الله جل جلاله، ساراهيان سبحان
رازق پنهنجي رحم سين، ٿو هلائين حيوان
هڪڙا چريا چور چغدا هئا، ٻيا بَدودي
بدنام
مٽيءَ منجهؤن مڙد بنايئي، جوڌا سڀ
جوان
گهاتو آيا گهيڙ تي، پهرين ڪري پرياڻ
پس منگهي مورڙو، جنهن جو شاهه رکيو
شان
آيو اونچل ڪوٽ تي، جوڳين جو جوان
پوريون ڪندو پاتشاه، پرتئون پاري پاڻ
رنگون راءِ ڏياچ کي، جو ٿيو قادر تان
قربان
جنهن مٿو ڏنو مڱڻي، ڪاٽي ساڻ ڪمان
بيبي زليخا بريان هئي، جنهن کي جوسب
رهيو جان
خديجته تنهن خواب ۾، ڏٺو سيد سو سر
ڄام
نگارڌيءَ نيرڻ جي، جنهن تي ٿيو مل
محمود مستان
شينهن شير خدا جو، جنهن ڪئي حنيفه
حيران
راٺوڙين تي رنگ ٻڌا، دوله دريا خان
سوڍيءَ سنيها موڪليا، نو لکي نريان
ڍول تميڻي مارئي، ٿي پائي فالون ٿان
هئي هئي مٺل هار جي، جنهن جي ڪانڌ
ڪئڙي ڪانه
ڪرت تنهن ڪونروءَ جو، توڙان وڌيو ٿان
مارئي مائٽ ملهائيا، جنهن سير رکيو
سلطان
رم جهم رانجهن لائي، چلي منجهؤن چؤغان
هير هلي ٿي حڪمت سين، نين کڻيو نخران
ليلان ڪارڻ مجنوڻ ٿيو ملڪن جو مزمان
سڪو ٿي سيمن ۾، عاشقن عبدان
پري پچاوڻ، ڏاڍو ڏاوڻ، جهد پچاوڻ جان
عشق اجاري، سوريءَ چاڙهي، سوسي جهل
سڄاڻ
دلبر، دوست محمد چئي، جت منڊيو ميزان
سو سڀ سپيرين سامان، جي ويندي گڏيون
ورکي. |