مٿين بيتن جي لکيت ۾ موجودگي مان پڪو ثبوت ملي ٿو ته
بيت جي ٻن بنيادي سٽن ۾ وچ وارن قافين جو استعمال
۽ انهن جي وچ ۾ وڌيڪ سٽ جو اضافو، اهي ٻئي ايجادون
آڳاٽو ٿيون ۽ پنڌرين صدي جي نصف آخر ۽ سورهين صدي
جي نصف اول ۾ انهن جو استعمال عام هو. پهرين ايجاد
سان نه صرف بيت جي سٽاء ۾ تنوع آيو پر قافين جي
مختلف بيهڪن سان بيت ۾ اندروني ترنم پڻ پيدا ٿيو؛
ٻي ايجاد سان بيت جو مقدار وڌيو ۽ ان جي ٻن بنيادي
سٽن جي وچ ۾ هڪ کان وڌيڪ سٽن جو اضافو ٿيو.
سيد علي شيرازي ٺٽوي (وفات ١٥٧٣ع) پهريون شاعر آهي،
جنهن جي هيٺين بيت ۾، جيڪو لکيت ۾ موجود آهي، بيت
جي ٻن بنيادي سٽن (پهرين ۽ پوئين) جي وچ ۾ ٻن وڌيڪ
سٽن جو اضافو نظر اچي ٿو:
سرتين سانگ سکن جو، مون کي رويو رهائين
آءُ ٿي هلان هوت ڏي، تان هو واريو وهارين
ورتيون ورن سين ويٺيون گهر گهارين
کهندا ٿيون کارين، ڪانه هلائي ڪيچ ڏي.
ان ساڳئي دور جي مشهور شاعر قاضي قادن (وفات ١٥٥١ع) جي ستن بيتن
۾،
’آخري‘ ۽ ’وچين‘ قافيي جي جدا جدا جوڙن سان،
بنيادي ’ٻه-تڪي سنڌي بيت‘ جي سٽاء جي ارتقاء جون مڙيئي صورتون موجود آهن.
’بيت‘ جي ڊيگهه ۾ اضافي ۽ فني لحاظ سان ان جي
اندروني نزاڪتن ۾ واڌاري جو ٻيو دؤر يارهين صدي
هجري (سترهين صدي عيسوي) ۾ شاه لطف الله قادري جي
رسالي سان شروع ٿئي ٿو. شاه لطف الله پنهنجي رسالي
۾ پهريون ڀيرو ’سامونڊين‘ ۽ ’جوڳين فقيرن‘ جي حال
حقيقت کي تمثيل طور وهڃائڻ ۽ ’حق ۽ حقيقي جمال‘
جهڙن ڳوڙهن موضوعن کي ورجائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن
لاءِ تفصيلي بيان جي ضرورت هئي: ان کي پوري ڪرڻ
لاءِ کيس لازمي طور ’بيت‘ جي سٽن جي عدد ۾ اضافو
ڪري ’بيت‘ کي ڊگهو ڪرڻو پيو. ان کان پوءِ ميين شاه
عنات ۽ ڀٽائي صاحب جي ڪلام ۾ ڇهن ۽ وڌيڪ سٽن وارا
بيت عام ٿيا. انهيءَ ساڳئي دور ۾ يارهين صديءَ جي
آخر ۽ ٻارهين صدي هجري جي شروع کان، سنڌي ٻوليءَ ۾
هڪ اهم درسي ۽ تعليمي تحريڪ شروع ٿي، جنهن ”منظوم
سنڌي“ صنف ذريعي ڊگهن ”منظوم بندن“ کي عام مروج
ڪيو. انهن ڊگهن منظوم بندن جي زيراثر ’بيت‘ جي ڊيگه
۽ ويتر وڌيڪ اضافو ٿيو. علمي حلقي کان ٻاهر ۽ عام
شاعريءَ جي رنگ ۾، لس ٻيلي جي ٻن همعصر شاعرن، شيخ
ابراهيم ۽ ڪبير شاه، ٻارهين صدي جي آخر ۽ تيرهين
صديءَ جي شروع (١٨ صدي جا آخر ۽ ١٩ صدي عيسوي جي
شروع) ۾ ڊگهن سنڌي بيتن جي صنف کي اوج ۽ عروج تي
پهچايو.
