2 اپريل تي فوج جا عملدر آمد ٿيا ۽ کين چيو ته ڀٽو
صاحب سان ملاقات لاءِ هلو، پر بينظير بيماري جو
بهانو ڪري هڪ ڏينهن ڀٽو صاحب جي زندگي بچائي ۽ قيد
۾ پنهنجي بورچي ابراهيم کي خط ڏئي پنهنجي سهيلي
ياسمين ڏانهن موڪليو جنهن بي بي سي کي بينظير جو
آخري پيغام پهچايو ۽ رات جو خبرن ۾ آيو ته بينظير
جيل مان پيغام موڪليو آهي ته 3 اپريل تي اسان جي
ڀٽو صاحب سان آخري ملاقات آهي پر بي بي سي عوام کي
احتجاج ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻ جي اپيل ڪو نه ٻڌائي.
سندن آخري اميد به ختم ٿي وئي، ڇاڪاڻ ته ٻئي ماءُ
ڌيئر شهيد ڀٽو کي قيد ۾ رهي ٻيو ڪيئن بچائي سگهن
پيون. هنن آخري ڏينهن به ڪوشش ڪئي ته پارٽي جي
سينٽرل ڪميٽي ۽ عوام ميدان ۾ اچي شهيد ڀٽي کي
بچائن. دنيا جي سفيرن کي ۽ حاڪمن کي ڄاڻ ملي پر
سندن اها ڪوشش به ڪامياب نه ٿي. ٽين اپريل تي فوجي
عملدارن جي هڪ تيز رفتار جيپ ٻنهي کي سهاله مان
کڻي راولپنڊي جيل پهتي جيل جا دروازه کليا ۽ بند
ٿيا. جيل جي ليڊيز پوليس پهريان سهاله پوءِ
راولپنڊي جيل ۾ پهچڻ تي محترمه بينظير ۽ سندس
والده جي تلاشي ورتي، ڇهن ڦٽن جي ڦاسي واري ڪوٺڙي
۾ بند اونداهي ڪمري ۾ ويٺل ڀٽو صاحب ٻنهي کي گڏ
ملاقات لاءِ ڏسي حيران ٿي ويو ۽ پڇي ٿو ”هيءَ آخري
ملاقات آهي ڇا؟“ پاڻ سنڀاليندي چئي ٿي ته ”شايد“
پوءِ جيل سپرنٽينڊنٽ ٻڌائي ٿو ته ”اها آخري ملاقات
آهي ۽ صبح جو ڦاسي ڏني ويندي“ ڀٽو صاحب اطمينان
سان ملاقات جو وقت معلوم ڪري ٿو جواب ملي ٿو ته اڌ
ڪلاڪ، ڀٽو صاحب چئي ٿو ته جيل قانون مطابق ته هڪ
ڪلاڪ آهي وري جواب ملي ٿو ته اهو حڪم آهي، ڀٽو
صاحب چوي ٿو ”پوءِ انتظام ڪر ته آئون غسل ۽ شيو
ڪريان. هيءَ دنيا ڏاڍي خوبصورت آهي. آئون صاف سٿرو
ٿي اها ڇڏڻ گهران ٿو.“ بينظير ڀٽو صاحبه لاءِ هيءَ
گهڙي زندگي ۾ تمام وڏي امتحان واري هئي ڇاڪاڻ ته
هوءَ پنهنجي پيءُ جي تمام گهڻي پياري ڌيءَ هئي.
هوءَ به پنهنجي پيءُ کي گهڻو پيار ڪندي هئي. اهڙي
عظيم والد کان اڌ ڪلاڪ بعد هميشه لاءِ جدا ٿيڻ جو
خوفناڪ تصور هن جي ذهن، اکين، دل ۽ جسم ۾ گردش ڪري
پيو. سندس سيني ۾ سور جون سٽون اڀريون، جسم سيٽجي
سخت ٿي ويو ۽ اکين اڳيان اوندهه هئي پر هڪ بهادر
پيءُ جي بهادر ڌيءُ وقت جي نزاڪت کي محسوس ڪندي
فيصلو ڪيو ته همت نه هاريندي. بينظير پنهنجي بابا
جي ڪمري ۾ هڪ نظر وڌي هن ڏٺو ته عظيم شخص هيٺ تڏي
تي ويٺو آهي. ڪمري ۾ ٻيو ڪو به سامان ڪونهي، هن جي
ميز ۽ ڪرسي به کڻي ويا آهن. هن جو بسترو به ڪونهي.
