سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي

 

صفحو :6

سنڌ ۾ سياسي پارٽي قائم ڪرڻ جي ڏس ۾ به اعزاز سر شاهنواز خان جي طرف ويندي نظر اچي ٿو. آخر سنڌ جي سياستدان محسوس ڪيو ته سندن سياسي نظرين يا سوچن کي سياسي فيصلن ۽ عمل جي ضرورت آهي، جڏهن ته محمدن ايسوسيئيشن يا سنڌ آزاد ڪانفرنس اتحاد هيا. انهن جي سياسي پارٽي جي حيثيت ڪونهي. ان ڏس ۾ تمام مشهور سياسدانن پاڻ صلاحون ڪيون، آخرڪار 13 جون 1936ع تي سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون نج سياسي بنيادن پروگرام، مقصدن ساڻ هڪ سياسي پارٽي ”سنڌ پيپلز پارٽي“ وجود ۾ آئي، جنهن جو پهريون صدر سر شاهنواز خان ڀٽو چونڊيو ويو. جڏهن ته خان بهادر الهه بخش سومرو، نائب صدر، حاتم علوي سيڪريٽري ۽ سائين جي ايم سيد جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو. هن پارٽي سنڌ جي سياست ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي پنهنجي پارٽي کي اسيمبلي اليڪشن ۾ ڪامياب ڪيو ۽ اليڪشن ڪاميابي ۾ اول پوزيشن حاصل ڪئي پر هي پارٽي گهڻو عرصو هلي نه سگهي ڇاڪاڻ ته سر شاهنواز خان سنڌ جي سياست کان ترقي ڪندي بمبئي ۾ وفاقي وزير ٿيو ۽ سنڌ کان گهڻو وقت ٻاهر بمبئي ۾ رهڻ لڳو جڏهن ته باقي پوين عهديدارن يا ٻي قيادت سنڌ پيپلز پارٽي کي قائم دائم رکي نه سگهي. 11 اپريل 1935ع تي سنڌ جي آزاد صوبي ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي سياست ۾ جوش جذبو پيدا ٿيو. سنڌ ۾ ٻه نيون سياسي پارٽيون وجود ۾ آيون، دراصل اڳ ٻه سياسي گروپ هيا جنهن ۾ هڪ سر شاهنواز خان ڀٽو جو ۽ ٻيو سر غلام حسين هدايت ا﷢ هيا. سر شاهنواز خان ڀٽو سان اثر واريون شخصيتون خان بهادر الهه بخش سومرو، سيد ميران محمد شاهه، محمد هاشم گزدر، خانبهادر غلام نبي شاهه، محترم جي ايم سيد، مخدوم صاحب آف هالا هيا. جڏهن ته مخالف گروپ ۾ پير صاحب پاڳارو، سردار عبدالرحيم خان کوسو، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، مسٽر نور محمد وڪيل ۽ سيد محمد عامل شاهه شامل هيا. 31 آڪٽوبر 1936ع تي ”سنڌ اتحاد پارٽي“ قائم ٿي جنهن جو ليڊر سر شاهنواز خان ڀٽو ۽ ڊيوٽي ليڊر سر عبدا﷢ هارون چونڊيا ويا. جڏهن ته ٻي سياسي پارٽي ”مسلم پوليٽيڪل پارٽي“ نالي غلام حسين هدايت ا﷢ جي قيادت ۾ ٺهي، سر شاهنواز ڀٽو جي اتحاد پارٽي غير فرقيوار رنگ نسل ۽ مذهب جي تنگ نظرين کان آزاد روشن خيال ۽ لبرل سوچن تي عمل ڪندڙ پارٽي هئي، جڏهن ته سر غلام حسين هدايت ا﷢ جي مسلم پوليٽيڪل پارٽي هڪ مڪمل فرقيوار ۽ مسلمانن جي حمايت ۾ جماعت اسلامي جي انداز واري پارٽي هئي. سر شاهنواز جي سنڌ اتحاد پارٽي جو نعرو سنڌ ۾ رهندڙ سڀني فرقن ۽ مذهبن وچ ۾ ڀائيچارو ۽ سهڪار هيو. جڏهن ته مسلم پوليٽيڪل پارٽي جو نعرو هندو مسلم فرقيواريت هيو. ٻنهي پارٽين وچ ۾ سنڌ جي تاريخ ۾ اليڪشن جو وڏو مقابلو ٿيو. نتيجي ۾ سر شاهنواز خان ڀٽو جي سنڌ اتحاد پارٽي وڏي اڪثريت ساڻ فتح حاصل ڪندي 42 سيٽون کٽيون پر پارٽي جو ليڊر سر شاهنواز خان ڀٽو فرقيواريت جو شڪار ٿي ويو ۽ هڪ مذهبي مسلمان ٿيندڙ اڳواڻ شيخ عبدالمجيد سنڌي کان هارائجي ويو. سندس ڊيوٽي ليڊر سر عبدا﷢ هارون به هارائجي ويو. قائد جي شڪست بعد پارٽي اقتدار ليڊر ۽ چونڊيل ميمبر سائين محترم جي ايم سيد پنهنجي سيٽ خالي ڪري ڏيڻ جي آڇ ڪئي پر گورنر ۽ سر شاهنواز خان اصولن جي آڌار تي اها آڇ ۽ ڳالهه قبول نه ڪندي فرقيوار سياست واري لاڙن جي بالادستي سبب سياست مان 49 سالن جي عمر ۾ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو صاف سٿري سياست ۾ يقين رکندو هيو. اقتدار حاصل ڪرڻ خاطر مذهب کي استعمال ڪرڻ خلاف هيو. هن واقعي سر شاهنواز کي سخت صدمو پهچايو ته سنڌ جي سڄي ڄمار خدمت ڪرڻ، سنڌ لاءِ ڪارنامن ۽ لازوال فتح حاصل ڪندڙ هر دور ۾ هر سياسي تحريڪ جو قائد هر اليڪشن ۾ بنا مقابلي فتح ماڻيندڙ شخصيت کي مذهبي بنياد تي شڪست ملي هو سنڌ مان هميشه لاءِ بمبئي منتقل ٿي ويو ۽ پوءِ سنڌ ۾ سياسي توازن ڪو نه رهيو.

