌ لاءِ هڪ سر ته ڇا
پر ڏهه سر به قربان آهن.“ پوءِ کيس ”ڏهيسر سنڌ“ جو
خطاب ڏنو ويو. هن صاحب سنڌ جي انتظامي مشينري کي
حڪمن جو پابند ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پنهنجا
دروازا کولي رکڻ جا حڪم ڏنا. جيڪڏهن ڪنهن به
ڪاموري حڪم نه مڃيو ۽ غريبن شڪايت ڪئي ته ڪامورو
هڪدم بدلي ٿي ويندو هيو نه صرف ايترو پر اهڙن
بيورو ڪريسي جي بادشاهن کي سنڌ مان بدلي ڪري ٻين
صوبن جي ننڍن شهرن ڏانهن موڪليو ويندو هيو. ڊپٽي
ڪمشنر ۽ ايس پي صاحب ضلعي امن امان قائم ڪرڻ جا
ذميوار هوندا هئا. ممتاز علي ڀٽو صاحب پاڻ ٻهراڙين
جا دورا ڪري کليل ڪچهريون لڳائي عوام جا مسئلا حل
ڪندو هيو پوءِ ڪنهن به ڪاموري جي مجال هئي جو ڪو
غلط عوام دشمن قدم کڻي پاڻ کي مصيبت ۾ وجهي. سندس
دور ۾ ڪامورا حاڪم نه پر خادم جو ڏيک ڏيندا هيا.
اڄ جي دور وانگر ائين ڪو نه هيو ته وزيراعليٰ ۽
ٻين وزيرن جا حڪم نه مڃيا وڃن ۽ وزير صاحب ڪامورن
کي فون تي عرض ڪندا وتن. ڪو به آرڊر ٿيو ته ان تي
عمل ٿيندو.
نوڪري لاءِ به هڪ دفعو نوٽ لڳو ته نوڪري ملي ويندي. سندس دور ۾
پارٽي جي ورڪرن جي وڏي عزت اهميت ۽ حيثيت هوندي
هئي. ضلعي، تعلقي ۽ ڳوٺن جا مسئلا ته اتي جا ورڪر
حل ڪرائيندا هيا. هر ضلعي ۾ پيپلز پارٽي جو ضلعي
صدر روزانو آفيس کولي عوام جا مسئلا حل ڪندو هيو ۽
پارٽي جي آفيس اهنج دور آفيس هوندي هئي. پيپلز
پارٽي جي ورڪر جي عزت ۽ شان جيڪو هن دور ۾هيو وري
ڪڏهن نه نظر آيو.
هن صاحب پنهنجي منصوبابندي سان سنڌ جي
ڳوٺن کي گهڻي ترقي وٺرائڻ لاءِ ضلعي رابطا ڪائونسل
۽ پيپلز ورڪس پروگرام تي تمام گهڻي محنت ڪندي
ٻهراڙي ۾ شعور وڌائڻ لاءِ مفت ريڊيا ورهائڻ، نلڪا
لڳائڻ، روڊ رستا اسڪول ۽ اسپتالون ٺهرائڻ، بجلي ۽
فون پهچائڻ لاءِ وڏو پاڻ پتوڙيو. ائين محسوس ٿيندو
هيو ته ٻهراڙي جو غريب ماروئڙو ريڊيو فون، بجلي،
رسي جي سهولت حاصل ٿيڻ سان رنگين دنيا جي شهري
زندگي مان ڪجهه لاڀ ماڻيو. ٻهراڙي جو ماڻهو روزگار
لاءِ شهرن ڏانهن آيو. سنڌ جو شهرن ۾ وڌيڪ ميڊيڪل
ڪاليج قائم ٿيا ۽ ڊاڪٽر جو تعداد وڌيو. غريب جو
ٻار تعليم حاصل ڪري سٺن عهدن تي پهتو. شهر ۽
ٻهراڙي جو عوام اڳ هڪ ٻئي لاءِ اجنبي هيا پر هاڻي
ٻهراڙين پڻ شهرن جون سهولتون ماڻي ترقي جي سوچ ۽
رستو ورتو. ممتاز صاحب وڏيرو هوندي به ٻهراڙي جي
ماڻهن سان پيار ڪيو. ڳوٺن کي اهميت ۽ ڳوٺاڻن کي
عزت ڏني. هن بند ڪمري ۾ ويهڻ سرڪاري پروٽوڪول کي
ڇڏي اٻوجهه سنڌين سان سڌو سنئون رابطو رکيو. وڏيرن
۽ ڪامورن پاران ظلم جي زنجيرن ۾ جڪڙيل غريب هارين
نارين کي آزاد ڪري ڇڏيو. سخت ايڊمنسٽريشن ۾ ۽ صوبي
جي انتظامي معاملن تي ڪنٽرول ڪري ڪامورا کيس
پنهنجي وقت جو سخت گير حاڪم سڏيندا آهن. سندس
ٻهراڙي جي عوام سان انتهائي گهڻي محبت جو مثال سال
1973ع ۾ سنڌ صوبي ۾ آيل ٻوڏ وقت نظر آيو. جيئن ته
ان سال سنڌ ۾ وڏو سيلاب آيو ۽ سنڌ جا ڳوٺ ٻڏي ويا.
ماڻهو پنهنجي جان بچائي درياهه جي ڪناري تي ويٺا.
کين ڪجهه به هٿ نه آيو. ممتاز صاحب اهو سيلاب جو
سڄو مهينو درياهه جي ڪناري تي ويٺل ماروئڙن وٽ وڃي
گذاريو. صبح کان وٺي رات تائين ننڊ حرام ڪري
ستايلن وٽ پهچندو هيو. سندس اهڙي طوفاني دورن
ڪامورن جون ننڊون حرام ۽ حوصلا خطا ڪري ڇڏيا.
