مھاڳ
سنڌ جي ’لوڪ ادب‘ کي سھيڙڻ لاءِ ھڪ تفصيلي تجويز، سنه
١٩٥٥ع ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي سامھون رکي وئي، جا
سنه
١٩٥٦ع جي آخر ڌاري بورڊ بحال ڪئي، ۽ ان جي عملي
نگراني ۽ تڪميل بنده جي حوالي ڪئي.
ان تجويز مطابق، جنوري ١٩٥٧ع کان لوڪ ادب سھيڙڻ جو ڪم
شروع ڪيو ويو؛ انھيءَ سلسلي ۾ تعلقيوار ڪارڪن مقرر
ڪيا ويا تھ ڏنل ھدايتن موجب ٻھراڙيءَ مان مواد گڏ
ڪري موڪلين. سنڌ يونيورسٽي ۾ ’سنڌي لغت آفيس‘ سان
گڏ ’لوڪ ادب‘ جي آفيس قائم ڪئي وئي ۽ ڪارڪن مقرر
ڪيا ويا، تھ مقامي طور گڏ ڪيل توڙي ٻاھران آيل
مواد کي ھدايتن موجب ورڇي ورھائي، ڀيٽي صاف ڪري،
ڇپائڻ لائق بنائين.
پھريائين ٻھ سال، ١٩٥٧ع ۽ ١٩٥٨ع، لوڪ ادب جي مواد سھيڙڻ
۾ صرف ٿيا. انھيءَ عرصي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن ڳوٺن
مان گھربل ڳالھيون ھٿ ڪيون، مرڪزي آفيس جي عملي
ڇپيل ڪتابي ذخيري مان مواد اتاريو؛ ۽ بنده ڪوشش
ڪري سنڌ جي ھر ڀاڱي جو گشت ڪري سڄاڻ سگھڙن سان
ڪچھريون ڪيون، ۽ عام سنڌي ادب جي ھر پھلوءَ کي
سمجھڻ ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي. ان سعيي ۽ ھمت ۽ بلڪ جذبي ۽ محبت، سان قدري
ايترو مواد گڏ ٿيو جو ان جي آڌار تي عام سنڌي ادب
جي ھر ڀاڱي بابت نموني طور ھڪ ڪتاب مرتب ڪري
سگھجي. ڪتابن جي تاليف جو سلسلو ٽئين سال ١٩٥٩ع
کان شروع ڪيو ويو.
ھت ٻه
ڳالھيون واضح ڪرڻ ضروري آھن:
پھريون ته
ھن تجويز موجب، سنڌي ٻولي جي عام ادب جون اھي جملي
جنسون جيڪي ھن وقت تائين ٻھراڙي جي عوام ۾ عام
مقبول ۽ مروج آھن، تن کي ’لوڪ ادب‘ جو ذخيرو تسليم
ڪيو ويو آھي. انھيءَ ذخيري ۾ سنڌي ادب جون معياري
جنسون پڻ شامل آھن. مثلا: مداحون، مولود، ٽيھھ
اکريون، ڪافيون وغيره، مگر جيئن تھ اھي ھن وقت
تائين ٻھراڙيءَ ۾ عام مقبول ۽ مشھور آھن، انھيءَ
ڪري انھن کي پڻ ’لوڪ ادب‘ جي دائري ۾ شمار ڪيو ويو
آھي. انھيءَ لحاظ سان، ھن تجويز ھيٺ گڏ ڪيل ’لوڪ
ادب‘ کي بعينه ’فوڪ لور‘
(Folk-Lore)
جي مغربي مفھوم سان تعبير ڪرڻ
صحيح نھ ٿيندو. اسان جي ملڪ ۾ شھري زندگي اڃا
ايتري وسعت يا خاص نوعيت اختيار نه
ڪئي آھي، جو اھا خواص جي زندگي ۽ تمدن، يا ’معياري
ادب‘ جو سرچشمو بنجي. سنڌي زندگيءَ جو مرڪزي دائرو
اڃان تائين ڳوٺ آھي، ۽ انھيءَ ڪري سنڌي ادب جو وڏو
ذخيرو اھوئي آھي جو عوام جي زندگيءَ جو آئينو آھي.
انھيءَ ڪري ھن مرحلي تي سنڌي ٻوليءَ جي ’لوڪ ادب‘
۽ ’معياري ادب‘ جي وچ ۾ حد فاصل قائم ڪري نٿي
سگھجي. ٻيو ته ھن تجويز ذريعي ’لوڪ ادب‘ جو سمورو مواد گڏ ٿي نه
ٿي سگھيو آھي؛ ان سڄي مواد کي سھيڙڻ ڄڻ سمنڊ سوجھي
مڙني موتين ۽ ماڻڪن کي ميڙڻ برابرٿيندو، جو ناممڪن
آھي. البت جو ڪجهه
مواد گڏ ٿي سگھيو آھي سو لوڪ ادب جي ھر صنف بابت
مثالي مواد آھي. انھيءَ لحاظ سان ھن تجويز ھيٺ
تاليف ڪيل ڪتاب اميد ته
آئينده ڪوشش لاءِ نمايان نشان ۽ نيڪ فال ثابت
ٿيندا.
