سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: بيت

باب:

صفحو:3 

مواد ۽ ان جي ترتيب:

        هن ڪتاب ۾ جملي هڪ سؤ ٻاهتر شاعرن جا بيت شامل ڪيل آهن. ’بيت‘ جي اوسر ۽ ارتقا جي تاريخي سلسلي کي روشن ڪرڻ خاطر، شروع ۾ قاضي قادن کان وٺي شاه عبدالطيف تائين سنڌي ’اساسي شاعري‘ واري بنيادي دور جي ڇهن مکيه شاعرن جا بيت رکيا ويا آهن. ان بعد شاه عبدالطيف کان وٺي ويندي هن پوئين دور تائين مشهور معروف توڙي غير معروف، ٻنهي گروهن جي هڪ سؤ ٽيونجاه شاعرن جا بيت ڏنا ويا آهن. آخر ۾ موجوده دور جا اهي تعليم يافته شاعر، جن عروضي شعر سان گڏ ’بيت‘ پڻ منظوم ڪيا آهن، ۽ موضوع توڙي اسلوب بيان جي لحاظ سان ’بيت‘ جي تاريخي روايت کي قائم رکيو آهي، تن مان تيرهن جا بيت ضميمي طور ڏنا ويا آهن. هن گروه جو ممتاز شاعر مخدوم محمد زمان صاحب ’طالب الموليٰ‘ آهي: سندس اڪثر ساٿارين ’بيت‘ کي ’مشق سخن‘ خاطر منظوم ڪيو، مگر طالب الموليٰ بيت کي قال جي بدران اڪثر پنهنجي حال جو شاهد بنايو آهي.

        آڳاٽي دور کان وٺي ’بيت‘ سنڌي شاعري جو هڪ مکيه ۽ عام مقبول جز، بلڪ جان ۽ جگر، ٿي رهيو آهي. انهيءَ ڪري عام توڙي خاص ۾، شهرن ۾ توڙي ٻهراڙي ۾، ايترن ته شاعرن، سياڻن ۽ سگهڙن بيت چيا جو انهن سڀني جي سڄي ذخيري جي سڌ رکڻ ۽ ان کي سهيڙڻ نهايت ئي مشڪل آهي؛ نه فقط ايترو پر سنڌ ۾ بيتن جا اهي شاعر جيڪي معلوم ۽ معروف آهن، تن مڙني جي مواد کي گڏ ڪري مرتب ڪرڻ لاءِ پڻ هن ڪتاب جهڙن ٻين وڌيڪ جلدن ۽ ڪافي وقت جي ضرورت پوندي. سر دست هيءُ ڪتاب فقط ’بيت‘ جي صنف کي مجموعي طور سان سمجهڻ ۽ خصوصا لوڪ ادب جي جز طور عام شاعريءَ ۾ ’بيت‘ جي جنس کي پرکڻ پروڙڻ خاطر مرتب ڪيو ويو آهي. انهيءَ مقصد خاطر، سنڌي بيت جي تاريخي روايت توڙي عام سنڌي شاعري واري نوعيت کي مد نظر رکندي25 هر شاعر جي هٿ آيل بيتن مان ٿورا گهڻا هن جلد ۾ نموني طور ڏنا ويا آهن. نتيجي طور هت اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته هيءُ ڪتاب چونڊ شاعرن جي چونڊ بيتن جو مجموعو ناهي، پر البت صنف ’بيت‘ جي نمائنده شاعرن جي نمائنده بيتن جو آئينو آهي.

        ’اساسي شاعري‘ واري دور جي مشهور شاعرن ۽ موجوده نئين دور جي معروف شاعرن (جن جي زندگيءَ جا حالات معلوم آهن) کان سواءِ، باقي ٻين تقريبا ڏيڍ سؤ کان شاعرن جي سوانح حيات تي پڻ مختصر طور روشني وڌي وئي آهي. سوانح حيات ۽ بيتن جي هن مواد کي سالن جي محنت سان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سهيڙيو ويو آهي؛ ٻهراڙيءَ جي ڳوٺن، وسين ۽ واهڻن جي شعرن ۽ سگهڙن مان گهڻن سان اسان پاڻ روبرو ڪچهريون ڪري سندن بيتن کي خود سندن پنهنجي زباني قلمبند ڪيو. انهيءَ لحاط سان هيءُ مواد گهڻي قدر نئون ۽ نج آهي ۽ پهريون ڀيرو گڏ ڪيو ويو آهي. اميد ته هيءُ قيمتي ذخيرو ’سنڌي بيت‘ جي نوعيت ۽ اهميت کي نکيڙيندو ۽ ان بابت آئنده تحقيقات لاءِ مفيد ثابت ٿيندو.