بيت جي اندروني فني نزاڪتن ۾ واڌارو
بيت جي ڊيگه ۾ اضافي کانسواءِ، فني لحاظ سان پڻ بيت جي
اندروني تنظيم ۽ ڪڇ و هٽ ۾ نوان نوع نمونا اسرڻ
لڳا جن لاءِ هيٺيان ٽي نڪات مکيه محرڪات بنيا:
(الف) ڪنهن مکيه مقصد، خيال يا ڳاله جي تصديق، توثيق يا تاڪيد
خاطر ۽ ان کي پوريءَ طرح ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ ان
مقصد خيال يا ڳالهه وارن لفظن کي وري وري آڻڻ.
(ب) ٻوليءَ تي ملڪي هئڻ سببان قوت بيان جي جوهر
ڏيکارڻ لاءِ سٽن جي ڊيگه کي وڌائڻ.
(ج) شاعرانه ذوق ۽ جدت سان بيتن جي سٽن اندر
سمايل لفظن ۽ فقرن ۾ ڍار ۽ لئي پيدا ڪرڻ.
انهن پهلوئن جي اختراع ۽ استعمال تي هيٺ
مختصر طور روشني وجهجي ٿي.
(الف) لفظن، فقرن ۽ جملن کي ورائي ورائي آڻڻ: ”ڪنز، قدوري، ڪافيه الخ“ جو ذڪر پهريائين قاضي قادن آندو، ۽ ان
کان متاثر ٿي ٻيهر ميين شاه ڪريم آندو. اهڙيءَ طرح
پوين شاعرن لاءِ ”ڪنز، قدوري، ڪافيه“ جي بيان سان
شروع ٿيندڙ ٻه بيت هڪ نمونو بنيا، ۽ هنن پنهنجن
بيتن ۾ ساڳين لفظن، فقرن يا جملن کي ورائي ورائي
آڻڻ سان ”تڪرار“ يا ”وراڻ“ جي فني نزاڪت جو پايو
وڌو. ”لفظن“ جو تڪرار شاه ڪريم جي بيتن ۾ ملي ٿو،
پر اها فني سٽاء پهريون ڀيرو شاه لطف الله قادري
جي بيتن ۾ پوري تسلسل ۽ تفصيل سان نظر اچي ٿي ۽
انهيءَ لحاظ سان کيس ئي نه
جو موجود قرار ڏيئي سگهجي ٿو.
”تڪرار“ يا ”وراڻ“ جون ٻه صورتون آهن: هڪ متصل يعني
ساڳئي بيت جي متصل يا لاڳيتن سٽن ۾ ڪنهن لفظ، فقري
يا جملي کي ورائي ورائي آڻڻ،
۽ ٻي مسلسل يعني ته سلسليوار هڪ ٻئي پٺيان بيتن ۾
هر
بيت جي پهرئين سٽ جي شروعات يا بلڪل پوئين سٽ جي پڇاڙي ۾ ڪنهن
ساڳئي فقري يا جملي کي ورائي ورائي آڻڻ. شاه لطف
الله جي بيتن ۾ وراڻ جون اهي ٻئي صورتون نظر اچن
ٿيون: شروعاتي وراڻ جا يارهن نمونا ۽ پڇاڙي واري
وراڻ جو هڪ مثال (پر ٩ بيتن ۾ سمايل) موجود آهي.
شاه لطف کان پوءِ هيءَ فني خصوصيت ميين شاه عنات ۽
شاه عبدالطيف جي بيتن جو جز بني، ۽ پوءِ ۾ اها
سلوڪي توڙي عام بيتن ۾ رائج ٿي.