’لوڪ ادب تجويز‘ جيتوڻيڪ بنده جي طرفان پيش ٿي مگر ان
جي عملي سربراھي توڙي تڪميل ۾ گھڻن ئي مخلصن جون
ڪوششون شامل آھن. اول تھ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي
ميمبرن کي جس جڳائي جن ھن تجيوز کي سنھ ١٩٥٦ع ۾
منظور ڪيو. ان بعد گھربل مواد گڏ ڪرڻ ۽ صاف ڪرڻ،
ترتيب ڏيڻ، ابتدائي مسودا توڙي پريس ڪاپيون تيار
ڪرڻ، ۽ آخر ۾ ڪتابن ڇپائڻ ۾ ڪيترائي ساٿي بنده
راقم سان ٻانھن ٻيلي ٿيا آھن. ھن تجويز کي ڪامياب
بنائڻ ۾ تعلقيوار ڪارڪن، مرڪزي آفيس جي باھمت
فردن، سنڌ جي سڄاڻ سگھڙن، توڙي انھن مڙني دوستن جو
حصو آھي جن بنده لاءِ سگھڙن کي ڳولي ھٿ ڪرڻ ۽ ساڻن
ڪچھري ڪرڻ ۾ پنھنجي ھڙان وڙان مدد ڪئي.
مجموعي طور سان ھيءُ ڪتاب ”لوڪ ادب“ سلسلي جو ارڙھون
ڪتاب آھي. ان جو بنيادي مواد ڊسمبر ١٩٥٨ع تائين گڏ
ٿيو. سڄي مواد کي چڪاسي، مختلف روايتن سان ڀيٽي،
ترتيب ڏيئي، جون ١٩٦٢ع ڪتاب جو مسودو تيار ڪيو
ويو. ۽ جنوري ١٩٦٣ع ۾ مسوده جي آخرين تصحيح ڪري
پريس ڪاپي شايع ٿيڻ لاءِ ڏني وئي.
ڪتاب جي ڇپائي ڪافي وقت ورتو، پر ان ھوندي به
ھن کان گھڻو اڳ ان کي شايع ڪرڻ جو انتظام ڪيل ھو،
مگر بد قسمتي سان لوڪ ادب تجويز کي پوري ڪرڻ ۾
رڪاوٽ پئجي وئي ۽ ھن ڪتاب جي اشاعت پڻ روڪجي وئي.
٢٥ اپريل ١٩٦٨ع سنڌي ادبي بورڊ جي صدر جناب مخدوم
محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“ (تمغه پاڪستان) جي
سفارش تي سنڌي ادبي بورڊ وري لوڪ ادب تجويز کي
پايه تڪميل تي پھچائڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ اھا ذميواري
بنده کي سونپي.
جون ١٩٦٨ع کان ڪم شروع ڪيو ويو، پر چئن مھينن بعد وري
بورڊ طرفان ڪم بند ڪرڻ جو اطلاع مليو. ان بعد
١٩٦٩ع ۾ بورڊ لوڪ ادب تجويز کي عمل ۾ آڻڻ جو ٻيھر
فيصلو ڪيو، ۽ جناب مخدوم صاحب جن کي خط پھتو تھ
دوباره ڪم شروع ڪيو وڃي. باوجود انھن تڪليفن جي
جيڪي ھڪ مخلص ڪارڪنن کي پھچن ٿيون ۽ جيڪي راقم کي
پڻ ”لوڪ ادب“ جي خدمت ڪندي سھڻيون پيون آھن، بنده
ھيءُ ڳرو بار ٽيون ڀيرو پنھنجن ضعيف ڪلھن تي کنيو
آھي، انھيءَ لاءِ ته
سنڌي لوڪ ادب جي قيمتي سرمايي کي سھيڙي ان کي ضايع
ٿيڻ کان بچائجي، ۽ رٿيل پروگرام موجب ”لوڪ ادب“
چاليھن جلدن کي پورو ڪجي.
مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محترم محمد
بچل ۽ محمد يوسف شيخ ھن ڪتاب جي مواد کي اتاري
يڪجاءِ ڪرڻ، ڀيٽڻ ۽ دوباره صاف ڪرڻ لکڻ ۾ تحسين
جوڳو ڪم ڪيو، ۽ محترم محمد اسماعيل شيخ ان سڄي ڪم
جي نگراني ڪئي ۽ ڪتاب جي مسوده تيار ڪرڻ ۾ مدد
ڪئي. ڪتاب جي آخري سٽاءِ، ترتيب ۽ تاليف لاءِ بنده
خود ذميوار آھي.
