سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: بيت

باب:

صفحو:13 

سيد جيئندل

        ]سيد جيئندل جي حياتيءَ جو احوال ملي نه سگهيو. هيٺ ڏنل سندس بيت ڇپيل ڪتابڙي ”ڪيڏارو“ تان ورتل آهي، جو مخدوم محمد صالح ڀٽي سنه ١٩٢٠ع کان اڳ ترتيب ڏنو. ڀانئجي ٿو ته هي شاعر ان کان اڳ جو آهي.[

 

ڪيڏارو

 

ڪربلا ۾ ڪوڪ ٿي، ماريا مير مختيار

عرش سيڻءَ اوڇنگار ويئي، ڌرتي ڀيءَ ڌمڪار

سج چنڊ پيا سوز ۾، ٿيو انڌارو انڌڪار

حورون مير حسين لاءِ، ٻر ٻر ڪن ٻاڪار

پريون پٽ پيئيون، پٽيو ڪڍن پار

ٻنهي جهانين، جيئندل چئي، ساڻي ٿي سردار

سڪرات ويل سائل جي، سٿري ڪج ستار

شال ڏيکارين ڏاتار، مڪو مدينو مون ڌڻي!

 

 

ملار لاشاري

 

        ]ملار لاشاري، ڳوٺ ڌيڻي بچايو، ديهه گگهه، ساڪري کان ڏيڍ ميل اوڀر طرف جو ويٺل هو. مختلف روايتن موجب سنه ١٩٢٠ع ڌاري وفات ڪيائين. ساڪري جي سگهڙ مراد علي لاشاري (وفات ١٩٥٨ع) کيس جوانيءَ ۾ ڏٺو هو.[

سارنگ

١-

وچينءَ ٽاڻي ويهي، ڪيم دلبر جو ديدار

مٿان مند مينهن جي، ٿا بادل ڪن بهار

ڪڪرين ڪر ڪڍيا، گيڙو ويس گلزار

اڇا، ڳاڙها، هيڊا، اتي جهميا وسن جهالار

اٿي ڪامڻ ڪر موڙيا، تنهن پت ڀريءَ پنهوار

تنهنجو زين زيبت کؤن اڳرو، ماڻڪ منجهه مشعال

چوکي ڪاٺي چڪندن جي، آ ملڻ ۾ مشڪال

انهيءَ سر کڻ ساڳ سواڏ، مليس محب، ملارچئي.

٢-

پورب ۾ پدمڻيون، گؤنريءَ چال چلن

هٿين پيرين آڱرين، نيڻين نينهن رکن

مور آکيرو، محبتي ميلو، اها پر پکيئڙن

ڪونج تواري، روهه سنڀاري، ڪري آهه مٿي عرشن

تاڙي تنوار، اها اپڪار، منداتن مينهن

سڄڻ آيا، مون نه وساريا، ڪهڙيءَ محب ملن

اهڙين اهڃاڻن، اتي مليس محب، ملار چئي

 

مرزو نوحاڻي

 

        ]مرزو نوحاڻي، پاڙو سليماناڻي، تعلقي عمرڪوٽ ۾ ’ڪنري واڻين جي‘ (موجوده ڪنريءَ کان ساڍا ٽي ميل ڏکڻ اولهه طرف) جو ويٺل هو. پهرين ڪنري جي واڻين جو ڌنار هو، تنهن کان پوءِ پلين جو مال چاريندو هو. ١٩٢٠ع ڌاري وڏيءَ عمر ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪلام بيتن تي مشتمل آهي.[

 

ساراهه

١-

ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن جوڙيو جڳ جهان

جن ملڪ، حورون پريون، آدمي انسان

جيت مرون ڪيترا، هزارين حيوان

پکي پکڻ پدمين، اڏن ساڻ احسان

واڳون وانر ڪيترا، سيسر سوين سجان

هلن چلن چرن پيا، حڪم ساڻ حنان

مهر مڙن تي، مرزو چئي، آهي سندي سبحان

ڪنهن کي ڪل پوي ٿي ڪان، قادر جي قدرت سندي.

٢-

قادر جي قدرت جو، پرو پاند نه ڪو

اهو ڄاڻي ان مان، جيڪو جوڙ به جوڙي ٿو

آهي سڀڪا قوت ڪريم کي، جيڪو مالڪ ملڪن جو

ڪري ٻجهي پاڻ ڌڻي، پروڙي نه ٻيو

آگي جي اسرار جو، ڪهڙو ذڪر ڪبو!

نڪا مون ۾ سگهه، مرزو چئي، نڪا طاقت تو

 

 

 

باريءَ جي بيان جو، آهي انت نه ڪو

جيڏو سندس نانءُ آهي، اوڏو ذڪر وڏو

مڙئي ماٺ ڪريو، ڪنهن کي ڪل نه پوندي ڪريم جي.

٣-

ڪنهن کي ڪل نه پوندي ڪريم جي، ڀلي زور کڻي ڪو لائي

گهوڙو پنهنجي خيال جو، سدا پيو ڊوڙائي

پهچي سگهندو ڪينڪي، ڀلي ڪيڏو ڪڏائي

وڏائي واحد جي، اڻکٽ ئي آهي

ڪنهن کي طاقت ناهه ڪا، جو پهچي اتي ڪاهي

قدرت اڳيان قدير جي، عاجز سڀڪو آهي

عالم الغيب پاڻ ڌڻي، سو ڄاڻي ۽ ٺاهي

ڪن کي سدا سک ڏئي، ڪي ڏکن ڏولائي

ڪن جو بخت تخت تي، ڪي مٽيءَ گڏائي

ڪن بنائي بادشاهه، ڪي پينو پهرائي

ڪن کي جهوري جهوريءَ ۾، ڪي محبن ملائي

ڪي موالي ملنگ ڪري، ڪن کي زاهد بنائي

ڪي پير فقير ڪري، ڪي مريد ٺهرائي

ڪن کي ڏيو حسن حد جو، سنگدل بنائي

ڪن کي محبت ۾، مرزو چئي، ڦيريو ڦاسائي

اهڙا ڪئين عالم ۾ رنگ ٿو رچائي

پاڻ ڪري، پاڻ ڄاڻي، ٻئي جو وچان ڇاهي؟

ڪنهن کي قوت ناهي، جو ڪڇي سگهي ڪريم اڳيان.

٤-

ڪڇي سگهي ڪريم اڳيان، ڪنهن جي ناهه مجال

هو ڊاهي، هو ٺاهي، هو جّبار، هو جڳپال

هو ڏئي، هو لاهي، هو هادي همه حال

سڀ جڳ تي سڀني پرئين، آهن باري سندا ڀال

وڏي سگهه ستار جي، جتي چلي نه ڪنهن جي چال

قوت ربّ ڪريم جي، ڪل تي آهي ڪمال

جتي نڪا طاقت ترار جي، نڪو تفنگ تال

نڪو قيد ڪمان جو، نڪو ڍڪ آهي ڍال

هت اٽڪل نه هلي انسان جي، نڪا ملڪ مجال

مالڪ اڳيان، مرزو چئي، سڀ حيران پنهنجي حال

جيڪو چاهي سو ڪري، آهي باريءَ وٽ بحال

جلوو سندس جمال، پاڻ ڄاڻي پاڻ ڌڻي.

 

مارئي

١-

ڏک ويا، سک آئيا، ڪئي مينهن وسي وس

ٿيا موڪ ملير ۾، گاهن ڇانيا گس

پنهواريون پهن کي، ٿيون چارين منجهان چس

ڪن ٿيون وڏي قرب مان، رهاڻيون ۽ رس

نچيو ٽپيو، ناز ڪريو، کليو ڪن ٿيون کس

پوئيو پن پائين ٿيون، هار بنايو هس

للر، لاڻا، لاڻيون، لوڻڪ، ليارن لس

ڏڪار ويو ڏيهه مان، پيا ڏوٿي ڏين ڏس

سي من تان لهن نه مس، ماروئڙا، مرزو چئي.

٢-

ڏک ويا، سک آئيا، ٿيون سرهيون سنگهاريون

ٽليو ٽوڀن تان آڻين پلر پنهواريون

هلن وڏي حياء سان، هو نماڻيون ناريون

آڻين پيرون چونڊيو، ڀريو ٽٻڪا ۽ کاريون

ڪونڌر سندن ڪنڌ ۾، ٿيون نمائين ڏاريون

پڪن لاءِ پريت رکيو، ڪن ڪرڙن سان ڪاريون

آڻين سڱر سڪ مان، ڏيو انگڙن آڌاريون

چڀڙ وڏي چاهه مان، ڪن سوڙها سنگهاريون

ڪچرين خاطر ڪپن سان، ڪن گدرن کي گهاريون

ميهن لاءِ، مرزو چئي، ٿيون گهمن گلزاريون

ڏيو جهٽون جهونجهاريون، آڻين ڏٿ اڻ ميو.

٣-

ڏک ويا، سک آئيا، ڪيون باريءَ ڀلايون

جي سڪل هيون صدين کان، سي وري ٿيون سايون

پلر پلٽي پٽ ڀريا، ٿيون تار ترايون

آزيون ايلازيون اڀرن جون آگي اگهايون

سڪار جون سڀني پرين، واريون واڌايون

چونڊيو اچن چوڙيليون، گوندا گرڙايون

ڏيو دعوتون ڌڻاريون، آڻين سڱريون سايون

ميها آڻين، مرزو چئي، هو مليرياڻيون مايون

ڪن لوياريون لايون، چوڻڊيو ڏٿ ڏيهه جا.

٤-

ڏک ويا، سک آئيا، مينهن ڪيا ملار

آيون اتر پار کان، ڪڪريون ڪري ڪار

ٿمي ڄمي ٿر تي، وسي ڀريائون ولهار

پلر پلٽيو، پٽ ڀريا، ٿيون ترايون تار

ٽوڀا مڙيئي ٽب ٿيا، ٽڙڦڙ سان ٽمٽار

ساوڪ ٿي سڀين ڀتين، ٿيو چهچٽو چوڌار

لنب لوڻيون لس ٿيا، گسن تي گلزار

پپون، ڪوڍير قرب جا، کنڀيون ڪيئي خرار

للر، لوڻڪ لاڳ سان، مريڙو موچار

پسيون ڏؤنرا ڏيهه ۾، پڪا ليکي پار

پيرون پڪا پائر ۾ رنگا رنگي هزار

سرهاڻ ساڏوهين جي، ٿي بخشي گهڻي بهار

گوندا، گولاڙا گدام ٿيا، گگراول ۽ گوار

ڪورڙ، مٽر ملير ۾، مڱ، چؤنرا چوڌار

تر ڏاڍي تاءَ سان، ٿا ڇڻيو ڪن ڇڻڪار

انڀو اڻ ميا ٿيا، ٿا مهٽين ڌڱ ڌڻار

گدرا، ميها، چڀڙيون، ڪارينگن قطار

ڀڇيو کائين ڀٽن تي، پهن ساڻ پنهوار

ٻول مٺا ٻنين ۾، چڻ ڀڻ جي چونگهار

پيهن چڙهيو پنهواريون، ٿيون جهٽيو هڪلين جهار

کڻيو کانڀاڻي ڦيرا ڏين، ڪن ڀترن جي ڀڻڪار

ماروئڙن جي، مرزو چئي، آهي تلين منجهه تنوار

اهڙي سان اسرار، هلن ڌڻاريون ديس ۾.