شروعاتي وارڻ جا مثال |
آخري وارڻ جا مثال |
شاه لطف الله:
—
مئي متي مهراڻ
—
نه
گندا نه گبري |
—
اءُ گهورئو مٿان تن
|
شاه عنات:
—
ڪامون سهه
م ڪرها
—
ڦرڦل ڦوٽا پارچا
|
—
هوءِ هليا هنگلاج ڏونه
—
عمر اڪنڊي آهيان
—
سورج جي شرماڻ جي |
شاه عبدالطيف:
—
پنهوارن پاٻو هيو
—
دهشت دم درياء ۾ |
—
گرکي گڏيا ڪا پڙي
—
لڪا ڀڻن لوڪ ۾ |
خليفو نبي بخش:
—
ڪٺا جي ڪلياڻ |
—
مومل ماڻي مينڌري |
خليفو غلام نبي:
—
محبت جي ميدان ۾ |
—
چڙهه سوري تي سنرو |
(ب) سٽن جي ڊيگهه کي وڌائڻ: ٻوليءَ تي ملڪي هئڻ اسببان،
شاعرن جي قوت بيان ۾ ايترو ته اضافو ٿيو جو هنن
پنهنجي وصف بيان جي تقاضا کي
پوري ڪرڻ لاءِ بيت جي سٽ جي بنيادي مقدار کي وڌائي
ڊگهو ڪيو. ميين شاه عنايت ۽ ڀٽائي صاحب جي بيتن ۾
سڀ کان پهريائين ڪي اڪيليون ڊگهيون سٽون
نظر اچن ٿيون. مثلا
که، ڪوڙي، ڊه، مکڻي، جت ڳاڱيون، ڳم، ڳنڍير
(شاه عنات)
دهشت ڌم درياء ۾، جت لس، لاهيون، اسڙ، ليٽ
(شاه عبدالطيف)
انهن ڊگهين سٽن کان متاثر ٿي، پوءِ جي شاعرن پنهنجن بيتن ۾ هڪ
کان وڌيڪ لاڳيتين ڊگهين سٽن جو بن بنايو. عيدن شاه
۽ شيخ ابراهيم جا هيٺيان بيت، جي هڪ ٻئي جي ڀران
چيائون، انهيءَ فني نزاڪت جا سهڻا مثال آهن
:
عيدن شاه:
ڏڙ، ڏک، ڏونگر، ڏهلا، ڏنيون، جت ور واٽون ۽ ونگ
لک، لٽ، لک، لاهوڙ، لڪيون، اوڙاهجت اڙنگ
بل، گل، گهن، گهوٻا، گهٽيون، جت دم دورون ۽ دنگ
بانر، ڪانر، ڪهري، قمري، ڪانءَ، ڪبوتر، ڪنگ
بر، ٿر، سر، بيديون، جهر، جهولا ۽ جهنگ
مها، مکڻ، ڪت، ڪارڙا، جت ڏيل ڏکوئن ڏنگ
عشق جا عيدشاه چئي، ات لڌا ٻانڀڻ ٻنگ
سا سهائين سنگ، ميان معذور ميلين.
شيخ ابراهيم:
جر، سر، ٿر، ڪڪر، ڪن، ڪيترا جت جهول، جبل،
جهنگ، جهر
پٽ، رٽ، گهٽ، وڻ وٽ، پٽيون، جت ونگا واٽن ور
جل، جبل، ڪوه، روه، رڃ گهڻي، جت ڏيهن تتا ڏونگر
کيريون، ٻيريون، کريون، ٿم، ٿميچا، ٿوهر
کارا، سنيار، سرنه، ورنه، سڪا ساوا سر
باغ باغيچا برن ۾، باس موچاري بر
سور، نور، نوندڙا، جت هئا خرگوش ۽ خر
بانر، ڪانر، ڪبوتر، ڪوئلون جت ڪڏبو ڪن ڪوڪر
سرڻ، سوچاڻا ڪيترا، جت هئا پپوهل پالير
مور، تلور، عقاب اتهين، ٿا ڦرن ڦاڙها هر
سي ڀتئون ڀتين، براهم چئي، سندا ٻانڀڻ ٻر
هن ڀورئي جا ڀنڀور ۾ وڏا هئا وڳر
سي سڀ ويچاري وساريا، هيل باسي بر
سٽيو ڀڻي سڃ ۾ هوءَ ور لئي ڏئي ور
سا سسئي منجه سڳر، ميان معذور ميلين
(ج) بيت جي سٽن ۾ اندروني ڍار ۽ لئي پيدا ڪرڻ: ميين شاه عنايت ۽ ڀٽائي صاحب جي بيتن ۾ ڪن اڪيلين سٽن ۾
اندروني قافين جي سٽاء ۽ ان مان پيدا ٿيل لئي ۽
ترنم پوين شاعرن کي متاثر ڪيو ۽ هنن هن دلچسپ فني
نزاڪت کي پنهنجن بيتن ۾ عمدا ۽ ارادتا وڏي ذوق سان
رائج ڪيو. ميون شاه عنات انهيءَ نزاڪت جو باني
مباني هو، ڇاڪاڻ ته
سندس ڪلام ۾ هيٺيون سڄو بيت اندروني قافين جي وارو
وار سان سٽيل آهي:
هٿ ڪهاڙيون، چارين ڇاڙيون، ويڙهن واهن واڪ
آڻين پڪا، ڏؤنرن ڏڪا، هنڌ انهي هيراڪ
سڪي سوڪڙ، ڪانبي ڪوڪڙ، منهن ۾ مڃر ماڪ
ستيون، سيلن وتيون، متن کٿيون، حق وهيڻيون هاڪ
اني جي اوطاق، پسان اکين شال عنات چئي.
