ساراهيام سچو ڌڻي، پت رکين پرور
ڀريون ڀانيان ڀڳلاهه ۾، قبلي منجهه
ڪڪر
آئي موج مهراڻ کي، جال وهايائين جر
تکي سير سمونڊ جي، ڇير ڪري ڇمڪر
رکيئين ڀيڙ ڀڳلاهه تي، ٿاڌل ڪيئين ٿر
سارنگ سنبهي آئيو، چوڪنڊيو چوڌر
رکيئين لوڏ لمي تي، ڪيئين مٺڙي سان
مور
ڪيئين ٽڪاڻا ٽوري تي، هرنولي حاضر
تڙ ڪانڊيري جي کؤن تاءُ ڪيائين تڪبر
رکيئين ٻاجهه ٻنڌلي تي، سنڌ وٺي سرور
راهه پڇائي ريڻي جا، ڏوريائين ڏونگر
مٺڙائو جي مڏ کؤن، لنگهيا ٽاڻي ساڻ
ٽڪر
ڇمر ڇٽڪي ڇوهه منجهؤن، لنگهي ثابت مؤن
سکر
نوين پئي ناري سان، ڀريئين ڪوٽ عمر
گاهن گلزاريون ڪيون، سائو ٿيام سر
مينهن ماڏاڻا ڪيا، هلبا ڪاف ڪڪر
رکيئين تڪ تڻوٽ تي، مينهن ڇاٽ ڇپر
هل به ڪيئن هاڏي تي، ڏهڪايئين ڏانور
رکيئين خاص کاڏار تي، نانو ٻجهي نهور
پر ڀريائين پالي جي، اڏيائين اوبَر
ٿيون وڄون جيسرمير کؤن، بوند وسايئين
بَر
مهر منڊاهو تڙ تي، وڌئين واسڻپي کي ور
مرڪي موهن ڳڙهه تي، گوڙين وڌا ها گهر
نوين پئي نهڙائي کؤن ڪيئين پيل پسر
نڪري نئين ڪوٽ کؤن اهل ڪيئين اوسر
ورتئين واٽ وڄڻوٺ جي پاڻي پاڪ پلر
ڪئي هئين ڪاهه ڪڇي تي، ڏٺئين ڏيراور
چمڪي کنوڻ چيٽانگهه ۾، جهيڻ وٺي
جهانور
آهڙ منجهه اٺائيو واهه ڪنبيري ڪر
ڪري ڌوڪر درياه جان، ڪڏڻ ڪن ڪپر
ڇا هن لاڏ لکي جا، ديهن مٿي ڌمچر
وڄي گوڙ گري جي ساز نغارو نر
ڦلجي مؤن ڦيرو ڏئي، ميهڙ منجهان مقرر
فاضل واه فتح سان وهي، جيئن ڪونج
سنڀائي ڪر
آدم واه گهڻو وڄي، ڪري دؤڙ منجهان ڌڌ
ڪر
سوزل گهڻو سير سڌاڻو جيئن لاٽ ٻڌي
لشڪر
اسري اڍوجي کؤن، ڪوڙيون ڇڏيائين ڪلر
ڪيا هئين گاهه گنجي تي، ويءَ چنيائين
ور
خواجي کاما کوڙيون، لڳي موڪه مشر
پاڻي پيو پوهه ۾، ڏئي لنڊي ۾ للهڪر
ڪڙمين ٻڌا ڪوڏ مؤن، حاجي چوي هر
ويا ڏولاوا ڏيهه منجهان، ”مهر“ چوي
مور
تون هي مير مديني جو، سيد شاه سڀر
پوءِ نبي نوراني نر، ڪج احسان امت تي. |