سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: بيت

باب:

صفحو:9 

لال محمد ”لال“

        ]لال محمد ”لال“ ذات جو ڪنڌرو، ڳوٺ ساک ڪنڌرو تعلقي پني عاقل جو ويٺل هو. هڪ روايت موجب فقير لال محمد، ذات جو کٽي ويٺل ڳوٺ اسلام آباد تعلقي گهوٽڪي جو هو، ۽ ٻي روايت موجب ذات جو انڍڙ ڳوٺ شرف الدين انڍڙ تعلقي ڪنڌ ڪوٽ جو ويٺل هو. هي هڪ برگزيدو عالم هو، پارسي ۽ عربي مان واقف هو. سندس ڏوهيڙا ۽ بيت مشهور آهن. اندازا سنه ١٩٠٠ع ڌاري وفات ڪيائين.[

ساراهه

١-

ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب سرس سبحان

موليٰ آهي ملڪن جو، رب سچو رحمان

ڪيو جنهن ڪن سان، قائم ڪون مڪان

خلقيندڙ آ خلق جو، رازق ريءَ گمان

هلي جنهن جو حڪم ٿو، هر جاءِ هر زمان

”لم يلد ولم يولد“ رک دل ۾ درس ڌيان

موليٰ بعد محمد جو آهي مرتبو ۽ مان

ڪيو قادر ان کي، ڪل انبياء جو اڳوان

سوا لک نبين جو، آهي رهبر روح روان

شافع روز قيام جو، آ عاصين جو ته ضمان

کڻندو بار بَدن جا، سيد صاف سجان

جنهن جي روءِ روشن ڪيو، هي سارو جڳ جهان

 

 

 

انڌارو ويو اميٽجي، لڳو ڪفر کي ڪان

دائم، قائم دهر ۾، آهي سندس نشانبر نشان

جلوو پسي جانب جو، ٿيون حور پريون حيران

ملڪ ڀي مفتون ٿيا، هت پرينءَ تي پروان

ڏسڻ لئي وتن ڏسڪندا، جنت جا غلمان

پکي پرندا، سدا سڪندا، گهمن حبُ اندر حيوان

مقابل محبوب جي، ڇا ٿيندو ماهه ڪنعان

مورت جنهن جي موهيو اصل عربستان

ترڪ ۾ طلب ٿي، لڳو عشق اندر ايران

اچي جڳ تي جانب ڪيا، اڻ ڳڻيا احسان

سو حامي آهي حشر ۾، جنهن جي محبت ڪيو مستان

چارئي يار رسول جا، جن سان چهر ڪئي چؤگان

ابوبڪر، عمر، عثمان، علي جنگ جوان

ڪٺو قرب ڪربلا وارن جي، غم ڪيو غلطان

پرتو اٿئي پرين توکي، هي سندءِ مدح خوان

اڪاريندين عجيب اچي، شل بر ۽ بيابان

لڄا رک، لال جي، محشر جا تون ضمان

توريءَ واهه آهي ڪانه، مان واهون وؤڙيون ڪيتريون.

 

مجاز

٢-

چنڊ! وڏي ڪنهن چاهه، اٿي چئو عجيب کي

ويهي وڃي ويجهڙو، ڪڍ عجب جهڙي آهه

مون نماڻيءَ جي نجهري، اچج لڳ الله

ماريل هن مسڪين جي، ڪئي ڪهڙي اٿو صلاح

جي هجي ها هن بَر ۾، بيواهيءَ جي ڪا واهه

ته روئندي رڙندي هلي ها، ورتيون هيئن نه راهه

اچي پيس اوچتا سڄڻ سور اٿاهه

ويٺي واٽ نهاري، تنهنجي رهبر راهه

وري آءُ ولهيءَ وٽ، سنجهي يا ڪر صباح

نرتئون ڪر نگاهه، الله لڳ عجيب تون!

٣-

الله لڳ عجيب تون ڇڏ ڏاڍا ڏاڍايون

سهندي ٿيڙا سال هيءَ تنهنجون ارڏايون

ڏٺيون ڪي منهنجون پرين لاشڪ لڱايون

روئان تنهنجون ياد ڪري، چوري چڱايون

اولا لاهه اندر جا، ته ملن وهواهه واڌايون

وتان سور سکا ڪري، چاهه وڏي چاريون

ايندي ويندي وٽ پاسي، وڃ پيچ پرين پايون

پنڌ ڪندي پيرن ۾، پئجي ويون ڇايون

مون جهڙيون ڪؤڙين آهن، تنهنجي در مٿي دايون

مٽڻ منهن مناسب نه ٿيو، لنؤ ائين لايون

سونهان سرتين وچ ۾، جي وڃين مرڪايون

هيڪر اچي هيڪلي، وڃ محب ته ملهايون

لاهج بار برهه جا، ٺاهه ائين ٺاهيون

اسان تنهنجي گولن جا، گولي من آهيون

مالڪ سان منهن وٺي، سينو ڪيئن ساهيون!

لڳيون بڙڇيون برهه جون، بدن منجهه باهيون

آئيا ڪاف ڪشالا، ڪاهه ڪري ڪاهيون

کنيم خوب خوشيءَ سان، جي سرتي سب آيون

اڄ لاڳ چڱا لايون، وڃ هيڻيءَ سان هن حال ۾.

٤-

چنڊ! چڱائي تنهنجي، مان ٿي سڀ ساريان

جو دم هونديس جيئري، وڙ نه وساريان

ڏسي عجيب اکين سان، هينئون شل ٺاريان

ڏاڍا ڏينهن ڏکيرڙا، گوندر ٿي گهاريان

راهون رند رانول جون ويٺي نهاريان

لڳي لنؤ لقاءُ جي، پيئي پرين پچاريان

اسر ويل اٿي ڪري، ٿي آهون اوساريان

ڪيل پرن پرينءَ سان، پر ڪنهين پاريان

ويٺي هنجون هاريان، جان سنجريس تان سورلڳا.

٥-

چنڊ! وڃي تون ڪر، هيءُ حال ته هوتن سان

ته ڀڄي ڇو بيزار ٿئين؟ محب! ائين مون کان

وجهي ڇڏيئي برهه جا، بيحد بار مٿان

ڀيٽيم ڀيٽائون سوين، پر نه ٿيو فرق ڪٿان

سلا سورن جا سڄڻ، سنجري ٿيام سنوان

لڳن نيئر نينهن جا، ٿا روزئون روز نوان

پيئان کاوان پيٽ ۾، ڪنهن کي ڪين چوان

ڪري پنڌ پيرن تي، مڃيائون ٿي مڃان

ڏسي ڏيهه ڌڻيءَ کي سکائون سؤ ڏيان

پيئي پلڪ پڇاڙيءَ جا، انهيءَ توهه تڳان

ڪنهن سان سور سليان، ڪونهي ساٿي سور جو.