سنڌ يونيورسٽي
خادم العلم
حيدرآباد
سنڌ
ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ
٤-جولاءِ ١٩٧١ع
باسمه تعاليٰ
مقدمو
ادبي ۽ تاريخي اهڃاڻن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي شاعري جي سڀني صفن ۾ ’بيت‘ قديم ترين صنف آهي، جنهن کي غالبا ٻي صدي
هجري (٩ صدي عيسوي) ۾ عربي شاعري جي زير اثر سنڌي
شاعرن ايجاد ڪيو، ۽ پنهنجي ان نئين ’سنڌي بيت‘ جي
بنيادن تي سنڌي شاعري جي عمارت کي اڏڻ شروع ڪيو.
’سنڌي بيت‘ پنهنجي سادي سٽا ۽ وسيع دامن سببان
سنڌي شاعري جي اوسر ۽ عروج لاءِ هڪ نهايت موثر
ذريعو بنيو، ۽ اندازا ٻارهن سون ورهين جي مسلسل
استعمال ۽ افاديت جي باوجود اهو اڄ به سنڌي شاعري
جي هڪ اهم ترين ۽ عام مقبول صنف آهي.
بيت جي اصليت ۽ ايجاد
سنڌ ۾ عربي دور حڪومت (٧١١-١٠٥٠ع) واري عرصي ۾، عربي ۽
سنڌي ٻنهي ٻولين جي باهمي مطالعي جو سلسلو شروع
ٿيو ۽ ٻنهي ٻولين ۾ مقامي عالم ۽ شاعر پيدا ٿيا.
انهيءَ دور ۾ ئي عربي شاعري جي اصطلاحن جي زير اثر
’بيت‘، ’ڪلام‘، ’قافي‘ ۽ ’مصرع‘ جا اصطلاح سنڌي
شاعري جا جز بنيا. سنڌي ٻولي ۾ انهن اصطلاحن جو
آڳاٽو ۽ عام استعمال ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ انهن جو خاص
مفهوم، انهيءَ ڳالهه جي ساک ڀري ٿو ته ٻين ٻولين
(فارسي، ترڪي ۽ بعد ۾ اردو) وانگر سنڌي شاعري ۾
اهي اصطلاح هوبهو انهن جي اصلوڪي عربي معنيٰ ۽
مفهوم ۾ اختيار نه ڪيا ويا بلڪ سنڌي ٻولي اصلوڪن
عربي اصطلاحن تي پنهنجي مزاج جي مهر هڻي انهن کي
پنهنجو ڪيو. هن دليل کي وڌيڪ ورجائڻ خاطر انهن
اصطلاحن جي اصل عربي تلفظ ۽ مفهوم توڙي سنڌي اچار
۽ معنيٰ کي ڀيٽڻ ۽ سمجهڻ ضروري آهي.
عربي شاعري ٻهراڙيءَ جي خانه بدوش سانگي عربن جي نج
ٻولي، فطري ماحول ۽ قبائلي جذبات جي آغوش ۾ ڄائي
نپني، ۽ انهيءَ ڪري عربي شعر جا فني ۽ عروضي
اصطلاح پڻ بدوي عرب جي گهر جي ساخت ۽ سٽاء تان
ورتا ويا. طنبوءَ مثل سندن اهو گهر، جانورن جي
وارن (”شعر“) مان ٺهيل کرڙن کٿين سان اڏيل هو؛ گهر
جو نالو ’بيت‘ هو؛ انهيءَ گهر جو در ٻن ’مصرعن‘
يعني ٻن تاڪن (مصرع
= هڪ تاڪ) وارو هو؛ مٿان ڇت واري کرڙ کي ڇڪي
بيهارڻ لاءِ، گهر ۾ هيٺان ڏنل ٿنڀا يا ’آرڪان‘
(واحد: رڪن) هئا جن مان پوري وچ واري ٿنڀي کي
’عارضه‘ ۽ گهر جي وچ واري ڀاڱي کي ’عروض‘ چوندا
هئا؛ گهر جي ٻاهران هر هڪ پاسي کان ٻڌل رسو جيڪو
ڇت واري کرڙ کي چوڌاري ڇڪي جهلي تنهن جو نالو
’سبَبُ‘ هو، ۽ رسي کي ٻڌڻ لاءِ زمين ۾ ٺوڪيل قلعي
کي ”وتد“ سڏيندا هئا. بدوي گهر جي ساخت ۽ سٽاء
وارا اهي بنيادي اسم عربي شعر ۽ علم عروض جا فني
اصطلاح بنيا ۽ شعر جي دائري ۾ هيٺين نين معنائن جو
نئون لباس ڍڪيائون:
شعر
=
١. منظوم ڪلام، يا شعر (جامع معنيٰ ۾) ٢. سڄو
قصيدو يا پورو نظم.
