بئريسٽر جان محمد جوڻيجو
خلافت تحريڪ ۾ سنڌ جي جدوجهد تي ڪجهه لکڻ کان اڳ تاريخ
جي شاگردن ۽ تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ سڄڻن لاءِ خلافت
تحريڪ جو مختصر جائزو پيش ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن
هن عالمي تحريڪ ۽ جدوجهد کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي،
پهرين عالمگير جنگ کان اڳ ترڪي ۽ مسلمانن جي سلطنت
عثمانيه ۽ خلافت قائم هئي جنهن جو خليفو عبدالوحيد
هيو. ان وقت ترڪي جي خليفي کي مسلم امت جي خليفي
طور احترام ملندو هيو. سال 1911ع جي اٽلي والاريل
ٽريپولي تي حملو ڪيو ۽ اهڙي طرح سندن وچ ۾ جنگ لڳي
ان جنگ برصغير جي مسلمانن جو توجهه ڇڪايو ۽ همدردي
۾ مسلمانن جون دليون ڏکايل هيون. بلقان جي جنگ سال
1912ع کان 1913ع تائين هلي جنهن ۾ هندستاني
مسلمانن زخمي ترڪن لاءِ هڪ وڏو طبي وفد ۽ تمام
گهڻي دولت گڏ ڪري موڪلي. سال 1916ع آگسٽ ۾ پهرين
عالمگير جنگ شروع ٿي ته ترڪي جي خليفي انگريز خلاف
جرمني جو پاسو ورتو انگريزن طرابلس واري جنگ ۾
مسلمانن خلاف اٽلي جو ساٿ ڏنو. يورپين جي پاران
بلقان واري جنگ ۾ عيسائي رياستن جي ساٿ سبب ترڪي
خلافت جا ٻيا سڀ علائقا کسجي ويا ۽ وٽن صرف
استنبول، ائڊريانوپل ۽ ٿريس جو ٽڪر وڃي بچيو اهڙي
طرح پهرين عالمگير جنگ ۾ ترڪي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو
جنهن جو برصغير جي مسلمانن کي گهڻو افسوس ٿيو.
ٻيو سبب ته برصغير جا مسلمان ذهني طور انگريز کي پنهنجو
دشمن تصور ڪرڻ لڳا ۽ وري انگريز به عالمگير جنگ
بعد پنهنجي وعدي خلافين وارا قدم کڻڻ شروع ڪيا.
جيئن سال 1915ع ۾ مڪي جي ترڪي گورنر شريف حسين بن
علي ساڻ خفيه معاهدا ڪري سبز باغ ڏيکاري عربن کي
ترڪن خلاف مقابلي ۾ آندو. انگريزن عربن کي يقين
ڏياريو ته مسلمانن جون مقدس مذهبي جڳهون ۽ شهر
محفوظ رهندا جڏهن ته سال 1916ع ۾ ان جي خلاف
انگريز فرانس ۽ روس ساڻ ٺاهه ڪري آرمينا ۽ عربستان
جو هڪ حصو روس کي ڏنو ۽ ترڪي سلطنت جا عرب علائقا
انگريزن جي قبضي هيٺ ڏنا ۽ مڪي جي ترڪي گورنر
حوالي شام لبنان ۽ عراق جا حصا ڪيا جيڪي 1917ع ۾
ڌوڪو ڪري وري فرانس کي ڏنا.
ٽيون سبب انگريزن جي دغائن ۽ چالاڪين ڪري ترڪي سلطنت جي لڳاتار
تباهي ۽ مسلمانن جي بي وسي برصغير جي مسلمانن کي
جهنجهوڙي وڌو ۽ ترڪ مسلمانن جي کي تنها محسوس ڪندي
ترڪي جي مسلم خلافت ساڻ همدردي ۽ اتحاد خاطر کين
علائقا واپس ڏيارڻ خاطر انگريز راڄ خلاف هڪ منظم ۽
مضبوط جهاد ڪرڻ لاءِ بر صغير جي مسلم اڳواڻن
”خلافت تحريڪ“ جي نالي ساڻ جدوجهد جو اعلان ڪيو.
