سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: بيت

باب:

صفحو:8 

احسان فقير لانگاهه

        ]احسان فقير لانگاهه بابت ڪوبه احوال ملي نه سگهيو آهي. ’شاهه جي رسالي‘ سر ڪيڏاري ۾ سندس بيت ملن ٿا. سنه ١٩٢٠ع ۾ مخدوم محمد صالح ڀٽي هالائي، ’ڪيڏارو‘ نالي ڪتابڙي ۾ ڪن شاعرن جا بيت گڏ ڪيا، جن ۾ احسان فقير جا بيت پڻ شامل آهن. هڪ روايت موجب احسان فقير لانگاهه، سيوهڻ جو ويٺل هو، جو پوءِ لڏي اچي ٽنڊي الهيار ۾ رهيو. نير جو ڪم ڪندو هو. مصري شاه نصرپوري سان سندس صحبت هئي. سنه ١٣١٥هه / ١٨٩٧ع ۾ وفات ڪيائين.[

ڪيڏارو

١-

ڪوپا ڪلي ڪوڏيا، سائو سلحدار

هڪ ڀائر ٻيا ڀائٽيا، ٿيا جاني جگر يار

هي ماڻهو محدود هئا، هو ڪٽڪ ڪارونڀار

ڪوفي هئا ڪيترا، شامي بيشمار

لرزيا ڪين انهن کان، مانجهي مير مڻيار

ماري ملحدن جا ڌڙ ڪيائون ڌار

هيڏانهن امام هيڪڙو، هوڏانهن هئا هزار

آرڻ ۾، احسان چئي، صوبا ٿيا سردار

حورون ٻڌن هار، سهرا شهيدن کي.

٢-

کنو کڻي هليو، ڪوپو قاسم شاهه

اهون ڪري امام چوي، کڻي دست دعا

ته راوت پرتين ربّ کي، حافظ تو خدا

اسان کي اهکو لڳي، هيءُ اوهان جو حرصا

چئي مونکي منع ۾ ڪريو، آهيم وصيتا

هلندي مير حسن چيو، مونکي والدا

ته اهکيءَ وير امام کي، ڇڏج ڪيم آبا!

موليٰ جي مشيت کان، ڪنڌ ۾ ڪڍيجا

راوت آيو، احسان چئي، هاتڪ همتا

پوشيدا پڇاڙيو، ماري مرتدا

قالوا نا لله، شير شهادت رسيو.

 

رمضان ڪنڀر

 

        ]رمضان ڪنڀر (؟) دادو ضلعي جو رهاڪو هو. عالم شخص هو. سندس بيت مشهورآهن. سنه ٩٩-١٨٩٨ع ڌاري وفات ڪيائين.[

ست سرو

١-

مجني کي جا ميخ لڳي هئي، نينهن نپاس نمايو هو

قاتل وه ڪني ۾ ڪيئن جو قاضي ڪم ڪمايو هو

کاڌو خان خوشيءَ مان،جيئن کنڊ م کير گڏايو هو

جنگ هلي جت جاءِ اڀو هو، پرين پاڻ پسايو هو

اهو به لائق هو تنهن ليليٰ جو، جنهن رمزين روح رلايو هو

هوند ملوڪ مري وڃي ها، ربّ پنهنجي توه تڳايو هو

ڪا جا قدرت ڪپڙي ۾ هئي، کڻي بديعل برهه بنايو هو

سيفل ڪاڻ مصر ڏي جنهن ارم پنڌ پڇايو هو

هيڏا ڪوهه ڪشالا ڪري، عاشق اتي آيو هو

سوين درياهه، سوين درڪاريون، ان کي ڪنن

ڪين ڪنبايو هو

جبار صبار سمونڊ مان، ان کي لطف ساڻ لنگهايو هو

ماڙيءَ هيٺ ملوڪ جي، چارڻ چنگ وڄايو هو

هيرا، لعلون، ماڻڪ، موتي، سورٺ سون سنڀايو هو

مال خزانا تنهن کي ڏنئون، پر منگتي مال موٽايو هو

’آءُ سوالي سر تنهنجي جو‘ ٻيجل کيس ٻولايو هو

 

 

 