٥-

ڏک ويا، سک آئيا، لٿا غم گوندر

ماروئڙا ملير ۾ ڪن گولن تي گذر

ڏٿ پڪو ڏيهه جو، ڪيو سرتين گڏ سڱر

ويئي ڏکيائي ڏيهه مان، برسي اٿيو بر

مال چري موجون ڪيون، ٿيا کير کٽا گهر گهر

ورهائين ويڙهيچا، ڏيو ويڙهين ۾ ور ور

مهلائتا، مرزو چئي، پيتا پنهوارن پلر

اهڙي سان آڌر، ويو ڏڪار ڏيهه تان.

٦-

ڏک ويا، سک آئيا، ٿي بهاري بَرن

ڀٽاريون ڀر ڀٽن جي، ڇڙيون ڇيڪ چرن

پاڻهي چريو پوئتي وارڻ بنا ورن

گڏجو اچن گابن ڏي، ٽاڻي ڪنهن نه ٽرن

رنڀنديون اچن راڙها ڪنديون، سارينديون ڦرن

مڙن اچيو، مرزو چئي، اندر اجهورن

رايون سايون رس سان، منڌورن سان مٽرن

منجهن کير ائين، جيئن ڪي واهڙ ٿا ورن

ٻنهي مهلن ٻرهي پيو، ٿيون پنهواريون پرن

انهيءَ طرح اڻ ميا، ٿيا ٿڌا کير ٿرن

ٿا پيئندي نيڻ ٺرن، مٺو کير ملير جو.

 

ليلا چنيسر

 

امر سين الله جي، ڪؤنرو ٿي ڪثر

لوڌايو ليلان کي، تڙايو تڪبر

ويٺي ڪري ڪانڌ تي، ڏاڍا ڏک ڏمر

معلوم اٿئي، مرزو چئي، ٻي خاوند کي خبر

چاهه به چنيسر، اڳيون ليلا تان لاهي ڇڏيو.

 

مينهن مڱڻهار

 

        ]مينهن پٽ بادل مڱڻهار، لس ٻيلي جي مڱڻهار منگتن جي قبيلي مان ٿي گذريو آهي. هي پهريان اٿل ۾ رهندو هو، پر پوءِ اچي وندر کي وسايائين. ١٩٢٠ع ڌاري جوانيءَ ۾ گذاري ويو. مينهن هڪ نهايت سمجهو ۽ سگهڙ شاعر هو. سندس هيٺيان بيت ”ٻيلان جا ٻول“ تان ورتل آهن.[

 

سسئي

١-

ٻانڀڻ ۾ ٻروچ جي، هئي پهرين ڳالهه پڪي

براهمڻ جو بلوچ تي، ٿئڙو حرف حقي

هاڻي ثابت ٻڌ تون سندرو سچ جو، اها ٿي ڪيچين

 کان ڪچي

دم سويلي ڪيئن تون ترسئين، تو جا نرت نه ڪي

شريعت، طريقت، حقيقت، کڻ معرفت مچي

”ونحن اقرب اليه من حبل الوريد“ اها اٿئي ثابت ڳالهه سچي

تن مشتاقن جو، مينهن چئي، کنيو رهبر راهه رچي

سو آرياڻي اچي، هوت ڌريندئي هٿڙا.

٢-

هوت ڌريندئي هٿڙا، ڪر سانجر ويل سار

مام مهيلي مخفي من جي، توڪل رک تون تار

سنگت بلوچان، سرسو سونهڻو، ويهي ڪيم وسار

رؤ رؤ رند پريان جي ونءُ تون ڪامڻ منجهه قطار

کانچ م خوب کڙي ٿي، وڃي پهچ پرين جي پار

هاڙهي، پٻ، هنگورچي، پهتو ڪونه پراڙ

تن مشتاقن کي، مينهن چئي، پتڻ اڪارج پار

سو آرياڻي اڳوار، اچي هوت ڌريندئي هٿڙا.

٣-

اٿي آڌيءَ رات جو، ڪاهيائون ڪرها

هيءَ ناز ڳهيلي ننڊ هئي، هن جو وٺي هوت ويا

جان جاڳي تان جانب نهين، ڪيڏانهن ويا ٻيلي ٻاروچا

ڪوڪون سڏ ڪيچين لئي، ڪامڻ تت ڪيا

براهمڻ جا بر ڏي، ٿي پوتي پهو پيا

سا ڏئي ور لاءِ ور وندر ۾، ٿي لڇي لالڻ لاءِ

هو پڻ هور لنگهي ويا، هي سونهين نه هئي سا

اتي تنهن کي عجيب جا، اچي دل ۾ درد ٿيا

ڏونگر مون نان ڏور ڪرين، جن منجهه ڊپ گهڻيرا ڊاء

هاڙهو ڳولي هوت پٺيان، ڪيئن وري وطن سان

ان جي من جي ڳالهه، ممينهن چئي، تنهن جي

ڪنهن کي ڪل نه ڪا

جنهن ٿي لوچي لالڻ لاءِ، تنهن اچي ڏنس سهرا

ڪانڌ سنگهر ۾.

 

ٻاجهي فقير خاصخيلي

 

        ]ٻاجهي فقير خاصخيلي، ويٺل سرانڍ، ڪنب جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهرو. اٽڪل ١٩٢٣ع ڌاري گذاري ويو. سندس ڀاءُ حاجي پڻ شاعر هو.[

 

سلوڪ

١-

کوڙ منا محبت جا، جي لمي ڪن نه ليٽ

چاڙهه هرلو حليمت سان، جنهن کي چپر ناچپيٽ

ٻڌ ڪنگر قرب جا، جي ڪن پاڻيءَ جي پليٽ

رک نيسارا نياز جا، جنهن مان وهي وير اليٽ

ٻڌ ٻارا ٻاجهه سان، ٻاجهي چوي، کيڙي ڇڏجان کيٽ

ايندئي رؤ نيڳال ۾، اچي منڍ لٽيندءِ ريٽ

اتي ٿيندي ڀيٽ، جڏهن ايندو ڏينهن بٽئي جو.

٢-

ايندو ڏينهن بٽئي جو، ايندا قرضي ڪل

ليکو ساري تو کان وٺندا، توڙي ڪرين حشر هل

ٽويو ٽويي تي چاڙهي، ڪندا هٿ اڇل

ايندئي آڏو ڪونڪو، ايندا مانجهي جنهن مهل

تڏهن پونديئي ڪل، جڏهن ايندو ڏينهن بٽئي جو.

 

سارنگ

١-

ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن جوڙي جوڙ جبار

آئي مند مينهن جي، ٿيا ڪڪر ڪارونڀار

اتر کان ٿي آئيا، ڪري مينگهه ملهار

کنوڻين کڻي کيڏ ڪيا، تن وسايا ولهار

سائين ڪيا سڪار، ٿيو ايمان عالم ۾.

٢-

ٿيو ايمان عالم ۾، ڪارا ٿيا ڪڪر

ڪي ساواڪي سفيدي، ڪي اجريا منجهه اوجر

بگا بيشمار آئيا، چڙهي منجهان چوڌر

باريءَ وسايا بَر، ٿيو ايمان عالم ۾.

٣-

ٿيو ايمان عالم ۾، ٿا ملڪين مينهن وسن

کنوڻيون ٿيون، خاصخيلي چوي، چوڌاري چمڪن

ڪي آيون استنبول تي، ڪي دليءَ ۾ دؤنڪن

ڪي رمي چڙهيون روهڙيءَ مٿي، ڪي عمر ڪوٽ اچن

ڪني ڀڄ ڀڄائيو، ٿي ٿاڌل منجهه ٿرن

جبل وٺا جڃ ٿيا، وٺا مشرق مغربن

ڪي پشور پسائي آئيا، ٿا ناري پاس نون

سهجان وٺو سنڌ ۾، ٿا لاڙي لاڏ به ڪن

چوڏس ۾، چلڙ ٿيا، ڪيا مانڊاڻا مينهن

ٻهون وٺا، ٻانجهي چئي، بوندون بَس نه ڪن

گاج ٻڌي گوڙن، ٿيو ايمان عالم ۾.

٥-

ٿيو ايمان عالم ۾، گاهن ڪيا گلذار

هڪ ڀچٽي، ڀتر، ٻيا لنب ڪيا للهڪار

کهه ڦٽي خوشبو ڪري، ۽ ڳم، ڳاهه، ڳنڍيار

ڪل، گهوٻي، ڪنڙو، ساوڙيءَ ڪيا سينگار

لاٺيو، لاکيو، لسڙو، ۽ کيرل ڪيا خنڪار

کنڀيون ٿيون، خاصخيلي چئي، پوٺي پٽ ڪنوار

ٻهون ڦٽيون ٻاٽيون، ٿي هيڪاري هٻڪاري

ڳڻي ڳڻيندو ڪونه ڪو، ڪري شاعر منجهه شمار

ٻي ڪنهن کي، ٻاجهي چوي، نا آگي ريءَ اختيار

سائين ڪيا سڪار، ٿيو ايمان عالم ۾.

٦-

ٿيو ايمان عالم ۾، هليا ڇيڙي ڌڻ ڌنار

پهري آيا پٽن تي، ٻاجهي چئي، ٻڪرار

ڪريون، جهريون، ڪٽيون، هليا رکي پٽيرن پيار

ڪامورين ڪيرڪ ڪنڌ ۾، آيون لاکيون لوڏي لار

ٿيون وسون ويجهڙيون، اتي رمزون هڻن ريڍار

ڪنڍيون، ڪوڪيون، لڙڪيون، ڪن ڪار ڪنڌيون ڪڏڇار

ٻهون منجهن ٻولاهيون، بگيون بيشمار

رمنديون اچن ريل سان، ڪيو ڪونجن جيئن قطار

ويٺا وڏيءَ وس جون، ڳالهيون ڪن ڳنوار

رتيون، رايون، ڌوريون، ۽ نهريون ناز دار

ڪچا ڪانهن ڪنڌيءَ تي اتي مرد گهمن ميهار

چؤنريون، ڀوريون، ڀوليون، چرن چوڙ ڪنڍيون چوڌاري

جت گهمن پيا جوءِ ۾، جتي وڻ وڌي وڻڪار

چاري وڏي چاهه مان، ڪيا ماڻهن مال متار

سائين ڪيا سڪار، ٿيو ايمان عالم ۾.

٧-

ٿيو ايمان عالم ۾، غرض لٿا سڀ غم

خوشيون ٿيون، خاصخيلي چوي، ويا سڀ وهم

جن جا ڪلمي ساڻ ڪم، سي هوندا ڪچهري

منجهه ڪريم جي.

 

سجاول ورڙ

 

        ]سجاول ذات ورڙ، ڳوٺ اڪڙي تعلقي بدين جو ويٺل هو. پنهنجي مڪتب ۾ شاگردن کي پڙهائيندو هو. روايت آهي ته مرڻ واري ڏينهن شاگردن کي چيائين ته وچين نماز کان پوءِ منهنجا هٿ پير ٺاهي ڇڏجو. شاگردن ائين ڪيو ۽ سانجهيءَ نماز وقت ڏٺائون ته استاد وڃي ڌڻيءَ سان مليو. سندس ڪلام گهڻو هو جو ضايع ٿي ويو. اندازا ١٩٢٥ع ڌاري وفات ڪيائين.[

 

سسئي

١-

سگهي نه گڏي ساٿ کي، اڳين ٿيم اتي

ڏوريو ڏونگر ڏوريان، جانب جوءِ جتي

پڙهان شال پرين سان، نمازون نيتي

ڪريان سڏ، سجاول چئي، روضي وٽ رٿي

منهنجا ڪانڌ ڪٿي، آءُ هتي عربي عرفات جا ڌڻي.