ڀٽو صاحب پنهنجي هٿن سان ڪجهه رسالا ۽ ڪتاب بينظير
صاحبه کي ڏيندي چوي ٿو ته ”مان نه ٿو چاهيان ته
منهنجن شين کي هو ڇُهن“ ڀٽو صاحب وڪيلن پاران ڏنل
سگار به واپس ڏيندي چئي ٿو ته ”آئون هڪڙو سگار اڄ
رات لاءِ رکان ٿو.“ ڀٽو صاحب شاليمار ڪولون جي
شيشي به پاڻ وٽ رکي ٿو. بينظير هڪ دفعو ڳالهين
دوران پنهنجي بهادر بابا کي ڏسي ٿي پر موت جي
ڪوٺڙي ۾ روشني تمام گهٽ آهي ۽ سندس بابا چٽي طرح
نظر به نه ٿو اچي. اڳ محترمه بينظير ڀٽو کي پنهنجي
انقلابي بابا سان ڪوٺڙي ۾ گڏ ويهي ملاقات جي اجازت
هوندي هئي پر اڄ اها اجازت ڪونهي. ٻئي ڄڻيون ڪوٺڙي
جي دروازي جي لوهي شيخن سان چنبڙيون ويٺيون آهن.
ڀٽو صاحب کين پرڏيهه وڃڻ ۽ يورپ ۾ رهڻ لاءِ چوي ٿو
پر بينظير صاحبه چوي ٿي ته ”آئون ڪڏهن به ڪو نه
ويندس.“ ڀٽو صاحب مرڪي ٿو. ”پنڪي مون کي ڏاڍي خوشي
ٿي آهي تو کي خبر ڪونهي ته آئون توکي ڪيترو چاهيان
ٿو.“ جيل سپرنٽينڊنٽ چوي ٿو ته ”وقت ختم ٿي ويو.“
بينظير ڇوي ٿي ته ”مهرباني ڪري هن لوهي شيخن جو
دروازو کوليو مان پنهنجي پيءُ کان موڪلائڻ گهران
ٿي.“ ٻه دفعا جواب مليو ته نه. پوءِ بينظير صاحبه
لوهي شيخن مان پنهنجي بابا تائين ٻانهون وڌائي ٿي.
سندس بابا جيڪو مليريا، پيچش ۽ لڳاتار بکن ڪري ڳري
هڏا ٿي ويو هيو سو پاڻ کي ڇڪي اڀو ڪري پنهنجي
حوصلي مند ڌيءُ جي هٿ کي ڇهندي چوندي ٿو ”رات آئون
آزاد ٿي ويندس. پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ سان وڃي ملندس.