بيت
=
’شعر جو گهر‘ (جيئن گهر جي اڏاوت سڄي سلح سامان جي
سهيڙ تي مبني آهي، تيئن ’بيت‘ جي اڏاوت لفظن جي
سهيڙ ۽ سٽاء تي بيٺل آهي؛ يا وري جيئن گهر پنهنجن
ڀاتين تي مشتمل آهي تيئن ’بيت‘ پنهنجن لفظن جي
نظام تي مشتمل آهي):
يعني شعر جو بنيادي ڀاڱو يا قالب جو ٻن منظوم
’مصرعن‘ تي مشتمل هجي.
مصرع
= ’بيت‘ جو هڪ پورو اڌ (سڄي ’بيت‘ ۾ ٻه مصراعون، جن
مان شروع واري ’مصرع‘ يا بيت جي پهرئين اڌ جو فني
نالو ’صدر‘، ۽ ٻي مصرع يا پوئين اڌ جو نالو
’شط‘،).
انهن مخصوص اصطلاحن کان سواءِ، عربي شاعري ۾ ”قافيه“ ۽ ”ڪلمه“
پڻ هيٺين مخصوص معنائن ۾ مستعمل ٿيا:
قافيه
= قافيه جي لفظي معنيٰ هئي ”پويان ايندڙ“، ۽
انهيءَ ڪري ”بيت“ جي لفظي ۾ سڀني کان پويان ايندڙ
لفظ کي ”قافيه“ سڏيائون. جيئن ته
”قافيه“ کان سواءِ ”بيت“ بنجي نٿي سگهيو ۽ ڄڻ
”قافيه“ ڪوٺيائون، ۽ پڻ سڄي نظم يا قصيدي کي
”قافيه“ سڏيائون.
ڪلمته
=
”ڪلمته“ ۽ ”ڪلام“ معنيٰ قول، جملو يا عبارت، پر
اصطلاحي معنيٰ ۾ ”ڪلمته“ معنيٰ پورو خطاب (نثر ۾)،
يا پورو شعر يا سڄو سارو قصيدو (نظم ۾).
عربي شعر جي انهن اصلاحن جي زير اثر، عربي دور حڪومت ۾
سنڌي شاعري ڪي پنهنجا اصطلاح واضح ڪيا: جهڙيءَ طرح
عربي ”بدوي گهر“ جي اصلي اسمن ۽ نالن کي نين
اصطلاحي معنائن ۾ استعمال ڪيو، اهڙيءَ طرح سنڌي
شاعري پڻ عربي جي اصطلاحن کي انهن جي اصلي معنائن
بدران نين مخصوص معنائن ۾ استعمال ڪيو، جن جي
مختصر طور هيٺ وضاحت ڪجي ٿي:
سنڌي بيت
ٿي سگهي ٿو ته ان سمي سنڌيءَ ۾ ٻن تڪن وارو ڪو نظم
موجود هجي، جنهن کي عربي بيت جي مناسبت سان ”بيت“
سڏيائون: جيئن عربي بيت ۾ ٻه مصراعون هيون، تيئن
ان وقت واري اصلي ”سنڌي بيت“ ۾ پڻ ٻه
تڪون هيون: يعني ته ان ۾ ٻه منظوم جملا هئا، جن ۾
پهرئين منظوم جملي جي آخر واري تڪ (قافيو) ٻئي
منظوم جملي جي آخر واري تڪ سان ملندڙ هئي.
”بيت“ جي نالي جي اصليت تي غور ڪرڻ سان بهرحال انهيءَ نتيجي تي
پهچجي ٿو ته اهو اصلوڪو سنڌي نظم جنهن کي ”بيت“ سڏيو ويو سو غالبا ڪو ٻه
– تڪو نظم هو.
سنڌي قاني ۽ ڪلام
”عربي بيت“ وانگر ”سنڌي بيت“ جي سٽاء پڻ سادي ۽ ٻن
تڪن تائين محدود هئي. البت ”عربي قصيدو“ ان وقت جي
”پوري عربي نظم“ جو بهترين مثال هو. قصيدي جي
’پهرئين بيت‘ جي ٻنهي مصرعن جا قافيا هڪٻئي سان
ملندڙ هئا، ۽ ان کان پوءِ ايندڙ ٻين بيتن مان هر
هڪ جي ٻي مصرع جا آخري قافيا، پهرين بيت جي مصرعن
وارن قافين سان ملندڙ هئا. انهيءَ ”پوري نظم“ جو
ٻيو نالو ”قافيه“ يا ”ڪلمته“ هو. سنڌي شاعرن
انهيءَ ”قافيه“ ۽ ”ڪلمته“ واري سٽآء کي سامهون رکي
سنڌي نظم جي نئين صنف ايجاد ڪئي. جنهنجي منڍ واري
منظوم جملي يا ’بيت‘ کي بنياد بنائي، ان جي تڪ سان
تڪ ملائي پويان ٻيا منظوم جملا يا ’بيت‘ آندائون،
۽ اهڙيءَ طرح جذبات ۽ احساسات جي تفصيلي اظهار
خاطر هن منظوم صنف کي ڊگهو ڪيائون. انهيءَ پوري
مسلسل نظم کي، عربي اصطلاحن ”قافيه ۽ ڪلمته“ جي
مناسب، سان ”قافي ۽ ڪلام“ سڏيائون، ۽ اهي نالا اڄ
تائين انهيءَ صورت ۾ رائج آهن.