٢-

سگهي نه گڏي ساٿ کي، آئي وچين وار

ڏنم ور وڻڪار کي، ڏٺم ڪانڌ قطار

ڇپن پير ڇنا گهڻا، ڌرتيءَ ڌارو ڌار

پسڻ ڌاران پنهون جي، اکين ڪيو آر

ڦاٽي ٿو فراق مان، ساهه لئي سردار

ڪريان سڏ، سجاول چئي، سڻ ڪانڌ پنهون ڪوهيار!

اچي وارث ٿي وهنوار، رهبر! رسج راهه ۾.

 

 

٣-

سگهي نه گڏي ساٿ کي، ٿي اونداهي انڌو گهور

بَر بگهاڙيون، ڪن اوناڙيون، جت نانگ نسوار نور

باندر باري، ڪل قنداري، سهسين گهمن سور

ڪريان سڏ، سجاول چئي، ته به هيئن اچن پيا هور

پنهون مٿي جا پور، اچي رهبر رسج راهه ۾.

٤-

هونئي سڪ سرير ۾، ته نڪري ٿي نروار

ثابت ٻڌي سندرو، تون منزل کي ڙي مار

رات وهامي ڏينهن ٿيو، وک وڏي ڙي وار

هوت ڌاران هت تون، گولي ڪيم گذار

رکجي جيءُ جتن سان، ور وڃي ڙي وار

سجاول چئي، سسئي! تنهنجو آري ٿيو اجار

ساٿ جو سردار، من سائين ڏيکارئين سڃ ۾.

٥-

ستئين ڪيئن، سجاول چئي، تون ننڊ ۾ نڀاڳي

جاڳئين ڪين جتن لاءِ، ڪيئي آرس آڀاڳي

پنهون وٺي ويا پاڻ سان، سڃاڻي ساڳي

ويٺي هج، ورڙ چئي، تون واٽ جهليو واڳي

بَر ۾ بيراڳي، تون ٻانڀڻ! ٿج ٻروچ لاءِ.

٦-

ستئين ڪيئن، سجاول چئي، تون کاڻي منجهه خمار

توکي ننڊ نهوڙيو، ٿي سرواڻن کي سار

ڀڄي شهر ڀنڀور مان، ويا ڌاڙو هڻي ڌار

پهرائي ساٿ پنهون جو، ويا ڪهرائي قطار

پنهون ناهي پلنگ تي، اڀيو ڏي اڇنگار

پوءِ ٿي کڻي پار، وڃايو هوت هٿن سان.

٧-

رات وهامي ڏينهن ٿوي، اڀريو آهي ني

نڪو گوڙ گؤنرن جو، نڪو جت جاءِ ني

آتش ڪين اجهامي، ويا مچ مچائي ني

ستي ڇڏي ويا سڃ ۾، رڻ ۾ راهي ني

ڏيو وٺي ڏيرن کان، مونکي ور ورائي ني

هلي هوت پنهون کي، وجهان پلءِ پائي ني

پرچي شال پريت سين، من ڀاڳ ڀڙائي ني

ڪريان سڏ، سجاول چئي، من عرض اگهائي ني

آري آئي ني، کيرون ڏيان خلق ۾.

 
 

زمان شاه ”ساقي“

 

        ]زمان شاهه ”ساقي“ ٺٽي شهر ۾ ١٣٠٨هه / ١٨٩٠ع ۾ ڄائو. رضوي ساداتن مان هو. پنهنجي وقت جو سٺو شاعر هو ۽ همعصر شعراء ۾ نمايان حيثيت رکندڙ هو. سندس ڪلام ۾ ڪافيون، غزل ۽ ڏوهيڙا مشهور آهن. سنه ١٣٤٥هه / ١٩٢٦ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ٻه بيت هيٺ ڏجن ٿا.[

سسئي

 

ساڄن ساٿ سنڀايو، وجهي بُغدين بار

موڪلائي ملڪ کان، ڪري الله توهار

پرين هليو پرديس ڏي، لکئي ڪيو لاچار

پاريندو پنهون وڃي، الستي اقرار

آهيان سڄي ساٿ لئي، ”زمان“ زارو زار

الله واڳون وار، دلبر وري ديس تي.

متفرقه

 

ماڻهن منهن مٽي ڇڏيو، ويئي يارن مان ياري

دوست اڄوڪي دوستي، خلل خواري

هڪڙو نينهن ناڻي جو، ٻي گلا گذاري

منهن تي مٺ مٺ، پرپٺ دشمن، چورن جيئن چاري

پئسي جي پريت کي، کڻي وجهه واري

کايو گڏ گلا ڪن، منهنجي زمان شاه زاري

سا محبت موچاري، جا هميشه هلي اچي.

حاجي مهوال خاصخيلي

 

        ]حاجي مهوال خاصخيلي، سنه ١٨٦٧ع ۾ ڳوٺ پالهاري (پالهاري ڍنڍ جي ڪپ تي) ۾ ڄائو. سندس گذر جو ذريعو چؤپايو مال ۽ کيتي هئا. آسپاس جي رهاڪو قومن ۾ سندس تمام گهڻي هلندي هئي. سندس ڪلام بيتن، مناظرن ۽ سٺن تي مشتمل آهي. سندس بيت عموما نڙ تي چيا ونيدا آهن. شاعر حاجي منٺار پلي ۾ مل محمود پلي سندس همعصر هئا. پڇاڙيءَ واري وقت ۾ لڏي ڳوٺ آهري تعلقي عمر ڪوٽ ۾ اچي رهيو، جتي سنه ١٩٢٧ع ۾ وفات ڪيائين.[

 

مجاز

١-

گهوڙا! گهايو پيا وڃن، جاني ڇڏيو جوءِ

ٻارڻ ۽ ٻارا ڏيو، ڪريو حشر هوءِ

وڃائيو ورهن جي، پيا وڃن بانس ۽ بوءِ

ڏسڻ کان ڏور ٿيا، جي هئا روءِ بروءِ

سي آديسي اوءِ، اڄ نه پسجن اکيين.

٢-

اڄ نه پسجن اکيين، پرمل پيارا

ڇڏي ساٿ سڳر کي ويا وڻجارا

بجلي ويئي بَس ٿي، ڪڪر اٿيا ڪارا

اندهه انڌوڪار ٿيو، لڪي ويا تارا

لهي ويو چنڊ چوڏهينءَ جو، آيا انڌارا

 

 

ڪيا گوندرن گهارا، سورن سٽڪو لائيو.

٣-

سورن سٽڪو لائيو، دردن ڪيا دونهان

ويا ڇڏي ڇپر ۾، جي سڄڻ هئا سونهان

هاڻي هتي هيڪلي رڙان ۽ روئان

لاڙيو لڙڪن جون لڙهيون، پيئي دل جا درد ڌوئان

سڻڻ وارن ساٿ ڇڏيو، ڪنهن کي حال چوئان

پڙهان ۽ پوئان، سورن جون سنگهرون ڪريو.

٤-

سورن سنگهرون ٺاهيو، وجهان ڳچيءَ ڪريو ڳهه

درد جا دونهان دکي چڙهيا تهن مٿي تهه

پري ٿيس پرين کان، پيئي پچايان پهه

سورن جي سيني مٿي، پيئي چڪي چهه

وڇوڙي ۾ سڄڻ جي، پييم ڇڄي ڇهه

جي لالڻ هئا منجهه لهه، سي اڄ نه پسجن ٿا پرين.

٥-

اڄ نه پسجن ٿا پرين، ويا منجهان لوڪ لڏي

مٺيءَ سان مارو ڪري، ويا ڇپر منجهه ڇڏي

سورن سو هزار ڏيئي، ويا گوندر منجهه گڏي

وڃي ويٺا ولات ۾، پنهنجا اوتارا اڏي

ڪيائون نه پچار پوئتي، سندي جيءُ جڏي

هو ورنه وقت وڏي، هتان هوڪاري هليا.

٦-

هتان هوڪاري هليا، کڻي سکن جا سامان

ڏيئي ڏاج ڏکن جو، موٽي ويا مزمان

ڪين نيائون پاڻ سان، اٿم اهو ارمان

ڪونه ڏسان ٻيو ڏيهه ۾، دکن جو درمان

جو ڏئي اچي ڏکيءَ کي، دلاسو ۽ دان

جاني منجهه جهان، ٻيو ناهي منهنجي من جو.

 

ڪانگل

١-

ڪانگل! قريبن جي، ڪا خبر ڏي خاصي

راتو ڏينهان جن لاءِ، آهي اندر اداسي

محبوبن ملڻ جي، اٿم اندر ۾ آسي

ويٺي فالون پائيان، باس اٿم باسي

مران ٿي، مهوال چئي، تک اٿم تاسي

نيڻين ننڊ حرام ٿي، اچي نه اوٻاسي

آهيان دلبر جي داسي، ڪانڌ نه قبولينديس ڪو ٻيو.

٢-

ڪانگل! قريبن جي، ڏي سگهي سڌ اچي

ڪڏهن ايندا اوڏڙا، ساري ڪر سچي

هينئون منهنجو هن وٽ، پيو روح رچي

ڪوهه ڄاڻان ڪيئن ويا، مون ڪهڙي ڪئي ڪچي

سڙان پيئي سرير ۾، آءُ اندر پرت پچي

دردن جا دل مٿي، پيا مچ مچي

اندر نينهن نچي، وجهلان پيئي و رونهه ۾.

٣-

ڪانگل! قريبن جي، ڏي سڌ سگهي ساري

سڄڻ ريءَ سڃي ٿيو، آهيان ويٺي ويچاري

من تي مچ مچي اٿيا، برهه جا باري

ائين ٿي جلان اندر ۾، جيئن ڪڙهي ڪوٺاري

اٿئي ويٺي اکين مان، جر آهي جاري

وجهن نه ٿا ورونهه جا، گوندرڪا گهاري

تن من ۾ تاري، آهي عجيبن جي.

٤-

ڪانگل! قريبن جي، ڏي ڪا سڌ سگهيري

دوستن دلاسو نه مڪو، گوندر آهيان گهيري

ماري ٿي مونجهه من کي، فراق جي ڦيري

هينئون حيرت ۾ پيو، ڇرڪن آهيان ڇيري

سورن سٽڪو لائيو، دردن ڪيس ڍيري

جي مدي ۽ ميري، ته به آهيان محبن جي مهوال چئي.

 

سسئي

١-

ڇڏي ويا ڇپر ۾، ڪري ڏير ڏمر

سڄڻ ڪارڻ سڃ ۾، پيئي سٽون ڏيان سڌر

حبيبن جي هجر ۾، ٿي جال وهايان جر

ڪيئن ڪريان ڪيڏانهن وڃان، هلي ڪونه هنر

محبن لئي، مهوال چئي، بيوس وؤڙيان بر

ڏکيءَ کي ڏونگر، ڏاري ڏينهان رات پيو.