ن. ب

 

قاضي قادن

 

        ]قاضي قادن بن قاضي ابو سعيد بن زين الدين بن قاضي قادن بکر ۾ ڄائو نپنو. علم ۽ قضا ڄڻ ته کيس ورثي ۾ مليا هئا. بکر ۾ ’قضا‘ جي منصب تي فائز هو، جنهن تان وڏي ڄمار ۾، (غالبا ٩٤٧-٩٥٠هه) استعيفا ڏنائين. ٩٤٧-٩٥٠ هه ڌاري حج تي ورانو ٿيو، ۽ غالبا مديني شريف ۾ ئي سنه ٩٥٨ هه (١٥٥١ع) ۾ وفات ڪيائين. بقول مير معصوم، ”قاضي قادن، پاڻ قرآن جو حافظ، قرائت ۽ تجديد جو ڄاڻو، حديث، تفسير ۽ اصول فقه جو عالم هو. انشاء پردازي (لکپڙه ۽ مضمون نويسي) ۾ پنهنجي وقت جو اڳواڻ هو. علم رياضي کان پڻ پوريءَ طرح واقف هو. تصوف کان باخبر هو، ۽ سلوڪ ۽ طريقت جي راهه ۾ گهڻيون رياضتون ڪيائين. . . جڏهن قاضي جي عهدي تي فائز هو، تڏهن نهايت احتياط، امانت ۽ ديانتداري سان فيصلا ڪيائين.“

        قاضي قادن سنڌي ٻوليءَ جو پهريون مشهور شاعر آهي، جنهن جا گهڻي کان گهڻا بيت اسان کي ملن ٿا26.[

١-

ڪنز، قدوري، ڪافيا، ڪي ڪونه پڙ هٺوم

سو پار ئي ٻيو ڪو، جئان پرين لڌوم.

٢-

سڄڻ منجه هئام، مون ويٺي واءُ ٿئا

هيڏان هوڏان هٿڙا، هيٺين جاڙ وڌام.

٣-

’لا‘ لاهيندي ڪن کي، ’لا‘ مورهين ناهه

’بالله‘ ري پرياه، ڪٽ نه ڏسي ڪو ٻيو.

٤-

جوڳي جاڳيوس، ستو هئس ننڊ ۾

تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري.

 

ميون سيد علي ثاني شيرازي

 

        ]سيد علي ثاني بن سيد جلال بن سيد علي شيرازي جي ولادت سنه ٨٩١ هه (١٤٨٦) ۾، ٺٽي ۾ ٿي. سندس تربيت سمن جي دور ۾ ٿي، ڇاڪاڻ ته سمن جي حڪومت جي خاتمي (٩٢٧هه) وقت سندس عمر ٣٦ سال هئي. سيد علي، ٺٽي جي برگزيدن بزرگن مان هو. علم، زهد ۽ سخاوت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو؛ مڪليءَ جي درگاهن تي سماع ڪرائيندو هو. سنه ٩٨١هه (١٥٧٣ع) ۾ وفات ڪيائين. سندس هيٺيون هڪ بيت ’معارف النوار‘ ۾ محفوظ آهي27.[

 

سرتين سارنگ سکن جو، مون کي رويو رهائين

آءُ ٿي هلان هوت ڏي، تان هو واريو وهارين

وريتون ورن سين، ويٺيون گهر گهارين

پنڌان ٿيون کارين، ڪانه هلائي ڪيچ ڏي.