ترڪ مسلمانن جي خلافت بحال ڪرڻ لاءِ انگريز راڄ
خلاف مختلف هنڌن تي تحريڪ جنم ورتو جنهن ۾ بمبئي ۾
مولانا محمد علي جوهر دفتر کوليو ته مولانا
ابوالڪلام آزاد ڪلڪتي مان اخبار ”الهلال“ ڪڍي ۽
سنڌ مان مولانا دين محمد وفائي جهڙي سچي قائد
صحافي جي قيادت ۾ اخبار الوحيد آواز اٿاريو. هي
دنيا جي واحد تحريڪ آهي جيڪا يورپ ايشيا کان جنم
وٺي برصغير هند ۾ پهتي ۽ جنهن ۾ جان، روح ۽ ساهه
سنڌ جي سرزمين تان سنڌي اڳواڻن وڌو ۽ تحريڪ کي
پروان چڙهائيو هڪ مضبوط ۽ منظم طوفان وانگر يورپ ۽
ايشيا جي تاريخ جي دروازي تي ڪاميابي ويجهو
پهچائيو پر ڪاميابي ماڻي نه سگهيا ڇاڪاڻ ته هن وڏي
لڙائي دوران مسلمانن جون غداريون ۽ بيوفايون، وري
جديد ترڪي جي وجود ۾ اچڻ بعد مصطفيٰ
ڪمال پاشا پاران مسلم سلطنت جي نظريي کي ختم ڪري
جمهوريه ترڪي بڻائڻ ڪري تحريڪ ختم ٿي. سنڌڙي ماتا
جي وسندڙ زرخيز ضلعي لاڙڪاڻي جي مٽيءَ مان ڪيترائي
ماڻڪ لعل ڄاوا جن پنهنجي دور ۾ پاڻ ملهائيندي
آزادي جا گيت ڳايا. زندگي جو هر ڏينهن ڪنهن عظيم
مقصد لاءِ گذاريو، جدوجهد ڪري پاڻ کي تاريخ جو
اڻمٽ ۽ قابل فخر باب بڻائي ويا. ماضي ۾ سندن
شاندار ڪارنامن تي اڄ سنڌ واسي فخر محسوس ڪن ٿا پر
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي نوجوان نسل
کي تاريخ جي ان وساريل ورقن، انهن جي ڪارنامن ۽
عمل کان باقائدي ڄاڻ ڏيون. سونهاري سرهاڻ ڀريل
سنڌڙي جي انهن ماڻڪ موتين جي ڪوششن ۽ ڪاوشن کي
عوام تائين گهڻو سولو پهچايون ته جيئن سڀاڻي جو
نسل انهن کي وساري نه ويهي.
ايشيا جي تاريخ جو هيرو، برصغير جي مسلمانن جي ضمير کي جاڳائي
هڪ عالمگير تحريڪ ۾ شامل ڪرائيندڙ سنڌ جو عظيم
سپوت، سنڌي ماڻهن کي سياسي، جدوجهد، جلسن ۽ جلوسن
هڙتالن ۽ حقن حاصل ڪرڻ لاءِ جهاد ڪرڻ جي لولي يا
ازان ڏيندڙ نوجوان رهبر، سنڌ جو ٻيو بئريسٽر ۽
لاڙڪاڻي جو پهريون بئريسٽر ايٽ لارئيس جان محمد
ولد رئيس ڪريم بخش خان جوڻيجو تاريخ 2 جنوري سال
1888ع تي پنهنجي اباڻي ننڍڙي ڳوٺ ڌامراهن تعلقي ۽
ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. ان زماني ۾ خوشحال خاندان
پنهنجي اولاد کي ننڍپڻ ۾ فارسي ۽ عربي تعليم
پنهنجي گهر ۾ ڏيارڻ لازمي سمجهندا هئا ۽ جان محمد
جوڻيجي به خانگي طرح عربي فارسي تعليم جنوري 1893ع
۾ حاصل ڪرڻ بعد 1903ع ۾ چار درجا سنڌي سنڌ مدرسو
اسڪول لاڙڪاڻو (هاڻوڪو گرلس ڪاليج) ۾ پڙهڻ بعد 13
آگسٽ 1907ع تي سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ۾ داخلا
ورتي ۽ 1909ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري سال 1910ع ۾ اعليٰ
تعليم لاءِ انگلينڊ روانو ٿيو. هو ان وقت تعليم جي
گهٽ سهولتن سبب 21 سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ پاس ڪري
سگهيو. هو سنڌ مدرسي ڪراچي وارن ڏينهن ۾ تقريرن ۾
گهڻو حصو وٺندو هيو ۽ سنڌ مدرسو ڊبيٽنگ سوسائٽي جو
سيڪريٽري به رهيو. سال 1913ع ۾ بار ايٽ لا پاس ڪري
ٻه سال لنڊن ۾ بئريسٽري پريڪٽس ڪيائين پر سال
1915ع ۾ پنهنجي وطن واپسي وريو ۽ پهريان ڪراچي ۾
پوءِ وري لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪيائين.