٢-

ڏاري ڏينهان رات ٿو، هينئون پيو هڄي

سڏ ڪريان ته سامهون وريو اهو وڄي

نڪي ڏسان ٿي پوئتي، نڪي کٻي ۽ سڄي

سڌو وڃان پيئي سامهون، ڏانهن ڪوهياري ڪڄي

جيئن آءُ ڀڄان، تيئن ڀون پراهين ڀڄي

ته به واڪيندي وڃان پيئي، دردن جي ڌڄي

جي کڙي نه ٿي کڄي، ته به هيئن سان هلندي وڃان.

٣-

هيئن سان هلندي وڃان، آءُ ڪندي ڪوڪارون

موٽي من معذور ڏي، موڙي مهارون

وارث ورڻ جي ڪري، سڻي پرين پڪارون

ڪري اچي ڪٺل جي دردن جو دارون

لهي مونجهه، مهوال چئي، جي وري ڪري وارون

لهن سڄڻ سنڀارون، ته ڇٽي پوان ڇيهن کان.

٤-

ڇٽي پوان ڇيهن کان، ٿئي مٿم مهرباني

آهيان آءُ اصل کان، سندي ٻاروچل ٻانهي

جتن جي جدائيءَ کان، ٿي حاصل حيراني

روئان رڙان روهه ۾، ٿيس بَر ۾ بيگاني

جلي ويا جيرا جوش ۾، فڪر ڪيس فاني

ڏيئي ويا ڏکن جي، محب مزماني

سي جيءَ سندا جاني، مان ورن مٺيءَ ڏي.

٥-

مان ورن مٺيءَ ڏي، ڪرها قطاري

جدائي جتن جي، ٿي مئل کي ماري

ڏکياڻي ڏاڍن جي پيئي پناري

جي آڌيءَ جو اٿي ويا، هليا هوڪاري

بيگاني ڀنڀور ۾ هو ويا وساري

محبن کي، مهوال چئي، والي من واري

اچي آرياڻي اجاري، برسائي برن کي.

٦-

برسائي برن کي، وير ڪري وارو

ته بَر پڻ بستي ٿئي، جي ڪري ڪرم ڪوهيارو

پوي پوءِ پري وڃي، هن پٻ جو پسارو

هاڙهي ۾ هوتن جو، ٿئي نوري نظارو

وڻڪار سڀ وسي پيئي، حب ۽ هالارو

وڃي وچان نڪري، ٻارڻ ۽ ٻارو

ٿئي وري وسڪارو، محبت جو، مهوال چئي.

٧-

محبت جا مهوال چئي، وري وسن مينهن

لهي وڃن لحظي ۾، ڏکن سندا ڏينهن

ڏسان آرياڻي اکين سان، هئو جاني اڳي جيئن

ويجهي ويهان ور کي، قابو قيامت سيئن

وڃن وچان وڇوڙي جا، مري شڪاري شينهن

مرادون، مهوال چئي، شل عرض اگهن ايئن

نئين پراڻي نينهن، رهان پاس پرين جي.

٨-

رهان پاس پرين جي، پري نه ٿيان پل

هوت حمايت ۾ هجي، حامي ساڻ هڪل

وري نه سمهان سک ڪري، اڳڻيءَ اهل

قابو رهان قرب ۾، اڳري ۽ اٽل

رهي انهيءَ ريت سان، وڃان ملهائي مهل

ڪري ڪوهيارو ڪهل، من ڪري وري ورڻ جي.

مارئي

١-

آءُ هت قابو ڪوٽڻ ۾، هت سانگي رهن سکي

سرتيون ساڻيهه ۾، کائين رڌيو رٻ رکي

آڇ نه مڃينديس عمر جي، آهيان بندن منجهه بُکي

گهاريان ڀڻي گهنگهر ۾، ڏوٿين ريءَ ڏکي

سنگهارن جي سڪ ۾، پيا آهن درد دکي

مارن ريءَ، مهوال چئي، ٿا گذرن ڏينهن ڏکي

منهنجا مارو محب مکي، شل اچي آجي ڪن عمر کان.

٢-

آءُ هت قابو ڪوٽن ۾، هت مارو چارين مال

قريبن ريءَ ڪوٽ ۾، ساعت ڀانيان سال

حبيبن جي هجر ۾، هيڻا ٿيڙم حال

ڪڏهن ملنديس ماروئين، آءُ ڦيريان ڀڻي فال

جهانگين جي جدائيءَ ۾، ٿي جر وهايان جال

ميلا هنر هلائيان، واجهون ڪاڻ وصال

مارن لئي، مهوال، ٿي ڪوڙين ڪانگ اڏائيان.

٣-

آءُ هت قابو ڪوٽن ۾، هت سکيون سنگهاريون

پيرن تي پريت مان، ٿيون پهرن پنهواريون

چڙهن وڏي چاهه مان، مٿي لامن لوئياريون

آڻين ڏٿ اڻ ميو، ڀريو ٽڪڙا کاريون

ورهائين اچيو ويڙهه ۾، هو نماڻيون ناريون

بخل ۽ ڪنجوسائيءَ کي، هڻن ٿڏا ٿر واريون

هو ونيون ورن واريون، آهن، مهوال! خوش ملير ۾.

آءُ هت قابو ڪوٽن ۾، هت ڪيا مينهن مانڊاڻا

ڏڪار جي ڏکن کان ٿيا آجا اباڻا

پچي پاساڙن ۾ ڪئين ساوا ساماڻا

چري پيو مال موج مان، مکڻيون مانڌاڻا

سونهن پيا سڀين پرين، پکڙا پراڻا

رهن اتي راڄ ڪريو سانگي سياڻا

نوري نماڻا، منهنجا ماروئڙا، مهوال چئي.

٥-

آءُ هت قابو ڪوٽن ۾، هت ڪيا مينهن وسي وس

پون پيا پٽن تي، ڏوٿيڙن جا ڏس

رهن راڄ پاڻ ۾، ڏاڍي چڱيءَ چس

ڪن پيا ڏاڍي قرب مان رهاڻيون ۽ رس

وڙڪن ڀڻيون ويڙهه ۾، لوئياريون ڪئين لس

پهرين ڪين پنهواريون، هار، ڪڙولا، هس

ڪن کاهڙياڻيون کس، رانديون رونديون پاڻ ۾.

٦-

آءُ هت قابو ڪوٽن ۾، هت سرها رهن سنگهار

ويڙهيچا ويڙهه ۾، رهن پکا اڏيو پنهوار

سکيا ستابا سلڇڻا، ٿا گڏجي ڪن گذار

آءُ ڪيئن گذاريان ڪوٽ ۾، تن ڌڻارن کان ڌار

هڪ بندياڻي بند ۾، ٻي سانگين جي سنڀار

مارن لئي، مهوال چئي، ويٺي پايان ڦار

گذري ڪيئن ڄمار، قريبن ريءَ ڪوٽ ۾.

حڪيم ڏاهري

 

        ]حڪيم پٽ شيرو ڏاهري، ويٺل راهواري تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ، اٽڪل ٣٥ سال اڳ (٢٩-١٩٣٠ع ڌاري) وڏي بيماريءَ ۾ گذاري ويو. نڙ تي بيت چوندو هو. دريا خان وساڻ ۽ جوسب ڏاهري سندس ٻالڪا ٿيا، جي پڻ گذاري ويا. وفات وقت سندس عمر ٥٠ سال هئي، انهيءَ حساب سان سندس جنم ١٨٨٠ع ڌاري ٿيو هوندو. سندس ڪجهه بيت هتي ڏجن ٿا.[

 

مارئي

١-

هت آهن آجڙ اباڻن جا، ٿا ڇيلڙا ڇيڙين

وڍيو ٽڪيو ٽارڙيون ٿا مڃر جون موڙين

پسيءَ جون پيٽ لاءِ ٿا لامڙون لاڙين

ڪنهن سان ڪين ڪنگالڙي، ٿا جهانگيڙا جهيڙين

اٿن ڍوليون ڍيريون هٿن ۾، ويڙهيون پيا ويڙهين

ڪوڪڙ پنهنجي قوت لئي، ويڙهين مان ميڙين

کرڙ کٿا کاهيون، ويس چڱو چوڙين

ڏٿ ڏهاڙي، ڏاهري چئي، چونڊيو پيا چاڙهين

هاڻي کوهه تان نه کڻين، پوندئي ڪم ڪريم سان.

٢-

هت آهن اجڙ اباڻن جا، ويا آهن پهرين پٽن تي

نيرا ٻڪر نپنا آهن کاشا کيرن تي

ڌائين ڌائين دؤنسا ٿيا آهن ٿلهڙا ٿڻن تي

 

 

 

ڏينهن گذارين ڏوٿيڙا، سانگي سڱر مٺ تي

تون ڀي تنين کي، هاڻي هاڃي هڻ نه، حڪيم چئي.

٣-

هت اجڙا باڻن جا، تن سان ڪري آهن پهريا پوشاڪون

هڪڙيون ڪهاڙيون ڪلهن تي، ٻيون لس ٻڌي لاڪون

وٺا آهن مينهن ملير تي، مٿئون پيون اٿن ماڪون

هيس ڏاڏاڻي ڏيهه ۾ عمر تڏهاڪون

ملڪ نه وسرندم تن مٺن مارن جو، جيئري هونديس جاڪون

جن جون هت سچيون، سي به ڏيهه مرڪنديون ڏاهري چئي.

٤-

هت آهن اجڙ اباڻن جا، جن جون پهون پٽ چرن

وٺا آهن مينهن ملير تي، ڪرچ ڪيا ڪرٽن

انور ڪري اوٽن ۾ ڀر ڏنا ڀرٽن

ڀريون ڀاڪر تن جا، ڪانبا ٻڌيو ڪن

سانگي مهل تي سانجهيءَ جو، عمر ٿا آڻين

مٺيون چاڳون مال کي ونڊيو وراهيو ڏين

پيرون پنهنجي پيٽ لاءِ، کٻڙن مان کائين

اڏيا پکا پنهوارن، راو رياست تنهنجيءَ ۾.