ميون شاهه ڪريم*

 

        ]ميون شاه عبدالڪريم مٽياري ساداتن مان هڪ وڏو مڻيا وارو بزرگ هو. سندس ولادت مٽيارين جي شهر ۾ ٢٠ شعبان سنه ٩٤٤ هه تي ٿي. جواني بعد درويشي جي حالت ۾ وڃي بلڙي وسايائين، ۽ عمر جا پويان ڏينهن اتي ئي حجري ۾ گذاريائين، سندس ملفوظات (رسالي) ۾ ٩٣ سنڌي بيت محفوظ آهن. ٨٨ ورهين جي عمر ۾ ٧-زوالقعد سنه ١٠٣٢هه تي وفات ڪيائين. سندس مقبرو سيد پور (هاڻوڪي بلڙي) ۾ آهي.[

 

١-

نينه نياپي نه ٿئي، سڌين سيڻ نه هون

ڪاريين راتين رت ڦڙا جان جان نيڻ نه رون.

٢-

هنيون نه حاضر جن، پرين نه اکڙين ۾

ٺلها ڍنڍا سکڻا، هينئين جاڙ جين.

٣-

جي جاڳندي من ۾، ستي پڻ سيئي

من پريان نيئي، پڳهيو پاڻ ڳري.

٤-

جي مون سڏ ڪئا، ڀنڀوران ٻهار ٿي

جي سي پري سئا، ته هوند نه وئا نڪري.

٥-

ڪاڻياريون ڪيئن ڪن، عمر آڇا ڪپڙا

جن جا ٿرن ۾، ور ٿا ويڻ سهن.

٦-

جوري اتي جن، داغ تنهنجو داسڙا

تون ڪيئن مٿان تن، چنيسر چت کڻين.

٧-

هنج تتهين هوءِ، اونهي ۾ اوڙاه جو

اي ڪانيرو ڪوءِ، جو ڇاڇر ۾ ڇيرون ڪري.

شاه لطف الله قادري*

 

        ]شاه لطف الله قادري، سنڌ جي مشهور ۽ قديم تاريخي شهر ’اگهم ڪوٽ‘ جو هو، اگهم ڪوٽ کي ڏهين صدي جي پوئين اڌ ۾ مشهور ولي مخدوم محمد اسمٰاعيل سومري (وفات ٩٩٦هه) ۽ سندس همعصر عالمن ۽ بزرگن پنهنجي علمي ۽ روحاني فيض سان نوازيو جنهنڪري هتي وڏا مدرسا قائم ٿيا، جن ۾ مشهور عالمن پڙهايو. شاه لطف الله جي تعليم ۽ تربيت اتي جي اعليٰ درسگاهن ۾ ٿي، ۽ طريقت ۾ هو ’شيخ المشائخ‘ جي درجي کي پهتو. سندس ولادت ١٠٢٠هه (١٦١١ع) ڌاري ۽ وفات ١٠٩٠هه (١٦٧٩ع) ڌاري ٿي.[

سلوڪ

١-

حسن حبيبن جو جنين ڏٺو ماءُ

تني منجهان ڪا، سک نه ستي ڪڏهين.

٢-

جتي ’ڪون’مڪان‘ ڪو، تت ڪيائون سير

اتي عالم عاقل ڪيترا، پروڙئو پائين پير

اي ڳجها ڳجه جي ڳالهڙي، ڪمتر پروڙي ڪير

اڻ-پير ۾ پير، ڪني پاتو پيريين.

٣-

واجهائيندي وجهلندي لڳم گهڻا ڏينه

ڪوه ڄاڻان ڪوه ٿيو ماءُ! منهنجي نينه!

رامڪلي

١-

جيجان! جوڳ جا، ڪي آڳانجها سور

اوءِ پيهي وئا پاڻ ۾، ڏوري ڏونگر ڏور

ڇڏيا لئي سبحان جي، تن جوڳين ضرور

سي آديسي آرؤر، اورانگهي اڳي وئا.

٢-

تڪيا پسي تن جا، من ۾ ٿيو ماتام

آيل! آديسين ري، اچي نه آرام

اوءِ دونهين وارا دام، ڏيئي وره واٽ ٿيا.