سنڌي مصرح ’سنڌي قافي ۽ ڪلام‘ جي بنيادي يا شروع واري ’منظوم جملي‘ يا
’بيت‘ تي ٿلهه (بنياد) نالو پيو
۽ پويان ايندڙ منظوم جملن يا ’بيتن‘ مان هر هڪ کي
’مصرع‘ سڏيو ويو. اهڙي طرح ’سنڌي مصرع‘ پنهنجي
سٽاء توڙي مفهوم جي لحاظ سان ’عربي مصرع‘ کان جدا
نوعيت واري ٿي.
بيت جي بنيادي سٽاء ۽ ان جو ارتقاء
’سنڌي بيت‘ جي مٿئين تاريخي تجزيي موجب اسان هن نتيجي
تي پهچون ٿا ته
بالڪل اوائلي ’سنڌي بيت‘ ٻه-تڪو
هو، جو پوءِ وقت گذرڻ سان پنهنجي هيئت ۽ سٽاء توڙي
معنيٰ ۽ مقصد جي لحاظ سان ارتقائي دور طئي ڪري
موجود اعليٰ سطح تي پهتو. انهي ارتقائي سلسلي جا ٻه
مکيه
پهلو هئا: هڪ طرف عارفانه ۽ اخلاقي شاعري ’بيت‘ کي
وڏي اهتمام ۽ احتياط سان نپايو ۽ ان کي انساني
زندگيءَ جي ڳوڙهن نڪتن ۽ اعليٰ مقصدن جي تشريح جو
ذريعو بنايو، ته
ٻئي طرف وري عوامي شاعري ان کي عام قصن ڪهاڻين جي
بيان ۽ تفصيل واسطي هڪ مؤثر ۽ عام مقبول ذريعو
بنايو. اهڙيءَ طرح ’بيت‘ ترقي ڪري، ڳوڙهي فڪر ۽
خيال توڙي عام ڳالهه جي تفصيل ۽ بيان جي اظهار
لاءِ معياري ماڻ بنيو.
عارفانه ۽ اخلاقي شاعري کي عالمن، مفڪرن، فقيرن ۽ ولين
اوج تي پهچايو، ۽ انهن پنهنجي علمي ۽ ادبي ڄاڻ جي
بناء تي هن صنف کي ان جي تاريخي اصليت جي لحاظ سان
”بيت“ سڏيو. عوامي قصن ڪهاڻين خاطر جوڙيل بيتن کي
ڳائڻ خاطر منظوم ڪيو ويو ۽ انهن کي عام ڪچهرين ۾
ڳايو ويو ۽ انهيءَ ڪري ان کي ’ڳاهه‘ سڏيو ويو. قصن ڪهاڻين جي انهيءَ مواد ۾ جيڪو هن موجوده دور ۾
قلمبند ڪيو ويو آهي، تن ۾ سمايل ڪن ڳاهن جي سٽاء ۽
ٻوليءَ مان گمان نڪري ٿو ته اهي سومرن جي دور
(١٠٥٠-١٣٤٩ع) جون ٿي سگهن ٿيون. عارفانه
۽ اخلاقي شاعري جي سلسلي جا آڳاٽي ۾ آڳاٽا ’بيت‘
جيڪي هن وقت تائين دستياب ٿيا آهن سي سمن جي دور
(١٣٤٩-١٥٢٠ع) جا آهن.
بهرحال، عارفانه ۽ اخلاقي شاعري وارا ’بيت‘، توڙي ٻيا
اهي منظوم جملا يا ’بيت‘ جيڪي ڳاهن طور يا ڳيچن جي
ٿلهه طور استعمال ٿيل آهن ۽ جن جي اسلوب بيان مان قدامت جو گمان نڪري ٿو، سي
پنهنجي اصلي ۽ بنيادي سٽاء مطابق ٻه-تڪا آهن.