 

سيد احمد شاهه

 

        ]سيد احمد شاهه پٽ علي بخش شاهه، لس ٻيلي جي شهر اٿل جو رهاڪو هو. مشهور شاعر ڪبير شاهه جي ڀاءُ محمد شاهه جي اولاد مان ٿي گذريو آهي. هي شاعر ڄڻ ته لس ٻيلي جي آخري شاعرن مان هو. کانئس پوءِ ”يوسف موندري“ کان سواءِ، لس ٻيلي ۾ ڪو ناميارو شاعر پيدا نه ٿيو. ڪلام تمام گهڻو چيائين. سندس ڪلام تي ڪبير شاهه جو اثر تمام گهڻو آهي. ١٩٣٠ع کان اڳ وفات ڪيائين. سندس هيٺيان بيت ”ٻيلاين جا ٻول“ تان ورتل آهن.[

 

سسئي

١-

سي پرس صلاح سين پيءَ جي، هليا جلد جوان

ٻڌي بخمل بافتا، ڪيئون ساڄ چڱا سامان

ڍالون، جنبيا، تفنگ، تپاچا، هئا سرواهيون ساڻان

چؤرنگ ان جو خوب چڱو هو، پوشاڪون ۽ پلاڻ

اشتر ان جا عبرتي، چلڻ ۾ چالان

سي راتون ڏينهن روڻ ۾، ڪٿ ڪبهي ڪن ڪانه

ڪيچئون هليا منزل سيگهئون، آيا سرت سجان

ان اچي شهر ڀنڀور ۾، ڏاگهين وڌا ڏاڻ

اوڳارڻ سين اٺن جي، ٿيو شهر سڄو سرهاڻ

ٻه ٻه ٿي ڀنڀور ۾، ته ڪي آيا جنگ جوان

ساسڻي حقيقت حال جي، اٿي ڪامڻ ڪيچن ڪاڻ

ڏکي ڏيرن کي ملي، سڪ منجهان ساڻان

وٺي ان ويهاريا، چڱيءَ ڀت چالان

ڪريو ڪرمشون ڪيتريون، ٿي سور ڳري ساڻان

ڀاڄائي ڀائرن کي، ٿي پرنيو پرني پاڻ

هي پيئي پناري ان جي، سا هوتا! ڇڏيوم هاڻ

پر ٿيا بلوچ بي وڙا، ڪهل تن ڪي ڪان

سي آڌيءَ کان پوءِ اٿيا، ڪري ويچاريءَ ويران

ذات پرائي، نه ٿئي لائي، جي ڪجن سوين ڳڻ ساڻان

هوءَ ويساهه تي وسهي، ته آهن منهنجا مون هي ساڻ

سا ستي سواري، ننڊ پياري، کلي خوش ٿي سين خان

سج اڀريو پوءِ سار ٿيس، تان سيج سڃي بيران

ساٿي رويو پٽيو ريهون ڪري، اٿياس جگر منجهان جولان

ٿي پٽ نهاري، گهٽيون ٻهاري، تان بازر سڀ بيبان

ٻانهيون نورا، ڀڃيو چوڙا، ٿي کجي يڪي لئي خان

ويچاري ساور لئي، ٿي هڻيو پڇاڙي پاڻ

احمد شاهه چئي، اڳ سنڀاليئي، ته هوند نه ٿئين حيران

پر لوح قلم ۾ ائين لکيو هو، صاحب ربّ سبحان

سو قلم قضا جو ڪين ٽري، جو لکيو دفتر ۾ ديوان

ڪاٿي شهر ڀنڀور ٿيو، ڪٿ ڪيچ، ڪٿ مڪران

سڪ جني کي ساڻ، تن کي هوت ملندو هتهين.

٢-

هوت ملي جي هتهين، ته به پنهون ڪاڻ پريج

ٻانهي! ٻاروچل جو، رڙهيو رند ڪريج

سر ڀر هلي سسئي، متان ڪه ۾ ڪٿائيج

ڪچي ٿئيج ڪيم ڪي، نينهن جو ننگ کڻيج

ان جو، احمد شاهه چئي، پڄي پاند جهليج

رت ڏهاڙي روئيج، من ڪوهيارل کي ڪهل پئي.

 

مارئي

١-

سهڻو لڌم سومرا! سڻ تون خواب خوشيءَ مان کيئن

جان ڪر ويس ويڙ ۾، اٺم مارن مينهن

اهي ماڳ ملير جا، اهي ڏوٿين ساڳيا ڏينهن

تان ايهين، احمد شاهه چئي، تنهن دم جاڳيس تيئن

ته هئي هئي آءُ هيڪلي، هت قيد بندن ۾ هيئن

ڪيئن ستي ٿئي سومرا، هيئن ننڊ نير ۾ نينهن

”ڪل من عليها فان“ تون ڀليين ڀورا ڪيئن

سرتين مونکي سينهن، موڪل ڏي ته مٽين مڙان.

٢-

اباڻن جي آهيان، هت ڪوٽن آيس ڪال ميان

بنگلا ماڙيون سنجهي ساڙيون، واهه پنهوارن پال ميان

هت جاڄائي، هتي آئي، ڪٿ ماڙيون ڪٿ مال ميان

اسين مارو، ڌڻن چارو، ٻجهون ڇا ٻڪرال ميان

صبوح ساريو، ڇپر چاريو، وچينءَ واريو، جهنگن ڦرون جال ميان

احمد شاهه، اميد آهه، مان ملان جشن هت جنجال ميان

هوءَ جي پکي راهو پتوال ميان، ان اباڻن جي آهيان.

 


 

منٺار فقير راڄڙ

 

        ]منٺار فقير ولد قبول محمد راڄڙ، ”راڄڙن جي کاڻي“، تعلقي کپري جو ويٺل هو. مجاز جي چوٽ لڳس ۽ فقيري ويس اختيار ڪيائين. مخدوم امين محمدرحه هالن واري کان طريقت جو فيض حاصل ٿيس. منٺار فقير خاص طرح ڪافين ذريعي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو. سندس ڪلام ٽن جلدن ۾ سيٺ ڪرپالداس ٻيراني واري ڇپائي پڌرو ڪيو. اندازا سنه ١٩٣٠ع ڌاري وفات ڪيائين. هيٺيان بيت سندس ڇپيل ڪتابن ”رساله خدائي“ ۽ ”رساله رهنمائي“ تان ورتل آهن. [

 

سلوڪ

١-

ٿيو راضي ربّ رسول تي، محمد لڌو مان

ملڪن کان به مٿي ڪيئين، تنهن سيد سندو شان

پيدا سندس نور مان، ٿيو جمع سڀ جهان

سج چنڊ تارا ڪتيون، عرش زمينون آسمان

سڀئي سوالي سيد جا، تنهن در گهران دان

منٺار، به منگتو ان جو، ڀٽ ڳائيندڙ ڀان

او آخر آهه مهمان، ڪريم ڏينهن قيام جي.

٢-

محبتي، منٺار چئي، انهيءَ ريت رهن

جو پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، ٿاسر پڻ صدقي ڪن

باغ بهشت جا جنتون، ترڪ ڏنائون تن

”طالب الدنيا مخنث“ ڪر خلق ڦٽو کدڙن

”طالب العقبيٰ مونث“ اي ڪم عورتن

”طالب الموليٰ مذڪر“ ٿيءُ مرد منجهان مردن

سڃاڻج حرف حديث جو، ائين چيو محبوبن

محبت ۾، منٺار تون، ڏج پساهه پرين

جيڪي انهيءَ اهڃاڻن، عاشق چئجي ان کي.

٣-

ڪر ياد پنهنجي ربّ کي، جنهن توکي اپايو

مٽيءَ سنديءَ مٺ مان، توکي باري بنايو

پوءِ پاڻيءَ مان پيدا ڪري، توکي هادي هلايو

هنر حرفت ڪيتري، توکي صاحب سيکاريو

منٺار پنهنجي من سين، سو سدا ساراهيو

ڳايو وڄايو، ڪج تعريفون تنهن ربّ جون.

٤-

واحد وڏائي تنهنجي، جا مون آهي لائي من

ته هادي تنهنجي حڪم سين، اکيون ٿيون ڏسن

ته هي جي ڪن ڪپار جا، سببان تو سڻن

زبان تنهنجي زور سين، چپ ڏند ٿا چرن

اڱرا تنهنجي احسان سين، هٿ پير ٿا هلن

جڏهن صاحب ساهه کسيو وٺي، تڏهن بازيون ڀسم ٿين

وڃو مٽي گڏجي مٽيءَ سين، منجهه واريءَ جي ورقن

يا موليٰ، منٺار چئي، تون آهين قادر ڌڻي ڪلن

ڳڻي ڇا ڳڻجن، ڪئين عجب تنهنجا اهڙا

٥-

چئو تون الله هيڪڙو، ڪري دل ۾ دور درڪ

”الدنيا جيفه و طالبها ڪلابا“ ڏي طمع کي ترڪ

حضرت پاڻ حديث ڪئي، سو وڃي ڏس ورق

ته ”طالب الدنيا مخنث و طالب العقبيٰ مونث

و طالب الموليٰ مذڪرون“ ڪونهي ڦير فرق

موليٰ گهرڻ، منٺار چئي، آهي محبتين مرڪ

ڪر غير دليل غرق، ته منجهان مردن تون ٿئين.

٦-

جي حقيقت حاصل ڪرين، ته آهي هر هنڌ هيڪڙي ذات

آهي سڀني اسمن ۾، تنهن قلزم جي قطرات

سڃاڻي سلطان کي، جي منجهين منجهه محلات

”والله بڪل شيءِ محيط“ کڻي سمجهه اها آيات

هر هنڌ هادي هيڪڙو، چئي ڀلي سونهاري بات

محبتين ان منزل ۾، ڪيو وڻج وٺي واصلات

ٿيا ”موتوا قبل انت موتوا“ ته هوندا سي حيات

اهي مڙد نا ممات، جي مري جيئا، منٺار چئي.

 

ڏهر

١-

تون به تنهن جو طالب ٿي، جنهن سوين شاهوڪار ڪيا

اول نام الله جو، جو باري بيپرواهه

ٻيو مير محمد مصطفيٰ، آهي شافع شاهن شاهه

چارئي يار رسول جا، جن دين اجاريو راهه

منجهان اولاد ابابڪر صديق جي، هڪ دولهه ٿيو درياهه

نرمل ’نوح فقير‘ ٿيو، اڪمل اولياءُ

قائم تنهن قريشيءَ جو، دائم آهي درگاهه

منٺار به منگتو ان جو، ٿو پني پوش پناهه

شل پڄيم ساهه پساهه، ڪلمي جي ڪنجيءَ سين.

٢-

ڪلمون ڪنجي قلب جي، آهي لاءِ سڄي سنسار

احمد امت کي چيو، آڙين جي آڌار

ته هيءُ ذڪر ذري ايمان سان، جي هوند پڙهو هڪوار

ته لهي وڃن لطف سان، جي هجن گناهه هزار

”لااله الا الله محمد رسول الله“ اها پرين جي پچار

منٺار، محمد مير تي، چئو صلوات سؤ وار

ان اسمن جي آڌار، تون بي خوفو وڃ بهشت ڏي.

٣-

ڪلمون ڪنجي قلب جي، ٿو اندر اجاري

سو صيقل سيني سين هڻج، پنهنجي وجود ۾ واري

حضرت پاڻ حديث ڪئي، محمد موچاري

ته هيءُ ذڪر ذري ايمان سان، جو چوندو چتاري

”لااله الا الله محمد رسول الله“ جو پرتئون پچاري

توڙي ڏونگر ڏوهن جا هجن، ته به ڇڏي تهن جيئن تاري

منٺار، ماڻڪ اهڙو، تون ويهه م وساري

اهو تحليل تواري، تون بي خوفو وڃ بهشت ڏي.

