پهچان پار پرين جي، ملان کي محبن
ساريو سڄڻ يار کي، روئان رت اکين
ڇوري ٿيس ڇپر ۾، پيو وڇوڙو ورهين
هئي هئي ڪريان هوت لاءِ، ٿا نيڻين نير
وهن
اٿم اهو آسرو ته شال آرياڻي اچن!
برهه جي بيمار تي، من ڪو ڀيرو ڪن!
لهن سنڀارون سڄڻ سي، سنديون مريضن
علاج مون عاجز جا، ڪؤڙين ڪيا ويڄن
پر ڪو نه اثر ڪيو ڪنهن به حڪمت حڪيمن
ان کي ويڄن واٽون ڇا ڪنديون، جن کي سڪ
سڄڻن
هيڻن جي، حاجي چئي، اچي دلبر دوا ڪن
جن کي باهه برهه جي، آهي منجهه بدن
ان کي مرهم معمولي ڇا ڪندا، سندا ڏس
ڏاهن
هنيا حبيبن هٿن سان، جي ڌڪ دلبرن
سي ڦاٽيو ڦٽ فراق جا، ٿا چڪيو چاڪ چڪن
جي دوا دارون اثر نه ڪندي فراقي ڦٽن
اچي شال ان تي، ڪي ملم محب رکن
جن کي ڦٽ فراق جا، سي ڪيئن سک سمهن
ڏوريو ڏوريو ڏيهڙا، پيا رڻن منجهه رلن
پرين سندي پار جا، پيا ڏس پڇن
وٺيو واٽ وندر جي، ٿا راتو ڏينهن رڙن
ماندا ڪيا ماڳهين، دلبر جي دردن
”اهد نالصراط المستقيم“ اهي پنڌ پڇن
”من احب شيءُ اڪثر ذڪره“ لالڻ لاءِ
لڇن
”فاذڪروني اذڪرڪم“ اها ڪار انهن
”جف القلم بما هو ڪائن“ لکيو ائين
لوحن
سو لکيو لوڙيان جيڏيون! جو منجهه
نصيبن
ملان شال محبن، ڏوري ڏوري ڏيهڙا. |