مثلا:
ڳاهن مان مثال
اڪ نه ڪجي ڏندڻو، سپ نه کائجي ماه
ات نه لائجي نيهڙو، جتي جيءَ وڻاه
]
ڳالهه
’ڏمڻ سونارو‘[
’ڀريي‘ ٻيلن ڌار ڪئا، ٽولي ٽولي پنج
ڪلنگيون جن ڪپار ۾، ڪو ’ماڻاسر‘ جا هنج
]
ڳالهه
’ڀريو گاروڙي‘[
نڪي پنرو تو ڄائو، نڪي تو وٽ هوءِ
پوءِ ماٽيجي! ميهڻو ڇي لا توءِ ڏنوءِ
]
ڳالهه’بڊاماڻي
پنرو‘[
انبن لڳي ڪيري، ڄارين لڳي ڇٽ
ور چارڻ، ماٺ ڪر، جيسين اچي وٽ
]
ڳالهه
’وڪيو ڏاتار‘[
’راڄئين‘ پونئري ڄام کي چيون ڳالهيون چار
مهاڻي تي مهر ٿي، اسان لي انڪار
]
ڳالهه
’ڄام پونئرو‘[
اڀ سڀڪنهن اچو، اڀ نه اچو ڪوءِ
مئي به
مٿي ٿيو، سورهيه سر سندوءَ
]
ڳالهه
’دودو چنيسر‘[
آهيان سنڌ جو سورمو مونکي ڊپ نه ڊاءِ
ڏورئون ڏوري مون ڏٺو هي پرين جو تلاء
]
ڳالهه
’عمر سومرو ۽ نيرل راڻي‘[
جين ڏونگر تين هاٿيا، جين کيريون تن ڇٽ
حميراڻي فوج ڪر اڳا اڀ نکٽ
]
ڳالهه
’حمير سومرو‘[
ڳيچن مان مثال
سعيو ٿيڙو سجايو
هوت ڀنڀور ۾ آيو
]
ڳيچ، جلد-١: ص ١٨٦[
سونڙي ڏانٽي ميندي لڻايو
روپڙي ٿالهه
هلي پسايو
]
ڳيچ، جلد-١: ص ١٢٠[
کهڙيون ڀرڻ هلو، جر تي هلو
سمو ڄام جهلو، سمو ڄام جهلو
]
ڳيچ، جلد-١: ص ١٢٢[
عالمن ۽ عارفن جي چيل بيتن مان مثال
شيخ حماد جمالي جو بيت، سنه
١٣٨٨ع کان اڳ جو چيل:
جوڻو، مت اوڻو، ڄام تماچي آءُ
سٻاجهٻي ٻاجهه پئي، توسين ٺٽو راءِ
مخدوم احمد ڀٽي جو بيت، سنه
٢٨/١٥٢٧ع
(سندس وفات) کان اڳ جو چيل:
سڏ سڻي پرين جو، وانگي جي نه
ورن
ڪوڙي دعويٰ دوست جي ڪڄاڙي کي ڪن
قاضي قادن جو بيت، سنه
١٥٥١ع (سندس وفات) کان اڳ جو چيل:
ڪنر، قدوري، ڪافيا، ڪي ڪونه پڙهئوم
سوپارئي ڪوٻيو، جتان پرين لڌوم
شاه ڪريم کان اڳ جي ڪنهن شاعر جو بيت، غالبا ١٥٣٦ع
کان اڳ جو چيل:
ڪارين ڪنين ڪڪڙا ڪرهه
ولاڙ وڃن
ويلو ڪن نه
وچ ۾، نه اوڳار ڀڃن
شاه ڪريم جي ننڍپڻ واري وقت يا کانئس اڳ جي ڪنهن
شاعر جو بيت، ١٥٠٠-١٥٥٠ع ڌاري چيل:
اکڙيون ملير ۾ جني راتو ڏينه
عمر آساتن سين هاڻي ڪندي ڪينه
شاه ڪريم جي همعصر مخدوم عثمان اگهمي جو بيت،
اندازا ١٥٥٠-١٦٠٠ع ڌاري چيل:
چارئي پلءَ چڪ ۾، پڇي پار ير وٺ
ان اهڙي احتياط سين ڦٽ پڄاڻا ڦٺ
شاه ڪريم جا بيت، اندازا ١٥٦٠-١٦٣٠ع واري عرصي ۾
چيل:
تون چئو الله هيڪڙو، وائي ٻي م سک
سچو اکر من ۾، سوئي لکئو لک
_________________
اٿي چل چرئن جين، سڱ سڀئي ڇن
جي ڀائين پري مڙان، ته
مت موجي ڳن
شاه لطف الله قادري جا بيت، اندازا ١٦٧٩ع کان اڳ
جا چيل:
حسن حبيبن جو جني رهئو من
ان اندر ڪٺو عاشقين، پئا ڌڙ ڌٻن
_________________
سڪ تنهنجي سپرين من ۾ ٻارئن مچ
اوءِ کامي تنه خمار ۾ عاشق ٿئا سچ
فاضل شاه جا ليليٰ جمنون بابت بيت، سنه ٢٤-١٧٢٣ع ۾
جوڙيل:
تڏه کيندي خماري، چرئو ٿئس چت
ٻائي ٻاتاڙي ٿئي، نيڻ ٽمائي نت
_________________
تونهين رهين روح ۾، نت تو ڏانه نيڻ
سڀئي وئم وسري، جيڪين سڳا سيڻ
مٿئين تاريخي تسلسل مان ظاهر آهي ته آڳاٽو بيت جيڪو
لکيت ۾ مليو آهي سو چوڏهين صدي عيسوي جي آخر ۾ شيخ
حماد جمالي جو چيل آهي ۽ سٽاء ۾ ٻه
– تڪو آهي. ان کان پوءِ اندازا ساڍن ٽن سون سالن
واري عرصي ۾، يعني ويندي ١٨-صدي عيسوي جي شروع
تائين، انهيءَ قديم سٽاء واري ٻه-تڪي بيت جو سلسلو
جاري رهيو آهي ڇاڪاڻ ته ميين شاه ڪريم جا بيت اڪثر
ٻه-تڪا
آهن ۽ پڻ شاه عبدالطيف جي همعصر شاعر فاضل شاه جا
ڪافي بيت ٻه
تڪا آهن.