٦-

چنڊ! ڇڏي هيءَ چال، تون هل گهڙي ڀري گام

اٿي وڃ الله لڳ، اچ پاڙي انجام

چئج: تنهنجي درد دل ۾، دلبر وڌا دام

لڳيون ميخان محبت جون، مونجهن جو ماتام

کائڻ پيئڻ خير ڪو، طرح نه وڻي طعام

ويڳاڻي ٿيس ويسلي، اکڙي ويو آرام

سار تنهنجي سر ۾، صبح توڙي شام

هاڻ ڌڻيءَ جي نام، هلي آءُ حبيب تون.

٧-

ساجن منهنجو سهڻو، آهي محب مڻيادار

جنهن جون چشمان برق کان وڌ آهن تجليدار

کڻي ته خون ٿئي، ڍڪي ته ٿئي اونڌار

ڀروئن جو ڀيرو ڏيئي، رکي درس ڌتار

پنبڻين جي پيڪان سان، ڪٺو پئي ڪوهيار

نڪ جنهن جو نشانبر، ڄڻڪ، انب جي ڦار

ڏند ته ڏيهه ڌڻيءَ چا، آهن مثل انار

لالائي ۾، لال چئي، گوءِ کنئي گلعذار

لڇن پيا لکين ڏسي جانيءَ جو جنسار

سج چنڊ ويا شرمائجي، ڏسي جوت جنوهار

عنايت عجيب جي، آهي هر دم ۽ هر بار

ڏسان ويٺو واٽڙي، من اچي مون منٺار

جنهن جي سڪ ستائيو، سو ڏسان شال سردار

ٺاريان هيانءُ حبيب کي ڏسي مون هڪوار

اها آس اندر ۾، رکي اٿم صد بار

آءُ وڇوڙيل تي وڙ ڪري، سهڻن جا سردار!

مئس جي هن مامري ته رهندئي محب يار

ڊوڙي زور قيام جي، ٿي دانهين منجهه درٻار

حقيقت هن حال جي ڪنديس مان هيڪار

هاڻي ڪر قرب ڪوهيار! اچ ڦيري هٿ فقير تي.

٨-

اچ ڦيري هٿ فقير تي، ڪري مهر موچاري

در تنهنجي تي داسڙا! مان هيءَ عمر گذاري

تنهنجي تات تڳاءُ آهه، توهه مٺل تاري

توبه آهي توڏ کان، ظاهر ۾ زاري

اچ پرين! الله لڳ، وجهه نه ڪا گهاري

دانهون ڪري ٿي درد کؤن، محبت جي ماري

لڳي جهوري جيءَ ۾، ڳڻتين دل ڳاري

دلڙي دردونديءَ کي، برهه لڳو باري

ڪهڙي ڏوهه حبيب تو، هيءَ ولهي وساري

ڇڏي وئين ڇوري ڪري، ڌتاري ڌاري

ٽاڻا ڇڏ ٽهڻ جا، ڪر نه هيئن ڪاري

دلبر درد فراق کان، ٿيو آب اکئين جاري

اندر ۾ اجهڪا اچن، ڪستئون قراري

هيءَ بيحد بيڪاري، ڇڏ ڌڪي ڪين در تان.

٩-

محب ته منهنجو مٺڙو، آهي سهڻو سراسر

ناهي ڪو سڄڻ جي بيشڪ برابر

موهيو جنهن ملڪ آهي، سو دوست دلاور

”الله جميل و يحب الجميل“ آهي ملڪن منجهه مشر[1]

لڳيون نوڪان نينهن جون، نوچيون نشانبر

جنهن لاتيون مونجهان، لال چئي، اندر منجهه اپر

 

 

 

مري ٿي ماندي، هت نماڻي ته نڌر

وڃي ڏسان ويجهڙو، ڪوهيارل ڪنهن پر

وڃي ڏسان ويجهڙو، دوست سندو مان در

وڃي ڏسان ويجهڙو، دلين جو دلبر

وڃي ڏسان ويجهڙو، پرين پاڻ پڌر

وڃي ڏسان ويجهڙو، تري ڪن ڪپر

وڃي ڏسان ويجهڙو، جهانگي جهونگن ڀر [2]

وڃي ڏسان ويجهڙو، ڏسڪي منجهه ڏونگر

ساڙيو جنهن جي سڪ آ، سو ميل پرين پرور!

نهاريان نماڻي ٿي، واٽون تنهن جون ور

ڪندو ماڙ مسڪين تي، گهوٽ ايندم گهر

لاهيندو اچي، لال چئي، ڏکن جا ڏونگر

بخشي بديون بيڪار جون، ڪندو صاف سڌر

جنهن جي دام، آهيان سام، سو لنگهائيندو لهر

ڇڏيندو نه ڇوريءَ کي، ڇني هيئن ڇپر

ورتيون ويندو واٽ ۾، هيڻي هيءَ هيڪر

جار انهيءَ جيڪر، وينديس پهچي پرين کي.

١٠-

وڃي پهتيس پر کي، لٿا ڏک ۽ ڏولاوا

سائين منهنجا سڀئي ڪيا، سانگ به سڻاوا

ووڙيم جن جون واٽون پئي، سي گهر گهڙي آيا

سورن ڏسي سڄڻ کي، کنڀ کڻي ساهيا

ڀڄي ويا ڀر ڇڏي، ڪنهن واءُ نه ورايا

 

 

 

مليون مبارڪون ملڪ مان، ٿيا سهج وڏا سعيا

رهبر ڀي رحم جا، ڪيا رنجيل تي رايا

ڪري نيهن نئون وري پيچ پرينءَ پايا

وڇڙيل جا والي کڻي وارا ورايا

محبت جي مايا، اڄ موليٰ ڪئي موڪ آ.

١١-

موليٰ ڪئي موڪ آ، آيو والي وک ڀري

ڏکيل تي ڏيهه ڌڻي، پنهنجو رحم ڪري

منهنجون ڪوڪان قهر جون، پيس ڪن پري

وري پيو وڙ ڪري، دل ۾ ڌيان ڌري

اچي ويس اوچتي، عشق جي ته آري

ريءَ تنهنجي هيءَ داسڙا! ڪنهن کي دانهن ڪري

مفت اها نه مري، جنهن سان ويٺو ڪانڌ ڪڇ ۾.

١٢-

دلبر! تنهنجي در جو، مان نوڪر آهيان نروار

الله لڳ اچ پرين! ستت لهج سنڀار

قرب ڪر ڪمينيءَ سان، قدم ڀري ڪوهيار

تنهنجي تات طلب آهي، تن ۾ ترت تنوار

ڦاسايو ڦندي ۾، آهي تنهنجي درس ڌتار

پاسا ڪري پري ٿئين، پهريئون ڏيئي پيار

ولهيءَ کي ولها هاڻي ڪين وسار

ڏوڙا ڏک ڏنا اٿئي، ڪجهه ته رحم ڌار

بانور ناهي دم تي، مل جيئري جانب يار!