 

حاجي عبدالله ڊکڻ

 

        ]حاجي عبدالله ولد محمد فقير ڊکڻ سومرو، ڳوٺ الهر کيي جلباڻي، تعلقي نصير آباد، ضلعي لاڙڪاڻي جو رهاڪو هو. ڪن روايتن موجب ١٨٧٠ع ڌاري ڄائو سنڌي، عربي ۽ فارسي جو چڱو ڄاڻو هو ۽ موسيقيءَ جو به ماهر هو. ٻٽ سرائي، تعلقي ميهڙ جي راشدي پير شاهه محي الدين دوران جو مريد هو. تنهن کان سواءِ گهٽهڙ ۽ نئين ديري جي پيرن جو به معتقد هو. سندس ڪلام گهڻو ڪري مداحن، مناجاتن ۽ ٽيهن اکرين تي مشتمل آهي. شعر ۾ پاڻ کي ”لنگهو“ به چيو اٿس. سنه ١٩٣٠ع ڌاري وفات ڪيائين.[

 

مجاز

١-

سڄڻ تنهنجي سڪ ۾، مونکي ٿيڙا سال

سر تنهنجي تان سوين هي گهوريان مڏيون مال

پاڙيچو تو پرينءَ جو، هجان هميشان شال

سدا سڏڪان سور ۾، هئي هئي ويڙم حال

نهاريج نڌر ڏي، نوراني ننگپال

الله لڳ عاشق ڏي، تون وارج واڳ وصال

حاجي عبدالله تي، ڪج ڀلايون ڀال

ڇڏي خام خيال، مل ته مانداڻي لهي.

٢-

سڄڻ تنهنجي سڪ ۾، مون کي پلپل پور پون

راهه ڏسيو ريهان ڪيان، مٿي روز رندن

نڪا فرحت جان کي، نڪا لذت لڱن

 

 

محبت مچ مچائيو، ٿا دل ۾ دود دکن

آڙهه عشق اٿاريا، ٿا اندر جهڙڳ جهون

ڏئي دلاسو دل کي، هيڻن هٿ ڏجن

روليو رمزن روح کي، نهوڙيو نازن

ساڻ عشاقن نا ٺهي، ماڻو معشوقن

اٿم اميد ۽ آسرو، اڱڻ عجيب اچن

حاجي عبدالله سان، شل محب ملاقي ٿين!

هڪ نحظي ۾ لهن، ڏسڻ سان ڏک ڏيل جا.

٣-

سڄڻ تنهنجي سڪ ۾، منهنجو هينئڙو ٿيو حيران

کائڻ پيئڻ نه اڄهي، سو نينهن ڪيو نادان

تنهنجي محب مجاز ۾، من ٿيو مستان

فڪر فراق فنا ڪيو، ٿيم غمن سان گذران

ڪجو ور وصال جي، وڃي اندر جو ارمان

عزت ۾ اعليٰ ٿيو، وڌ شرف اوهان جو شان

حاجي عبدالله کي ڏي دلبر دهرو دان

جيئري جانب جي ڪرين، ڪو اچڻ جو احسان

هيءَ ساهه ڪري قربان، هوند نوڪر تنهنجي نانءُ ڌؤن.

٤-

سڄڻ تنهنجي سڪ ۾، ٿيس بيوس بي آرام

عاشق تنهنجي عشق ۾، ٿيو ميءَ بي مست مدام

سدا سڪ سرير ۾، اٿم لنؤ لنؤ منجهه لغام

پيتم پرينءَ جي هٿئون، پرت منجهان پر جام

جوش جلايو جان کي، ٿي نيڻن ننڊ حرام

پلپل پياس پسڻ جي، آهي تن کي طلب تمام

قادر ڪيو ڪڙم ۾، نيڪ اوهان جو نام

توکي ربّ حاصل ڪيو، دلبر دين اسلام

مٺا هن مشتاق تي، ڪج اچڻ جو انعام

مهر منجهان مسڪين جو، ڪر ڪل قبول ڪلام

دلبر تنهنجي در جو، هي عبدالله غلام

خيال ڦٽي ڪر خام، اڱڻ عاشق جي اچو.

 

 

شادي مري

 

        ]شادي ولد چاڪر خان، مري بلوچ، ديهه ڪنڊير تعلقي کپري جو ويٺل هو. هڪ روايت موجب شادي مري سکر براج وڙهي (١٩٣٢ع) کان ٿورو اڳ وفات ڪري ويو. انهيءَ حساب سان سندس وفات ١٩٣٠ع /١٣٤٩هه ڌري ٿي هوندي. سندس بيت مشهور آهن، ۽ نڙ تي چيا ويندا آهن. هتي سندس ڪجهه بيت شامل ڪيا ويا آهن.[

 

سهڻي*

١-

سهڻي گهڙي سير ۾، جهاڳي پئي جهٽ ۾

گهر گهاري ٿي ڪينڪي، پير نه ڏئي پٽ ۾

جتي ولر واڳن جا، وڃيو گهڙي انهيءَ گهٽ ۾

جئن پئي وهه واسينگ جو، موکيءَ سندي مٽ ۾

چڪو پي چري ٿي، واصل ٿي وٽ ۾

پيئي عشق جي الٽ ۾، سهڻي ساهڙ ڄام جي.

٢-

سهڻي گهڙي سير ۾، وڃي تار منجهان ترندي

جنهن جي يار ميهر ري، ساعت ڪين سرندي

ڏٺي وچ ولهار ۾، ڪا چوڙيلي چرندي

گهڙو انهيءَ گهيڙ تان، ڪنهن بهاني ڀريندي

وڃي کرڪيءَ وٽ کهندي، جنهن جو چڙيءَ من چريو ڪيو.

٣-

سهڻي گهڙي سير ۾، جتي لهرن جون لوليون

ڪڻڪون تن ڪنڍين جون، مان ٻڌان سندن ٻوليون

 

 

ميهر مون سن ماڙ ڪندو، ته ڇا ڪندم ڇوليون

اٿم هينئڙي منجهه هوليون، مونکي يار ميهارجون.

٤-

سهڻي گهڙي سير ۾، پسي ساهڙ سونهن

من ۾ يار ميهار جي، تن ۾ لڳي ويئي تون هي تون

هتي ساهڙ ڄام جا، ٿيس ويڄ اندر ۾ ورونهه

شوق منجهان ”شادي“ چئي، درد کايس دونهن

ساهڙ تو سان مون، سودو ڪيو ساهه جو.

٥-

سهڻي گهڙي سير ۾، لاهي سانگو ساهه

منهنجي يار ميهار ري، ٻيو وسيلو نه واهه

ساهڙ بنان سير ۾، منهنجي ڪنڌي ناهي ڪاهه

ناهي ڪو ڏم سان، منهنجو ننگ نڪاح

ساهڙ توکان ساهه، مٺو مور نه ڀانيان.

 

مجاز*

 

اول نام الله جو، تون دوست سڻ دلبر

ڇوڙي وار ڦٽا ڪيئي، ڪارا ڪونڌ ڪڪر

اکيون تنهنجون عجب جهڙيون، جئن نيزا نيڻ نظر

ڀرون تنهنجا ڀالا ڀانيان، جيڪي واريو هڻن ور

نڪ سونهين ٿو نراڙ تي، جهرڪي جيئن جوهر

ڏند سدائين تنهنجا سهڻا، ٻئي لب لعل قمر

مور ڳچي محبوبن جي، ڪونجن واري ڪر

ارهه تنهنجو عجب جهڙو، سينو ڀانءِ سپر

 

 

 

چيلهه ته تنهنجي چهبڪ جهڙي، ڏس اهو پيچ اپر

پير ته تنهنجا پدمن جهڙا، ڏس هٿن منجهه هنر

هاڻ ته ڪنڍي ڪيو ڪاپار ۾، چوٽيءَ ساڻ چڪر

مونيون پٽيون سر تي، جڙيون ساڻ جنهور

نيو بيهي نراڙ تي، الي ساڻ امر

نٿ بولا نڪ ۾، ڏس لال سندو لشڪر

پنڙا منهنجي پاسي تي، اچيو ڏاڻيون ڪن ڏمر

نسبين تنهنجي نخرو لايو، ڏس والين سندا ور

دهري منهنجي دل کسي وئي، ڪيو هس هنر

ڪٺمال ڪهلي تي ڪڪر ڪيو، ڪيو هار حشر

تعويذ تنهنجا تيز وڏي مان، ڏس چوڙن جو به چڪر

ڏيڍي ٻانهين ٻانهن ۾، ڏس بازوبند جا بحر

پيرين ڇلا پدمڻيءَ کي، زيب ڪيو زيور

ڇلا منڊيون چيچن ۾، ويڙهه سندا ڏس ور

ميندي جا محبوبن لائي، جيڪا هئي ملڪن منجهه مشر

هڪ پوشاڪون پرين جون، ٻيا ويس وڳا ويتر

اڃا به مونکي ڳهه ڳڻڻ ۾ ڪين آيا، جيڪي

هئا جان مٿي جنهور

هي من ماندو ٿيو معشوق لاءِ، عاشق جو به اندر

شوق منجهئون، شادي چئي، دل کسي ويو دلبر

هاڻي ڪر نياز منجهان نظر، جو هي پرديسي پرتو اٿئي.

 

مل محمود پلي

 

        ]مل محمود ولد طالب درس پلي، تيرهين صدي هجري جي آخر (١٢٨٠-١٢٩٠هه درميان) ۾ ڳوٺ حاجي عبدالطيف پلي تعلقي عمر ڪوٽ ۾ ڄائو. هن پنهنجي تعليم عبدالطيف وٽ ورتي، جو دائري وارن بزرگن جو شاگرد هو، ۽ اتي پڙهي قرآن شريف جو ياد حافظ ٿيو. فقير، ”ڪاٺوڙي“ وارن راڄڙن مان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي ڄائي. فقير تي ”مل“ نالو انهيءَ ڪري پيو، جو هو بدن ۾ سنهون ۽ قد جو ڊگهو هو؛ جهڙو چؤنري جو ”مل“. سندس ڪلام ٻن جلدن ۾ ڇپيل آهي: (١) مجمع العجائب ۽ (٢) ليليٰ مجنون، جنهن جي آخر ۾ نصيحت نامو پڻ ڏنل آهي. سنه ١٣٥٠هه / ١٩٣١ع ۾ وفات ڪيائين. سندس هيٺيان بيت ”مجمع العجائب“ تان ورتل آهن.[

 

سسئي

١-

چئي: ڀنڀور بيران، ڀايان ويران، ڦوڙائي مينهن

جنهن ۾ بيداد، ٿئي بغداد، هيڏا هاڃا هيئن

تنهن ۾ هاڻ، ڪهين ڪاڻ، گهڙي گهاريان ڪيئن

ڪين رهندس، وندر وينديس، ساجن پنهنجي سيئن

هڻنديس هوڪو، چاڙهي ڏؤنڪو، عشق منجهان ائين

ڪنديس اڌڙ، ڏونگر ڏگڙ، پهڻ پڻي جيئن

جنهن کي اٺايو نيهن، تنهن کي ڇپر ڇا جهليندو.

٢-

چئي: ڇپر ڇاٽ، نڪا واٽ، سوين روهه سڄن

گهمن گهاٽ، ڪريو ميڙاٽ، بلائون منجهه بَرن

ڀمرا ڀؤنر، نانگ نور، ڏينڀو ڏنگ هڻن

ڪارا ارڙ، ڪريو درڙ، وچ واسينگ رهن

مرو مواس، رڇ راڪاس، چيٽا ڪئين چون

گدڙ، گرگ، ميا مرگهه، باندر ٿا بَهڪن

ٻيلائي ٻن، وجهي ڀن، ڏيو ور وڙهن

هڪل هيبت، ڪريو دهشت، ڪيهر ڪر کڻڻ

ان جي هوڪ، ڪنا ڪوڪ، ڀڄيو فوجون وڃن

تون پڻ منجهان تن، ڪيئن ويندئين هيڪلي هوت ڏي.