انهيءَ نزاڪت کي جن پوين شاعرن پنهنجو ڪري نباهيو ۽ اوج تي
پهچايو، تن مان خاص طرح لس ٻيلي جي شاعرن شيخ
ابراهيم ۽ ڪبير شاه، سنڌ ۾ سندن همعصرن مان ڪاڇي
جي کني شاعرن عالم خان لنڊ ۽ هوت خان، ۽ کانئن
پوءِ ٽالپور اميرن جي دور ۾ رياست خيرپور جي شاعرن
ڪريمدار لنڊ ۽ سيد پيرو شاه جا نالا قابل ذڪر ۽
تعريف آهن. ڪبير شاه انهيءَ گروهه جي ڄڻ اڳواڻي ڪئي جو ميين شاه عنات کي پنهنجو رهنما ڪري هن راهه
۾ قدم رکيائين بلڪ ڪؤنتل ڪڏايائين. ميين شاه عنات
جي مٿئين بيت جي پهرين ٽن سٽن مان هر هڪ ۾ ٻه،
۽ چوٿينءَ سٽ ۾ ٽي اندروني قافيا سمايل آهن، پر
ڪبير شاه پنهنجي بيت ۾ هن فني نزاڪت کي چئن
اندروني قافين تائين وڌايو. مثلا:
ڌڻ سي ڌارن، چٽ پٽ چارن، پهون پڪارن، جهڻ جهڳارن،
تنهن جاءِ سرت سنگهار
ڀرين اويون، پاڻيءَ پويون، ڏوران ڍويون، تن جا پرس
پنهوار
ڪنڌن ڪهاڙيون، ڳنن ڳاڙهيون، وڍين ٽاريون، وجهن
واڙيون، ويل چڱيءَ ولهار
هيئين هرڪيون، کيرن سرڪيون، پين مرڪيون، ڏينهان
ڏڌلغار
لوءِ لياريون، وٽن ڄاريون، کٻڙيون کاريون، آهن
اباڻن اپار
اڏين پيهيون، طبن جيهيون، تن هيٺ ويهيون، ڪن قريب
قرار-الخ
هوت خان ۽ پيروشاه جا هيٺيان بيت به بلڪل ساڳئي انهيءَ پير سان
آهن:
هوت خان:
مرڪن مارو، جي ڌڻ ڌارو، چارڻ، پٽ پنهوارو، سانگي
لهندا
سي مون سار
جي ڏٿ ڏوري، ڪپي ڪوري، پنهنجي ٿوري، آڻي ڇاڻي
ڪن انبار
کنڀيون کائي، مٺي وائي، چٽ چڱائي، تن مارن کي
موچار
جن کي لاڻا، تن کي ناڻا، واه وڇاڻا، گياليون لڳن
گلم غبار
جني ڇيليون، موهر ميليون، روحن ريليون، بد تن بنگلا باغ بهار
ڀتن ڀر، اڏي آڌر، ڪکاوان گهر، رهن ريڍر، سي واريئي وڻن ۾ ويچار
تن جي سام صحي سردار، نيئي گڏ هوت خان غلام چوي.