ملان ته موچاري ٿيان، شل مران نه منجهه هن تار

جواني ويئي جهوريءَ ۾، ٿيا پڇاڙيءَ جا پار

تڪيئي نه طرح انهيءَ، مهر ڪري منٺار!

آءُ اڱڻ آڌار، ته اکين جي ڀي عيد ٿئي.

١٣-

اکين جي ڀي عيد ٿئي، جڏهن موج لڳي ته ملي

ٽهڪي، ٽڙڪي، ٽهه ٽهه ڪري، ٽهڪڻ! آءُ ٽلي

اکين ساڻ ٻهارينديس، مان تو لئي ڳوٺ ڳلي

تو ريءَ منهنجي مٺڙا! حاجت ڪانه هلي

ٻاجهارا! ٻاجهه بنان، رهبر ويس رلي

لڳي ويئي، لال چئي، عشق جي ته الي

وس ٿي، واءُ وصال جي وهواهه اڄ گهلي

بدن ۾ بيشڪ ڏني، برهه پاڻ بُلي

تڪينديس نه در ڪنهين، مان نوڪر تنهنجي نلي

لاڳاپا لاهي ڇڏيم، تون وارث آهين ولي

وس ڪيم ويتر گهڻا، پر پلجي ڪين پلي

هجي سزا سور جي، هيءَ دل کي درس ڀلي

کنيم خوب خواريءَ جي، ڇوهئون پاڻ ڇلي

ڏٺائين ماڻهو موڪ ٻيا، پر ڪنهن سان ڪين رلي

ڦاٿي ته ڦٿڪڻ ڇو، اڄ ٿي دانهين دادلي

ڇڏ هيءَ ڪوڪ ڪلي، سڀ ويهه وسائي سر تي

١٤-

سڀ وسائج سر تي، ڪر نه پويان پير

محبت رکج مامرو، من مان ڪڍي مير

سرت رک سچائيءَ جي، ڀورائيءَ جو ڀڃ ڀير

ائين گج گوندر ۾، جيئن گجي شير

توڪل جو ٻڌ ترهو، نينهن جو هڻي نير

آسرو عجيب ۾، تون ڍلا! رکج ڍير

محبت جي ميدان ۾، ڪو ايندو مرد مٿير

محبت جي ميدان جو، ڪو ڪندو سورهيه سير

ڇڏ ولها! ٻيو وير، رک تون رمز رانول جي.

١٥-

رکي رمز رانول جي، اٿ تون آڌيءَ رات

راتيان ڏينهان روح ۾، رکج طلب تات

لاڳاپا ڇڏ، لال چئي، من ماري ڪر مات

تسبيح کڻ تسئي جي، گوندر کي ڪر گهات

رکي منهن مونن ۾، وجهه اندر ۾ جهات

’هو هو‘ ٻولي ٻول پيو، چوريءَ چپ چپات

دئي دغا کان دور ٿي، وٺ مانجهي! هيءَ مصلحات

آيا سي اگهي ويا، هت پڇا ناهي ذات

سچائيءَ جي ثمر سان، ڏاتر ڏيندئي ڏات

”نفي سر خفيءَ“ جي، لنؤ سڄڻ پيو لات

”وحده لا شريڪ له“ ٻي وائي ڪر نه وات

هر دم رک هيئين ۾، برهه واري بات

ڏسندين ڀاتين ڀات، عجب جيها اسرار تون.

١٦-

ڀلي ڪر ڀلا پرين! تون مار نه مٺڙا هيئن

ونگي دل هليو وئين، طرح انهيءَ سان تيئن

ياد اٿئي يار اهي، ڏيهه ڌڻي! ڪي ڏينهن

ويهاري وٽ ۾، قرب ونڊيندو هئين ڪيئن

آهين ٿيو آڪرو، ٿو منٿون ڪريانءِ جيئن

ايڏي تڏ توڏ نه ڪر، هن نيچ ته نوڪر سيئن

پيا محبت سندا مينهن، ٿيو ميڙو محبت جو وري.

١٧-

ڀلا يار! هلي آءُ، ڪڍي رنج صفا رولو

اچي لاهج، لال چئي، ڀل اها ڀولو

تنهنجي محبت مڻ آ، ماسو نڪي تولو

چمي چشمن چا تيئڙم، هي چاهه سندو چولو

ڳڻتين ڳاريو جان کي، ويا ٽهڪ ڪري ٽولو

واجب نه اٿئي ويهڻ ائين ڪري اولو

ڪيو بُت بيراڳي آهه، پورن ئي پولو

تنهنجي گولن جو گولو، مان آهيان يار يقين سان.

١٨-

آهيان يار يقين سان، تنهنجو نوڪر نشانبر

بيحد آءُ بدڪار هان، بَدو برابر

وڌيم ڳولي ڳل ۾، تنهنجي سڪڙي سراسر

الله لڳ آءُ پرين! اچي ڏي آڌر

ماريو آ معذور کي، دردن جي ڌاڌر [3]

رڳو هيءُ ڏيکاءُ لئي، ٿو رکان پيو ڏاڏر [4]

اچ ساهه کي ڪر ساڌر، لاهه اولا اندر جا [5]

١٩-

لاهه اولا اندر جا، بکي پيئي باهه

رليل سان هن راهه ۾، هاڻي من! ڪجهه راهه [6]

سڳو سرس سڪ جو، سائين لڳ اڄ ساهه

اهي بهانا بُلڙيون، هن بيوس لئي نا ٺاهه

مرادون من جون، پرور لڳ پڄاءِ

آهي آگ عشق جي آءُ اچي او اجهاءِ

ستايو سڪ آ، هاڻي وڌيڪ ڪين سڪاءِ

لڳل لنؤ، لال چئي، ڪڏهن ڪين لڪاءِ

ڏيئي اوڙيون عشق جون، ڪيڻ قرب جي ڪاهه

 

 

 

ماڻا ٽاڻا محب ڇڏ، رنجيل روح رساءِ

گوندر غم گهٽاءِ، موليٰ لڳ مانديءَ جا.

٢٠-

دانهن اٿئي دلدار! رهبر هن رليءَ جي

رکي محب مهڙ ۾، اڄ ڀڄي ٿئين بيزار

لقاءُ هن تي، لال چئي، ڇو ڪيو اٿئي اعتبار؟

ياد اٿيئي يار ڪي ڪيل قول قرار

عهد اهي انجام، تون والي ڪين وسار

مارڻ ڇڏ مجبور کي، ڌيان هي دلبر ڌار

پروڪا پيمان تون، پرين پورا پار

اچي آب وصال سان، جليل جگر ٺار

راضي ٿي رحمان لڳ، کڻي نيڻ نهار

برهه جي بيمار کي، اچي پاڻ اٿار

لنؤ لنؤ ۾، لال چئي، آهي تنهنجي لوڇ لغار

ولهي! هيءَ نه وسار، ڇڏ ڪاوڙ ڪڍي قلب مان.

