ساراهيان سچو ڌڻي، ڪل شيءُ قادر
جڳٽ جوڙيئين جهان کي، هلايئين سڀ هنر
باري ڪيو بهشت ۾، اسم احمد جو انور
ابليس ڏسي اندو هجي ويو، جڏهن پيس
نالي تي نظر
ڊڪي ڊاهڻ لڳو، خار منهنجؤن سو خر
پر اڳئين کؤن اجرا ٿيا، اهي سڀ اکر
تڏهن هٿ کڻي، موٽي ڀڳو منڪر
آدم حوا کاڌو ڪڻو، ڪڻڪ جو ڪتر
باري تڙي بهشت کؤن ٻئي ڪيا ٻاهر.
محمد کي معراج تي، سڏايو پاڻ ڌڻي پرور
عاشق مليو معشوق سان، دوست ٻئي دلبر
عيسيٰ ٿي آيو، پاڻ نبي پيغمبر
ڏٺائين جمجما سلطان جي ڪيپراٽي منجه
ڪلر.
ڦاسندي وقت ڦاهيءَ ۾، ڪيا هرڻي هل حشر
ماڙ جنهن تي مرسل ڪئي، سڏ ٻڌي سرور.
ٻڍڙي ٿي ٻاڪارون ڪيون، ڪناري ساڻ ڪپر
مطلب جنهن جا محي الدين ڪيا، ڪنڊ ڌڻي
قادر.
آئي مند موسم جي، هارين ٻڌا هر
وڄون وسڻ آئيون، ڪارا ڪري ڪڪر.
سونهي سمي ڃام کي، ڪامڻ ٿي ڪثر
تڙ تماچي آئيو، ڪلئي واسي ڪينجهر.
ساميءَ جو ساٿ هئو، گنوايو گجر
جنهن کؤن سڏ ڪري سوڍي، پڇي خان خبر.
سهڻي ڪا هيو سير تي، سئي ڪنين سانڀر
جنهن جي محبت ميهار سان، سا پهتي
پرينءَ ڀر.
ريجهي راءُ ڏياچ ڏنو، سواليءَ کي سر
ڪن پڪڙي، ڪات کڻي، وهايئين خنجر.
ليليٰ خاطر مجني، بيهي وسائيو بر
ٿئون وڳيڙ ولين جا، وڻ ويڙهيءَ جا ور.
سسئي ڄام پنهون لاءِ، وؤڙي ٿي وندر
ڪوڪون ڪندي ڪيچين لاءِ، ڪيا پٿون پير
پٿر.
مارئي کي ميلر مؤن، آندو هو عمر
ڪين گذاري ڪوٽن ۾، ساري پيئي سڱر.
روئي رانجهو روانو ٿيو، تخت ڇڏي تونگر
ڏسي حسن هير جو، ڪيو غم گداگر.
مڻيو وٺي پيئي مامري، وينگس مٽايو ور
لوڌايو ليلان کي، چڙي ڄام چنيسر.
آيو ’اونچل ڪوٽ‘ تي، رکي ناٿ نظر
ڀلايو ڀوريءَ کي، جوان جادوگر.
ڪڍي ڪوس ڪست مؤن، جراڙ ڇڪيو جر
لڳو برهه بو بنا کي، جنهن جو آٽي ٿو
اندر.
مومل محلي وچ ۾، اٿيو ويل اسر
ڏسيو رند راڻي جا، سهاڳڻ ڪٽي سٿر.
ڪاهي هليا ڪن تي، مڇيءَ لاءِ مير بحر
جن کي ماري مڇ کڻي ويو، ڪيڏو ڪري قهر
سيفل اسهيو ارم ڏي، ڇڏي ماڳ مصر
پانهه ڪيا پاڻيءَ ۾، ست سال سفر.
ڪاهي هليو قافلو ڪربلا ڏي، وٺي وير
وڳر
انصاف امام حسين جو، جنهن ڪيو شهادت
مهل شڪر.
ڪاڏي ويا عاشق، ڪاڏي ويا معشوق،
ڪاڏي ويا شاه سڪندر
مورک! ڇا تي من وڌائين، اڳيان ڪاري
اٿئي قبر
مدد منهنجي مشڪلڪشا، حق جو امام حيدر
ڏي پناه، ڏاهريءَ کي، ننگي ڪر نظر
عبدالرحيم، عرض، ڪري، هي هٿ ٻڌي حاضر
قيامت ڏينهن ڪوثر، اچي حيدر پياريندو
هٿن سان. |