انهيءَ قديم ٻه-تڪي بيت جي سٽاء ۾ ٻن قسمن جي ايجادن
وڏي تبديل آندي ۽ هيئت جي لحاظ سان ان جو ارتقائي
سلسلو شروع ٿيو. اهي ايجادون هي هيون: بيت جي ٻن
بنيادي سٽن مان پهرين توڙي پوئين سٽ جي اڌ ۾ قافيي
جو آڻڻ، ۽ پڻ انهن ٻن سٽن جي وچ ۾ هڪ سٽ جو وڌائڻ.
انهن مان پهرين ايجاد سان بيت جي سٽاء جون ٽي
صورتون وجود ۾ آيون جن مان (١) ۽ (٣) وڌيڪ عام
مقبول ٿيون.
بيت جي بنيادي سٽاءَ (آخر ۾ قافيا)
وچ وارن قافين جي استعمال بعد نيون صورتون:
ٻي ايجاد سان بيت جي مقدار ۾ اضافو ٿيو.
موجوده معلومات جي بناءَ تي چئي سگهجي ٿو ته ’بيت‘ جي
بنيادي سٽن ۾ ”وچ وارن قافين“ جي ايجاد غالبا سمن
جي دور ۾ ٿي، جڏهن امن ۽ آسودگيءَ جي ماحول ۾
تعليمي ترقي ٿي ۽ پڻ ادبي ۽ ذهبي تخليق لاءِ ميدان
هموار ٿيو. بيتن جي ذخيري ۾ سومرن جي دور وارن
واقعن متعلق اهڙا ڪي ڳاهن وارا بيت ملن ٿا جن ۾
’وچان قافيا‘ آيل آهن، پر انهن بيتن مان گهڻا سڀ
پوئين دور جي سگهڙن ۽ شاعرن جا جوڙيل آهن، ۽ باقي
ڪي ٿورا جن مان قدامت جو گمان نڪري ٿو تن جي پڙهڻي
۽ روايت ۾ پڻ غالبا سگهڙن کان سهو ٿي آهي، جو سٽن
جي پوئين اڌ کي (جن جي آخر ۾ ’قافيو‘ آهي) پهريون
اڌ ڪري پڙهيو اٿن، جنهن ڪري ’قافيو‘ وچ تي ٿي بيٺو
آهي. البت اهي ڳاهن وارا بيت جيڪي سمن جي دور جي
واقعات سان تعلق رکن ٿا ۽ پڻ اسلوب بيان جي لحاظ
سان آڳاٽا نظر اچن ٿا، تن مان گهڻن ۾ ’وچان قافيا‘
سمايل آهن، ۽ غالبا انهن مان ڪي انهيءَ آڳاٽي دور
جا چيل آهن-مثلا:
هڪ ڦل پسجن واڙيين، ٻئا جي بٺيين ڌاڻ
لاکا آءُ مهراڻ، تو ري سڃو ڪاڇڙو
]’لاکي
ڦلاڻي‘جي ڳاله
[
ٿڌي ٿڃ ڏناس، سمون ساهڙ پٺ ۾
پڌرو پر کنڊاس، هڻند سنڌياڻي ٿئو.
]’هڻند
سنڌياڻي‘جي ڪيرت
[
اوٺي جي ڏانن، کيهون آنبر لڳيون
رج پيئي راڻين، ڏاتار تت ڏٽجي وئا.
]’اوٺي
جکراڻي‘جي ڪيرت
[
چڙهي پهڻ چڪار، اڍي ڪي ٿي اتهين
ڦلين جهڙي نار، ويئي نڱامري نڪري.