٢١-

لڳو واءُ وصال جو، ڀريا نينهن نياڻ

کڻي قدم قرب جا، پرين آيا پاڻ

ٽهه ٽهه ڪري ٽهڪيا، ولها خوب وٿاڻ

وٺا آخر وس ڏي، ڀنا آخر ڀاڻ

پيئي بوند بهار جي، چو طرفي چانڊاڻ

لٿا غم، لال چئي، من مان ويئي مونجهاڻ

آيو پيارل پير ڀري، ڄاڻي ڪوئي ڄاڻ

رلمل ويو روح ٿي، رڙهي منجهه رهاڻ

اولا ويا اندر جا، ڪٽجي ڪل ويئي ڪاڻ

ڀرجي ويا ڀرڪي، محب جائي ماڻ [7]

موليٰ جي مهر سان، موٽ ڪئي مانڊاڻ

سڄڻ آيو سنڀري، سڪ ڀي رکي ساڻ

لڳي ويئي، لال چئي، لنؤ لنؤ منجهه لاڳاڻ

آيو هلي هاڻ، ڪري قرب ڪميڻيءَ سان.

٢٢-

هلي آءُ حبيب تون، ڏي دلبر دلاسو

واجب نه اٿئي ولها! ڪرڻ هيئن پاسو

درس لڳو دل ۾، کيپ سندئي خاصو

لڳي ويو، لال چئي، ورهه جو واسو

پيئي چڻنگ چولي ۾، محبت جو ماسو

دلبر! تنهنجي در جو آهيان مان داسو

گوندر دل غلطان ڪئي، غم ڏنو گاسو

جلهه ڪئي جهوري کڻي، حب هنيو هاسو

ويٺي پيان پرت سان، قرب جو ڪاسو

مل اچي مهل ڪنهين، وٺي وٽ پاسو

ڏڌل دل ڏکويل کي، خوش ته ڪر خاصو

واهواهه ڪر واسو، موليٰ لڳ مون وٽ پرين!

٢٣-

ڪهڙي ڏوهه ڏيهه ڌڻي! ڇني وئين ڇوڙي

محبت جا منهنجا پرين، ٽڳا وئين ٽوڙي

پيئي ڪل نه پرت جي، ورهه کنيم وؤڙي

اچ ته ڏيانءِ اکين ۾، جاني! جاءِ جوڙي

اچان تنهنجي اڳتؤن، تڪين نه توڙي

غفلت ڪنهن گيرائيءَ کان، منهن وڌئي موڙي

 

 

 

لڳي لنؤ، لال چئي، چاهه وڌو چوڙي

برهه ڀي بدن ۾، کپ ويٺو کوڙي

لکيل انگ ازل جو، هرڪو پيو لوڙي

دردن جي درياءُ ۾، دل پيئي دؤڙي

تو لئي وڇڙيل ولها! ٿي ڊڪي ۽ ڊوڙي

ڦاهي هيءَ ڦوڙي، کنيم خوب خوشيءَ سان.

٢٤-

کنيم خوب خوشيءَ سان، جيڪا باب بڻي

ملهي، مرڪي منهن ڏنم، خوشيئون خوب کڻي

ساريان سک نه سرس ٿي، دردن ڪئي ته ڌڻي [8]

چمي چشمن چاتيم، جا واحد کي ته وڻي

ورتم پٺ پرينءَ جي، هيڪل هڪ ڄڻي

لهنديس وڃي، لال چئي، دلبر ترت تڻي

اجهڪي پيئي اندر ۾، عشق جي ته آڻي

آهيان مان عجيب جي، پيرن جي ته پڻي

ويٺي ڏيان ڏهاڙي، فڪر جي ڦڻي

لاتي آهي لوڇ اچي، گوندر غم گهڻي

هيڪر هوت هڻي، لوچي لهنديس لڪ ۾.

٢٥-

ڦري دل فقير ويو، دل هڻي ڌاڙو

لائي تير، بي پير، ويو سرس ڏيئي ساڙو

ڏٺم ڪونه ڏيهه ڌڻيءَ ري، ڪو چاهه سندو چاڙهو

طلب لڳي ڪا تات، جيئن تنواري تاڙو

لوچي لهنديس، لال چئي، پرينءَ جو پاڙو

ڪڙي ويو قريب ڪو، قربن جو ڪاڙو [9]

 

 

 

پئجي ويو پرت سان، حب سندو هاڙو

کسي دل ڀڄي ويو، لالڻ ڪري لاڙو

ويڙهي ويو وجود کي، عشق جوئي آڙو

کنيم خوب خوشيءَ سان، بار برهه ڀاڙو

اٿئي ويٺي اندر ۾، آ روڄ صفا راڙو

نينهن سندو ناڙو، ڳولي وڌم ڳچيءَ ۾.

٢٦-

آيو پار پرينءَ کان، نياپو هي نيهي

ته اڄ ڪي صبح اسان جي، سنبت آ سيهي

ايندا پاڻ الله لڳ، پکي مون پيهي

پکي تن جي پيئي هان، جيهي جي تيهي

حبيبن سان هيتري، قد ٻڌان ڪيهي

سهنديس سڀڪا سر تي، جاڙ ڪندا جيهي

رمز هڻي رس ڀري، رانول دل ريهي

منهنجي هن مونجهه جي، ڪل پرين پيئي

رٺل هئا، راضي ٿي، ساٿي ٿيا سيئي

اسان آهيون اهيئي، نوڪر يار جي نانءُ جا.

٢٧-

نوڪر يار جي نانءُ جا، آهيون گولا ۽ گاذر

مٽينديس نه مورهين، دلبر سندو در

ڳلي تي ڳري وينديس، ڀلي مري ٿيان مر

ڪندو پاڻ قربن ڀريو عنايتون اپر

محب مون مسڪين جو، ٿيندو ڇپر منجهه ڇپر

دهڪي ٿي دل ڏسي هيڏا ڪن ڪپر

دهڪي ٿي دل ٻڌي ڌو ڌو ۽ ڌڌڪر

سري پيس سير ۾، لڙهي منجهه لهر

اچي عشق اندر ۾، ڪئي شوق شهر (١)

آئي واهه نه ٻي ڪٿي، رهبر ريءَ نظر

گهوٽ ته ايندم گهر، ٿي سکائون سؤ مڃان.

٢٨-

آيو دلبر دل گهريو، ٿيا الله جا احسان

مندي هن مسڪين تي، راضي ٿيو رحمان

برسر باغ بهاريا، بلبلون بستان

آباديون ۽ اسرار ٿيا، شاديون ۽ شڪران

موج لڳي محبت جي، گل ٿيا غمخوان

پاڙيا پاڻ پرين اچي، پرت ڀريا پيمان

رکيم دل دردوندي، نينهن سندو نفران

الله ڪيو آباد آهي اجڙيل آشيان

لوڙهي چڙهيس، لال چئي، برهه سندو بحران

سائين پاڻ سبحان، ڪيا ڪلئي ڪم کڻي.

