آڌر آهن اصلي، رک سڪ سچي سعيو
صاحب هر سچن کي، محرم ملهايو
پرور پناه جو تن جي پاند مٿي پايو
ته حڪم ساڻ هاديءَ جي، هي شعر ڇتي
ڳايو
ته ملڪن مينهن وسڻ جو، ٿيو رازق کي
رايو
جوان جبرائيل کي موليٰ موٽايو
ته محڪم ميڪائيل کي، ڪر سنڌ مٿي سعيو
ساڻن رعد سنگت، ٻيو بادل بڻايو
ڌو ڌو گاج گروڙ ٿي، ٻوليون ٻڌايو
قادر ڪڪرن ۾ رکيو آ رنگن جو رايو
ڪي اڇا اودا تن ۾، ٻيو هيڊن حظ لايو
ڪارا ڪمرا ڪيترا، اچن سبز سوايو
ڳاڙها ميرا ڳوڙهه ۾ نيرن ڪنڌ نايو
ڪي گجندا اچن گڙندا، ڪن ۾ مينهن سين
مايو
ڪي ڇاٽون اچن ڇوهه کؤن، جيئن واءُ تکو
وايو
ڪن جي بوند بهاريو، ڪن تاب تکي تايو
وڄڙين وسڪارا ڪيا، تن طرحين تجلايو
امر مهتر الياس کي الهامي آيو
ته وڃ تنهين واٽن سين، جت ٻانهن
ٻاڏايو
پٺيءَ تنهنجي بادشاهه، هي ڪر ڳل ڪڍ
لايو
پير تنهين پيچري ٿيو، سانوڻ سجايو
من نه خوشيءَ مايو، ڪر شڪر بار، ڇتو
چوي. |