ميون شاه عنات

 

        ]ميون شاهه عنات ولد نصر الدين ولد شاه عثمان، رضوي ساداتن مان هڪ ڀلارو شخص ۽ سنڌيءَ جو اعليٰ شاعر هو. ٽنڊي الهيار کان چار ميل کن ڏکڻ طرف ”شاه پور“ جي ڳوٺ ۾ سندس سڪونت هئي. ميون شاهه عنات، شاهه ڀٽائي صاحب جو وڏو معاصر هو ۽ ڀٽائي صاحب ننڍي وهيءَ ۾ ساڻس صحبتون ڪيون. شاهه جي بيتن تي ميين شاهه عنات جي ڪلام جو ڪافي اثر آهي. ميين شاه عنات غالبا ميان يار محمد ڪلهوڙي (وفات ١١٣١ هه) جي دور حڪومت ۾ وفات ڪئي. سندس مزار ٽنڊي الهيار کان چار ميل ڏکڻ طرف، شيخ موسيٰ آهيداڻي جي مقام ۾ آهي. هيٺيان بيت ميين شاه عنات جي رسالي تان ورتل آهن.[

مارئي

١-

اره جهليو گانجرو، ٿا مٿي کوه کڙين

گهيٽا، ٻڪر چاريو، وريتيون وارين

تاسياريون تڙن تي، سارئو ٿا سانگين

آڌي رات، عنات چئي، تيڻن کي تاڻين

سنت جا رسول جي، پڇيو ٿا پارين

مارو ڏن نه ڏين، عمر جي اوصاف ۾.

٢-

که ڪوڙي، ڊهه، مکڻي، جت ڳاگيون ڳم ڳنڍير

ڀيريو ڀرٽ ڀچٽي، ميڙين منجه ملير

ڍيي، ڍامڻ، ڍڪڻي، ڪانو، ڪرٽو، ڪرير

سڻ، سياڇ، ساڏوهيون، ساريان منجه سرير

تن کي واحد مينهن وسائيا، ٿاهرئا ٿر ڌير

سيد چئي، ساڻيه جي، گهر کٿيرين کير

ثابت رکي سير، پرچي اوءَ پنوهار سين.

٣-

ڪين آڻين، ڪين چاڙهين، ڪين واڻين کٿن

قوت ڪکائون سومرا! پاتائون پٿن

عمر! آهراري جا، سنڀوڻا سٿن

تن جا ڏڌن ڏيل نپائيا، پلاءُ تان نه پڇن

دور دو پيازا اڳهين، اگر ڏونه نه اچن

عادت ناهن اس جي، است آڪوري پين

ڪانا قيد ڪوٺيون، ڏک ۾ ڏيکار تن

شال سدا سک وسن، الاهي! عنات چئي.

٤-

اڇو آب، عنايت چئي، ڍوئو مٿان ڍٽ

نوڻيون نيل الٽيون، ڇاڪ رهائين پٽ

نيجل ڀريا ٽوڀڙا، پاڻي ٿئو پلٽ

وليون چڙهيون وڻن سر، موئن سڳنڌي ڇٽ

تون سونهين سومرين ور! ويٺو مٿي کٽ

جتي ڄلن ڄٽ، سو آنءُ ڏيه ڏاڏاڻو گهران.

مومل راڻو

١-

گلبدن جون گجريون، ارم اوڍيائون

چوٽا تيل ڦليل سين، واسينگ ويڙهيائون

مشڪ محبت پاڻ ۾، لڱين لايائون

ڪوڏان پوتائون ڪچئان، سيلا سنڌيائون

اهڙيءَ پر، عنات چئي، راڻو رانيائون

سوموٽي ڪين پاهون، جو وڃي ڪاڪ قرارئو.

٢-

لڏن ليمي لام، وٽئو پينگهون پٽ جون

اتان ٿي عنيبر جا اڌمئا عذبان

ڍنگر ڍٽ ڪنڌين تان، اٺا پاڻو اڻ

ڇٽ ڇڳيرن آئئي، ڪاهيائون ڪيڪان

اچئو اجهورن ۾ ٿا ٻهڪن ٻر ٻهاڻ

ڪوٽن تان ڪر کنيائون، ته ڪرنانگن جانڌان

آئي گام گمان، لٿا لوڌيڙن کي.

 

سسئي

١-

آئي بوءِ ڀنڀور کي، سرهي منجهان ساٿ

بيٺا بازارين ۾، لائي جت جبات

دران ديوارئين چڙهيو، ٿيون راڻيون ڪن رئات

پنهون آندي پاڻ سين، جهڙيائي جمات

اٺن تان، عنات چئي، لٿي جاڙ جڪات

سندي هوت حمات، ڪيچ پهتو قافلو.