٢٩-

ضامن ڏينهن قيام جو، شافع روز شمار

آهن جنهن جي آسري، هي بدو، هي بيڪار

سو مير محمد مدني، آهي سخين جو سالار

”سبحان الذي اسريٰ بعبده“ جنهن جو ڄاڻي شان ستار

نبي به ’نفسي نفسي‘ ڪندا، اتي ڏاڻ ڏيندن ڏاتار

لنگهائيندو لڪن مؤن، اچي ڪيچ ڌڻي ڪوهيار

کڻندو بار کهين جا، مدني هت مختار

ڪلمي جي قرار، سڀ ويندا سي ايمان سان.

        سسئي

٣٠-

ساراهيان سچو ڌڻي، مالڪ ڪل مقام

موليٰ کي ملڪن جو، ٿو جنگ پياري جام

آگي آهي عطا ڪيو، اسان کي اسلام

مڪائين مرسل مير کي، موچاريءَ ڪنهن مام

پاڙيائين پاڻ ئي الستي انجام

پرور پاڻ ڌڻي آ، ڏئي ٿو ترت تمام

دشمن توڙي دوست کي درس نه وجهي دام

قادر پنهنجي ڪرم سان، هلائي ٿو ڪمام

هرڻي ڀڄي هيڪلي، اچي پئي سيد جي سام

جنهن کي ڇڏايو ڇولين کؤن، مدني ڪنهين مام

غافل رهيس گناهن ۾، بيشڪ عمر تمام

ڪندو وارو ولهي تي، ڪامل روز قيام

تنهنجي لڳس دام، ڪامل ڌڻي ڪيچ جا.

٣١-

ڪامل ڌڻي ڪيچ جا، رس آري هت اڳوان!

ڏونگر سجهن ڏاکڙا، برپٽ بيابان

هڪ جبل جوراڻو ڪري، ٻيو پٿرن جا پيڪان

بڻائي وئين بي ڌڻي، هيءَ بيڪس تون بي شان

تنهنجي سڪ سلا ڪڍيا، نينهن ڪيا نيشان

ووڙيان ويٺي واٽڙيون، آچين مون گهر مان

ووڙيان ويٺي واٽڙيون، ٿيندين ڪڏهن مهمان

ووڙيان ويٺي واٽڙيون، رس خير سان خان

آءُ آهيان تو برابر ڪانه پرور وسيلا! ويلهه ٿي.

٣٢-

ور وسيلا! ويلهه ٿي، آهي ڏونگر دل ڏاري

ڇني وئين ڇڏي ڪري، هيءَ ڌڪي هت ڌاري

سڏيئي ٿي سڃ ۾، منزل جي ماري

مهر تنهنجي سان مٺڙا! بس ٿيندي موچاري

پيئي پناري پنهل جي، هيءَ ڪوجهي ڪن ڪاري

هيڪر هوت! هاڙهي ۾، وڃ ڏيئي ڏيکاري

سڪ تنهنجي ثمر آهه، عمر سڄڻ ساري

ڏيئي باهه ڀنڀور کي، ٿي هلان هيڪاري

مليس ته مهت ٿيو، جي ميس ته موچاري

کائڻ ويو خوشيءَ جو، لڳي طلب سندئي تاري

هڪڙي باهه برهه جي، ٻيو بَر سجهي باري

هڪڙو شوق شتاب آهه، ٻيو واٽن تي واري

هڪڙو نينهن نکيڙيو، ٻيو ڏونگر دل ڏاري

پهڻن پير پٿون ڪيا، وجهه گهوٽ نه تون گهاري

واري واڳان وڳ جون، اچ الله لڳ آري!

نوائي آ نينهن تنهنجي، هيءَ نڌر نياري

ورندين ويل جنهين، سا آهي ساعت سوڀاري

مٿئون بيٺو موت آ، کنيو ڪان ته ڪاپاري

جيئري جانب يار جي، ٿيان چانگن جي چاري

اچ اڱڻ تي آري! ته مان سکائون سو ساريان.

٣٣-

مان سکائون سو ساريان، اچ ڀڃي ڪو ڀيرو

لڳي لنؤ لڱن ۾، ٿيو اندر آکيرو

سور لڳي سنڌن ۾، ڪيو گوڏن کي گيرو

وڃن واپس ڪين ٿا، ويل نه ڏيئي ويرو

ڀر وٺي بيٺا، ڪن ڦيري تي ڦيرو

وٺان پٺ پنهل جي، پڇي ڪو پيرو

ڏڌل کي ڏکا لڳو، سر ته سرسيرو

اچي ڪر عجيب! تون، قربن جو ڪيرو

آهي دردن ڪيو ديرو، اچ ڪامل ڌڻي ڪيچ جا!

٣٤-

اچ ڪامل ڌڻي ڪيچ جا! مان ساريان ڪونه سکوءِ

ونڊيان ويٺي واٽن تي، سدا سور سندوءِ

ميڙائي جي مهل ڪنهين، قادر ڏينهن ڪندوءِ

رليئي ٿي رڻن ۾، هيءَ جانب هيڻي جوءِ

آڌر ڏيئي عجيب ڪا، پري وڃ تون پوءِ

ڇڏيندو نه ڇپر ۾، نڌر نال نيندوءِ

ڦيري مهارون مين جون، اڱڻ مون ايندوءِ

ڀري جام وصال جا، ڏوڙا ڏاڻ ڏيندوءِ

ڪيچي قرب ڪندوءِ، اچي واهي ٿيندم وچ تي.

٣٥-

واهي ٿيندم وچ تي، ڪڍندم شل تاري

لنگهائيندو لڪن مؤن، اوکيءَ اڪاري

ٻانڀڻ کي ٻاڻ هنيئي، ٿي ٻريل ٻاڪاري

آءُ وري وڙ ڪري، ڪرها قطاري

ميڙي کنيم مٿي تي،  ُسر سڀئي ساري

ويٺين وڃي ولها! هيءَ ولهي وساري

سدا سينو سپرين! توکي ٿو ساري

جيئري جانب يار! شل اچين اوتاري

آهي عرض الله کي، تيتر موت نه مون ماري

ملان جيتر محب کي، ٽار سڀئي ٽاري

توکي ساهه ٿو سنڀاري، اچ ڪوهيارا ڪرم ڪري.

٣٦-

اچ ڪوهيارا ڪرم ڪري، پنهل! پرٽ سڃاڻ

مون منديءَ کي معاف ڪر، پنهنجيو ڏسي پاڻ

ڏکن جو ڏکيءَ کي، ڏيئي وئين ڪو ڏاڻ

ڀيلو بَس ڀنڀور ٿيو، ڀتو ٿي ويو ڀاڻ

ولهو ڀانيان تنهنجي وئي، پوءِ هيءُ وٿاڻ

ڇڏين نه ها ڇني ڪري، ثابت نين ها ساڻ

ڌاري ڏسي دل ۾، رکيئي مدائيءَ جو ماڻ

ٻڌائين ها ٻولي ڪري، جي اهڙو هئئي اهڃاڻ

ڀڄين ها پوءِ ڀر ڇڏي، پهرين ڪري پڇاڻ

هاڻي توڙي ٽاڻ، موٽي آءُ هن ماڳ تي.