پيرو شاه:
سي ڌڻ ڌارن، چؤڏس چارن، پهون پڪارن، آهن اهڙي پر پنهوار ميان
ڇيڙن ڇيلا، صبح سيلا، ڪنن ميلها، ڪن سويلا، ڌڻ کؤن ڌپڙا ڌارميان
کيرن کرڪيون، لسيون لرڪيون، لوڻ ٻرڪيون پين ڌڱ ڌرارميان
آڻن ايهو، چارن چيهو، ڪل ڪٻيهو، چرن چٻي هو، ماڪ مٺي موچار ميان
لويڙ هاريون، کڻن کاريون، چڻن ساريون، مڃر ماريون، پئي تن جي تڙ تنوار ميان
کڻن ڪهاڙيون، ڳنن ڳاڙهيون، اوٽ اتر جهل جوڙن
واڙيون، اهڙيءَ
سيٽ
سنگهار ميان
جن اهڙا پار اپار ميان، تن جي رک پت پيرو شاه چئي.
مٿين اوائلي شاعرن جي انهن مثالي بيتن، ”اندروني قافين
جي وارو وار“ کي پوين شاعرن لاءِ عام ڪري ڇڏيو. هن
سلسلي ۾ گني شاعر عالم خان لنڊ جي معياري ’منظوم
بند‘ جو ذڪر ضروري آهي: اسان انهن کي منظوم بندن
چئون ٿا ڇاڪاڻ ته
انهن جي پڇاڙيءَ واري سٽ ۾ وچين قافين واري ورائڻي
نه آهي هڪ ته
منظوم بند ۽ ڊگهن بيتن جي اوسر ۽ ارتقاء ۾ گهاٽو
تعلق آهي،
۽ ٻيو ته عالم خان، ڪبير شاه کان به
قدري اڳ جو شاعر آهي. انهيءَ ڪري اندروني قافين جي
وارو وار ۽ سٽن ۾ وزني ڍار وارين نزاڪتن جي لحاظ
سان سندس هيٺيون منظوم بند سنڌي شاعري ۽ اوائلي ۽
مثالي حيثيت رکي ٿو:
ساهي سندروٻنڌ، پئو پنڌ، جنهن رند، ويئي ريب، سان
راتئي، روهه وارا روهيلا
جي ماڙ هيئي، ڌاڙ تن، جاڙ ڪيئي، جت ويٺي، جوءِ
مؤن، صحيح
سي، ساجهر سويلا
تو باب، ڪئين خواب، تنهن تاب تنها، اٿينءَ نا اسر
ويل روئين رت
ريلا-الخ.
ساڳيءَ طرح ڪريمداد لنڊ (ويٺل ’شينهن-لٿو، لڳ ڪوٽ ڏجي،
ضلع خيرپور) جا هيٺان ٻه منظوم بند اندروني قافين
توڙي لئي ۽ ڍار جي لحاظ سان اهم آهن:
عمر ڄام! وريام! تو نام، هيءَ ڪام، تو سام، تنهنجي
ٿئي
ٻڪرار! تڪرار!- اقرار توٿي ڪيا، سرڪدار، اظهار تن
تي اٿي
پٽ پاڪ، پوشاڪ، تو لاڪ، تن لاڪ، آجاڪي کينءَ جي
کٿي
تون خان، ڌر ڌيان پرڌان، سنگ سورهيه سلطان، مان ٿي
چيو قيد
جي ڳاله تو ڪئن ڪٿي
ڪريمداد چوءِ، دادڪر، دعا گهري مون ڪٽي قيد تون
تؤن لٿي!
_______________
پر پار، پنهوار ڪي ننگ کؤن، ڍنگ سان، انگ تي، سي
ڍڪن ان
جي ڪن رتي لاک لوئي
تنهنجي نان، پڪوان، کؤن خان، ڇا خام ڄٽ ڄام ڄاڻن
سي آڻن
سڱر ساڳ سوئي
تنهنجي ٻاڪري ٻوڙ، کؤن توڙ، منهن موڙ، تن جوڙ،
ڏڌڪي ڏه لڱا
ڏينهن ۾ ڏانءَ ڏوئي
لنڊ چوءِ، ڏي لوءِ، موڪل مارئي ماڙ ڏي، پاڙ پت
پنهنجي ڪين ڇڏ
ڌڱ ڌوئي.
