ڪيهر فقير جمالي
]ڪيهر فقير جمالي، سنه ١٨٨٠ع ۾، تعلقي شهدادپور ۾ ’ڪنبَ
ليمان‘ جي ويجهو هڪ ڳوٺڙي ۾ ڄائو. سندس پيءُ کيتي
ڪندو هو. غربت ۽ سهوليت نه هئڻ ڪري ڪيهر تعليم
حاصل ڪري نه سگهيو. ننڍي هوندي ئا درويشيءَ جا پور
پوندا هئس ۽ وڃي ڀر واريءَ ڀٽ تي نوڪيلائيءَ ۾
الله کي ياد ڪندو هو. جواني واري وقت ۾ عشق جي
چپيٽ آيس، ان بعد شعر چوڻ شروع ڪيائين.[
ساراهه
١- |
ساراهيان سچو ڌڻي، جو سائين ربّ ستار
مومل ۽ مينڌري جو، هو پاڻت منجهه پيار
سهي نٿي سومل کي، هو ڀانئي نٿي ڀتار
سوڍو ساڻ ڪري سومل کي، وٺي هليو
وينجهار
ڪري پنڌ پهاڙ جا، وڃي لنگهيا ڪڪر
ڪارونڀار
سومل ڇڏي سڃ ۾، لاٿئين مومل جي ميار
ڪيهر چئي، قدرت کڻي هن کي، پٽ ڏنو هو
پنهوار
پوءِ ڏيهه ڌڻي ڏاتار، لڌي هئي سنڀار
سومل جي. |
٢- |
لڌي هئي سنڀار سومل جي، کڻي ڏيهه ڌڻي
ڏاتار
سهڻو ڄائو سڃ ۾، ڄائو ڄمڻهار |
|
هنيائين هنبوڇون هٿن پيرن جون، اتي
چشما ٿيا چار
مڪي نالي هڪرو مرد هو، سوڪاهيندو هو
قطار
جت انهيءَ جوءِ ۾، نه هئو باري کڻندو
بار
لڳي اڃ عجيب کي، هن ويهي ڪيو ويچار
جهاڳي انهيءَ جهنگل کي، اچي چشما
ڏنائين چار
راڻو اتي ريڌو ويٺو آهه، ڪيو سوڍو سڀ
سينگار
اچي چيائين ان کي، مونکي پاڻي پرين
پيار
چئي: پاڻي پياريندس، پر ڏي تون قول
قرار
ڳوٺ ٻڌندين منهنجو، تون ويهندين
ويهڻهار
پوءِ پياريندو سانءِ پاڻي، تون پيءُ
تنهنجي قطار.
ڏيئي پڪ پرين کي، رکي دل ۾ دغا ڌار
پاڻي پي پر ٿي، ڪاهي هليو قطار
ڇارئي پهر چڪر هڻي، موٽي آيو سج ڪپار
اڇي پيرين پيو پرين جي، مونکي بخش تون
بخشڻهار
ڳوٺ ٻڌندس تنهنجو، منهنجو نالو ڪر
نروار
ڳوٺ ٻڌي تيار ڪيائين، جوڙ وڏي جنسار
گهوٽ گهمي ٿو گهٽيون، اها بخت واري
بازار
ڪيهر چئي، قدرت جو، نڪي انت شمار
پوءِ ڏيهه ڌڻي ڏاتار، کڻي برسايو انهي
بَر کي. |
٣- |
بَرسايو انهيءَ بَر کي، سائين ربّ
ستار
سانگي ڇڏي ويو سڃ ۾، جتي هئا ڪروڙين
قطار
ڪئين ته ٻيلا ٻيرن جا، هئا وڻن جا به
ولهار
ڪيئن مرون مانگهر ها، ڪئين ڏڦيلن
ڏهڪار
پرور کڻي پت رکي، ڏيهه ڌڻي ڏاتار
ٻڌي سهرو بسم الله جو، اتائين نبي ٿيو
نروار
اچي مليو اسماعيل کي، سونهن ڀريو
سردار
ڪيهر چئي، ڪعبي ٺاهڻ جو، ٿو سائين ڪري
سينگار
پوءِ ڏيهه ڌڻي ڏاتار، کڻي سينگاريو
انهي سڃ کي. |
٤- |
سينگاريو انهيءَ سڃ کي، سائين ربّ
سبحان
آيو وحي الله جو، کڻي پرين کي پيغام
پٽ پيارو اٿئي هڪڙو، تون ڪهي ڪر قربان
پيءُ چوي ٿو پٽ کي: ابا آهي الله جو
اعلان
چئي: ڪسڻ مون قبوليو، تون ڏي دل
منجهان دان
سنبري وهائي ٿو سيد کي، پر ڪاتي وهي
ئي ڪان
آيو جوش جوان کي، ٿو ڪري تيز تمام
وٺي آڻي وحي ڏنو، دنبو وڏو دگران
ڪيهر چئي، قبول چيو، اسماعيل جو ايمان
سائين ربّ سبهان، ٿي لڌو آزمودو نبي
ابراهيم جو. |
مزاري چانڊيو
]مزاري خان، ذات معارفاڻي چانڊيو، ويٺل ڳوٺ ڳاڙهي جاگير، تعلقو وارهه. اندازا
سنه ١٨٨٧ع ڌاري ڄائو. پندرهن سال کن اڳ زنده هو.[
ساراهه
|
ساراهيان سچو ڌڻي، ڏينهن جو ڏاتر
قادر ربّ ڪريم آهي پاڪ ڌڻي پرور
جوڙون جوڙي جبّار ٿو، جو سڀن کان سڌر.