٣٧-

موٽي آءُ هن ماڳ تي، پنهل! ڪري پر

هيڻيءَ جي هاڙهي ۾، ڪا خان! لهج خبر

ڌاري ڌار ڪري وئين، ڇوري منجهه ڇپر

اچي پهتي پٻ ۾، هيءَ نماڻي نڌر

الله لڳ، آري آءُ، والي ڪري ور

ڦٽي پير پٿون ڪيا، هڻي پاڻ پٿر

سڙيءَ سان سڃ ۾، اچي ساٿي! ٿيءُ سٻر

ڪافن ۾ ڪهي اچ، ڪرم جا ته ڪڪر

ڪري بس ڀنڀور کان، وٺي هلي ور

جهڙي تهڙي تنهنجي هان، مان ويڳاڻي ويتر

جيئان دم جيتر، آهيان نوڪر تنهنجي نام جي.

٣٨-

بُرا ٿيڙا حال، دلبر دردونديءَ جا

سڪ اندر سڪندي، سڄڻ! ٿيڙم سال

وڄي نوبت نينهن جي، ٿي دردن جي ته ڌمال

موهيو ملڪ سڄو آ، تنهنجي جوت جمال

ڪڙي آ قابو ڪيو، سندئي قرب ڪمال

ڏينهان رات، آهي وات، تنهنجي محب مقال

بيواهي برابر، هيءَ برهه ڪئي آ بتال

حجت کان هردم پرين! تو در آهي مجال

”استغفرالله ربي من ڪل ذنب“ بَدين ڪيو بيحال

رهبر! تنهنجي راز سان، راهي ٿيم رهوال

هٿ رکي هيڻيءَ ٿي، نيندين نڌر نال

تنهنجو سگ سراسر آهي، لاهوتي هيءُ ”لال“

ڍڪ ڍڪڻهار! تون لڄا رک لڄپال

وهمن جي ته وصال، سٽي هنيو آ سير ۾.

٣٩-

سٽي هنيو آ سير ۾، هن دنيا دورنگي

تنهنجي محبت مٺڙا! مان منڍ کان ئي منگي

ٿي سونهان سردار، مان لالڻ! تنهنجي لنگهي

ڏيئي وڪڙ ورهه سان، تو منهنجي جان ونگي

واهه وسيهر کولي، دلڙي ڏاڍ ڪري تو ڏنگي

هيس پيل پورن ۾، ٿيا سور سندئي سنگي

لاتي جنگ جثي ۾، آهي جور جفا سان جنگي

برهه برابر، صاف سراسر، ترت ڪئي آ تنگي

تون رانول آهين رنگي، ڪڍ اچي هن ڪن مان.

٤٠-

ڪڍ اچي هن ڪن مان، نالي نانءُ خداءِ

تتل دل تتيءَ کي، وڌيڪ ڪين تپاءِ

ميٽ مدايون منهنجون، ويڙهو اچي وساءِ

مئل سان ماڻا ڇڏي، رهبر روءِ پساءِ

دائم قائم دلبر! هوندين ثابت صاف سداءِ

”الانتظار آشد من الموت“ ويتر ڪين وڌاءِ

ڏوهه ڏسي هن ڏڏ جا، ڇپر ٿي تون ڇپاءِ

آزيون هي الله لڳ، عاشق جون ته اگهاءِ

سختي ڇڏ، سورهيه ٿي، اها چال مٽاءِ

چرين جي چئي لڳي، ناحق ڪين نٽاءِ

ڪيو دل سلام آهي، نه ته ٻيا ڀي لوڪ گهڻاءِ

لڳل لنوءِ، لال چئي، ڪري ڪوڏ ڪڏاءِ

محبت جي ميدان ۾، سوريءَ سر چڙهاءِ

اچ ناتو نينهن نڀاءِ، ميٽي مدايون منهنجون.

 

مارئي

٤١-

ٿي مهر ملڪ تي، ڪئي ڀلي ڀلائي

ڪندي واڪا وڄڙي، اتر کؤن آئي

وسڪاري وس ڪري موج ته مچائي

ٿيا ڏور ڏوجهرا، ٿيو سڪر سڻائي

سڙيل پٽ پسي پيا، ٿي لالڻ لالائي

ڏاتر ڪيو ڏکين جو ملڪ ئي مٺائي

آڻين پهرو پٽ تي، ٿا چاهه وڏي چائي

پيا پوش پٽن تي، ريج رونق لائي

ڀريا نياڻ ننڍا وڏا، ٿي وات اها وائي

ته والي وڙ ڪيو آ، جنهن سڃ ڪئي سائي

گاه ڦٽا، گلزاريون ٿيون، ٻڌي ڪٻهه ڪارائي

کٿڙ، کاراهو خوب ٿيو، ٻڌي ڪپهه ڪارائي
ڊپ، ڊاماهو ڊوهه لڳو، ڀريا تل ۽ ڌرائي

ساوڙي، کيرول خوشي ڪئي، واهه منڍيري مائي

ڇڙي ڌڻ ڌنارن جا، اچن خوشيءَ سان کائي

ٿڌڪاريون ٿاڌل ٿي، ويئي ڏسڪي ڏاڍائي

مينهون، ڳئون مچي پيون، اچي هر ڪا پئي ڍائي

ساهه پين، سند ٿيا، جن ڪئي هئي ڪمائي [10]

هر جاءِ بات برهه جي، اڄ ٻڌڻ منجهه آئي

لسي، مکڻ موڪ ٿيا، ڌؤنري ڌم لائي

پنا خوب پنير جا، اچن چنبن ۾ چائي

سڙيل هئي سالن جي، سا به سکڻي ٿي سائي

ميڙي اچن مال لئي، چوڻ چونري چائي [11]

هڻن شپ شير جا، گوها گبدائي [12]

جن جي وات هيم وائي، سي والي آندا ويجهڙا.

٤٢-

والي آندم ويجهڙا، سائين سڀ ساري

هڻي مينهن مهر جا، وڌئين ڏيهه سڄو ٺاري

کٽي هليا خير سان، گوندر سڀ گهاري

قادر ڪڍيو ڪرم سان، تار منجهئون تاري

مئل دل مٺل کي، وڌو جاني جياري

گوندر گهاءِ ڇا ڪندا؟ جي مالڪ نا ماري

ڏکن وڌو ڏيل هو، ڏاڍو هيءُ ڏاري

 

 

 

ڪري مهر مالڪ ويو، مونجهان ميساري

پهرو اڄ پٽن تي، هرڪو پيو چاري

کارا ڀري کنڀين جا آيا اوتاري

هلي آيا هيج مان، وهڪون سڀ واري

وين اولا اندر مان، اصلئون اوٽاري

لٿين مرٽان من جون، ڇڏيئون وهم وساري

هڻي پرور پت پاري، جو مليا مارو من گهريا.