ڪيترا ڪامورا پاڻ گهر بدران درياهه جي ڪناري
سمهندا هيا. ڪا به خبر ڪو نه هئي ته ڪهڙي وقت
ممتاز صاحب پهچي ويندو. ممتاز صاحب جي هارين ۽
غريبن سان ايتري ته محبت هئي جو هو هر هنڌ سيلاب
جي ستايلن لاءِ امداد جي نگراني ڪرڻ خاطر پاڻ
پهچندو هيو. بند ٻڌڻ لاءِ پاڻ ڪوڏر هڻندو هيو. ننڊ
آرام نه ملڻ ڪري سندس ڏاڙهي وڌي وئي هئي. هو سيلاب
جي ستايلن بيوس ماروئڙن لاءِ هڪ ڇپر، ڇانو، آسرو،
اميد، سهارو ۽ سرواڻ ٿي اڀريو اهو ئي سبب آهي جو
ماڻهن کيس پنهنجي دلين ۾ جڳهه ڏني. شڪاري وڏيري
بدران قابل احترام قومي هيرو بڻايو. هن کي هڪ
غيرتمند ۽ سنڌ جي حقن جو محافظ يا ترجمان سياستدان
سمجهڻ لڳا. پاڻ به هڪ مضبوط حوصلي وارو انتظامي
سربراهه ثابت ٿيو. عام سنڌي نوجوانن کي لکن جي
تعداد ۾ ملازمتون ڏنائين، سندس وڏ وزارت ۾ ڪراچي
جي روڊن رستن تي سنڌي نظر اچڻ لڳا. هر هڪ دفتر ۾
سنڌي نوجوان ڳالهائيندو نظر آيو. ڪراچي اڳ سنڌين
لاءِ اجنبي هئي پر سندس دور ۾ سنڌين جو شهر بڻجي
ويو. جيئن ته ممتاز صاحب پنهنجي مرضي جو مالڪ
انتظامي سربراهه هيو، تنهن ڪري پارٽي اندر سندس
حمايت به گهڻي ۽ مخالفت به گهڻي هوندي هئي. اهو ئي
سبب هيو جو سنڌ جي ڪجهه گادي نشينن ۽ رئيسن پاران
هن جي مخالفت وڌي وئي. آخر انهن رئيسن وڏيرن کي
خوش ڪرڻ لاءِ کانئس وڏ وزارت جو منصب تاريخ 19
آڪٽوبر 1973ع تي واپس ورتو ويو. وڏ وزارت ڇڏڻ جو
ٻيو وڏو سبب سنڌي ماڻهن، قوم ۽ سنڌ جي حاڪميت وارو
حق مرڪز کان مڃرائڻ هيو. هي ڳالهه به ٻڌائڻ ضروري
آهي ته جڏهن ممتاز صاحب وڏ وزارت تان هٽايو ويو
تڏهن اها هن جي زندگي ۾ پهرين هار هئي. کيس ڏک ته
گهڻو پهتو پر وري به پنهنجي قائد ۽ پارٽي چيئرمين
جو فيصلو قبول ڪندي خاموش رهيو، ڪا به تنظيمي خلاف
ورزي ڪو نه ڪيائين. ممتاز علي ڀٽو صاحب وڏ وزارت
ڇڏڻ بعد پنهنجو سياسي تجزيو ڪندي محسوس ڪيو ته
پيپلز پارٽي ۾ به زندهه رهڻ لاءِ پنهنجو گروپ هجي
اهو سوچي جڏهن هو ميدان ۾ آيو ته سنڌ جي پارٽي
ورڪر ۽ غريب عوام سندس شاندار آجيان ڪئي. ڪراچي ۾
تاريخ 30-31 ڊسمبر سال 1973ع پ پ سنڌ جو ڪنوينشن،
هوشو باغ لاڙڪاڻو جو جلسو ۽ المنظر سئنيما لاڙڪاڻو
۾ پ پ ضلعي ڪنوينشن کان علاوه تاريخ 20 آڪٽوبر سال
1974ع تي لاڙڪاڻو اسٽيڊيم ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب
جي مان ۾ ڏنل آجياڻو جا نظارا سياسي ورڪرن کي ياد
آهن. سندس احترام ۽ استقبال ۾ڪيترن منٽن تائين
عوام تاڙيون وڄائي من موهيندڙ اڏر ڀاءُ ڪيو. انهن
استقبالن ممتاز صاحب کي اقتدار کان ٻاهر اچڻ بعد
محسوس ڪرايو ته ماڻهو کيس حڪومت ۾ چڱن ڪمن ڪرڻ
بدلي ڪيترو چاهين ٿا. هي سندس شخصي استقبال هيو
جنهن جو ڪو به اڳواٽ انتظام ڪو نه ڪيل هيو. ان بعد
هن صاحب پنهنجي لاءِ شاگردن جي تنظيم سپاف (ممتاز
گروپ) ٺاهي جنهن ۾ مان به سنڌ جو سينيئر وائيس
چيئرمين هيس. شاگردن جي هن تنظيم سنڌ ۾ وڏو ڪم
ڪندي پيپلز پارٽي کي گهڻو پريشان ڪيو ڇاڪاڻ ته
نوجوان شاگرد ۽ وري ممتاز صاحب جهڙو دلبر شخص هجي
ته پوءِ هر هنڌ صرف سنڌ جا قومي مسئلا ئي موضوع
بڻجي ويا. |