نرمل پنهنجي نور منجهان ڪيو پيدا
پيغمبر
آئي احمد ڄام جي کليو مشڪ عطر
تارن تابَش ڇڏي ڏني، ڇپيو شمس قمر
شاهه مٺي شهزور جو، ٿو شان ليکي شاعر
ته محب مدد ماندن جي، آهي سيد سڃ سفر
جنهن کنيو بار ؛ُهين جو، آهي وارث
ولهن ور
ٿيندم مدد، مزاري چئي، اڳتي ڏاڍو
آڏونگر
اوکي واٽ وندر جي، ڏاڍو باري سجهي بر
جنهن جو نالو نشانبر، سوشل اجهو ٿيندم
عربي. |
حاجي عبدالقادر صديقي
]عبدالقادر ولد قاضي احمدي ويٺل پاٽ ضلعو دادو. سنه ١٨٨٩ع ۾ ڄائو. سنڌي ۽
فارسي جي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. وڏن
عالمن جي صحبت جو مٿس ڪافي اثر ٿيو، ۽ سندس علم ۾
وڌيڪ اضافو ٿيو. ١٩٣٨ع ۾ حج تي روانو ٿيو. سندس
ڪلام مولودن، ڪافين ۽ بيتن تي مشتمل آهي.[
مجاز
١- |
مٽ نه منهنجي محبوب جو، توڙي سوين ڪن
سينگار
جاڙا ڀرون جانب جا، ڪاڪل ڪنڍيدار
اکيون ڪجل ريءَ ڪاريون، چپ چاشنيدار
ڳچي مثال ڪونج جي، ٻيا واڌو سندس وار
پير آهنس پدمڙا، منجهه جتيءَ جرڪيدار
عبدالقادر، اهڙي يار جو، تون گولي ٿي
گذار
ساري سڀ ڄمار، رهه دربان ان جي در تي. |
سسئي
١- |
سسئي کي ثمر سورن جو، ويا ڏير ڏئي
جتن سنديءَ جاڙجي، تنهن کي ڪل ڪانه
پئي
ڏوريندي ڏونگر ۾، ويڙس سج لهي
پهڻن پير پٿون ڪيا، هليو رت وهي
عشق مان، عبدالقادر چئي، پئي ڪافن
منجهه ڪهي
سختيون سور سهي، ملهايائين محبت کي. |
رامڪلي
١- |
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته واڄو عشق
وڄاءِ
سوري ساز سڪ جو، جيءَ ۾ جوت جڳاءِ
تسبيح توڪل جي کڻي، همت ساڻ هلاءِ
عبدالقادر، ان پر وڃي، اندر قرب ڪماءِ
پير پروڙي پاءِ، ته سامي ملين سڄڻين. |
سارنگ
١- |
اڄ پڻ اتر پار ڏي، ٿا ڪڪر ڪڙڪا ڪن
وڄون ڪريو ويس ڪيئي، چوڌاري چمڪن
اٺا مينهن ملير تي، بوندون بس نه ڪن
ساوا گاهه پٽن تي، ڪيون گلزاريون گلن
ڪوڏريون کڻي ڪڙمي، اچي بيٺا وٽ بندن
وجهيو ٻج ٻنين ۾، پيا هاري هر وهن
ويا وري آئيا، ماروئڙا منجهه ماڳن
عبدالقادر، اڪنڊ لاٿي، ملي کي محبن
هاديءَ سڀ هنڌن، سهيسن آهن سک ڪيا. |
١- |
اڄ پڻ اتر پار کان، آيا ڪڪر ڪري ڪار
وڄن ويس وڏا ڪيا، چوڌاري چمڪار
اٺا مينهن ملير تي، ڇوهه منجهان ڇڇڪار
ساوا گاهه پٽن تي، گلن ڪيا گلزار
مارن وٽ ملير ۾، انن جا انبار
صاحب رب ستار، لاٿو ڏڪار ڏيهه تان. |
لکمير راڄڙ
]لکمير پٽ رکيل راڄڙ، ويٺل ڪنگور (مانڌلي کان ٢ ميل اتر طرف، رياست جسلمير،
تعلقو شاهه ڳڙهه). مير علي مراد جي وقت جو هو.م
خدوم صاحب هالا جن جو مريد هو، ۽ انهيءَ لحاظ سان
”سرور“ کي (مارئي جي زباني) صدا هنئي اٿس.[
مارئي
١- |
جن جو جهيڻو جهانگيڙين سان، ساهت ڪيئن
ماس مچي