سڀ کان اول هن هارين ۾ ڀلائي جو ڪم شروع ڪيو. هن پنهنجي زمين تي
ڪم ڪندڙ هارين کي ان زماني ۾ حق ڏنا، سهولتون
ڏنيون، هارين جي سرپرستي ڪئي ۽ هڪ هاري ميوي خان
جي پٽ ڪامريڊ عبدالقادر کوکر (جيڪو اڳتي هلي سنڌ ۾
هاري تحريڪ جو باني اڳواڻ بڻيو.) کي پنهنجي خرچ تي
سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ
موڪليو. هن جاگيرداري دور ۾ پنهنجن هارين مٿان
تمام اڳوڻا قرض معاف ڪري کين آزاد ڪيو ۽ هر هڪ
هاري جي اسڪول ۾ پڙهندڙ اولاد کي وظيفا ڏنا، هارين
کي پرسڪون ۽ عزت ڀريل زندگي گذارڻ لاءِ سڀ حق ڏنا.
برصغير هند ۾ جڏهن مسلم ليگ وجود ۾ آئي ته رئيس غلام محمد خان
ڀرڳڙي جي ڪوشش سان سال 1917ع ۾ ڪراچي ۾ مسلم ليگ
جي شاخ قائم ٿي ۽ سنڌ جي پهرين چند باني مسلم ليگ
ميمبرن ۾ جان محمد جوڻيجي جو نالو شامل آهي. هتان
ئي سندس ذهن قومي لاڙي ڏانهن منتقل ٿيو. سال 1918ع
۾ شيخ عبدالعزيز صاحب جي ڪوشش سان سنڌين جي تعليمي
ترقي واسطي سکر ۾ ”عربي انگريزي“ اسڪول ٺاهڻ جي
منصوبابندي ۾ جوڻيجي صاحب ڀرپور حصو ورتو. هن جي
ذهين ڏاهپ، عمل ۽ سچائي ڀريل شخصيت تمام جلد
لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي لاءِ اعليٰ مقام پيدا ڪيو. کيس
ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻو ميمبر چونڊيو ويو. سرڪار
اعزازي طور ميونسپل ڪمشنر پڻ مقرر ڪيو ۽ حڪومت
پاران سردار جي ڪرسي پڻ حاصل ٿيس پر جوش ۽ جذبي
ساڻ ڀرپور هن ذهين نوجوان جي جسم اندر گرم خون ۾
هڪ وڏي انقلاب جو درياهه اٿلون کائي رهيو هو. سچن
جذبن جو سيلاب وقت ۽ تاريخ جي وهڪري ۾ وهائي وڃڻ
جي موقعي جي تلاش يا انتظار ۾ هو ۽ جان محمد
جوڻيجي کان تاريخ هڪ نئون باب کولرائڻ لاءِ ڪم
ورتو.
سال 1919ع ۾ ترڪي سلطنت جي ورهاڱي، ترڪي جي مسلمانن جي
تباهيءَ خلافت جو سوال اٿاريو ۽ سنڌ جي مسلمانن
لاءِ هڪ امتحان ۽ چئلينج وارو ماحول پيدا ڪري
ڇڏيو. سنڌ ۾ انگريز دشمن قوتون سرگرم ٿيون. پهريان
17 آڪٽومبر 1919ع تي هن مسئلي بابت دهلي ۾ آل
انڊيا خلافت ڪانفرنس منعقد ٿي، سنڌ مان مولانا تاج
محمود امروٽي، سيٺ عبدا هارون، پير تراب علي شاهه
راشدي، شيخ عبدالعزيز ۽ بئريسٽر جان محمد جوڻيجي
شرڪت ڪئي. هن موقعي تي سڄي هند ۽ سنڌ ۾ ترڪي جي
بقا لاءِ ”يوم خلافت“ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. آل
انڊيا مسلم ڪانفرنس پڻ لکنو اجلاس ۾ تائيد ڪئي.