وڏڙن جي سر زمين ڏانهن واپس ويندس. اتي جي مٽي جي
خوشبو ٿي ويندس. منهنجي چوڌاري راڳ هوندا، آئون
اتي جي ڏند ڪٿا جو حصو ٿي ويندس.“ هو مرڪي ٿو. جيل
اختياري وارا اندر ڪاهي پون ٿا. ”خدا حافظ بابا“
بينظير بوجهل قدمن سان ويندي چوي ٿي. ”ان وقت
تائين جڏهن پاڻ وري ملنداسون.“ ڀٽو صاحب جا لفظ
بينظير جي ڪنن ۾ پهچن ٿا. وري گاڏي کين سهاله کڻي
وڃي ٿي. هو ٻئي بيقراري ۽ بيوسي جي عالم ۾ خدا
تعاليٰ کي ٻاڏائن ٿيون ”يا ا، شل ڪو معجزو ٿئي.“
”ڪجهه ته ٿيڻ گهرجي.“ ڀٽو صاحب پنهنجي خاندان کي
رحم جي اپيل ڪرڻ کان منع ڪئي هئي، تنهن ڪري سندس
گهر واري ۽ اولاد جنرل ضياءُ الحق کي رحم جي اپيل
به نه ڪئي، بينظير ڀٽو پنهنجي بابا جي زندگي جي
لمحن کي ختم ٿيندي ڳڻيندي رهي ٿي. سندس حال وس کان
بي وس ۽ برداشت کان ٻاهر ٿي ويو آهي. هوءَ دانهون
ڪرڻ چاهي ٿي زور سان روئڻ چاهي ٿي پر قيد جي دريءَ
کان ويٺل فوجي اهلڪارن جي موجودگي ۾ پاڻ کي ڪمزور
نه ٿي ظاهر ڪري. بهرحال اها پاڪستان جي ظلم جي
طويل ترين رات بينظير ڀٽو سندس والده ۽ والد ڪيئن
گذاري، تنهن بابت هڪ خدا کي خبر آهي، ٻيو انهن
انسانن کي جن جي جذبن کي لفظن ۾ سموئڻ به مشڪل
آهي. صبح جو جيل حڪام کان محترمه کي ڀٽو صاحب جي
سلوار قميص ۽ پتلون کان علاوه منڊي حاصل ٿي. 7
اپريل تي صبح جو فوجي عملدارن ماءُ ۽ ڌيءَ کي ڀٽو
صاحب جي ٽيجهي ۾ شرڪت لاءِ جيڪب آباد جي هوائي اڏي
تي لاٿو، جتان کين پردن سان شيشا بند ڪار ۾ سڌن
رستن بدران ڪچين گهٽين ۽ رستن وسيلي ڀٽو خاندان جي
قبرستان پهچايو. هتي محترمه بينظير پنهنجي بابا جي
پيرن واري جڳهه کي چميو ۽ عقيدت جا ڳوڙها پيش ڪيا.
وري ساڳئي رستي کين سهاله جي ڀوائتن ڪمرن ۾ داخل
ڪيو ويو.
والد جي وفات کان ست هفتا پوءِ مئي 1969ع جي آخر ۾
محترمه بينظير ۽ سندس والده کي سهاله مان آزاد ڪيو
ويو. هو هيڏي وڏي قيامت جهڙي پيڙا ۽ عذاب ڀوڳي نيٺ
پنهنجي خانداني گهر 70 ڪلفٽن ڪراچي ۾ موٽي آيون.
محترمه ايندڙ ماڻهن سان پنهنجي والد جي تعزيت قبول ڪندي
رهي ٿي. بينظير صاحبه جڏهن پنهنجي والد جي قبر تي
حاضري ڏيڻ لاءِ وڃي ٿي تڏهن جهازن کي منع ڪيو وڃي
ٿو ۽ هوءَ ريل رستي لاڙڪاڻي رواني ٿئي ٿي. هر
اسٽيشن تي هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن محترمه جو
استقبال ڪيو ۽ جتي اسٽيشن نه هئي اتي ماڻهو پٽڙي
تي سمهي پيا. هو محترمه سان شهيد ڀٽي جو غم ونڊائن
پيا. هن سفر دوران محترمه کي سنڌ واسين خطاب ڏنو.
هڪ نئون نعرو لڳو، ”مارئي ملير جي بينظير بينظير“
سڄي سنڌ بينظير کي پنهنجي ڀيڻ بڻايو. عوام جو اهو
جوش ڏسي محترمه جو حوصلو وڌيو ۽ وٽس عوام جي طاقت
۽ قوت ڪري اعتماد پيدا ٿيو، هن محسوس ڪيو ته عوام
هر وقت هر گهڙي شهيد ڀٽو سان گڏ هيو پر پيپلز
پارٽي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۽ مرڪزي رهنمائن قوم کي
رستن تي اچڻ جي اپيل ڪو نه ڪئي. هو جيلن ۽ ڪيسن
کان ڊڄي بزدلي جو مظاهرو ڪندي همت هاري ويٺا هيا.