هن سر صدقو ڪري صاحب تان، وڃي ڪٽار ساڻ ڪهايو هو

سسئي پيچ پنهل سان، لکئي آڻي لايو هو

هلندي هوتن، ويندي جتن، ٻانڀڻ کي نه ٻڌايو هو

ڪا ڪل پيس ته ڪيچ ويا، عورت وٺي اٺايو هو

ان جا پهڻن پير پٿون ڪيا ۽ لڦن ڪين لکايو هو

اؤڀر ۾ جي اڳي ويڙا، عورت ساٿ سنڀايو هو

سهڻيءَ کي سڪ ساهڙ جي هئي، ميهڙ محب ملايو هو

ليلان نيئي گهر تڙ پانجهنجي، ڪونروءَ کي به ڪوٺايو هو

ويهه ته وڻج واپار ڪريون، ڪو سؤدي جو ڀي سعيو هو

مٺي! وٺي هار، ڏيئي ڀتار، تو مڻيي تي مرد مٽايو هو

آڻي ٻانهن، ڪڍيائين دانهن عمر کي عقل اجايو هو

کائيندي طعام، راڄ انعام، توکي پرس کڻي پهرايو هو

حيلا حرص حمير ڪيا، نار نه ڪنڌ نمايو هو

موڪل ڏي مارئي مٽين ملي، جنهن کڻي ماڳ ملير ملهايو هو

ٻاٻل ڪاڪل ڪاڪ وڻن جا، چو ڦير باغ بنايو هو

درخت سرکت ورق وڻن جا، جتي خونڻ کوه کڻايو هو

رس ڇڏي ڪلفت ڪري، وڃي راڻي عقل ويڙهايو هو

بهاني تي ڀوريءَ جي، طعني ڦل تپايو هو

در مٿي برتن، بيهي تنهن ڀڃايو هو

ننڊ ۾ نازل نور نبيءَ جو، پورهيو پلي پايو هو

رانجهن هير حضوري، قولئون رنگ رچايو هو

کوٽن کيڙن کؤنس کڙي ڪئي، جن خاوند ڪين کنوايو هو

اڏي گڏي پاڻ ۾، روءِ سان رنگ رچايو هو

رنگ رتو، رمضان چئي، باري برهه بنايو هو

قربان وڃان آءُ قادر تان، جنهن ڪلمو پاڪ پڙهايو هو.

 

مڱيو براديو

 

        ]مڱيو پٽ ربڏنو، پاڙو صفراڻي ذات براديو، لياري کان چار ميل ڏکڻ اولهه طرف ”ريلون“ جو ويٺل هو. لس ٻيلي جي مشهور شاعر احمد شاهه جو همعصر هو. سندس ڀاءُ محراب به شاعر هو، ٻئي ڀائر شيخ ابراهيم کي پنهنجو استاد ڪري مڃيندا هئا. چاليهن ورهين جي عمر ۾ اوڻيهين صدي جي آخر ڌاري وفات ڪيائين.[

 

نصيحت*

١-

هاري تون پس حال پنهنجو، ٻنيءَ موريا ٻر [1]

بهوت بوهيڙا برسر اٿيا، ٻيا ولين پاتا ور[2]

تن کيو کنائي ڇڏيو، سنگ ڪري سٻر

روز ڏيهاڙي ڪڍ ڪچرا، تون ننڊ م ڪري ڙي نر

متان وسارين، مڱيو چئي، ڏيج وريو ڦريو ور

هو اچي قلم واريندا ڪنهن پت، ڪندا داڻا بندي در

سي لکيو ڏسي، حصو وٺندا، ذري نه ضايع زر

پڇندا اچي پيچرو، خان! تو هي کان خبَر

ته ڀورا ڪيئن ڀيلائيي، هيءُ موريو باغ مڃر

هڻي ڳالهه هٿ سين، ڄڀي پوندءِ ڄر

ته ڪيئن ويٺين وساري، هي ورهيه سڄائي ور

ٻيا حرص ڇڏي تون حشر، قابو بيهه انهيءَ ڪم تي.

 

مارئي*

٢-

سڻ سڻايانءِ ڳالهڙي، جي سومرا سيام

لوئي ’الحمد‘ مان لال ڪري، جا مٿان مند وڌيام[3]

تنهنجي شد سڀ کان سهڻي، جا بيحد زور بنيام[4]

پيم پيش پرينءَ جي، سائي ڏيهه کي ڏيکاريام

ذوق مان زبر جي، لاک لڱين کي لايام

تنهن منجهه م وجهه زير مڱيو چئي، هي اڳ جا اوڍيام

تنهنجا ٺهراءُ ڪيم ٺهيام، تون ٿوڪرئين عمر ڪپتيون.

٣-

سڻ سڻايانءِ ڳالهڙي، جي ظاهر ڪريان ذري

مائٽين مونکي مڱايو، کيت ساڻ کري

تن چادر چڪائي آندو، جنهن تي هو ظاهر ’الحمد‘ ذري

سا پرهي پرهيم پرينءَ جي، سڄي اوڇ سري

لاهيندي لڄايان، ٿيم عاقل ڳالهه ڳري

تنهن پوتيءَ مٿان ٻي پوتي م پئي، تون وير ويچارج وري

م وجهه مون تي، مڱيو چئي، هيڏو بار ڀري

آءُ هتي م ٿيان هري، هتي تنهنجي ڪوٽين ويهان ڪينڪي.

٤-

سڻ سڻايانءِ ڳالهڙي، پس دنيا جو دم

عملين ۾ عدل پوندو، جت ناهي ڪاڪين جو ڪم

وڃي نه وري ور تي، ڏور سجهندو ڏم

ڀاءُ نه وري ڀاءَ تي، ساءُ نه اچي سم

کائي ڇڏ خطرين کي، نرت گهڻيءَ سين نم

 

 

 

ثمر کڻيج سفر لاءِ، منهن ۾ تو مرم

جڏهن تاڙيون ٿينديون تم، تڏهن هٿ نه ايندئي حاڪمي.