بئريسٽر جان محمد جوڻيجي پنهنجي ساٿين جي صلاح ۽
مدد سان پنهنجي لاڙڪاڻي واري بنگلي آڏو (هاڻوڪي
جامع مسجد) هڪ وڏو ۽ عظيم الشان جلسو ڪرائي خلافت
تحريڪ جا مول متا ۽ مقصد عوام کي ٻڌايا، هتان سندس
باوقار ۽ تنظيم ساز عملي اڳواڻ جي حيثيت ۾ شخصيت
جي سڃاڻپ ٿي. هن جلسي سڄي سنڌ ۾ هلچل مچائي ڇڏي.
16 نومبر 1919ع تي ٻي ”آل انڊيا خلافت ڪانفرنس“ دهلي ۾ منعقد ٿي
جنهن ۾ سيٺ عبدا هارون (ڪراچي) مولانا تاج محمود
امروٽي (سکر) پير تراب علي راشدي (قمبر) ۽ جان
محمد جوڻيجو شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ فيصلو ٿيو ته
انگريز پاران دنيا ۾ 12 نومبر کان 16 نومبر 1919ع
تائين ٿيندڙ پنج ڏينهن واري ”جشن صلح“ پروگرام جي
تقريبن جو پوري برصغير ۾ بائيڪاٽ ڪيو وڃي. رئيس
جوڻيجي ساٿين سيد انور علي شاهه ۽ پير تراب علي
شاهه سان گڏجي سنڌ جو دورو ڪيو ۽ سنڌ جي عوام کي
شعور ڏنو ۽ هڪ وڏي بائيڪاٽ لاءِ ذهني طور تيار
ڪيو. ڇاڪاڻ ته ان وقت سياسي شعور نالي ڪا به ڳالهه
ڪو نه هئي ۽ نه ئي سياسي پارٽين جنم ورتو هو ۽ نه
ئي وڏيرن جاگيردارن کي ليڊري جا شوق هوندا هئا. ڪا
به تحريڪ ڪو به شعور ڪو به منشور ڪو نه هوندو هو ۽
سياسي طور سنڌ هڪ ستل قوم ليکي ويندي هئي پر ان جي
باوجود لاڙڪاڻو شهر ان وقت هڪ خوشحال شهر هوندو هو
۽ لاڙڪاڻي جي واپاررين سندس پاران هڙتال جي سڏ جي
جواب ۾ پهريون ڀيرو هڙتال ڪندي دڪان بند ڪيا. 16
نومبر 1919ع تي ڪارين جهنڊين سان انگريز سرڪار
خلاف هڪ وڏو عظيم الشان جلوس ڪڍيو. ان شاندار جلوس
بعد سڄي سنڌ ۾ خلافت تحريڪ لاءِ رستا کليا ۽ عام
ماڻهو تنظيم سان همدردي رکڻ لڳو ۽ سڄي سنڌ ۾ اٽڪل
175 شاخون قائم ٿيون. سنڌ جي تاريخ ۾ اها عالمي
هڙتال جو رڪارڊ رکندڙ ڳالهه آهي جو لڳاتار پنج
ڏينهن لاڙڪاڻو بند رهيو.
4 جنوري 1920ع تي حيدرآباد ۾ خلافت ڪانفرنس جو پهريون
جلسو ٿيو جتي رئيس جوڻيجي پنهنجي جذباتي تقرير سان
لاڙڪاڻي ۾ انگريز سرڪار پاران ٿيندڙ ڏاڍايون بيان
ڪيون. لاڙڪاڻي ۾ ٻي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ لاءِ 6، 7 ۽
8 فيبروري 1920ع جي تاريخ مقرر ٿي. هن ٽن ڏينهن
واري ڪانفرنس ۾ برصغير هند ۽ سنڌ مان هزارين ورڪر
پهتا. جنهن ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا شوڪت
علي جوهر ۽ مولانا عبدالباري جهڙا عالمي اڳواڻ
شريڪ ٿيا.