هاڻي محترمه سياست ۾ اچڻ جو فيصلو ڪيو ڇاڪاڻ ته
هاڻي هو پارٽي جي انتظامي معاملن، پاليسين کان
علاوه ورڪرن جي شڪايتن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري بابت
حڪمت عملي جوڙڻ شروع ڪري ٿي، شهيد ڀٽو جي وفات بعد
بيگم نصرت ڀٽو صاحبه عدت ۾ ويٺي ۽ پارٽي جي مرڪزيت
محترمه بينظير ڏانهن اچي لاڙو ڪيو.
سيپٽمبر 1979ع ۾ بلدياتي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي فتح حاصل
ڪري ٿي. جڏهن جنرل ضياءُ الحق اهو ڏٺو ته ڀٽو صاحب
جي ڦاسي بعد به ماڻهو پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏين ٿا
تڏهن هن اعلان ڪيو ته اليڪشن ۾ حڪومت جي قانون
مطابق رجسٽريشن حاصل ڪندڙ پارٽي ئي بيهي سگهندي.
پيپلز پارٽي اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو ڇاڪاڻ ته
رجسٽريشن جو مطلب جنرل ضياءُ الحق جي حڪومت کي
قبول ڪرڻ هيو. پيپلز پارٽي آزاد اميدوار بيهارڻ جو
فيصلو ڪيو. جڏهن ته حڪومت آزاد اميدوار جي کٽڻ
لاءِ ايڪونجاهه سيڪڙو ووٽ کڻڻ لازمي قرار ڏنو. 15
آڪٽومبر 1979ع تي 70 ڪلفٽن ۾ پارٽي اڳواڻن جو
اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ پارٽي جي سينيئر رهنمائن
جو اليڪشن بائيڪاٽ ڪرڻ ۽ محترمه بينظير ڀٽو سميت
نوجوانن اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو خيال ڏيکاريو. آخر
اليڪشن ۾ بيهڻ جو فيصلو ٿيو، جڏهن رات جو حڪومت کي
فيصلي جي خبر پئي تڏهن هنن رات جو 70 ڪلفٽن تي
ڇاپو هنيو. فوجي حڪام کين گرفتار ڪري ڇهن مهينن
لاءِ المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻو کڻي آيا. فوجي مارشل
لا بعد ٻن سالن ۾ محترمه جي هي ستين سياسي نظربندي
هئي. مٿن ڪنهن سان به ملڻ جي پابندي هئي ۽ گهر کي
سب جيل قرار ڏيڻ سبب ٽيليفون به ڪٽيل هئي. گهرجي
چوڌاري هن قيد عورتن کي فرنٽيئر فورس جا دستا پهرو
ڏيندا ڏيندا رهندا هئا. هن دور ۾ اخبارن ڀٽو
خاندان جي خبرن کي شايع ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو هيو.