٢-

نڪي رڻڪيان ڪڻڪيا، ڪٺ نه ڪڇيائون

پوندي بار ڀڀڪيا، ٻوٿين ٻڌائون

جود جمازي جهانجهرا، ڪامئين ڪاهيائون

آڌيءَ رات، عنات چئي، ليڙا لانچيائون

ڄل م ڄام ڄٽين جا، پنهون پرانهون

اچين اوراهون، ته جيان جانڪيتان نه مران.

سورٺ

١-

جنهين تڪ تارو، ٿو راجا رسي اتهين

خاصي خلوت خان جي، اتهين اوتارو

سکيو نه سورٺ ور، ننو ناڪارو

انءُ تيلان سر گهران، توکان تمارو

جنٽي سڻي جاجڪ جي، لڳس من موچارو

ڏينهينم سوارو، ته ڏيکاريانءِ ٻئي ڏيه ۾.

 

سارنگ

١-

اٺو ڍٽ پٽ پارڪر، اٺو سارو سوارو

مينهن، مور نه مٽيو، ونگو ويچارو

اٺا پٽ پراڻ جا، لڪڙي، سامارو

وڌي گاه وڏو ٿئو، تنهن موه ۾ موچارو

وڄڙين وري ڪئو، ڍلي تي ڍارو

ترائي تار ڪئائين، وهيري وارو

ٿڌا وڻ ولهار جا، جت صدر سونهارو

اکڙين آرو، اوڏانهين عنات چئي.

شاهه عبدالطيف ڀٽائي

 

        ]سنڌ جو سدا حيات شاعر، شاهه عبدالطيفرحه سنه ١١٠٢هه / ١٦٨٩ع ۾، ڀٽ کان اوڀر طرف پنهنجي ناناڻن ”ڏيرن فقيرن“ جي ڳوٺ ۾ ڄائو، ۽ ١٤-صفر ١١٦٥ هه / ١٧٥٢ع ۾ وفات ڪيائين.[

سسئي

١-

لڳي ڪوسو واءُ، لوڪ مڙوئي لهسيو

اڀن منجهان آئيو، هي هي جو هڳاءُ

طيورن تنواريو، پنهونءَ پڄاڻاءُ

رسيو سور شبان کي، وحوشن وٽاءُ

مروئن موت قبوليو، اپر افسوساءُ

بر پڻ ڪن بُڪاءُ، اڪنڊيا آريءَ لئي گهڻو.

 

راڻو

١-

جهڙا پانن پن، تهڙيون سالون مٿن سائيون

عطر ۽ عبير سين، تازا ڪيائون تن

مڙهيا گهڻو مشڪ سين، چوٽا ساڻ چندن

سونهن رپي سون سين، سندا ڪامڻ ڪن

ڪيائين لال، لطيف چئي، وڏا ويس ورن

منجه مرڪيس من، سوڍي سين سڱ ٿيو.

 

 

٢-

سون ورنيون سوڍيون، رپي رانديون ڪن

اگر اوطاقن ۾، کٿوريون کٽن

اوتيائون عبير جا، مٿي طاق تڙن

ٻاٽن ٻيلون ٻڌيون، پسيو سونهن سڙن

ٿيا لاهوتي، لطيف چئي، پسڻ لئي پرين

اجهي ٿا اچن، ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي.

 

مارئي

١-

پنهوارن پاٻوهيو، ڪي وس واهوندن

لٿو سيءُ، لطيف چئي، ٻڌو ڦڻ ڦرن

اوءِ تاڪورين ڪنئري، سرتيون مٿان سسن

عمر! ان اڳوندري، پاسي ڪانڌ ڪتن

پائر ڏنيون پٺيون، ننڍن نور انڀن

کاهڙ کٿيون خاصيون، اوچيون ات اچن
ڪڍيو پيڻ ڪهن، ملير گهرجي مارئي.

٢-

پنهوارن پاٻو هيو، ڪي واهوندن وس

عمر! انهين ڏيه جا، ڏوٿين ڏنم ڏس

وليون وڻ ڦلاريا، للر نڱيو لس

آڻيو وجهن آهرين، سندا ٽوهن طس

ميوا، مڃر، ماکيون، سڀڪا چکن چس

ماڙيءَ وهي مس، ملير ويندي مارئي.