ان وقت سال 1920ع ۾ سيٺ عبدا هارون پاران روزانو اخبار
”الوحيد“ جاري ڪئي وئي جيڪا پڻ ترڪي سلطنت جي
خليفي عبدالوحيد جي نالي سان لاڳاپيل هئي. ان وقت
الوحيد اخبار سنڌي قوم ۽ قومي تحريڪن ۽ سياسي شعور
جي ڏياٽيون ٻاريندڙ واحد اخبار هئي جنهن جي پڙهڻ
سان عوام ۽ سياسي قائد پنهنجي لاءِ رهنمائي حاصل
ڪندا هئا. الوحيد اخبار قائدن ۽ عوام کي روزانو
تحريڪن لاءِ گس ۽ پتا ٻڌايا تنهن وقت سنڌي صحافت
جو هر دلعزيز اڳواڻ مولانا دين محمد وفائي هن
اخبار جو ايڊيٽر هوندو هو. خلافت تحريڪ خلاف به ان
وقت جي ملان ٽولي فتوائون ڏنيون، جڏهن ته هي هڪ
خالص انگريز خلاف مسلمان مقصد ۽ حمايت لاءِ تحريڪ
هئي پر انهن فتوائن جي موٽ ۾ هڪ ڀرپور ۽ جامع ڪتاب
اظهار الڪرامت مولانا تاج محمود امروٽي پاران
مولانا دين وفائي شايع ڪري لاڙڪاڻي واري ڪانفرنس ۾
ورهايو.
مولانا امروٽي، پير تراب علي راشدي ۽ بئريسٽر جوڻيجي جي قيادت
ايمانداري ۽ شرافت تي سڄي سنڌ کي ڀروسو هيو ۽ انهن
کي تحريڪ لاءِ سڄي سنڌ مان هزارين رپيا چندو حاصل
ٿيو. انگريز راڄ خلاف هن جدوجهد ۾ هندن پڻ مسلمانن
کي گهڻو چندو ڏنو ۽ مهاتما گانڌي پڻ هندن مسلمانن
کي ويجهو آڻڻ لاءِ خلافت تحريڪ جي ڀرپور حمايت
ڪئي. لاڙڪاڻي جي آل هند ۽ سنڌ ڪانفرنس جو نگران
بئريسٽر جوڻيجو هيو. هي پڻ سنڌ جي تاريخ جي پهرين
ٽي روزه عالمي ڪانفرنس هئي، جنهن ۾ دنيا جا مسلم ۽
هندو اڳواڻ شريڪ ٿيا. هن عظيم الشان تاريخي
ڪانفرنس ايشيا جي سياسي تاريخ ۾ هڪ نئون ۽ وڏو
يادگار انقلاب پيدا ڪيو ڇاڪاڻ ته هندو مسلم اتحاد
جو دنيا وڏو مثال هن ڪانفرنس ۾ ڏٺو ۽ مسلسل ٽي
ڏينهن لاڙڪاڻي شهر جا روڊ گهٽيون باغ ميدان لکن جي
تعداد ۾ خلافت تحريڪ جي جهنڊن سان ڪنوار وانگر
سجيا نظر ايندا هئا ۽ هر هنڌ ”هندو مسلم اتحاد“ جا
جسم ۾ جوش ڏياريندڙ ۽ لونءِ ڪانڊاريندڙ نعرا گونجن
پيا. بئريسٽر جان محمد استقباليا ڪميٽي جو
سيڪريٽري هيو. 1920ع ۾ هزارين مهمانن جي رهڻ ۽
ماني جو لڳاتار ٽي ڏينهن انتظام ڪرڻ هڪ ناقابل
يقين ڳالهه آهي.