اخبارن مٿان به سنسر جي پابندي هئي، مارشل لا
قانون 49ع مطابق ايڊيٽر لاءِ به پنجويهه سال ۽ ڏهه
ڦٽڪا سزا رکيل هئي. پيپلز پارٽي جي اخبار مساوات
لاهور بند ڪئي وئي اخبارون ڇپجڻ کان اڳ سنسر لاءِ
وينديون هيون ۽ ڪيترن اخبارن جا ته ڪالم خالي
هوندا هيا. آڪٽوبر 1979ع ۾ جنرل ضياءُ الحق ٻيهر
چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون ۽ آڪٽوبر 1979ع ۾ تمام
سياسي پارٽين کي غير قانوني قرار ڏيندي پابندي
وڌي. ان کان علاوه سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺندڙن کي
چوڏهن سال سزا سخت پورهئي سان، پنجويهه ڦٽڪا ۽
ملڪيت ضبط ڪرڻ به شامل آهي. جديد دور جي مهذب دنيا
۾ هي هڪ سياسي جدوجهد ذريعي قائم ٿيندڙ آزاد ملڪ
جي ڏاڍ ۽ ظلم واري دور جو انتهائي مصبيت وارو باب
هيو. محترمه بينظير ڀٽو ڇهن مهينن جي قيد پوري ٿيڻ
بعد هڪ دفعو وري آزاد ٿي پر اها کيس خبر ناهي ته
گهڻو وقت آزاد رهندي. ٻاهر نڪرڻ بعد محترمه کي
پنهنجي زمينن سنڀالڻ جي ذميواري به سونپي وئي
ڇاڪاڻ ته ڪنهن به وڏي زميندار گهراڻي جي ڌيءُ اڄ
تائين حالتن جو مقابلو ڪندي اهو ڪم سرانجام ڪو نه
ڏنو هيو. محترمه بينظير ڀٽو پاڻ ۾ خود اعتمادي ۽
حوصلو پيدا ڪرڻ لاءِ اسلام ۾ عظيم ترين عورتن کان
رهنمائي حاصل ڪندي هئي. سندس اڳيان بيبي خديجه رضي
ا جو مثال هيو ته پاڻ هڪ بيوه عورت هئي ۽ ڀرپور
طريقي سان واپار ڪندي هئي، مسلمانن جي ابتدائي
لڙاين ۾ اُمه عماره مردن سان گڏجي ڪفارن خلاف جنگ
وڙهي هئي. هندستان جي رياست احمد نگر جي حڪمران
چاند بيبي وڏي مغل شهنشاهه اڪبر کي شڪست ڏني.
شهنشاهه جهانگير جي راڻي ملڪه نورجهان هندستاني
حڪومت جا انتظامي معاملا نبيريندي هئي. هاڻي
بينظير صاحبه صبح جو ٻنيون سنڀالڻ ۽ شام جو
المرتضيٰ هائوس ۾ مختلف وفدن سان ملاقاتيون ڪندي
هئي، زمينن تي وڃڻ ڪري اتي هاري ۽ ڳوٺاڻا وٽس
پنهنجون دانهون ۽ فيصلا کڻي ايندا هيا. انهن
بينظير صاحبه کي ڀٽن جو چڱو مڙس يا سردار سمجهڻ
شروع ڪري ڏنو.
سياست ۾ هڪ تبديلي آئي ۽ پاڪستان قومي اتحاد جي جماعتن
کي جڏهن جنرل ضياءُ الحق وزارتن مان ڪڍي سياسي
پارٽين تي پابندي لڳائي تڏهن هنن پيپلز پارٽي سان
اتحاد لاءِ قدم وڌايو نيٺ جمهوري جدوجهد خاطر هڪ
نئون اتحاد ايم آر ڊي
“Movement for resrateion of democracy”
عمل ۾ آيو ۽ 5 فيبروري 1981ع تي 70 ڪلفٽن ڪراچي ۾
گڏيل اجلاس ٿيو. سياست ۾ پهريون ڀيرو بينظير صاحبه
کي اهو تجربو ٿيو ته هوءَ پنهنجي گهر پنهنجي والد
جي مخالف سياسي رهنمائن سان هڪ ٽيبل تي ويهي سياسي
مذاڪرات ڪيا. انهن جي مهمان نوازي ڪئي. آخر ٻئي
ڏينهن اتحاد ٺهيو. ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿي ۽ پوري