]’ڄام
اڍي ۽ هوٿل پري‘جي ڳاله
[
مگر اهي ڳاهن وارا بيت جن ۾ ’وچ وارا قافيا‘ سمايل آهن سي زباني
روايتن ذريعي اسان تائين پهتا آهن ۽ خاطري سان چئي
نٿو سگهجي ته
انهن جي اصلي سٽاء ڪهڙي هئي. البت اهي بيت جن جي
اصلي سٽاء لکيت ۾ موجود آهي ۽ جن ۾ ’وچ وارا
قافيا‘ سمايل آهن، سي ١٥-صدي عيسوي جي آخر ۽
١٦-صدي عيسوي جي شروع واري دور جا يا قدري ان کان
اڳ جا آهن. اهي بيت هيٺ ڏجن ٿا:
جو گهڙي سوني، ڪو جو قهر ڪلاچ ۾
خبر ڪونه ڏي، رڇ ڪڄاڙي رنڊيو.
____________
چران ته
چڪن چاڪ، وهان ته وه سنجري
ماء منهنجي ڏيل سين، سورن ڪي اوطاق
جيءَ تون جانان پاڪ، آسا بند اڙين جو.
____________
من کي لوڇ فراق، اسان هون نه
ڌار ٿئي
سڪون پريان ساک، رب ڏکائي ڪڏهن.
انهن مان پهريون بيت ’سنڌي ذاڪرن‘ شيخ
عبدالجليل چوهڙ (وفات سنه
٩١٠ هه
/ ٥-١٥٠٤ع) جي سماع
جي محفل ۾ پڙهيو، جنهن جي معنيٰ ته اهو بيت ڪم
ازڪم ١٥-صدي عيسوي جي آخر يا ان کان اڳ جو آهي.
پويان ٻه بيت شيخ عبدالجليل جي وفات بعد ٻي هڪ
سماع جي محفل ۾ سنڌي ذاڪرن پڙهيا ۽ ڪتاب ”تذڪره
قطبيه“ ۾ ڏنل آهن، جو ١٥٤٠-١٥٤٥ع واري عرصي ۾
تصنيف ٿيو؛ ان جي معنيٰ ته
اهي بيت سورهين صدي جي شروعات يا ان کان اڳ جا آهن.
مٿين سڄن سارن ٽن بيتن ۾ شاعرانه نزاڪت سان ’وچن
قافين‘ جو استعمال ڏيکاري ٿو ته
’وچن قافين‘ واري اها ايجاد ڪا آڳار ٿي چڪي هئي ۽
١٥-صدي جي آخر ۽ ١٦ صدي جي شروعات ۾ ان جو استعمال
ڄڻ پنهنجي اوج کي پهچي چڪو هو. ٻيو ته
نمبر بيت ۾، ’بيت جي ٻن بنيادي سٽن‘ جي وچ ۾ هڪ سٽ
وڌائڻ واري ايجاد جو ثبوت ملي ٿو.
جاز لھم ان يسموا البيت کله قافيه؛ (٢)
قال الازھري: العرب تسمي البيت من الشعر
قافيه، وربما سموا القصيده قافيه: (٣)
القافيه، القصيده کلھا
]لسان
العرب[.
اڳين بزرگن جي دستخط بياضن ۾ گھڻو ڪري ’قافي‘ لکيل آھي. انگريزن
واري دؤر ۾ لکيل ۽ ڇپيل تحريرن ۾ ’قافي‘
بدران ’ڪافي‘ لکي ان جي معنيٰ ۽ مفھوم کي
منجھايو ويو.
لوڪ ادب سلسلي جي ستاويھين ڪتاب ”لوڪ ڪھاڻيون-٧: ڳاھن سان ڳالھيون“ (سنڌي
ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، ١٩٦٤ع) تان
کنيل.
لوڪ ادب سلسلي جي سورھين ڪتاب ”ڳيچ“ (سنڌي
ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، ١٩٢٣ع) تان
ورتل.
راقم جي مرتب ڪيل ”سنڌي ٻولي جي مختصر تاريخ“ ۽ ”شاه لطف الله
قادري جي رسالي“، ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم
جي مرتب ڪيل ”شاھھ ڪريم بلڙي واري جو
ڪلام“، راقم جي مرتب ڪيل ”ميين شاه عنايت
جو ڪلام“، فاضل شاه جي جوڙيل ”ليليٰ
مجنون“، شايد عبدالطيفرحھ جي
رسالي وغيره تان ورتل.
تفصيل لاءِ ڏسو بند راقم جو مرتب ڪيل ڪتاب ”سنڌي ٻولي جي مختصر
تاريخ“، حيدرآباد سنڌ؛ ١٩٦٢ع، ص ص
١١٧-١١٩.
|