سرور! ڪر سانگياڻي سان، مان پرين پرچي
جوکو ناهه جهاز کي، پيئي آ سام سچي
سڙهه ڀريا آهن سير ۾ من بحرن کان بچي
جهلي پئي آ جهل ۾ عمرڪوٽ ڪچي
ڪڍ بندياڻي بند مان، علي شير! اچي
پنهوارين پهچي، وڃي ٿئي سنمک ساهيڙين
سان. |
٢- |
زيريون زيور زي، طوق نه پايان تن کي
موڪل ڏي ميان سومرا، پنهنجو ڏيهه ڏسي
ڏيل جنهين جو ڏٿ تي، سا چانور ڪين چکي
لوءِ وڃي، لکمير چئي، پيڪا شال پسي
راڄون راڄ رسي، وڃي ٿئي سنمک ساهيڙين
سان. |
٣- |
آءُ شرع تي سومرا! عمر عدالت ڪر
هيبت شاهيون پيش نه هلندءِ، ايءُ به
زبانئون زر
تهمت تاب تکو ڪري ايندءِ عزرائيل اپر
کڻندءِ خان کٽين تي، گلم ڇڏيندون گهر
ڪيئن ڪنگالڻ قيد ڪئي اٿئي، ٿاڪ جنهين
جا ٿر
ماندي ٿي، لکمير چئي، هاڻي پهچي ڪهڙي
پر
ٿر تي ٿورو ڌر، نه وڃي ٿئي سنمک
ساهيڙين سان. |
اجتو فقير راڄڙ
]اجتو
پٽ شاهه محمد راڄڙ، پاڙو ٻالو ڪلاڻي، ويٺل لڳ
ڪنگور، تعلقو شاهه ڳڙه رياست جيسلمير، مير علي
مراد جي وقت جو هو. لکمير فقير ۽ اجتو فقير ٻئي
همعصر هئا. اجتو فقير، جناب مخدوم صاحب هالا جن جو
مريد هو، ۽ انهي لحاظ سان پنهنجي بيت ۾ ’سرور
شاهه‘ جو نالو آندو اٿس.[
١- |
ڪامڻ ڪيم ڪٿاءِ، هيءُ اٿئي عشق عبادت
جهڙو
لکين ڳالهين لوڪ جون، گوندر سڀ گماءِ
لاکيڻي لطيف کي قلب ۾ ڪماءِ
عشق جي، اجتو چئي، اڏ جاني اندر جاءِ
تنهنجا ڪم قبول ڪيا سگها سرور شاهه
لکيو لوح قلم ۾ پنهنجو انگ الله
وٺ سانئر جي صلاح، ته جڙنئي هنڌ حضور
۾. |
٢- |
ڪامڻ تنهنجي قرب جو چت گهڻيرو چاهه
ڪيم حوالي تنهنجي سڪ مقابل ساهه
پروٽ پرڀن ڪينڪي منهنجون اکيون ۽
ارواح
روح رچي هو راس ٿيو جنهن پر تئون
جهليو پاهه
اتان ڏٺم الله، عشق انهيءَ مان، اجتو
چئي. |
٣- |
عشق انهيءَ مان، اجتو چئي، ٻهون رنگ
رچن،
جن پاڻ گڏيو پرينءَ سان سي حورون ٿيو
هلن
چوڏهين سن ۾ چوڻ چڱن جو سرت ڀريون سڻن
اهو مسئلو، اجتو چئي، کڻي ڪامڻ لايو
ڪن
سي ڏينهڪ ڇو نه ڏسن؛ ماڙي بيبي مارئي. |
جوسب ملاح
]جوسب ملاح خيرپور ضلعي جو رهاڪو هو ۽ گذريل صدي جي آخر ڌاري ٿي گذريو.[
سسئي
١- |
جاڳي جاڳي جاڳ، غافل گيرب ڇو ڪيئي
جڏ جت ڏٺا هئي جوءِ ۾، تون ڪرين ها
سرتين کي سجاڳ
اچي پٿريائون پريت جو، تو وٽ ريب
سندوئي راڳ
هاڻي ڏاڍي ڏير ڪري ويئي، ڏيئي ويئه
ڏنءُ ڏهاڳ
ملندين محب، ملاح چئي، ڇو منڌ ٿي ان
مستاڳ
لعلڻ تنهنجو لاڳ، ڪه ۾ ٿيندءِ ڪارڻي. |
٢- |
لڙي جهني آن هياس، ميري محبوبن جي
ڪٽڪيون ڪام ڪشالا ڪيچ جا مونکي آني پيش پياس
ٻڌي گهوگهٽ گورن جا، مون رڙهي راه
لڳاس
ممون ماڳن تي گهڻيون، چيٽا چاه چلياس
ڦاڙها فيل فڪل سان گينڊا گس گڏياس
باندر ڀولا بڇڙا راڱا رڇ رمياس