ملڪ ۾ جلسا جلوس نڪتا، ايم آر ڊي اڳواڻن کي گرفتار
ڪيو ويو، ڪيترن هنڌن تي لاٺي چارج ڪيو ويو. ايم آر
ڊي پاران تمام ڪاليجون ۽ يونيورسٽيون بند ڪيون
ويون، ايم آر ڊي پاران پاڪستان ۾ 29 مارچ 1981ع تي
جلسن جلوسن منعقد ڪرڻ جو پروگرام رکيو ويو، جنهن
اعلان ضياءُ الحق جي حڪومت کي لوڏي ڇڏيو پر 2 مارچ
1981ع تي پي آءِ اي جو هڪ جهاز اغوا ڪيو ويو. جنهن
تحريڪ کي ڪاپاري ڌڪ ڏنو ۽ هن واقعي کي بهانو بڻائي
اٽڪل ڇهه هزارن کان مٿي سياسي ورڪر گرفتار ڪيا
ويا. بينظير ڀٽو صاحبه کي به فوج 7 مارچ تي ڪراچي
مان گرفتار ڪري سينٽرل جيل ۾ پنج ڏينهن تنها رکيو،
جتي ڪا به سهولت ڪا نه هيس، وري اتان 13 مارچ تي
سکر سينٽرل جيل ۾ شيخن جي ٺهيل کليل وارڊ ۾ رکيو
ويو. سردي سخت هوا ٿڌي ۽ شيخن مان برف جهڙو پارو،
جڏهن ته بينظير صاحب کي نه هنڌ نه بسترو سڄي رات
گوڏن ۾ ٻانهون وجهي ڏڪندي جاڳي گذاريندي هئي، هتي
کيس صبح جو چانهه ماني، منجهند جو ڇڊي مهري جي دال
۽ ڪدو جي ڀاڄي ملندي هئي. 23 مارچ 1981ع تي جنرل
ضياءُ الحق هڪ حڪم جاري ڪري عدالتن ۽ ججن کان
مارشل لا جي عدالتن خلاف اپيل ٻڌڻ جا اختيار کسي
ورتا، 16 اپريل تي وري کيس سکر مان ڪراچي جيل آندو
ويو. جتان هڪ اسپتال ۾ ڪنهن زناني بيماري جو
آپريشن ڪري شام جو وري جيل ۾ آندو ويو. هن عورتن
جي بيماري جي وڏي آپريشن سبب هوءَ ڪمزور ۽ گهمڻ
ڦرڻ کان لاچار هئي ته وري کيس ڪراچي کان سکر جيل
آندو ويو هو. بيهوش ٿي وئي ۽ سب جيل ۾ آندو ويو
پوءِ 27 ڊسمبر 1981ع تي پوليس وري ڪراچي جي قيد
تنهائي مان لاڙڪاڻي المرتضيٰ هائوس وٺي آئي.
المرتضيٰ هائوس کي جيل قرار ڏيندي ٻاهران فوجي
ڪئمپ لڳائي وئي. لاڙڪاڻي ۾ هڪ سال قيد رکڻ بعد آخر
20 نومبر 1982ع تي پوليس ڪراچي والده کي خدا حافظ
چوڻ لاءِ وٺي آئي جيڪا پرڏيهه علاج لاءِ وڃي رهي
هئي، پوءِ وري کيس 70 ڪلفٽن ڪراچي ۾ قيد تنهائي ۾
رکيو ويو. هڪ دفعو وري 1983ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ
زور ورتو ۽ سنڌ صوبو ته هٿين خالي جمهوري تحريڪ ۾
اڳيان اڳيان هيو. اٽڪل 8 سئو ماڻهو قانون نافذ
ڪندڙن جي گولين جو کاڄ بڻيا. جيئن ته بينظير صاحبه
کي لڳاتار جيل ۽ گهر ۾ نظربند رهندي پنج سال گذري
ويا هيا ۽ هوءَ ڪن ۾ سوراخ سبب دماغ کي چڪر ايندي
محسوس ڪندي هئي ۽ ڪيترا دفعا بيهوش به ٿي وئي هئي،
ملڪ جي ڊاڪٽرن ۽ پرڏيهه مان ڪجهه آمريڪا ۽ برطانيه
جي سينيٽرن جي عالمي انساني ادارن ۾ بينظير ڀٽو جي
مسلسل ڪرندڙ صحت لاءِ اٿاريل آواز سبب ڊسمبر ۾
حڪومت هن کي ڪراچي واري گهر ۾ قيد تنهائي مان ٻاهر
علاج ڪرائڻ لاءِ راضي ٿي وئي پوءِ 10 جنوري 1984ع
تي صبح جو جهاز ذريعي سئيزرلينڊ رواني ٿي وئي.