محترم سائين جي ايم سيد لاڙڪاڻي خلافت ڪانفرنس بابت پنهنجي ڪتاب
”پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني“ ۾ لکيو آهي ته
”فيبروري 1920ع ۾ منهنجي عمر رڳو 16 سال هئي ۽ هن
ڪانفرنس جي چوٻول کان متاثر ٿي لاڙڪاڻي ويس ۽
سورهن سالن جو هيس پر ان جي باوجود معلوم ٿيم ته
ترڪن سان سامراجين جي ناجائز روش جو ڪارڻ زندگي جو
نصب العين مقرر ڪري ڇڏيم. ان ڪانفرنس مون کي سياسي
رنگ ۾ اهڙو رچي ڇڏيو جو اڃا تائين اهو اثر جهڪو نه
ٿيو آهي“ لاڙڪاڻو ڪانفرنس فيصلي مطابق نوڪر شاهي
جي ڏاڍ جا داستان ٻڌائڻ لاءِ بئريسٽر جوڻيجي جي
قيادت ۾ پير صاحب جهنڊي وارو، مولانا دين محمد
وفائي ۽ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي تي مشتمل هڪ وفد
بمبئي جي گورنر سان ملڻ لاءِ ويو، پر لڳاتار چوڏهن
ڏينهن رابطي ۾رهڻ جي باوجود گورنر وفد سان نه مليو
۽ پوءِ دهلي ۾ سنڌ جي نيڪ سياستدان رئيس غلام محمد
ڀرڳڙي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. جنهن ۾ انگريز
سرڪار خلاف سنڌ ۾ جدوجهد تيز ڪرڻ لاءِ بئريسٽر
جوڻيجي کي منتخب ڪيو ويو.
20 اپريل 1920ع تي سيوهڻ ۾ مولانا عبدالڪريم درس جي صدارت هيٺ
ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ جوڻيجي مرحوم ڀرپور ڪردار ادا
ڪيو. تاريخ 2 ۽ 30 مئي 1920ع تي ٺل شهر جيڪب آباد
۾ خلافت ڪانفرنس زير صدارت مولانا تاج محمد امروٽي
جي منعقد ٿي. جنهن ۾ بئريسٽر جوڻيجي پنهنجي جذباتي
۽ جوشيلي تقرير ڪندي ڪانفرنس ۾ موجود اڳواڻن ۾ هڪ
نئون ولولو ۽ جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ انگريز سرڪار سان
هر طرح جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪندي سڀ کان اول
پنهنجي ميونسپل ڪمشنري، ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ميمبري،
بار ايٽ لا جي ڊگري ۽ ڪمشنر آفيس ۾ مليل ٻيو نمبر
سرڪاري ڪرسي واپس ڪندي انگريز سرڪار کي ڍل ۽
آبياڻو نه ادا ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. سنڌ مان هجرت
ڪري افغانستان ڏانهن وڃڻ لاءِ هڪ هجرت ڪميٽي پڻ
جوڙي وئي، جنهن جو صدر پير تراب علي شاهه ۽
بئريسٽر جوڻيجو سيڪريٽري مقرر ٿيو. هجرت واري
قافلي جي ڪابل تائين قيادت ڪرڻ لاءِ بئريسٽر
جوڻيجو کي چونڊيو ويو ۽ کيس ان موقعي تي ”رئيس
المهاجرين“ جو لقب ڏنو ويو. بئريسٽر جي پرجوش
تقرير بعد سنڌ مان ماڻهو هجرت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي
ويا ته ٻئي پاسي سرڪار رئيس جوڻيجي کي مالي نقصان
پهچائڻ خاطر سندس زمين جو پاڻي بند ڪيو، نتيجي ۾