هادي ڏيندم هٿڙا مان تنهنجي لڙهه
لڳياس |
|
ٿيءُ هئس ماڙ، ملاح چئي، پکا پاڻ ڏٺاس
جوسب چئي جيڏيون، سڀي وهم وياس
جڏ پرورپت رکياس، تڏ ٿي هيڪاندي هوت
سان. |
٣- |
جهر جهنگؤن جهر جهير، جيئن رند کنيا
هئا رامسان
ويهڻ نه آيس ور ۾ ٻي هئس پاس پنهل جي
پير
اٿي آڌي رات جو قطاريائون ڪوهير
توڏا ترسيا ڪينڪي، نڪي دؤڙيا ڌنڌا گير
اٺن اوماهي نه ٿئي، ٿڌي لڳين ڪا هير
لرزيا ڪين لڪن تؤن اهي مڳ ميا مهمير
ٿيس ماڙ، ملاح چئي، پوءِ پت رکندس پير
کليون پيئندي کير، وڃي ڪيچ رسندس
قافلو. |
جلال نظاماڻي
]جلال نظاماڻي، پاڙو علياڻي، ويٺل سانگهڙ، اٽڪل سٺ سال کن اڳ گذاري ويو.[
١- |
واري سيجون ڀانئيان، تنهنجي کڏ وجهان
آءُ کٽ
هن مند مارو سنرا گهارين مٿي گهٽ
کهه، مکڻ، مانڌاڻا، ڍويو نين ڍٽ
وٺڙا مينهن ملير تي منهنجا پنوهر
سونهن پٽ
لاهه نير نماڻي جا قيد مٿاهون ڪٽ
آڻي سون سبيل ڪيئي، ڄاڻي نٿي ڄٽ
مرشد تون نا مٽ، ادو عمر مونکي ڇا
ڪندو! |
٢- |
واري سيجون ڀانئيان تليون ساريم تڙ
رات منهنجي روح ۾ هئي ڀيڄ ڀنيءَ ڀڃ
گهڙ
منهنجي ماروءَ ڄام سان هئي جان جسي جي
جڙ
هري بيٺم هانءَ ۾ جيئن ڳاراڻي جو ڳڙ
بَدين کان بچائجان ڪجان والي پنهنجو
وڙ
هن لاڏڪي جو لڙ، هو جيڏين ساڻ جلال
چئي. |
٣- |
واري سيجون ڀائيان، منهنجو هت نه جالي
هڏ
ماروئڙا ملير ۾ مونکي لاڙي آيم لڏ
چؤنرا اڏيائون چست مان ڪري اڏو اڏ
قسمت جا ڏينهن ڪيترا، تون هيڻيءَ سان
نه تڏ
جيڏين ساڻ، جلال چئي، مونکي لاهي
گوندر گڏ
منهنجا سڻ تون سڏ، ادو عمر مونکي ڇا
ڪندو! |
٤- |
واري سيجون ڀانئيان، تنهنجو سالون
ڀانيان سيل
اڄ به اباڻن جي مونکي هنئڙي اندر هيل
پيرون چونڊيم پاند ۾، مون ٻٽ چونڊيا
هئا ٻيل
مون جيڏيون ملير ۾ هت لکيو ڀرين کيل
سرتين سڏ وڏا ڪيا واري جهلڻ جي ويل
مرشد مونکي ميل، ادو عمر مونکي ڇا
ڪندو! |
٥- |
واري سيجون ڀانئيان، هت منهنجو مور نه
جالي من
اڄ به اباڻن ڏي ڪيون ڪارايون ڪڪرن
کنوڻين رات خوشيون ڪيون وڄون ويس وسن
اوهيرا اباڻن تي آلسون ڪيو اچن
مون ڏکيءَ ڪهڙو ڏوه ڪيو ڪسي منجهه
ڪوٽن
جهلي لکئي جي لکن، نه ته ڪوٽين جالي
ڪانڪا. |
٦- |
واري سيجون ڀانئيان، هت مور نه جالي
من
پنهور مند پسين جي، سرهو سانگ جي ڪن
پسين لاءِ پنهواريون، اسر ويل اٿن
ڏونئرا اباڻي ڏيهه جا پيون ساهيڙيون
سنڌن
ٻڌيو جهلڪ جهوليون منجهان ڪوڏ ڪتن
وٺڙا مينهن ملير تي ساوا سر سڄن
ڇانگون ڇيڙي ڇڏيون پهون پنهوارن
اچن ويل اجهور جي ڀٽاريون ڀاڻن
ٻڪر ٻاٻاڻن جا گوندن پاس گڙن
هت وسريس هن کي، هت جڙيس جنجيرن
منئون مور نه وسرن مونکي اجها اباڻن
هيڏي سڪ، سرائي چئي، ساڪاٽي ڪيئن
ڪوٽن!