هتي پنهنجي والده ۽ ڀائرن سان آزاد ماحول ۾ ستن سالن جي
وڏي جدائيءَ بعد ملاقات ڪيائين. هوءَ هيڏي وڏي
عرصي تائين مسلسل قيد بند ۽ ٻين پريشانين ۾
گهاريندي آزادي جي نعمت کان ئي محروم ٿي وئي هئي.
لنڊن ۾ ڪن جي آپريشن بعد اتان جي حسين ۽ جميل
زندگي ۽ ماضي ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ گذاريل سالن
جون ياديون ۽ دوست ساڻس گڏ هيا. ڪجهه زندگي جي
خوبصورتي ۽ حقيقت کي محسوس ڪيائين. آمريڪا جي شهر
واشنگٽن ۾ مارچ مهيني ۾ ”بين الاقوامي امن لاءِ
ڪارنيگي وقف“ موضوع تي کيس خطاب ڪرڻ جي دعوت ملي.
هڪ زمانو هيو جو ڪانگريس عمارت اڳيان محترم هارورڊ
يونيورسٽي ۾ پڙهڻ وارن ڏينهن ۾ ويٽنام جي جنگ ۾
آمريڪا جي ڪردار خلاف احتجاج ۾ حصو ورتو هيو، هاڻي
هوءَ پنهنجي ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي بابت احتجاج
پئي ڪري، هتي بينظير صاحبه لڳاتار هڪ هفتو انساني
حقن جي انحرافي ۽ پاڪستان ۾ جمهوريت بحال ڪرڻ بابت
ڳالهائيو. ”ڪارنيگي وقف“ ۾ تقرير واري رات کيس ٻڌڻ
لاءِ آمريڪي رياست بچاءَ کاتي جا بالا عملدار،
ڪانگريس جا ميمبر اڳوڻا سفير ۽ اخبارن جا عيوضي
موجود هيا جڏهن ته پاڻ اڃا تائين جيل جي ٻوساٽ مان
نڪرڻ بعد اعتماد پيدا ڪري نه سگهي هئي پر پوءِ هن
پنهنجي ذهانت جو ثبوت ڏنو ۽ هال ۾ ويٺلن کيس ڀرپور
ساراهيو. پاڻ نيويارڪ ۾ ٽائيم رسالي جي ايڊيٽرن
سان ٽائيم لائيف بلڊنگ ۾ گڏجاڻي ڪئي، ٻن هفتن جي
آمريڪي دوري پوري دنيا ۾ سندس عزت ۽ شهرت وڌائي،
انگلستان ۾ رهڻ وارن ڏينهن ۾ به محترمه انساني حقن
جي خلاف ورزي بابت دنيا کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ باقائدي
دفتر قائم ڪيو. جتان ماهوار اردو رسالو ”عمل“ جاري
ڪيو ويو جيڪو پاڪستان ۾ سياسي قيدين بابت معلومات
ڏيندو هيو.
هتي پاڻ آمريڪي سينيٽر ايڊورڊ ڪئنيڊي،
سينيٽر ڪلبورن پيل سان ملي. ڪئليفورنيا جي سينيٽر
ايلنڪرينشن نيويارڪ جي ڪانگريس مين اسٽفن سولاز،
اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ميمبرن، نيشنل سيڪيورٽي
ڪائونسل جي صلاحڪارن ساڻس گڏجاڻيون ڪيون، هن سابق
اٽارني جنرل رامسي ڪلارڪ ۽ سينيٽر هڪ گورن سان به
ملاقاتيون ڪري پاڪستان ۾ جمهوريت جي پامالي، هزارن
جي تعداد ۾ سياسي ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ انساني حقن
جي خلاف ورزي بابت کين مڪمل ڄاڻ ڏني. |