(د) بيت جي اندروني لئي ۽ ڍار سان نوان وزن نروار ٿيڻ: بيت جي قافين واري بنيادي بيهڪ ۾ تبديل، بيت جي سٽن جي
ڊيگه ۾ اضافي، ۽ سٽن ۾ اندروني قافين جي وارو وار
سان بيتن ۾ نت نئين لئي ۽ ڍار پيدا ٿي، جنهن جو
لازمي نتيجو اهو نڪتو جو سنڌي بيت جا نوان وزن
نروار ٿيا. ڀٽائي صاحب کان پوءِ واري لاڳيتي دور ۾
پهريائين عالم خان، شيخ ابراهيم، ڪبير شاه ۽ هوت
خان ۽ پوءِ ڪريمداد، پيرو شاه، چاڪر خان ۽ ٻين
شگفته طبع شاعرن، نئين طرز نئين رمز سان بيت چيا ۽
انهن ۾ اندروني لوڏ لچڪ، لئي ۽ ڍار سان نوان وزن
ايجاد ڪيا. سندن بيت ۽ بند جيڪي اسان اندروني
قافين جي وارو وار جي سلسلي ۾ مٿي ڏنا آهن سي بيت
جي نون وزنن جي ايجاد تي پڻ شاهد آهن. هيٺ اسين
ٻين ڪن بيتن مان مثالي ٽڪرا ڏيون ٿا جيڪي اهڙن
انوکن وزنن کي نروار ڪن ٿا:
جئن هوتن سان، مان پريت لڳي، تئن لئون ڪنهين سان
لاڳي ٿي
نومئون عينان، ليل فراقي، جار پرين لئي، جاڳي ٿي
طعام نه طلبي، کيڻ خوشيءَ مان، تان من وهي، ڪڻن واڳي ٿي-الخ
]شيخ
براهيم[
آڳ اجهامي، ڪين قطر، ٿي ٻاروچل، جا ٻاري هئي
روز ڏيهاڻي، ڏيرن کي، منهنجو پاند پلئه، زر زاري
هئي
آڌي ڌاري، اٺ اڌ ميائون، واڳ وٺي، ور واري هئي-الخ19
]ڪبير
شاه[
من موهن منهنجا پرين، آهن حورن کؤن، به
حسين ميان
ساهن سال صنوبر، سيد اڳيان، سينو سيني برابر سين
نه ميان
ملڪ ڏسيو، مشتاق ٿين، ان جي روشن روءِ، رنگين
ميان-الخ20
]شيخ
براهيم[
جهڙا عين عجيب جا، آهن تهڙا ڪنهن جا، ڪين ميان
ڇاهي چوڏهينءَ چنڊ چڱو، تان بي ان سين جڙندو، ائين
نه ميان
اڪڦر ڪنان، انگ عجيبن، ڪنئرا گهڻو، ڪزين ميان-الخ21
]ڪبير
شاه[
اوچاعين عجيب جا، طرحين طرحين جيئن تارا
جلوو جوت جواهر گهڻو، نيڻين نظارا
مک موتي محبوب جا، امل اگين اظهارا-الخ22
]شيخ
براهيم[
دم دم دوست دل ۾، ٿا مونکي اچن ڄم ڄم ڄمارا
ڪم ڪم ڪار قريب ڏونه، ويکم دم دم ديدارا
ڏٺيم نم نمندي نيشاني نور جي، ويم لهي وهم وم
وبارا-الخ23
]شيخ
بکر[
ڪارا ڪيس، کٿوريءَ جهڙا، ارمايائون، عنبر کي
تار زلف جي، مارمرن ٿا، عجب لڳو، اڙدر کي