جهلي لکئي جي لکن، نه ته ڪوٽين جالي
ڪانڪا. |
ڪريم بخش گڏاڻي
]ڪريم بخش پٽ مرزو خان گڏاڻي، ڳوٺ نظر علي پتافي (تعلقو
ميرپور ماٿيلو) جو ويٺل هو. سنڌي ۽ فارسي پڙهيل
هو. بلوچي ۾ به شاعري ڪيائين. سنه ١٩٠٨ع ۾ گذاري
ويو.[
سسئي
١- |
ڪامڻ هلي ڪيچ ڏي ڪري ڪشالا پنڌ
نايون نيڻ نهاري هوت نه انهيءَ هنڌ
هن کي سچي سڪ پنهون جي سا ڪيئن ڇڏي
رند
پاهڻ پير پٿون ڪيس سيءَ سڪايس سنڌ
لڳس پيچ پنهونءَ سان، ٻي برهه پسايس
بَند
پوءِ هيءَ حقاني تند، نيئي وڌي پير
پنهونءَ جي. |
٢- |
نيئي وڌي پير پنهونءَ جي، هي ڪر کڻي
ڪامڻي
بيٺي ڪر موڙي
جهلي پلي نه رهي هي تر جيتري توڙي
ڪري ڪشالا ڪيچ ڏي هي لکيو ٿي لوڙي
مٽ نه ڀانئي پاڻ سان هي جتي جان جوڙي
هي ڇپر ٿي ووڙي، سا وڃي پئي پير
پنهونءَ جي. |
٣- |
وڃي پئي پير پنهونءَ جي اٿس ڇپر ڇيهه
اٿس ڪاڍاڻو ڪيچ ڏي کڙين لائي کيهه
آتاريو ارواح کي ڏئي ريب منجهارون
ريهه
|
|
هن کي سچي سڪ پنهونءَ جي کنيڙس بيحد
بيهه
جهجهو جهر جهرڪي ڏسيو وڻ ساڻيهه
سا مر منڌ ماڻي ڏيهه، جا حجائتي هوتن
جي. |
٤- |
جا حجائتي هوتن جي اٿس سڪ سچي
عشق جي اليل مؤن رتي ڪانه رچي
ڏنگي ڏير ڪري ويا ڪامڻ ساڻ ڪيچي
نال نه نيائون نار کي عجيبن اچي
پوءِ هيڙس سڪ سچي، وڃي پئي پير
پنهونءَ جي. |
٥- |
وڃي پئي پير پنهونءَ جي پرهه ڦٽي
پرڀات
ڪامڻ ڪچائي ڪري سمهي ساري رات
صبح جو سيجؤن اٿي سا ڪيئن پهچي ساٿ
مڻين محبت منڌ کي مر ڳولي جبلات
اجها گڏبي هوت کي ايها وائي وات
پوءِ ڳوليندي جت ذات، وڃي پئي پير
پنهونءَ جي. |
٦- |
وڃي پئي پير پنهونءَ جي محبت ڪيڙس ميڻ
قربدار ڪامڻي ڪيئن لڄايئي سيڻ
پسيو ڄام پنهونءَ کي مرجان ٺريس نيڻ
پوءِ متان ڏئي ڪو ويڻ، هي محبت وڌي
مامري. |
٧- |
محبت وڌي مامري، هي جهلي نه رهي جهل
لڳي هس لئون حق جي نه پيڪن نه پل
دلبر دل کسي ويس جانب لئي هس جهل
درد مندياڻي دوست جي ڪين رهي هيڪل
اوچتي اپاءَ جي ڪانه رکيائين ڪل |
|
رني ٿي رت گاڏئين ڏيئي آب اڇل
آرياڻي جي عشق لئي هس گهوڙا ۽ گهل
ٻانڀڻ جو ٻه ٻروچ سان هو لکيو روز ازل
پوءِ مر وڃي هيکل، جنهن کي سچي سڪ
پنهونءَ جي. |
٨- |
جنهن کي سچي سڪ پنهون جي، ڪيائين
بينسر
بولا ويس وڳا تنهن ويل
ڇڏي هلي طول ويهاڻا عطر تيل ڦليل
ڀنڀورئون ڀڙڪو ڏيئي لنگهي منڌ سويل
پاهڙ ڏونگر پٽيون رو ٻڌائين ريل
گڏيس، گڏاڻي چئي، منجهه ڪوهياري ڪويل
ڪامڻ جو، ڪريم بخش چئي، ٿيو ميلاپو ۽
ميل
جا پيئي رند سويل، سا مر ملي محبوب
کي. |
دلمراد مري
]دلمراد پٽ عيسيٰ خان مري بڊاڻي (ويٺل لڳ ڦلهڏيون، تعلقو کپرو، ضلعو سانگهڙ)
سٺ سال کن ٿيا جو ١٩١٠ع ڌاري گذاري ويو. وڏي طاقت
وارو ۽ همت ڀريو جوان هو. گهڻائي بيت چيائين، جن
مان ڪي سندس عزيز عيسيٰ خان مري مرحوم (وفات ١٩٧٠،
عمر هڪ سؤ سال) کي ياد هئا، ۽ اسان کانئس ٻڌي
قلمبند ڪيا.[
مارئي
١- |
سورهن سڪون سانگين جون، مونکي هيئين
منجهه هرن
چونڊي ڦوڳ هٿن سان چاريان منجهه چرن
وچينءَ جو وڍن تي هو پپن تي پهرن
دم دم، دلمراد چئي، آءُ جاد آهيان
جيڏين
مٿو مور نه ڌئان، هوند مر هجي مينڍن