سهڻي

 

دهشت دم درياه ۾، جت جايون جانارن

نڪو سنڌو سير جو، مپ نه ملاحن

درندا درياه ۾، واڪا ڪيو ورن

سڄا ٻيڙا ٻار ۾، هليا هيٺ وڃن

پرزو پيدا نه ٿئي، تختو منجهان تن

ڪوجو قهر ڪنن ۾، ويا ڪين ورن

اتي اڻ تارن، ساهڙ! سير لنگهاءِ تون.

 

سارنگ

 

 

موٽي منڊاڻن جا، ڀري ڪيائين ڀر

وڄون وسڻ آئيون، ڪوڏان کڻي ڪر

مينهون پاڻ مراديون، ٿڌا چرن ٿر

وڏي اوه آئيون، پٺيءَ لائي ڦر

ساري اچيو سامهيون، ڏين کير سڄر

ساڻ وانڍين ور، پريون پرچڻ جون ڪيون.

 

شاهه شريف

        ]شاهه شريف، مشهور شاعر شاه عنات جو پٽ هو. پيءُ جي ڀران بيت چيائين. غالبا ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ وفات ڪيائين. سندس بيت ميين شاه عنات جي رسالي ۾ شامل آهن.[

مومل راڻو

 

سانوڻ مند، شريف چئي، وڄون جنهن ورن

اوءِ انائين اڳريون، جي لوڊيري رهن

جهڙي پڪ پانن جي، تهڙو رتو منجه اکين

جهڙو ماه هلال جو، تهڙي ڀير ڀرن

بَينسر پوتا پيڪ لڙهئين، موهيو من موتين

وڏي سري ان کي، جي لالن تي لٽڪن

آسڻ ٻاسڻ ان جا، پاڪيزا پٿين

ڪنهن سببان سناسي آئيو، آتڻ مٿي ان

سوڌيون شڪارين سين، ظاهر ڪيون جوڳين

سرها شڪاري ٿيا، ته دايون تي درن

تازي ڪاهيائون تڪڙا، وڃن ۽ وهسن

اچي ڪاڪ ڪنڌين ۾، ڍارو ڪيو ڍاٽين

ڪين اڄهي ان کي، ته ڪين ڪامڻ کي ڪهن

جا مومل من منجهن، سا راڻو ريبي هليو.

 

بلاول

                       

 

گجريان ٿي گجئون، تنهن ۾ ڇلين ڇه نه ڪوءِ

مهانئي محمود ڀڙ، جن جو منجه مجلس هوءِ

ڪافر ڪٽئو ڪرماڻيين، جنهن تي هئي دانهياڻي جوءِ

ميم جنهين جي من ۾، هت سنبهي سوءِ

مڱن سوڀ، شريف چئي، اٺوپهر اوءِ

ڪرهل پريان ڪوءِ، اوسانور سگهو سانڍئو.

 

سورٺ

 

سر منڊل ۽ سارنگيون، ات هئا ڪماچا ڪئين

جنهن اٿڻ تون آئيو، ات ڪڇيو تان نه ڪنهين

جڳ سڪي ٿو جنهن کي، سئي تند تنهين

جيلانه صلاح هيس، شريف چئي، تيئن ڪيائين سر سنئين

مڪائين مڱڻهار ڏونه نالڪي نئين

اتان آڻجاهس ايلچيا! جئان واٽ وهين

سڀڪا ٿيس سنئين، ڏسندي ئي ڏاتار کي.

پيرو رنگريز

        ]پيرو رنگريز، ميين شاهه عنات جي شاگردن مان هو، ۽ سندس همعصر هو. شاه جي بيتن ڀران بيت چيائين، جي شاه عنات جي رسالي ۾ درج آهن.[

ڌناسري

١-

شال م سڪين ساڱرا! برڪت ربّ جبّار

جه تو راڄ رهائيا، چوکنڊيءَ چوڌار

مهتا مياڻين ۾، ويٺا ڪن واپار

تو ۾ جهلن جهالارين واريون، پايو هار هزار

رسين تن، رنگريز چئي، اڃيان جي آپار

وهين ويرو تار، سڀر سدائين ساڱرا.