جلو و جوت، جبين جو جهلڪي، ڪيئن ڪيو قيد، قمر
کي-الخ
]عالم
خان لنڊ[
سسئي ڏير تنهنجا، نرشير هئا، ڇو وير رکي، پير
پايئي ڙي
هڻي ڀير تي ڏونڪو، شير آيا، ته
سوير نٿي، سر چايئي ڙي
ساري رات توکي، مصلحات نه آئي، پرڀات جو پنڌ، پڇايئي ڙي-الخ
]چاڪر
خان رستماڻي[
پنهل هو ڙي جيڏيون، ويو زال ڇڏي ضر ۾
اٺن رات رڙيون ڪيون، ڀيڄ ڀنيءَ ڀر ۾
ساجن ڏٺائين نه سيج تي، ٿي گهورون ڏئي گهر ۾-الخ
]بنگو
فقير گوپانگ[
نينهن نوازي نورئين، سهج سگهي سٽ مؤن
ساترها تريون تار وجهيو، ٿي مڇ ماري مٽ مؤن
پليون پلا پل کڻيو، ٿي وراهي وٽ مون-الخ
]موسو
ڪنڀار[
اسان مٿي بيت جي ڪن مخصوص فني نزاڪتن جي اوسر ۽ ارتقاء
جو قدري تفصيل سان بيان ڪيو آهي، حالانڪ سنڌي بيت
ٻين فني پهلوئن کان پڻ ترقي ڪئي. وقت گذرڻ سان
خواص توڙي عوام مان شاعر ۽ سياڻا سگهڙ ساماڻا جن
بيت جي هيئت ۽ سٽاء کي سنواريو ۽ پنهنجي شگفته طبع
سان موضوع ۽ معاني، فڪر ۽ فن، لئي ۽ وزن جي لحاظ
سان بيت ۾ گوناگون خصوصيتون ۽ نزاڪتون پيدا
ڪيائون: مثلا، لفظن جي چونڊ سان تجنيسون سٽي هنر
جا بيت ايجاد ڪيون؛ اڳين عاشقن، مانجهين ۽ سورهين
جي اهڃاڻن ۽ اشارن سان ’ست سرا بيت‘ بنايائون؛
تبشيهن ۽ تمثيلن سان پرولين، ڳجهارتن ۽ معمائن کي
بيتن ۾ منظوم ڪيائون؛ الف-بي جي حرفن، هفتي جي
ڏينهن، مهيني جي راتين، ۽ سال جي مهينن جي عنوانن
سان دلچسپ بيت جوڙيائون؛ ڳوريءَ جي ڳهڻن ۽ ڳڻن جي
ڳاڻيٽي سان سينگارجا بيت سٽيائون؛ جدا جدا جنسن جي
نالن پارن، پنڌن رندن، جهنگلن جبلن، ٿرن برن، گاهن
گلزارين وغيره جي جزئياتي تفصيل سان نه فقط بيتن ۾
نت نوان نظارا چٽيائون ۽ سنڌ جي ماحول کي
چمڪايائون، پر ان سان گڏ سنڌي ٻولي جي وسعت تي مهر
هنيائون؛ معرڪن ۽ مقابلن کي بيتن ۾ بيان ڪري
ڪيڏارا ۽ جنگناما جوڙيائون؛ مردن جي شهادتن کي
ملهائڻ لاءِ بيتن ۾ مرثيا چيائون؛ نامردن نامرادن
۽ پنهنجن جي بد خواهن کي بيتن ۾ سٺيائون؛ مشهور
واقعن تي تاريخي بيت ٻڌائون؛ ۽ پڻ بيتن ۾ پنهنجي
حال ۽ قال کي بيان ڪيائون ان سان گڏ پنهنجن ڏکن
غمن کي اوريائون.