پٽ پرهيندس ڪينڪي اڌو ٻنڌ انگين
جي تون ساٽ گهڙائين سومرا، سي تنهنجا
سڀئي سڙن
جيڪا مونکي ڏني الي اباڻن، سا سونهي
منهنجي
سينڌ تي. |
دلاور خاصخيلي
]دلاور خاصخيلي ڳوٺ وڏي سائدي (تعلقي گمبٽ) جو ويٺل هو. ١٩١٠ع ڌاري ستر ورهين
جي عمر ۾ گذار ي ويو.[
مارئي
١- |
جهڻ پين، جهنگل رهن، ڏين آنهن تي آرا
مارو پنهنجي مال لئي وارن ٿا وار
دڙن تي، دلاور چئي، لاهن سج سارا
سومرا سردارا، موڪل ڏي ته ملير وڃان. |
شادمان مري
]شادمان ولد چاڪر خان، مري بلوچ، ديهه ڪنڊيرو تعلقي کپري جو ويٺل هو. مشهور
شاعر شادي مري جو ڀاءُ هو. وڏي بيماري ١٩١٨ع ۾
وفات ڪيائين.[
مارئي
١- |
وٺا مينهن ملير تي موهر ٿيون موڪون
کاوڙ ۾ کيٽ پڪا، ڪيون پاڙيچن پوکون
هت هزارين حاڪم ٿيا، نه ڪيون ڪنهن رعيت مٿي روڪون
بيڏوهيون بند ڪري، راءِ نه ڪنهن
روڪيون
ميان مسڪينن تي هيڏيون تڪليفون توڪيون
عمر اجو کيون، ڪنهن سان ٺهن ڪينڪي. |
٢- |
وٺا مينهن ملير تي، سانگي ڪندم سانگ
توڏيون ڀر تلين جي، رميو رهن راند
توکي عمر ادو ڀانئيان، ڪين قبوليئين
ڪانڌ
اسان وٽ ٻولي ناهي ”ٻه حق“ جي، نڪي
ڪنهن کي ڏين پاڙيچيون پلاند
اسين گذاريون انهيءَ ملڪ ۾ جا ٿي هڪ
ويڙيون ٻي واند
توکي ڪنڍو ناه قهار جو، تڏهن ٿو ڪرين
بيڏوهيون باند |
|
آهين سومرا سرياند، تون ٿو هيڻن تي
هلائون ڪرين. |
٣- |
سمجهه شرع ڪر سومرا، هيئن نه ڪر هاڃا
مان ني موٽي مائٽين ويڙهيچن وڃان
اٿم اڪنڊ اوڏهين اباڻن اڃان
جا ٿي جاليو نه سگهان، هي ماڙيون ڪيئن
مڃان
عمر اباڻن کي هي ڏونگهو ڪيئن ڏيان
هاڻي ڀيو شال ڀڃان، وڃي ويڙهيچن سان
(١) |
٤- |
وائي ويڙهيچن جي اها وه وسار
جان جاليندينءَ مارئي ڌرارن کؤن ڌار
ڪارهن من ڪري ويا تنهنجا پٽ چڙهي
پهنوار
وسؤن ورندا ڪينڪي موٽڻ ٿن ميار
ويهي ڪر ويچار، عمر ڪانڌ اهو اٿي. |
٥- |
حق قبوليم هڪڙو، سامان ٻه حق ڪندي
ڪانه
اصل اسان جي ملڪ ۾ هي مرڪ اسان جو مان
ڇتان ڇانئي ڇڏيا سنگهارن سجان
وهان ويڙهيچن ۾، جن جي ڪمي آهي ڪانه
مئيءَ جو ور وطن ٿيون جيئري منجهه
جهان
هيڏي عمر سومرا، شل ڪنهن سان ٿئي ڪام
پلئه پيئي پير جي آءُ سچي آهيان سام
اچي بند بَنديءَ تان معافي ڪندو مان
سائين سچن جا رکي ٿو، شادمان چئي شان
ٻي ڪچي سڄندي ڪانه، آءُ ٿي ڪريان سوال
ستار کي. |
طيب خاصخيلي
]طيب خاصخيلي اصل ٻيراني (تعلقو شهدادپور) جو ويٺل هو، پوءِ لڏي اچي دنبالي
پراڻي ۾ ويٺا. سانوڻ ۽ بچائي فقير رند جو ساٿياري
هو، ۽ سندن مقابلي ۾ ميلن تي بيت ڏيندو هو. آڳاٽو
وفات ڪيائين.[
مومل راڻو
١- |
مومل تنهنجي من ۾ هئي دعا دل مٿي
چوڏهين تاريخ چنڊ جي تو منع ڪئي مونکي
تنهنجو سمن هو ساميءَ سان رکيل ڪاڪ
مٿي
اندر کوٽو آدمي خطا سو کائي
هڪڙي رکي من ۾ ٻي ٻاهر ٻڌائي
ڪوڙ جي منزل ڪيتري، توڙئون ڪو لوڪؤن
لڪائي
ساڌو ري سنگت نه ڪجي جنهن جي پڪ پڇاري
ناهي
ڪامڻ انهيءَ ڪاڪ تي تو ڇڏيا ڪيئن ڀورا
ڀلائي
آءُ هئس راڻو مشهر ملڪ ۾ منهنجي توکي
خود خبر آهي
درس تنهنجي دائي کي مون ڇڏيو ماري
مڃائي
اها نياء پڇ ناتر کان ڪنهن پر ڪوٺائي