٤٣-

مليا مارو من گهريا، وريا ساهه سڌار

پت رکي پرور کڻي، صاحب ربّ ستار

ڇيلا چارين ڇيڪ ٿا، ٻاٻاڻا اڄ ٻار

ميا وتن مست ٿيا، ڌڻن سان ڌڻار

کهه وڇوڙو، ٻن جدائي، شل ٿيون نه وري ڌار!

لڳي لوري لقاءَ جي، اندر ۾ آپار

اچي جهانگين اڏيا جهوپا جيءَ جيار

ملي ميڙائو ڪري، ڪيا قلب قرار

ڏٺم سانگي، جن جي ٿي ڪئي ساهه سنڀار

طلب جن جي تن ۾، هئي پڇا پرت پچار

مڃيم مڃتائون جن لئي، ڀيٽيم پير هزار

آيا آخر اوڏاڙا، وڏي ڪنهن ويچار

اڏي پيهون پرت جون، واڙين ۾ ڪري وار

واري اچن وٿاڻ تي، ٻڪريون ٿا ٻڪرار

جن جي سڪ هئي سيني ۾، سي ڏيکاريم ڏاتار

موليٰ مليو آ ڪيو، شل! وري نه ٿيندا ڌار

سرت ڀريا ته سنگهار، وري ويڙهي آئيا.

٤٤-

وري ويڙهي آئيا، ٻيڪائي ٻڪريون

ڪي بَريون، ڪي لهڙيون، ڪي ڪريون، ڪي ڪڪڙيون

ڪي ڪنڍيون، ڪي ڪڻڇيون، ڪي ٻولاهيون ته ٻريون

ڪي ڀوليون، ڪي نوليون، ڪي ننڍيون، ڪي نهريون

ڪي پٽيريون، ڪاريون، ڪي قداور ڪٻريون

ڪي اصلي، ڪي فصلي، ڪي ٽرڙيون، ڪي ٽپريون

گهمڻ پييون گهٽين ۾، طلب رکي تڪڙيون

لڳيون ميخان محبت جون، چاهه سنديون چڪريون

موٽي آيون مارڳ تي، مام رکي مگريون

سدا رهن ساڻيهه ۾، سگهاريون سگهريون

قربن جون ڪڪريون، جيڪس لڳيون جان ۾.

٤٥-

جيڪس لڳيون جان ۾، نينهن سنديون نوڪان

وٺا مينهن محبت جا، موج لڳي موڪان

کلي آيا خير سان، ملهيون سڀ ٽوڪان

آيا سانگي سنرا، چاهه ڏنيون چوڪان

اچي پوکيون پرت منجهان، پنهوارن پوکان

ڦرن ڇيلا ڇوهه مان، ترت ڪري توڪان

لڳيون لاڻين وچ ۾، جهانگين جون جهوڪان

ڳائين ڳڻ ڳنوار ٿا، الله جون اوڪان

لٿا گوندر، لال چئي، پيون سڪ سنديون سوڪان

جهانگين جون جهوڪان، ڏٺم جيئري جوءِ ۾.

٤٦-

آيا جيئري جوءِ ۾، سانگي ڇڏي سانگ

ورهين کان جن لئي، پئي اڏايم ڪانگ

موليٰ در منگيم پئي، اها مٺڙي مانگ

ته والي آڻج ويجهڙا، آهي جن جي طلب تانگهه

سرسيرا ساوا ٿيا، جي بر هئا ڀڙڀانگ

پلٽ ٿي پاڻيءَ جي، چهرا ٿيا چانگ

لڙي آيا لڏ کڻي، لاڙي لنگهي لانگهه

آيا مارو مٺڙا، دل جا پوريا دانگ

بي وڙيءَ تي وڙ ٿيو، سرها ٿيم سانگ

ٿي عنايت اچانگ، جو مارو آيا ملڪ تي.

٤٧-

مارو آيا ملڪ تي، ٿيا رنگ پسي رهوال

ڏاتر پنهنجي ڏات سان، ڀلي ڀلايا ڀال

نڪري ويا نشانبر ٿي، ڪلئي ڪلهه کان ڪال

ٽپن پيا ٽاڏون ڪري، جي بک ڪيا هئا بيحال

سرهي ڍڪ ڍورن جي، ٻڌندي ٿيا هئا سال

اڄ ٿي عنايت الله جي، جنهن جل ڪيو آجال

پلٽ ٿي پاڻيءَ جي، ٿيا ننڍا وڏا نهال

سکن جي سرس ٿي، هر جاءِ قيل مقال

ويل وڇڙيل، ويل سان، مليا اچي مال

لڄا رکي لوڪن جي، لاڄو خود لڄپال

ڀري ڪٽيءَ جا ٿال، ورهائينديس وڃي ويڙهه ۾.

٤٨-

مارن نياپو موڪليو، قرب ڪري هي ڪال

ته وٺو مينهن ملير تي، آهي آل ۽ جال

وسڪارو واليءَ ڪيو، سائين لڌي سنڀال

خوش ٿي خير گهرن ٿا، ٻهڪي ٻڍا ٻال

تڙ تاڏا سڀ تار ٿيا، ڍوريون، ڍٻيون، ڍال

ان، گاهه آموڪ ٿيو، ڪن ڪپايا ڪال

کنڀيون کڙيون خير سان، هرڻ مارين ڇال

سري سانگي آئيا، جن سڪايو سال

وري ويڙهه وسائيون، موٽائي اڄ مال

ڦٽا گاهه پٽن تي ليون ٿيڙيون لال

ڪيو وڙ بي وڙن تي، جيڪس هي جڳپال

گهمن پيون گينواريون، مينهون، ڳئون متوال

رڍون ٻڪريون رسجي، راضي ٿيون رهوال [13]

ڪيون گهمن ڪڇ ۾، پنوهاريون ته پخال

پيئن پاڪ پنير ٿا، جهانگي جهنگ ۾ جال

وڃي ورهائيندس ويڙهه ۾، ڀري پيرن ٿال

وڇڙيل هن وڇوڙيل کي، نيندا وٺي نال

لهي ويندا، لال چئي، اوڏا ٿي احوال

پوندين مهر من ۾، هي هيڻا ڏسي حال

ماري وڌو مونجهن آ، برهه ڪيو آ بتال

ڌوڪر لاتا دنبها، دردن جي ته ڌمال

پوي ڪن پانڌيءَ جي، منهنجي ڪوڪ هي قال

سائينءَ لڳ سنڀال، من مارو لهن مئيءَ جي.

٤٩-

مارن نپايو موڪليو، درد ڀريو دلريش

ته ويٺئين شايد ويسلي، خوشيئون پنهنجي خويش

وساري ويهي رهئين، محبت ڀريو ميش

لڳي ويئي، لال چئي، نڌر ڪوئي نيش

وڻي ويئي اتهون جو، انڌي! شايد عيش

ڪيئي دانهن نه دل کؤن، ايندو ڏسي ارميش [14]

 

 

 

برهه لڳئي ڪو بيش، جنهن پليئي دل پکن کؤن.