٥-

هٿ نه ايندئي حاڪمي، عمر! چوانءِ ٿي اين

مائٽين جي مڱايون، سي تون قيد رکين ٿو ڪين

ور جني جا جيئرا، تن تي حڪم هلائين

هڪ ساعت لاءِ سومرا! ورهيه ٿو وڃائين

پڪي پوک پنهنجي، سا ٿو ڀيريو ڀيلائين

عمر تو کئون اڳرا هئا، سڪندر جهڙا شينهن

سي کاڻيون خزانا خان ڇڏي ويا، هٿين خالي هين

هت گهڻا خان خاڪ ٿيا، وري مون تي وسهين

اها هڻي ڳالهه هٿ سين، پوءِ جي پروڙين [5]

ته جي گمراهه هئا غني، سي ظلم هڻي زبون ڪيا.

 

چڱو جت

 

        ]چڱو جت پاڙو مٺاڻي، سنڌيارا تعلقو نريو، ڪڇ جو ويٺل هو. گل محمد فقير چيو ته اسان جي پڙڏاڏن جو ساٿياري هو. اوڻيهين صدي جي آخر ڌاري وفات ڪيائين. جتن ۽ چانگن جي لڙائي ۾ هو، نڪ تي ترار لڳي هئس. هن جنگ جو سڄو بيان بيتن ۾ جوڙيو. اهي بيت اڃا تائين ڪڇ ۾ حاجي مکڻ (پوٽو چڱي جو) جي ڪتاب ۾ محفوظ آهن.[

 

سسئي

١-

اٿ اٿيان ڪال، ڪيائون وڃڻ جي واتار

سانه سمجهيم سرتيون، جا ڳجهي ڪيائون ڳال

بيغرض بلوچ هئا، سمجهيائون ڪونه سوال

چاڙهي ويا چانگن تي، جاني جت جمال

پيرن مونکي پڳهي ڏنو هو رحمت جو رومال

گهر تڙ گهوريان تنهن تان، مئو ملڪيت مال

اندر چت، چڱو جت چوءِ، ڪٿ نه رسيين ڪمال

نظر ساڻ نهال، مونکي ڪوهيارو ڪهي ويو.

٢-

ٻارچا ٻيا گهڻا، تو جي جوڙ ناهي ڪو جٿ

چوٽيون چاڙهه، چڱو چئي، ڪوهه ۾ گهڻي ڪٿ

اتي اسونهين جي، اهنئي مير منٿ

لڪ لنگهائج لائقي، هاتڪ ڏيئي هٿ

 

 

 

سنگ ڇڏائج سوڙا، ڪامل ساڻ قوت

توجي هوت همت، هي قافلو ڪيچ پهتو.

 

رامڪلي

٣-

منجهان سپ سهي ڪيو، جني ڳوليو جر

جوڳي جنبي هليا، نانگا نارڻ سر

ڪيائون هل هنگلاج تي، چڙهيا بابو بَر

تن چرين کي، چڱو جت چوءِ، آهي دل منجهه دلبر

کڻي رکيائون روان ٿيا، مٿي ڪاسيءَ ڪر

گنگا، مٿرا، گومتيا، سونٺائون سڳر

ڏسيون ڏوري آئيا، ڪهي ڪوٽيسر

گرو گڏين گهر، تڏهن مهر هڻائي موٽيا.

 

 

گنجڻ بُرفت

 

        ]گنجڻ بُرفت، کديجي محال ڪوهستان جو ويٺل هو. اوڻيهين صدي جي آخر ۾ ٿي گذريو آهي.[

 

مارئي

 

عمر اباڻي پار ڏي، اڄ وڄون ٿيون وڙڪن

ڪارا ڪڪر اڀ ۾، ڇپر پاس ڇڙن

گوڙيون اهي، گنجڻ چئي، سانگي مان سڻن

پٽ پٽيهر بافتا، تنهنجا سوين طاق سڙن

ويجهي ناهيان وڳن کي، موران مون نه وڻن

آءُ بندياڻي بند ۾، آهيان قابو منجهه ڪڙن

ڪڙا عمر ڪوٽ جا، ڪٽجي مان ڪرن

پڪارون پهچن، سگهيون سنگهارن کي.


*  ھيءَ روايت اتر (لاڙڪاڻي) مان عبدالڪريم سنديلي کي ملي.

* ھي بيت ڪراچي (لياري) مان محمد ھارون خاصخيلي کان مليو.

[1] ٻر = وڏن پنن وارو ٻوٽو.

[2] بوھيڙا = ننڍو ٻوٽو.

* ھي بيت وڏيري شير محمد پٽ قنبر براديو ويٺل ريلون کان مليا.

[3] مند = پوتي،

[4] شد = پوشاڪ.

[5] ھٿ سين = ھنئين سين.

* ھيءَ روايت وسايو پٽ شھمير سائينداداڻي ڀوئو ٻروچ کان ملي.

*ھيءَ روايت محمد سومار کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org