تهت مڃيندي، طيب چئي، هيءُ منهنجو
آزمودو آهي
مومل مهڻا م ڏي، ات نه هئي ويل وڙهڻ
جي. |
٢- |
راڻا ڪاڻا ڪوڙا هي ڳهڻا ڳالهه نه ڪن
ڦاٽي نه ڳنڍي، رٺو نه پرچايو، سي ڪيئن
اڏيا گهر وسن
ڌي بنا اؤن پٽ جي سڪا بند چئجن
عورت ويچاري ور ري، توڙي ڀرسان ڀاءَ
هجن
پاڻي بنؤن پوک نه ٿئي جي وڃي هاري هٿ
وجهن
درد بنؤن دانهن نه نڪري جا سين ڦٽ ڇٽن
خوشيءَ بنؤن کل نه ٿئي، توڙي سڄڻ گهر
هجن
ماڻهن کؤن مير مينڌرا اصل خون خطائون
ٿين
اچي ڪامل ويهه ڪاڪ تي سوڍا انهيءَ سين
توبهه ڪيم، طيب چئي، انهيءَ اهڃاڻن
اي راڻا روسامن، ڪيئن ماڳ ڦٽايا
مينڌرا. |
تنگئي گبول
]تنگئي پٽ الله رکيو گبول، ڳوٺ صابو خان گبول (ميرپورساڪري کان ڏيڍ ميل
اولهه) جو ويٺل هو. سندس وڏن مان نٿالو ۽ موسو
مشهور شاعر آهن. پاڪستان کان ٻه سال اڳ گذاري ويو.[
١- |
سنگهار منهنجا سپرين، سيبو جي سکجي
کڻي سئي صحبت جي ويهه پرين منجهه پکي
احوال جي اندر جا لالن سڀ لکي
هو پچ اچي پرزا ٿي تنهن کي لوڪ به ڪين
لکي
سنگهار جي سکي، ته چونڊي ڀر چين کي
|
٢- |
سنگهار منهنجا سپرين، هڻن سنها سيبا
سين
کڻ سکن خريد ڏيئي تنهن کي بيحد وٺائن
بين
تن کي مس مهانگي نه ملي ڪاغذ ملي ڪين
تنهن منجهه لکن خبرون خيرجون جي اچن
عاشق امين
اهو سلامن وارا صحيح ٿيا هاڻي چؤڪي
چونديا چين
ڪج ترس، تنگئي چوءِ، زورو مٿي زمين
ٿي عاشق يار امين، چونڊي ڀر چين کي. |
٣- |
سنگهار منهنجا سپرين سيبو ڪج سهي
جنهن جي مشڪل هجي ماڙهو کي سوسکجي
سڀوئي |
|
رکج تن ۾ هوش، تنگئي چوءِ، پڻ محبت
سين مئي
سکج سڀوئي، چونڊي ڀر چين کي. |
٤- |
سنگهار منهنجا سپرين تنهنجي سيبي
سرهائي
اوتي عطر اڱين تي پٽ به پرهائي
آڻي پٽ ڪري نٽ ڪيئن همت هزاري
هڪڙا ريب ٻيا خريب وڌئين منڊيون
موچاري
اها بکيا تو جي رکيا سي اجرن اوتاري
انهن کڻن تي جو ڳڻن آهيان جانب جياري
آڻي پر عجيبن جي ڪريون محبت موچاري
اها سويري، چونڊيو ڀري چين کي. |
شفيع محمد
]شاعر شفيع محمد، لس ٻيلي جو ويٺل، اٽڪل ١٨٩٠ع ڌاري ڄائو.[
سسئي
|
ڀنڀوران ٻاهر پئي، گس ڏسيون گوندي
هو ٿي وئي وڻڪار مان ڪوهيارو ڪندي
جبل ۽ جانار جا، ڪي ڏونگر ڏوريندي.
جن گهٽين تان گهوٽ ويو، تٿن لڪن تان
لڙندي
ٻانڀڻ تنهن ٻروچ لاءِ، ڪي ڪهه ڪيڪون
ڪندي
چئي: ’بي‘ اکر بسم الله جو، آءُ
پنهنجي پرين لاءِ پڙهندي
شرم ڀرم ۾، شفيع محمد چئي، ور وري
ورندي
مهندان شال مرندي، پيرانديءَ پنهون
ڄام جي. |
محمد صديق پلي
]محمد صديق پٽ محمد عمر پٽ محمد عالم ذات پلي، ڳوٺ سگهه، تعلقي کپري، ضلعي
سانگهڙ جو ويٺل اندازا سنه ١٨٩٠ع ڌاري ڄائو. غربت
۽ آسپاس ۾ مڪتب وغيره نه هجڻ سبب تعليم حاصل ڪري
نه سگهيو، مگر بيت ننڍپڻ کان ئي چوڻ لڳو. هارپو
ڪري گذر ڪندو هو. ڪچهرين ۾ بعضي نڙ تي بيت به
چوندو آهي. بيت تمام گهڻا چيا اٿس، جن مان ڪجهه
بيت هيٺ ڏجن ٿا.[
سسئي
١- |
سسئي تي سورن آهي برهه باهه ٻاري
سنجهي ساٿ لڏي ويا، ڪيچين ڪين اٿاري
ڳولي گام گهٽيون، ڏسي اوطاقن ۾ انڌاري
وؤڙيندي وندر ۾ ويٺي ڪين ويچاري
مرون گهمن ملڪ ۾، چيتا چوڌاري