 

مومل راڻو

١-

مومل ۽ سومل جا، عجب جهڙا آچار

پهريو پٽ، پلي چئي، وهسن وير وتار

هلن هڪٻئي پٺ ۾، ڪريو ڪونجن جيئن قطار

ڇڳا ڇڳرين جا، جڙيا هيڪ جنسار

ڪنڍيون، ڪڙڪون، ڪٺمالون، بازوبند بهار

هيڪ ٻهڪو ٻانهين جو، ٻيا ڳچين ڳاڙها هار

ڪاريون اکيون ڪجل سين، سينڌن سرها وار

’مل‘ مورت تن جي، موهيا مرد هزار

ويا گوهر گنئي ٿي، ڪٽڪ ڪارونڀار

تنهن جا ڪهڙا ڏيان پار، جو آهي ڪرڳل قيام جو.

٢-

مومل جي مذاق جا، سڻي سماچار

چڙهيو مير مينڌرو، ٻڌي همت جا هٿيار

اچيو راوت جنهن ريب تي، جکمئا ٿي جهونجهار

سو ڪائو ڀڃي قوت سين، سوڍي لڌين سار

هنيائين ڇٽ پٽن تي، وڌائين آتڻ منجهه اڇنگار

نڪو سينڌ سرمون، تڪي ونگا وار

عقل جي آتار، نيئي مڙنئان مٿاهون ڪيو.

 

مارئي

١-

عمر! اباڻي پار ڏي، اڄ ڪڪر ڪارون ڪن

کنوڻيون، وڄون پاڻ ۾، هوڏون ڪيو هلن

سارنگ چئي بادل کي، سوين ساٺ ڪجن

تون وس ولهارن تي، ته آءُ برسان مٿي برن

ڀري مڃر ٽاريون، ڪيا ويس وڻڻ

سو جي پسين سومرا! رنگ به روهيڙن

ته وڃنئي باغ وسري، هي گلزار گلن

ڀڄي چڙهه ڀٽن تي، لڙڪيا جيئن لمن

اچ ڪڍينم کان قيدن، ته وڃي ڪريان ڳالهيون ڳوٺاين سين.

٢-

عمر! مران ٿي سومرا، آهيم اي آندوهه

ته وارنڍ ويڙهيچن جو، لائق نه لڳي لوهه

تو ڪهڙي سبب سومرا! آندو ڏوٿين مٿي ڏهه

جنهن ڇيڪ ڀڻي ڇيلا چاريا، سا ڪوٽن وهاريين ڪوهه

سرتيون هتي سڳر ڪيو، وتن لاکيڻيون لوءِ

هيءَ هيڪلي هاڃي ۾، هت راتو ڏينهن روءِ

هيڏو فرق، فقير چوي، شل ڪنهن کي ڪيم پوءِ

هوند هڻي پاڻ پرزا ڪريان، جيڪر وس هوءِ

عمر! اهک سندوءِ، داغ منهنجي دل تي.

 

گهاتو

١-

مهڻي سندي ميٽ ٿئي، وڃن غم گوندر

مورڙي کي موت جي، لڳي آگ اندر

هلي اچي حاضر ٿيو، مٿي ڪن ڪپر

هڻي ڪاتون ڪلن مان، ماريائين کي مانگر

سا اهڙي بلا آفت هئي، جهڙا ڏسجن ڪي ڏونگر

تن گهوڙين ڇڪي گهر آندو، جن ڦٽا ڪيا هئا ڦر

نه ته پرسن جي پيهاٽ جي، خلقن سئي خبر

مورڙو ملهي اٿيو، جنهن جي سام جهلي سرور

پوءِ انهيءَ پر پکر، جڙيس جس جهان ۾.

٢-

رهي ڪلاچيءَ جي ڪن ۾، سندي سوڀارن

ڇڏي سانگو ساهه جو، ڪئي جلهه جهونجهارن

لهرن لوٽي جهليا، پارس پاتارين

هو ائين امر الله جو، نه ته ڪي مانجهي مارجن

شل ڪڏهن ٿئي ڪوم ڪو، ههڙو ڀنڻ ڀائرن

مورڙي تي موت جا، اڄ ٻارڻ ٿا به ٻرن

جيڪس خان کپي ويا، ٿيو مارو ملاحن

لڳا ڇٽ پٽن سين، ويو ٻهڪو ٻانهيارن

جيئن ماڻهن سين موت ڪري، تيئن پٽيو پار ڪڍن

الا! اندوهين، ڪو والي ورق وارئين.

 

سارنگ

١-

گجي گڙي آئيو، ڪري فضل جو ڦيرو

اچي نيو نوڻ ۾، ڏيئي ڀٽ مٿان ڀيرو

هو ڪس ڪاري ڪنڍر جو، مور نه ٿئي ميرو

ڏهر ڀريائين ڏهريون، ڇنون ڏيئي ڇيرو

سڀت سائي گاهه جو، ٿيو گهرن پاسي گهيرو

پرور ڪيو پٽن ۾، ديري لڳ ديرو

ڪڍن مارو مٽن مان، ميڙيو مکڻ ٽيرو

پرين پرت گڏيا، وهسن تار ويرو

وسي سارنگ سويرو، مينهن، سڄڻ ميڙيا.

٢-

گجي گڙي آئيو، ڪاري منجهه ڪڪر

اچي نيو ناڏ سين، بادل مٿي بَر

کوڻ، گوڙ گڏجي، ٿيلهي ڀريا ٿر

سڀت سائي گاهه جا، وسي ڪيائون ور

چرن چڪ چائلون، ڪنڍيون کڻيو ڪر

سونهن ٻڌا سنگهرن ۾، ڪارا ڪيرن ڦر

مچي رچي، مل چئي، ٿيا سڀ سوايا سر

چڙهيون فوجون حسن جون، درسن کليا در

جي وڇوڙيا آوسر، سي مينهن سڄڻ ميڙيا.

 

محمد خان ٽالپور 

 

        ]محمد خان ولد مراد خان ولد محمد خان ٽالپور، گهراماڻي، ڳوٺ مراد خان ٽالپور تعلقي ٽنڊي باگي جو ويٺل هو. قرآن شريف ۽ فارسي پڙهيل هو. سنه ١٨٤٤ع ۾ ڄائو. جواني ۾ شاعري شروع ڪيائين. پهريائين ’جمجما سلطان‘ ۽ ’ڀوري جو قصو‘ بيتن ۾ جوڙيائين، ۽ ان بعد ٻن ڀائرن جي وفات صدمي کان ڪافيون چيائين. وٽس ڳائڻن جي ڪچهري هميشه لڳي پئي هوندي هئي. مهمان نواز ۽ سخي طبيعت هئس. گهڻو ڪري سنڌ جي سڀني درگاهن تي ويندو هو. حضرت پير سائين پاڳاري جو مريد هو. اميري ڇڏي فقيري اختيار ڪيائين. آخري عمر ۾ سائو ويس ڍڪيندو هو. سنه ١٩٣٣ع ۾ وفات ڪيائين.[

 

مارئي

١-

عمر پهرين رات ۾، ڪيا مارئي ساڻ بيان

لڳن تنهنجي ڏيهه ۾، واريون لک طوفان

هتي محل ماڙيون بنگلا، باغ بنيا بُستان

هت لويون اوڍيون ان جون، کٿيون کرڙين جان

هت ململ، بخمل، بافتا، ٻيو روا ريشم ٿان

هت ڏارو چاڙهيو ڏٿ جو، هت ٻوڙ پلاء پڪوان

اٺئي پهر اوهان جو، آهي گوندر ۾ گذران

هت کل خوشيون آهن شاديون، ڪنهن پر ڳڻتي ڪان

 

 

 

جنهن ملڪ ملي مان، سو ڀلو ديس سڀن کؤن.

٢-

محل هتي جون ماڙيون، ظاهر جي زينت

بقاءَ هن جو ايترو، جهڙو پاڻي ڦوٽي پت

جام ڪٿي جمشيد جو، تاج سليماني ڪٿ

بور ڪٿي بهرام جو، ڪٿ سينگ رستم جي سخت

ڪٿ سورهيائي سهراب جي، ڪٿ داراجي دهشت

تري هٿ ترار ٿي، ويا کائي خان شڪست

ورهين کي ويندا رهيا، وير وڄائي وقت

روئيندي هتان رت، ٻڌي ٻوٿ ٻٽاڪ جا.

٣-

ٻڌي ڪوڙ ڪمر جي، عمر آيو ٻي

جهڙي صورت تي سهڻي، تهڙي سياڻي ٿي

ته وٺي ويهارئين وچ ۾، سمن وٽ صحي

سڀئي چون سومريون، هر هر چونئي جيءُ

لکيو لوح قلم ۾، قسمت انگ قوي

ڪنهن پر ٽرندئي ڪينڪي، هاتڪ هٿ هنيئي

ڪهي سا رهي، مور نه مٽجي مارئي.

٤-

ڏٺا ڪنهن نه قلم جا ورق آهن واري

پيا نصيب جن جي، پرس ويا پاري

اهي سزائون سور جون، ويٺين وساري

گهڻا گهوٽ گينوار کان موت ڇڏيا ماري

ڪانگ نه لنوي هڪڙو، ڪو تن جي اوتاري

کائي ڪوٽ زبون ڪيا، ڪنگرا ڇٽڪاري

ڪيڏي دودن ديم هئي، ويا هٿ مٽي واري

مثل ڏاڏو تنهنجو، ڏس پاند پري ساري

ويا راند هٿئون هاري، جن ٻڌي شرط شاهن سان.

٥-

عمر آيو اوچتو، ٽلي ٽيجهي رات

منهن مان مارڻ واريون، ٿو ٻوليون واري وات

ته ماٺ ڪري مارئي، مڃ منهنجي مصلحات

جيڪي گهرين تو ڏيان، سون رپا سوغات

ٻانهيون ٻيڙا ٻانڌڻيون، زريون زيور ذات

موهر ملڪ، محمد چئي، ڏوٿين ڪريان ڏات

نڪا پڇا پنڃري، نڪا بيگر بات

پوءِ تڪبر سندي تات، ڪنهن پر چلندئي ڪانڪا.

٦-

سانگين ڪم صبر، جهانگين جهيڙو ڇا لڳي

آهي اسان وٽ جنگ جو لحاظي لشڪر

رکون پنهنجي راڄ ۾ دين سندو دفتر

ڪنهين لالچ لوڀ جي، ڊاهيون نه ڍينگر

بي طمع آهي بادشاه، ڏي سختي ڪانه ثمر

آجا گهمون گام ۾، شان وارن جي شهر

تنگي نه جت توڻ جي، سائو سدائين سر

چارين چوڙي واريون، ڦوڳن پاسي ڦر

نڪي جيجائو جوءَ ۾، نڪي کاروئي کر

نڪا بوءِ بگهڙ جي، نه بات سڄي بگهڙ

اجهي تنهن انور، اسين رعيت سڏايون تنهن راءِ جي.

٧-

عمر آيو وٽ مارئي، چوٿين ڳالهه چوڻ

ته مارو تنهنجا مون ڏٺا، جن تنگي آهي توڻ

ور ڏيو واکاڻين تن کي، لافون پاڻ نه هڻ

کارا کٻڙ ڏيهه ۾، مور نه موچارو وڻ

ڪڏهن ڍاوا ڪينڪي، پيٽ ڀري ئي ڪڻ

ٿاٻا کائين ٿر ۾، جهانگي پين جهڻ

عقل اچي ان جو، خيال اهوئي کڻ

چوڙا چاڙهيئين عاج جا، سونا مينا مڻ

کلي ويهه تون کٽ تي، بنجي راڻي بڻ

سيهو ئي سون ٿئي، پارس لڳي پهڻ

پوءِ صلاح مڃ سڄڻ، پاڻ چڙهي ويهه پالڪي.