سر شاهنواز ڀٽو صاحب سنڌ ۾ جديد سياست جو باني سڏجڻ جو مڪمل حقدار آهي، ڇاڪاڻ ته هن صاحب سنڌ جي وڏيري کي رڇ ڪتن جي ويڙهه، اجايو اوطاقن ۾ ويهي ڪچهرين ۾ وقت ضايع ڪرڻ بدران ملڪي معاملن ۾ حصو وٺڻ ۽ روز مره جي زندگي ۾ ٽائيم ٽيبل سان رهڻ، سياسي پارٽين ٺاهڻ، ضلعي لوڪل بورڊن جي فنڊن مان اسپتالون ٺاهڻ، اسڪولن جو معيار بهتر بڻائڻ، زراعت ۽ واپار کي زور وٺائڻ لاءِ ضلعي ڪوآپريٽو بينڪ هلائڻ، سنڌ جي تمام برادرين ۽ جاگيردارن جا اتحاد ٺاهي سنڌي سماج ۾ امن امان قائم ڪرڻ، سنڌ لاءِ ڌار صوبائي حيثيت، سکر بئراج قائم ڪرائي سنڌ جي زراعت کي مضبوط ڪرڻ، غربت بيروزگاري، جهالت، بيماري ختم ڪرڻ ادب ۽ قلم جي مان وڌائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ، ڀائيچارو ٻڌي پيدا ڪرڻ، تنگ نظريي ۽ تعصب کان پاڪ معاشري لاءِ عملي طرح پاڻ پتوڙيو هن گهٽ انگريزي تعليم هوندي به سنڌ مان انگريزن سان بهتر لاڳاپا قائم ڪيا، هو انگريزن ۽ سنڌ جي ماڻهو وچ ۾ لاڳاپو هيو، هن سنڌي سماج کي مهذب ڪرڻ، جديد سهولتن ڏيڻ ۽ شائسته سياست ڪرڻ لاءِ پاڻ ملهائيو. هن پنهنجي لاءِ سنڌ ۾ زراعت ۽ ڪاموري طبقي کان علاوه هر هڪ کي پنهنجو دوست بڻايو، مخالفتن ۽ اختلافي سياست ۾ وقت ضايع نه ڪيو، هن سڀ کان اول پنهنجي لاڙڪاڻي شهر ۾ لاهوري محلو يا المرتضى هائوس واري روڊ سان ڀٽو ڪالوني ۾ تمام گهڻا بنگلا ٺهرايا جن ۾ گهڻو ڪري انگريز آفيسرن جا دفتر هيا، هتان سندس دوستاڻا ناتا وڌندا ويا. در اصل هو سياست ۾ ڪاميابي لاءِ شخصيت جو هر فن مولا هئڻ کان علاوه متاثر ڪرڻ جي خاص اسٽائيل رکڻ جو حامي هو. سندس خيال هو ته سياست ۾ اهڙي اڳواڻ جي ضرورت هوندي آهي جنهن ۾ اڪيلي سر ماڻهن جي قسمت بدلائڻ جون صلاحيتون هجن جيڪي مهاتما گانڌي يا محمد علي جناح ۾ هيون پوءِ سندس فرزند ذوالفقار علي ڀٽو پڻ انهن اڳواڻن مان ثابت ٿيو، هو پر امن منصوبابندي عام غريب جي خدمت ڪرڻ، گهڻي عرصي لاءِ لاڀ ماڻيندڙ منصوبن واري سياست جو اڳواڻ هيو. اقتدار ۾ رهي عوام جي بهتر مسلسل ۽ عملي خدمت ڪرڻ جي فلسفي تي يقين رکندو هيو.