هن جي سڄي پوک سڙي وئي. هجرت ڪميٽي جو هيڊ ڪوارٽر
لاڙڪاڻو مقرر ٿيو ۽ هجرت لاءِ بئريسٽر جوڻيجي
بمبئي جي گورنر کي تار موڪلي ته سنڌ جا پنجويهه
هزار باشندا ڪابل هجرت ڪندا. اهڙي طرح رئيس
المحاجرين جي قيادت ۾ قافلو تيار ٿي ويو. سنڌ کان
پشاور تائين هڪ اسپيشل ٽرين سورهن ڏينهن لاءِ
ڪرائي تي ورتي وئي، جنهن لاءِ بئريسٽر پنهنجون
زمينون ۽ ٻي ملڪيت وڪرو ڪري پئسا گڏ ڪيا ۽ ٻين به
ڪيترن هن ڏس ۾ چندو ڏنو ڇاڪاڻ ته لڳاتار سورهن
ڏينهن 760 مسافرن جو خرچ ۽ ماني جا انتظام پڻ ڪرڻا
هئا. تاريخ جي حوالي سان هي ڳالهه پڻ ٻڌائڻ ضروري
آهي ته سڄي دنيا ۾ اڄ تائين جيڪا به لڏپلاڻ يا
هجرت ٿي آهي سا پنهنجي خوشي سان ڪو نه پر اتي جي
ملڪي حالتن ۽ مجبوري ڪري عمل ۾ آئي آهي پر دنيا جو
هي واحد هجرت جو باب آهي جو ماڻهو پنهنجي خوشي ۽
راضپي ساڻ پنهنجو ديس مائٽ مٽ اباڻا گهر ۽ وطن ڇڏي
هڪ غير ٻولي يا خطي ڏانهن وڃن. ان مان ماڻهن جو
تحريڪ خلافت جي قائدن جي جدوجهد ۾ ڀروسو ظاهر ٿئي
ٿو. هجرت لاءِ اپيل مولانا ابوالڪلام آزاد ڪئي هئي
۽ سندس اپيل تي سال 1915ع کان هندستان جي مسلمانن
افغانستان ڏانهن وقفي وقفي ساڻ هجرت ڪئي ۽ سال
1923ع تائين اٽڪل 18 هزار ماڻهن هجرت ڪئي. رئيس
المهاجرين جي اعلان تي 8 جولاءِ تي هزارين ماڻهو
پنهنجن عزيزن ۽ دوستن کي ٽرين تي الوداع چوڻ لاءِ
پهچي ويا. اٽڪل پنجاهه هزار ماڻهن جو ميلو لاڙڪاڻي
شهر ۾ هيو. خوشي ۽ غم جي جذبن، فخر يا ماتم جي
ڪيفيت، قرباني جو جذبو ۽ عزيزن جي جيئري جدائي يا
جيئري مرڻ ۽ قيامت تائين ڌار ٿيڻ جو اجتمائي ڏيک
شايد تاريخ ۾ هجي. اهڙن لمحن کي لفظن ۾ بيان نه ٿو
ڪري سگهجي. هي ٽرين 9 جولاءِ تي لاڙڪاڻي کان
شروع ٿي هر علائقي ۾ ماڻهن ٽرين جو استقبال ڪيو ۽
مالي امداد ڏني. ”ياد جانا“ ڪتاب ۾ مولانا دين
محمد وفائي لکيو آهي ته لاهور جي اسٽيشن تي پير
سيد علي انور شاهه شيرين آواز ۾ اهڙا ته
جذباتي شعر پڙهيا جو لاهور اسٽيشن تي روڄ راڙو ۽
واويلا جو ايڏو ته آواز اٿيو جو اها زمين ڄڻ لکنيو
جي امام بارگاهه جهڙو ڏيک پئي ڏئي. هي ٽرين 19
جولاءِ 1920ع تي افغانستان پهتي. سفر ۾ ايترا ته
دل ڏاريندڙ واقعا پيش آيا جو شايد ڪٿي ملن هڪ مثال
ڏجي ٿو. سفر ۾ هڪ مهاجر جي زال مري وئي ته هن اهو
چئي ٻار کي درياهه ۾ ڦٽو ڪيو ته مان جهاد ۾ وڃي
رهيو آهيان، هن کي ڪير پاليندو؟
شروع ۾ افغانستان جي حاڪم امير امان الله
خان سنڌ مان آيل مهاجرن کي زمينون ۽ روزگار ڏيڻ
جو واعدو ڪرڻ کان علاوه انهن لاءِ رهڻ جو پڻ بهتر