٨-

ڪڏهن ويٺي ڪانڪا، پالڪي پنهوار

مارو ماڻهو اڳيئي چاريون ڌڻ ڌرار

ڪچي مٽي ڪانهلي، جهڙو ڪم ڪنڀار

ڪري ٺڪر هٿ مان، ٽڪر ٿئي ٽي چار

مارن آهي مهڻو، ٻئي کي ڏيندي ٻار

لهي نه ٽڪو، ٽالپر چئي، ڌوپي جي دوبار

ڀلي بک ڀرم جي، ڀلي ننگ ترار

ڀلي شراع پاتشاه، ڀلي ڳالهه سچار

ڀلي رات معراج جي، ڀلي قدر وار

ڀلي مايا هڙ ۾، ڀلو هٿ هٿيار

بُري خواري نار جي، بُري جواري هار

بُري سنگت بَد جي، بُري ڪانڌ ڪنوار

آڻي ان اڌار، شان نه شاهوڪار جو.

٩-

پنجين رات پرور، جنهن جي رکندو پت

پاڻ سڏائي ڪانڪا، سيل واري ٿي ست

ڪل مومن اخواني، لکيو منجهه شريعت

وڻي ڪين واحد کي، شوخي ڳالهه شدت

منٿ منهنجي مارئي، مڃ منهنجي مصلحت

سڀئي توکي سومريون، خاص لکي ڏين خط

هميراڻي حجت، ٻي تو سان ڪري ئي ڪانڪا.

١٠-

ٻانهيون لائق ٻين جي، اسين ٻانهين لائق ناهه

پاڻ رڌايون پاڻ پچايون، ڌارئين هٿ م رهاءِ

لکيا ڪاغذ ڪوڙ جا، تنهن ملي لوڌيو ماء

ٿاٻا کائي خلق ۾ بي گرو بدراهه

گرو هڪ گلي ۾ ته ساري وڳ وڻاهه

جنهن جي پيٽ حرام پيو، سو نه ٽاري ماهه

تڪي ماڙيون اوچتيون، ڍونڍن جنهين ساءِ

چڱن کان چڱائي ٿئي، مدي هٿ م لاءِ

جو ٻئي کي ڏئي پناهه، ٿئي ستڙ ٻيڙو تن جو.

١١-

ڇهين ڇپر کٽ جو، تو چڱو سڃاتو مان

اسين ڏيون ٿا آبرو، شاهه پروڙين شان

مت نه مڃي مورهين، سا ناس پتي نادان

هر هر مرين مائٽين، هر هر ڪيو بيان

ويٺا وساري ويڙهه، ۾، ڪل لڌائون ڪان

جتي عزت نه هوئي انسان، پوءِ وڃڻ نه واجب اوڏهين.

١٢-

اول ڏئي آبرو، پوءِ کپر جيئن کائين

ڏسي مايا موهجن، ڇائي منهن پائين

پنهنجي ذات ذمات کي، لنڊيون لڄ لائين

ستيون اهي سومرا! جيڪي مائٽ ملهائين

”حب الوطن من الا يمان“ سو ڪعبو ڪيو ڀائين

”قالوا بليٰ قول“ کي پاريو پڄائين

پکا پنجين لاڪڙين، ادبين اڏائين

ٽيهين ٽاريين، ٽالپر چئي، سي ڇني کي ڇائين

پٿر پن پريت جا، سي ويڙهيو وڇائين

سڏي صحبت سوکڙيون، هو ونڊيو وراهين

چئني طرفن چاهه مان نميو سر نائين

محمد موهر گام ۾، وڃو مينهڙا وسائين

انهان وڌا آهين، ڪي اڃان وصفون ويڙهيچن جون.

١٣-

ستئين آيو سومرو، ٻڌي ڪوڙ ڪمر

چئي: مارن مڪو مان ڏي، لکي خط خبر

ته بي چئي آهي مارئي، ڌر ڪنان دختر

اسين اصل ان جا، ناهيون مٽ مگر

سڱ اهو اٿئي سوکڙي، نيت خاص نذر

ٻڌي ڳالهيون ڳوٺ جون، ٻڏي هاڻ تون مر

هٿ نه ڏيندئي هيڪڙي، سرتين منجهه سڳر

هتي هنڌ هندورا پالڪيون، سونا روپا زر

ويٺي حور هنڍاءِ تون، ڪريو ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ور

انهيءَ چاڳ سهاڳ جو، ٿي ڄاڻين ڪونه قدر

پوءِ دايون تنهنجي در، ڪئين ڪمائين پورهيتون.

١٤-

پان کٿوري جن چٻيا، تن جا ڏند ڏکن

کاڌي جن خوشي سان، هئي موري ساڻ پنن

مٿان ڪٽورو کير جو، ڀري پاڻ پين

اهڙ:ءَ عادت واريون، مرض نيٺ پسن

وڌي پيٽ تني جو، ٿئي عطامون طبيبن

جيڪي سڻڀي قوت گرانهه لاءِ، ڀرم ڪين ڀڃن

نه ٿئي تپ تني کي، نڪو سور لڱن

مدامي محمد چئي، سي کاهر خوش گهمن

تنهن آڻڻ منجهه اچن، جتي سٽ ڪتاڻي سون ٿئي.

١٥-

اٺين آيو اوچتو، تڪڙ ڪري ئي تاب

مٿان جيئن مار جي ڪري عرش عقاب

رکي مدي من ۾ خطرو خيال خراب

لکين منٿون مون ڪيون، ڏين جن مثل جواب

لائق ڏنگي آدمي، لٺ لپاٽون باب

جنهن جو جهڙو باب، تنهن کي ڪجي تهڙو سامهون

١٦-

ڏسي اکيون عمر جون، مارئي ڳاريو ماس

ته ڦٽو گام غريب جو، راجا ٿيو راڪاس

ماريندي مسڪين کي، قاتل ڪري نه قياس

هاڻي هريو باغ ۾، جنهن کي پيوند نه جهلي پاس

ڀڃي وڻ ولائتي، گل کٿوري خاص

رهيو آرائن روح ۾ ولين جو وسواس

پوکي جنهن ڪيو راس، سور به تن کي سامهون.

١٧-

نائين ڳالهه نياز جي، سڻ تون منهنجي هيءَ

مري جي ڪو مان لاءِ، توه ڪنهن ڦٺ نه چئي

سوين سمجهاڻيون مون ڏنيون، رتي ڪين رهي

جا وسئون ڳالهه وئي، تنهن تندو تاڻيندئين ڪيترو.

١٨-

ڏکيا سکيا ڏيهه ۾، ٿا ڏوٿي گذارين

پيرون پڪا ري ملها، پيٽ تتي پارين

آڻين چاڙهين جو هجي، ٻيو دان نه اڌارين

”حب الوطن من الايمان“ ويل نه وسارين

پنجئي ٽول پنهواريون، اديگبن اجارين

ٻارهين ماهين مند اچي، سي ٽيهئي نه ٽارين

تيرهن ڏهاڪا تن ۾، ٿا سانگيڙا سارين

مور نه موڙو جنهن ٿئي، ڌڻ اهو ڌارين

چار هزار مال جا، سي چاڳ ڪريو چارين

پاڻي آب گلاب جو، تن کي پرتئون پيارين

غرض نه جت غنيم جو، ڍينگهر تت ڍارين

گام تهين گهارين، جت محمد، معافي ملڪ هئي.

١٩-

ڏهين ٿيو ڏمر، عمر انهي ڳالهه جو

منهن چڙهيو ٿي مهڻا ڏين، ڪرين ٿي بادشاهن سان بر

لاهيان تنهنجي لاک ٿو، چال چريائي ور

الري آيو اوڏڙو، هو ڌان ڌان ڪري ڌر

مهندان چيس مارئي، ڪو خوف خدا جو ڪر

ويو پرين تائين پرجي، دلوارائي در

نڪا نشاني سر جي، نڪو پڊ پهر

تابع ٿين شيطان جي، آڏين آتش گهر

سئين پٽ زمين تي ٿا ٿاٻو کائين کر

مون سين نه ڪو جنگ جو، لاء آهي لشڪر

منهنجا ڪم ڪريم تي، سو ست رکندم سرور

تون ميو ٿو مستيون ڪرين، ظاهر ڏسيو زر

بندي بقاء ايترو، جهڙو ڦوٽو مٿي جر

سڄي ٿو ميان سومرا! سندو ڪال قبر

وير انهي واٽ کان، ويا ڏڪندي ڏهيسر

ڌيان پنهنجو ئي ڌر، آهن ڪنجون هٿ قهار جي.

٢٠-

ڇڪڙ چيو ستڙ کي، هل ته ڏسون هالو

هالو ته اڳئي هالو، پر ڪيائين پڙ پالهو

سڄي ساري ڏيهه ۾ ڏانگو ڏيوالو

رکيو هو مائٽن جنهن جو نڀاڳو نالو

ڪاٽي وينديس قافلو، هي قسمت ڪشالو

آءُ نه تابيني تنهن جي، قلب جنهين ڪالو
اوڇون آڇي عام کي، تنهن جي هانو هڻان ڀالو

تنهنجو منهنجو سومرا! آهي موڙهو مسئالو

سڀان سنڀالو، ٿيندو ٻنهين ڪورٺين.

 

متفرقه

 

آيل ڪاغذ قرب جا، سانڍي ساهه رکجن

رلائي رندن تي، ڪين ادا ڇڏجن

جوڙي مع ڪتاب تي، ساري سڀ لکجن

ٿوري گهڻي ڏينهڙي، نظر مان اچن

پڙهي حقيقت حال جي، سنيها سڄڻن

محمد، انهي مهل ۾ ٿا اکيين لڙڪ پون

جي جني جا سپرين، ياد به سيئي ڪن

پرزا پرديسين، موٽي قسمت ملڻا.


* راوي محمد حسن لاشاري ويٺل تعلقو ساڪرو جي زباني قلمبند ڪيل.

* ھي بيت محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ) کان مليا.

* ھيءَ روايت لاڙ (تعلقي ٽنڊي باگي) مان محمد طالب لوھار کان ملي.

* ھي روايت لاڙ (تعلقي ٽنڊي باگي) مان محمد طالب لوھار کان ملي.

* ھي روايت ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي کان ملي.

* ھيءَ روايت ليمي شر ويٺل تعلقو سانگڙ (عمر ٦٥ ورھھ) جي زباني قلمبند ڪئي وئي.

* ھي روايت اتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

* ھي بيت وچولي (تعلقي کپري) مان عبدالحڪيم پلي کان مليا.

* ھي بيت ماڪوڙي رونجھي، ويٺل پٿورو جي زباني قلمبند ڪيو ويو.

* ھي بيت شاعر محمد خان ٽالپور جي پوٽي خان محمد ٽالپور، ويٺل ڳوٺ مراد خان ٽالپور تعلقو ٽنڊو باگو، عمر ٦٥ ورھيھ جي زباني قلمبند ڪيا ويا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org