سياست واري عرصي ۾ سر شاهنواز خان مختلف عهدن تي رهيو ۽ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيائين. سڀ کان پهريائين لاڙڪاڻي ضلعي جي سياست ۾ نالو ڪمائڻ ۽ ڌاڪو ڄمائڻ بعد دهلي جي دائري ۾ پهتو. 1919ع کان 1920ع تائين هڪ سال لاءِ سنڌ جي جاگيردارن ۽ زميندارن پاران اميپريل ڪائونسل دهلي لاءِ نمائندو چونڊيو ويو. سال 1921ع کان 1936ع تائين مسلسل 15 يا 16 سال بمبئي ڪائونسل تي ميمبر چونڊيو ويو، جيڪو ڪنهن سنڌي يا سنڌ جي مسلمان لاءِ وڏو اعزاز آهي.

سال 1920ع کان 1930ع تائين لاڙڪاڻي ضلعي  ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ اعزازي فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ به رهيو. هو سال 1925ع کان 1933ع تائين لڳاتار اٺن سالن تائين بمبئي ڪائونسل ۾ مسلمان اسيمبلي ميمبرن جو قائد رهيو، سال 1933ع ۾ بمبئي سرڪار ۾ لوڪل سيلف گورنمينٽ کاتي جو وزير ٿيو. اپريل 1937ع کان 1945ع تائين ميمبر پبلڪ سروس ڪميشن رهيو، جتي سنڌين ۽ مسلمانن کي صلاحيتن ۽ قابليت جي آڌار تي نوڪرين جو حق ڏيارڻ لاءِ پاڻ پتوڙيائين، انگريز گورنر سر لئن سيلا گرهام 1937ع ۾ کيس سنڌ لاءِ پنهنجو ايگزيڪيوٽو ايڊوائيزر مقرر ڪيو. سندس ڊپلوميسي، انتظامي ۽ سياسي ڏاهپ صلاحيتن ۽ ڪاميابين کي ڏسندي سال 1945ع ۾ رياست جونا ڳڙهه جي نواب مهابت خان جي کيس جونا ڳڙهه رياست جو ديوان مقرر ڪيو، هي عهدو وزيراعظم جو هيو، جنهن منصب تي 1948ع تائين رهيو. جڏهن هندستان سرڪار جونا ڳڙهه رياست تي قبضو ڪيو تڏهن هو نواب مهابت خانجي راجا آف جونا ڳڙهه رياست سان پاڪستان موٽي آيو. هتي اچڻ مهل پاڻ صحت جي لڳاتار خرابي سبب سياست تان ڪناره ڪش رهيو ۽ پنهنجي خاندان سان وقت گذارڻ لڳو. کيس بهترين ڪارنامن ۽ خدمتن سبب مختلف اعزاز پڻ ڏنا ويا. جنهن ۾ سال 1919ع ۾ ”او بي او“ سال 1924ع ۾ ”قيصر هند“ سال 1925ع ۾ ”سي آءِ اي“ کان علاوه 1 جنوري 1930ع تي ”سر“ جا خطاب شامل آهن. پاڻ ٻه شاديون ڪيائين، پهرين خانداني زال مان سڪندر علي خان ۽ امداد علي خان ڀٽو ٻه پٽ هيا، جيڪي جواني ۾ ئي انتقال ڪري ويا. ٻئي پٽ تمام گهڻا حسين ۽ دلير هيس، پويان ٻي زال مان ذوالفقار علي ڀٽو هيو جنهن پنهنجي والد جي فلسفي ۽ سوچن کي عملي روپ ڏيندي اعلى تعليم حاصل ڪئي. عوام جي خدمت ڪئي ۽ سنڌ پيپلز پارٽي کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي نالي ۾ ٻيهر جياريي. ڀٽو خاندان جي نالي کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو. جنهن گدڙ جي سئو سالن جي زندگي کان شينهن جي هڪ ڏينهن عزت واري زندگي جو نعرو هڻندي سولي کي للڪاريو. جنهن ڀٽو خاندان کي تاريخ ۾ امر ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي موت تي دنيا کي روئاري ڇڏيو. سر شاهنواز خان ڀٽو 69 ورهين جي ڄمار ۾ 17 نومبر 1985ع تي انتقال ڪري ويو. سر شاهنواز ڀٽو جي نسل کي اهو اعزاز حاصل آهي ته سندن پورو خاندان مڪمل طرح سان ڪل وقتي سياست ۾ سرگرم عمل آهي هو پاڻ رياست جونا ڳڙهه جو وزير اعظم رهيو، سندس پٽ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پوٽي محترمه بينظير ڀٽو لڳاتار پاڪستان جا وزير اعظم رهيا. اهڙي طرح ڀٽو خاندان جي ٽن نسلن وزيراعظم جو منصب ماڻي سياست جي ميدان ۾ هيٽرڪ مڪمل ڪري ورتي آهي.

 مددي ڪتاب: جنب گذاريم جن سين، سنڌي ادبي بورڊ لائبريري جا ڪتاب، سنڌالاجي لائبريري، اهي ڏينهن اهي شينهن، گل حيات انسٽيٽيوٽ، مهراڻ رسالا، ڊاٽر آف ايسٽ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org