بندوبست ڪيو ۽ جلال آباد ۾ هڪ شاندار قلعو ”وڏو
ڪوٽ“ ڏنو جنهن ۾ هڪ لک ماڻهن جي ماپڻ جي گنجائش
هئي. مهاجرن کي سٺو کاڌو خوراڪ به ڏني پر پوءِ
مهاجرن جو تعداد وڌندو ويو ته مسئلا پيدا ٿيندا
ويا ۽ بئريسٽر ”انجمن مهاجرنين هند“ قائم ڪري
مهاجرن جي مسئلن لاءِ چندو جمع ڪرڻ شروع ڪيو. جنهن
کي بمبئي خلافت ڪميٽي 50 لک رپيا چندو ڏنو ته جيئن
مهاجر پاڻ پنهنجن پيرن تي بيهن پر تاريخ پنهنجي
باب ۾ هن ايشيا ۽ يورپ جي وڏي تحريڪ جي تباهي جا
ڪارڻ ڄاڻائي ٿي. جڏهن سنڌي مسلمان اڳواڻن پاران
شاندار جدوجهد جي نتيجي ۾ ترڪي ۽ افغانستان جي
باري ۾ انگريزن هٿان آزادي وارو مطالبو منظور
ٿيندي نظر اچي رهيو هو پوءِ ٻيو قدم هن هجرت کي
برصغير هندستان مان قافلي جي صورت ۾ ترڪي پهچائڻ
هيو. انگريزن محسوس ڪيو ته ايشيا جي مسلمانن جي
قائد بئريسٽر جان محمد جوڻيجي ماحول انگريزن خلاف
ٺاهي ورتو آهي ۽ جلد اهو مسلمانن جو اڀرندڙ تيز
طوفان يورپ خلاف سڄي دنيا جي مسلمانن کي متحد ڪري
عالمگير مسلم تحريڪ جي شڪل نه اختيار ڪري ان لاءِ
انگريزن افغانستان جي امير امان ا خان (جيڪو
1919ع جي انقلاب بعد تخت تي ويٺو) جي وزير ڪابل
محمود طرزي وسيلي سازش ڪندي غداري جو ٻج وڌو ۽
افغانستان جي حاڪم ساڻ معاهدو ڪيو. جنهن ۾ انگريز
افغانستان کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر انگريز هن
معاهدي ۾ امير افغانستان ۾ موجود مهاجرن کي ٻاهر
نه وڃڻ ڏيندو ۽ اهڙا اپاءَ وٺندو جنهن جي نتيجي ۾
سڀ پريشان ٿي واپس سنڌ ۽ ٻين علائقن ڏانهن هليا
وڃن ۽ کين ڪو به تحفظ نه ڏنو ويندو. پنهنجي
مطالبي منظور ٿيڻ بعد افغانستان عالم اسلام جو ساٿ
ڇڏي ڏنو نتيجي ۾ خلافت تحريڪ کي ڪاپاري ڌڪ لڳو.
تحريڪ کي جدوجهد ۾ پيش قدمي ڪرڻ بدران پنهنجو دفاع
ڪرڻ به مشڪل ٿي ويو. سنڌي مهاجرن ۽ ٻين کي وڏي ڪوٽ
قلعي مان ڌڪيو ويو. سرڪار تمام ڏنل سهولتون واپس
ورتيون جنهن ۾ پهريان قلعي جو پاڻي بند ڪيو ويو
پوءِ کاڌي پيتي جون شيون نه ڏيڻ، بيماري ۾ علاج نه
ڪرائڻ. مطلب ته ڪابل جي مسلمانن پنهنجي سر زمين تي
هنن سان انسانيت سوز ۽ حقارت وارو سلوڪ ڪيو. قلعي
کي مجاهدن جي قافلي بدران جيل خانو بڻايو ويو. نيٺ
مجبور ٿي مهاجر ڪوٽ کان ٻاهر نڪتا. ڪيترا گرمي سبب
مري ويا. ڪيترا بيمارين ۾ مئا. ڪيترا خاندان بک ۾
ڪابل يا ٻين شهرن مان خيرات وٺي هندستان پنجاب ۽
سرحد جا مهاجر پنهنجي وطن واپس وريا پر 18 هزار
مهاجرن ۾ 760 سنڌي مهاجرن کي گهڻيو اذيتون ۽ ٻچڙن
کي مصيبتون ڏسڻيون پيون. ڪيترن مهاجرن جون زالون
گم ٿيڻ جا اطلاع پڻ آهن. |