بيت جو معنوي ارتقاء
هيئت ۽ سٽاء کانسواءِ، مضمون ۽ معنيٰ جي لحاظ سان پڻ
’بيت‘ مختلف منزلون طي ڪيون. اسان مٿي چئي آيا
آهيون ته
هڪ طرف عالمن ۽ مفڪرن، عارفن ۽ سالڪن ’بيت‘ سان
’اعليٰ شاعريءَ جا ماڻ ڀريا، ۽ انسان جي معياري
اخلاق ۽ ڪردار، توحيد ۽ معرفت، عقيدت ۽ طريقت، ۽
برادري ۽ محبت جا پيغام ڏنا؛ ته
ٻئي طرف سگهڙن ۽ سياڻن، ڀٽن ۽ ڀانن، چارڻن ۽
مڱڻهارن ’بيت‘ کي عوام جي وندر ۽ ورونهه خاطر قصن
۽ ڪهاڻين جو سينگار بنائي ’ڳاه‘ طور ڳايو. انهن ٻن
جدا گورهن وٽ ’بيت‘ جدا طور ’اصلاحي پيغام‘ يا
’ڳاله جي مؤثر بيان‘ جو پيمانو بنيو؛ ’اعليٰ
شاعري‘ جو مقصد اصلاح ۽ پيغام رهيو، ۽ عام شاعري
جو مقصد وندر ۽ ڳاله جو بيان. بيتن جي ابتدائي
مواد تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اندازا
١٥-صدي عيسوي ڌاري انهن ٻن جدا رخن جي بجاءِ هڪ رخ
لاءِ ميدان هموار شروع ٿيڻ لڳو، جو عارفن ۽ سالڪن
پڻ پنهنجي اصلاحي پيغام کي عوام تائين پهچائڻ خاطر
عوامي قصن ڪهاڻين ۽ ٻين عام عنوانن کي تمثيل طور
’اعليٰ شاعري‘ جو موضوع بنائڻ شروع ڪيو. هيٺيون
بيت (جيڪو سنڌي ذاڪرن سيخ عبدالجليل چوهڙ شاه جي
سماع جي محفل ۾ پڙهيو ۽ جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو
آهي) آڳاٽي ۾ آڳاٽو آهي جنهن ۾ ’مورڙي ۽ مانگر مڇ
واري ڳاله‘ مان، ڪلاچي جي ڪن ۽ ان جي اندر ماريندڙ
مانگرمڇ جي اهڃاڻن کي تمثيل طور آندو ويو آهي:
جو گهڙي سوني، ڪو جو قهر ڪلاچ ۾
خبر ڪونه ڏي، رڇ ڪڄاڙي رنڊيو.
ان بعد سيد ميين علي شيرازي ۽ شاه ڪريم جي بيتن ۾ وڌيڪ قصن ۽
داستانن جهڙوڪ سسئي-پنهون، عمر – مارئي،
ليلان-چنيسر، مومل –راڻي، سهڻي-بهار ۽ سپڙ-ڄام
ڏانهن تلميحون سمايل آهن: انهيءَ هوندي به البت
اڃان اهو اوائلي دور هو ڇاڪاڻ ته
ٻن وڏن شاعرن قاضي قادن ۽ شاه لطف الله قادري جي
بيتن ۾، سواءِ جوڳين فقيرن ۽ کاري جي کيڙائڻ جي،
عوامي عنوانن ۽ قصن ڪهاڻين جا اهڃاڻ ناپيد هئا.
ميون شاه عنايت پهريون شاعر آهي، جنهن جي ڪلام ۾ اعليٰ
فڪري موضوعن توڙي عوامي قصن ۽ عنوانن بابت گهڻي ۾
گهڻا بيت ملن ٿا. ميين شاه عنايت پنهنجن بيتن ۾
اعليٰ سطح جي اصلاحي شاعري ۽ عام تفريحي شاعري جي
موضوعن ۽ عنوانن کي ڳنڍيو، بيتن ۾ بيان جي وسعت
پيدا ڪئي، ۽ پڻ بيتن ۾ مجازي رنگ ڀري ’اعليٰ
شاعري‘ جي دائري ۾ مجازي حسن جي تعريف جي نئين باب
جو اضافو ڪيو.
ميين شاه عنايت کان پوءِ شاه عبدالطيف ’بيت‘ کي
عبارت توڙي مفهوم، مضمون توڙي معنيٰ، فصاحت توڙي
بلاغت، ’بيان‘ توڙي ’پيغام‘ جي لحاظ سان ’آيتون‘
بنائي اوج تي رسايو. حضرت شاه عبدالطيف کان پوءِ،
معنوي لحاظ سان بيتن ۾ جيڪي نوان موضوع نکڙيا، تن
مان ٻه خاص اهميت رکن ٿا: سچل سندس بيتن ۾ ’خودي ۽ خودشناسي‘ جي موضوع کي عوامي
خطاب ذريعي وهڃايو ۽ ورجايو، ۽ خليفي نبي بخش صاحب
ڌارين جي سنڌ تي حملي کان متاثر ٿي وطنيت جي جذبي
کي پنهنجي رسالي ۾ سر ڪيڏاري جي
’بيتن‘ جو موضوع بنايو.
|