سارنگ

           

منهن اٺي ماڻهين، سهسين سرهايون

لٿو ڏک ڏرڙ ڀريا تڙ ترايون

اوهن واريون اسريو، رنڀن ٿيون رايون

ڪي سهڙندي ڏڀن سامهيون، ڪي ڌريائين ڌايون

وجهي کير خوش ٿيون، ماٽين ۾ مايون

گيهي هليا گهه کي، پر ڪيون ڀرن ڀايون

پيرو چئي، پٽن ۾، ڪن ولوڙا وايون

جي رکاڻن رنجائيا، تن ولهن واڌايون

ٻايون ۽ دايون، پکي سونهن پانهنجي.

ڄام

 

        ]ڄام، شاه عنات جو غالبا مريد ۽ معتقد شاگرد هو. شاه عنات جي رسالي ۾ سندس چيل بيت درج آهن. هتي انهن مان هڪ بيت ڏجي ٿو.[

 

سارنگ

           

مينهون مينهن سونهن، سونهن مور ملار ۾

وڻ سونهن ولهارين، تڙ ريلي راڄ سونهن

مانڌاڻيون ۽ ماٽيون، ڀريا ڀاڻ سونهن

مکڻ مهمانن کي، ڏينديون ڏڌ سونهن

ٻائن اڳيان ٻانهيون، دايون در سونهن

ڄام چئي، ڄٽين کي، لويون لڪ سونهن

پکا پٽ سونهن، تن ۾ سونهن سپرين.

 

ميون عبدالرحيم گرهوڙي

 

        ]ميون عبدالرحيم گرهوڙي ولد سعدالله ذات مڱريو، اندازا سنه ١١٥٢ ه ڌاري ڄائو. سندس وڏا اصل رياست جيسلمير جا هئا، جتان لڏي اچي سنڌ ۾ پهريائين راڻيپور ۾ رهيا. ميين عبدالرحيم چوٽيارن (تعلقي کپري ضلعي سانگهڙ) ۾ اچي تعليم جي تحصيل ڪئي ۽ پوءِ انهيءَ پٽ ۾ شادي ڪيائين ۽ گروڙ (تعلقو کپرو) کي پنهنجو ماڳ مڪان بنايائين. حضرت خواجه محمد زمان لنواري واري جو وڏو خليفو هو. سڄي عمر توحيد جي تبليغ ۾ گذاريائين. چاليهن ورهين جي عمر ۾، هڪ سامي جنهن جادو ۽ طلسم سان خلق کي گمراه پئي ڪيو، ان جي خلاف جهاد ڪندي سنه ١١٩٢ هه / ١٧٧٨ع ۾ شهيد ٿيو. هيٺيان بيت سندس ڇپيل ڪلام تان ورتل آهن.[

ڪلياڻ

           

ڪارون ڪج قريب سين، کهين بار کڻيج

ڪسبُ ڪج معدوم جو، اسم عين پسيج

ماڻهو مڙئي مٽ پسي، ضعيفن ڪرم ڪريج

مٿي دعوت حق جي، هنجن جيئن هليج

نيزي ڪنا نينهن جي، ڪنڌ ۾ ڪڍائيج

بُخاري سريج، سڀوئي سهک ٿئي.

سسئي

           

سسئي جي سمجهه سين، جان پروڙيم پاڻ

تان پنهون مون پنڊ هو، وچان هئڙم پاڻ

”ونحن اقربُ اليه من حبل الوريد“ مون ۾ مونهين ساڻ

”وفي انفسڪم افلا تبصرون“ پنهنجو پسنديس پاڻ

”وهو معڪم اينما کنتم“ هرجا توئي ساڻ

بَل اهوئي اهيين، ظاهر باطن ڄاڻ

”اينما تو لوا فئم وجه الله“، سمجه تنهنجو شان

وڃي جنهن گمان، سو سسئي آهي سڀڪو.

 

بنگو گوپانگ

 

        ]بنگو فقير گوپانگ، ڳوٺ وايون لڳ درٻيلي، تعلقي ڪنڊياري ضلعي نواب شاهه جو رهاڪو هو. ڪن روايتن موجب کيس وفات ڪئي اٽڪل پوڻا ٻه سؤ سال ٿيا. خواجه محمد زمان لواري (وفات ١١٨٨ه) واري بزرگ جو مريد هو. سندس هيٺيان بيت ”روزنامه مهراڻ“ سالگره نمبر ١٩٦٢ع تان ورتل آهن.[

سسئي

           

پنهل ويو ڙي جيڏيون! ويو زال ڇڏي زر ۾

اٺن رات رڙيون ڪيون، ڀيڄ ڀنيءَ ڀر ۾

پنهون ڏٺائين نه سيج تي، تڏگهورون ڏئي گهر ۾

هئي هئي ڪيو هنبلا ڪري، ٿي دست هڻي در ۾

بيبي خان بلوچ لئي، ٿڪي نا ٿر ۾

اورڻ پيس عجيب لئي، وڃي ڏورڻ ڏونگر ۾

ڪانڌ مليس ڪر ۾، ٿيس باري بخت بنگو چئي.