٥٠-

پلي نه دل پکن کؤن، ڪيو قسمت قيدياڻي

لکئي لوح قلم جي، هتي آندي آياڻي

وڳر کان وڇڙي ڪري، ٿيس بيڪس بندياڻي

ويٺيس نه ٿي ويسلي، ڄاڻ اهو ڄاڻي

پٺيرا پنهوار ٿيا، پاڻئون پڇاڻي

گهيرو ڪيو غمن آ، ۽ سورن سڌاڻي

سرس سڪ سانگين جي، سر ۾ ساماڻي

آهي اکين اوڏڙي، الفت آباڻي

راتيان ڏينهان روح ۾، آ ڏؤڻڪ ڏاڏاڻي

مرٽي نٿي من مان، مهر ته ماماڻي

لاتي آهي، لال چئي، لوڇ مٺي لاڻي

پٽي کائينديس پيرن جي، چاهه منجهؤن چاڻي

هيس سرس ته سياڻي، پر قضا آندو ڪوٽ ۾.

٥١-

وٺو ملڪ مارن جو، واليءَ ڪئي وس

آيو موٽي ماڳ تي، چاهه گهڻو ۽ چس

لڳي لٽڪ، لال چئي، خوشي ٿي هئي کس [15]

بيوطن برابر ٿيا، هئا بندا جي بيوس

سي سانگي سرچي آئيا، هڻي دل کؤن دس

موليٰ ڪئي مس مس، مهر کڻي ته ملير تي.

٥٢-

وٺو ملڪ ملير جو، مهر ڪئي مولا

پلٽ ٿي پلر جي، ڇڇڪا ڏيئي ڇولا

لهي ويا، لال چئي، اکين جا اولا

ويون مونجهارن من مان، ڏري ويا ڏولا [16]

 

 

 

ويٺيون وڃي ڪنڊ ۾، ڳڻتيون ڪري ڳولا

روح منجهؤن رولا، ويا نڪري وڙ ڪري.

٥٣-

عمر! اسان جي ڏيهه تي، ڏات ڪئي ڏاتار

وڙ ڪري والي ڪئي، ٿر مٿي ٿڌڪار

موٽي آيا ماڳ تي، ڪاهي ڌڻ ڌڻار

لاتيون آيا، لال چئي، ٻڪريون ڪڍ ٻڪرار [17]

ريڙهي آيا رس ڏسي، رڍان ڀي ريڍار

مينهون موٽائي اچن ٿا، موج ڏسي ميهار

ڏسي پوش پٽن تي، ٿا ڳڻ ڳائين ڳنوار

ڍڪيا عيب ڍٽيءَ جا، صاحب ربّ ستار

جنهن پلٽ ڪئي پلر جي، ٿيا تاڏا سڀئي تار

ڪاهي آيا ڪڏ ڪري، ڪڪر ڪارونڀار

وسڻ جا ويس ڪري، ٿيون گجگوڙيون گجڪار

پاڻي ٿيون پٽن تي، ٿي لالائي جي لار

آيا ڍاٽي ڍٽ کان، ڍرڪي انهيءَ ڍار

ڪڍ بندياڻي بند مان، هيءَ جابر لڳ جبّار!

انهيءَ پر عورت کي، ڪر نه ڌڻيئون ڌار

پڄائج پاڙي جي، هيءَ امانت سردار!

وس ڪري واري ڇڏ، ته ڏسان ستت سنگهار

موڪل ڏي مختيار! ته ڏسان ماڻهو ماڙ جا.

٥٤-

ڏسان ماڻهو ماڙ جا، لهن اندر جا اولا

سڀئي سارنگ سٽاڻا، صاحب ڪندو سولا

سٺا آهن ساهه ڪئين ڇلڪن جا ڇولا

وٺان ڀر پٽن جي ته وڃن ڏرت ۽ ڏولا

 

 

 

کڻي آئين کوهه تان، وڌئي رهزن ڪنهن رولا

لنگهايم لڪ سڀيئي، جان مٿئون جهولا

ڏسان ڌڻ ڌڻارن جا، ڇيلن جا ٽولا

پنهوارن پوءِ، الا! آهي وساريو ويتر کڻي.

٥٥-

وساري ويتر کڻي، ڪئي ڏوٿين ڏاڍائي

اصل کؤن عجب جيهي، ڪئي انهن ارڏائي

پڇڻ نه آيا پير ڀري، پرت رکي پائي

ڪهڙي ڏيهه ڏسڪي ويا، ماري هيءَ مائي

ڪير آهي هن ڪوٽ ۾، حال سندو ڀائي

ليڙان ٿي لٽا ويا، پيئي ڇتن منجهه ڇائي

وڃي ڌوئينديس ويڙهه ۾، ڪري ثابت صفائي

ڪندو صاب سائين، کڻي ڪامل ڪمائي

وينديس وري ويڙهه ڏي، سور چمي چائي

ويڙهيچن ڏي شل وران! ملي وهواهه واڌائي

موليٰ در منظور ٿئي، هيءَ وڃڻ جي وائي

ملان تن مارن سان، آهيان جن جي مان ڄائي

وڌيم ويٺي دل ۾، اهي خيال ته الاهي

ڪري پورا پاڻيهي، ڪندو رهبر رسائي

ونڊينديس ويهي وچ ۾، سک مڃي سائي

منٿ مڃ موليٰ لڳ، ڪر راجا! اڄ راهي

آهي آس ته اهائي، ڏسان جيئري جهانگي جوءِ جا.

٥٦-

ڏسي جهناگي جوءِ جا، هينئون ڀي ٺاريان

اندر جي آڳ کي آخر اجهايان

ڳڻن ڀريا! ڳڻ تنهنجا، ڳلين ۾ ڳايان

پيرن پاند ڀري وڃي ويڙهه ۾ ورهايان

هاري آب اکين مان، مونجهان ڪل لاهيان

ٿي ٺاهه اهو ٺاهيان، ته وينديس موٽي ماڳ تي.

 

* ھيءَ روايت اتر (تعلقي پني عاقل) مان محمد حسن ”مشتاق“ کان ملي.

[1] مشر = مشھور.

[2] جھونگن = جھوپڙين.

[3] ڌاڌر = دڙڪو.

[4] ڏاڏر = رعب.

[5] ساڌر = ھوشيار.

[6] راھھ = مدد ڪر.

[7] ڀرڪي = پٺتي ھٽي.

[8] ڌڻي = جاءِ.

[9] ڪاوڙ = ڪڙو.

[10] سند = ٿلھا، مضبوط.

[11] ميڙي = ڏھي.

[12] چوڻ = ڪڇ، جھولي. شپ = گوھا.

[13] رسجي = ڍڪيون ٿي.

[14] ارميش = اٺ.

[15] لٽڪ = مزور.

[16] ڏولا = ڏولاوا.

[17] لاتيون = لائيو، گڏيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org