ست سرو

           

جيڪا اوبي ان، تنهن کي قدر ناهه ڪپاه جو

ان منهنجي آهي ان کي، جو ڪتي ڪپاهه نه

نڪي سانئر سهر ٻڌي، نڪي ڍنڍين ڪڙڪن ڪن[1]

نڪي سخي سخاوت کؤن رهي، توڻي ڌرتي ڏئي نه ڌن

سوره سوڀ کؤن نه مڙي، توڙي الٽي آنگاس ان

تيتر رهي ڪينڪي، جيتر ڪري گهاءُ ان

 

 

 

چڙهي تنهن تخت تي، قاضي ڪري قضائن

پلنگ پلونگي نه ٺهي، سيچاڻو سائن

آگ نه آيو لوه جنهن، تپي ڪيو تاءُ نه

پسو سرتيون سارنگ جو، جنهن ڪيو تلهر تي تاءُ نه

گنگا ڏي کوسائين هليا، پليا پيءَ مائن

ڇتيون کڻي ڇڳير هليا، ڪلاچي جي ڪن ڏانهن

انهن وهه وٽيون ڀريون، ڪلالن ڪاتن

سبهه ٿي پار ڪڍيا، چوڙيلين چائن[2]

تند چوريندي منگتا، تو ريجهايو رائن

جنهن ڏنو سر نانءُ الله جي، جنهن کي ڪپندي آيو

ڪهڪاءُ نه

ڄاتو ڄام تماچي ڪينڪي، جنهن ڪيو پريندي

سمن سان ساءُ نه

مومل مهمانن کي، تون گهر ويٺي گهاءُ نه

ميهر چيو سهڻيءَ کي، ته ٿي عشق آ ان

ڏسي چٽ چري ٿي، پوءِ گهڙي جهليس گهاءُ نه

مجنون چيو ليليٰ کي، ته ڳنه ندي جو نانءُ نه[3]

هير ۽ رانجهي جي ڪچي ڪندو الله نه

اها بازي، بنگو چئي، کڻي ويٺي کانئن

پوءِ جيڪا اوبي ان، تنهن کي قدر ڪهڙو ڪپاه جو.


25 گذريل ويجھي دور ۾ موجوده دور جي مخصوص سياسي مقصدن ۽ نظرين جي پٺڀرائي خاطر پڻ سنڌي ’بيت‘ کي ھنر منديءَ سان منظوم ڪيو ويو آھي، پر جيئن تھ ’سنڌي بيت‘ جي تاريخي روايت ۽ عام شاعري واري نوعيت کان اھي بيت الڳ ۽ ھڪ نئين ’سياسي‘ يا ’نظرياتي‘ شاعري جو جز آھن، انھيءَ ڪري انھن کي ھن جلد ۾ شامل نھ ڪيو ويو آھي.

26 وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو راقم جو ڪتاب ’سنڌي ٻولي جي مختصر تاريخ‘ مطبوع حيدرآباد سنڌ، ١٩٦٢ع- ص ص ١٣٥-١٣٣.

27 وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو راقم جو ڪتاب ”سنڌي ٻولي جي مختصر تاريخ“، مطبوع حيدرآباد سنڌ، سنھ ١٩٦٢ع، ص ص ١٢٤-١٢٥.

* ”شاه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام“ (مرتب ڪيل مرحوم ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو)، مطبوع بمبئي، سنھ ١٩٣٧ع، تان ورتل.

* ”سنڌي رسالو“، مطبوع انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد سنڌ، سنھ ١٣٨٨ھھ / ١٩٦٨ع.

[1]  سانئر = شاعر؛ سھر = شعر

[2]  سبھھ = سورٺ.

[3] ندو = ول

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org