کائيندا هن کاڻيءَ جا نيٺ ماس مرداري
سک سنڀالي، صديق چئي، مون رکي يار
ياري
پنهل پوئواري، سرتيون! ڪندو سڃ ۾. |
٢- |
سرتيون! سڃ ڪري ويا، ڀنڀور بازاريون
کڻنديس پير پنهون٤ جا، اديون! ڏيئي
اوڇنگارون
جتن لاءِ جبل ۾، ڪنديس ڪوڪارون
سڻندو سڏ منهنجا، ڪي پنهل پڪارون |
|
حرف منهنجا هوتن تي، آهن محبتي ميارون
ٻانهون ٻڌي ٻروچن کي، ڪيم کلي کيڪارون
ڇڏي ويا ڇپر ۾، مونکي پرديسي پيارون
مونکي ياد محفل جون من ۾ ملارون
سڃن ۾، صديق چئي، سڻان هڪل هونگارون
ڪيچين قطارون، مونکي ويندي گڏبيون واٽ
۾. |
٣- |
ويندي گڏجن ها واٽ ۾، پر تنهنجو بخت
ڦٽو ڙي
تون سيج وڇائي ستئين، کاڻي مٿي کٽ ڙي
جاڳي تون جتن کي، ڪرين ها منٿ مٺڙي
جاڳي تون جتن کي، ڪرين ها پلاند پوتڙي
جاڳي جتن مهندان، تون روئين ها رت ڙي
ڪين ڇڏين ها ڪيچي توکي، ڌاري ڪري هت
ڙي
وٺي وڃنئي ها پاڻ سان، توکي اٺن مٿي
ات ڙي
تو سڃيءَ جو، صديق چئي، ٿي گوندر ها
گهٽ ڙي
رک سورن ۾ ست ڙي، ته پهچين ڄام پنهل
کي. |
٤- |
ڪيئن پهچان ڄام پنهونءَ کي، ويو ساجن
مڱ ڇني
آءُ پورهيت هيس پرينءَ جي، ڪوجهي ۽
ڪني
پنهون ورتم پرديسي، پيرن کان پني
سنجهي لڏيئون ساٿ کي تنهن لاءِ آءُ
رني
هاڻي هلنديس هوت پٺيان، آءُ ڪهڙي
ڳالهه ڳنهي
ماڻهو ڏيندم مهڻا، ته نه تو پرت پني
مون سڃيءَ تي، صديق چئي، ڪا برهه بات
بني
ڀينر! رات ڀني، آءُ کڻنديس پير
پنهونءَ جا. |
٥- |
کڻنديس پير پنهونءَ جا، ٽٽي ويم ٽولي
کڻنديس پير پنهون جا، آءُ ڏونگر جي
ڏولي
دانهون ڪنديس درد مان، ٿي گسن ۾ گولي
مون سڃيءَ جي، صديق چئي، هئي ٻانهپ جي
ٻولي
جهلي آءُ جهولي، رئان ٿي رندن ۾. |
٦- |
رئان ٿي رند ۾، آءُ سرتيون سويرو
جيڏيون! منهنجي جان ۾، دکيو دکن جو
ديرو
ويٺا ڏک وجود ۾، ڦند ٻڌي ڦيرو
ستي هيس سيج تي، آءُ اٿيس اويرو
پنهون وٺي ويا پاڻ سان، آءُ کڻان پڳ
پيرو
اڳيان ڏونگر ڏاکڙا، ٻيو ڏيهه آ ڏکيرو
سڄي عمر، صديق چئي، مونکي گوندر جو
گهيرو
جاڳندي جيرو، جتن لاءِ جلي ويو. |
٧- |
جاڳندي جتن لاءِ، منهنجو جلي ويو جيرو
پنهون ناهي پلنگ تي، وٺي ويا ساجن
سيرو
پٽي آءُ پرديس ۾، کنان پنهونءَ جو
پيرو
سورن جو، صديق چئي، مون تي دوست اڏيو
ديرو
ڀينرڙي! ڀيرو، مون تان پنهون ڪندو
پرديس ۾. |
٨- |
پنهون ويو پرديس ۾، تون نپٽ نڀاڳي
هوت وڃايئي هٿن سان تو ساجن سهاڳي
کڻ تون پير پنهونءَ جا، پئو ڏونگر
ڏهاڳي
مهندان مرون ملڪ ۾، ويٺا آهن واڳي
گوڙيون ڪريو گينڊن سان، گهمن چيتا
جهاڳي
مون سڃيءَ جو، صديق چئي، ٿيندو مرسل
مهاڳي
وٺي وير واڳي، اڪاريندو هوت هٿن سان. |
٩- |
اڪاريندو هوت هٿن سان، پر سڃي! سمجهه
ڪر
سيج وڇائي ستئين، تون نڀاڳي نڌر
سنجهي ساٿ لڏي ويو، آڌيءَ رات اسر
هل تون هوت پنهونءَ پٺيان، دم نه ديرو
ڪر
کڻج پير پنهل جا، ڏکي! منجهه ڏونگر
وڃين ٿي وڻڪار کي، تون سڃي ساڃهه ڪر
راتيون پوندئي رڻ ۾، ماس کيندئي مانگر
مون سڃيءَ جو، صديق چئي، دلبر! داد ڪر
نشو ڏيئي نادر، ويا لائي باهه ڀنڀور
کي. |
١٠- |
ڏيئي ويا باهه ڀنڀور کي، ڀڃي هوت هجت
پنهون پرديسيءَ سان، منهنجي هئي لکئي
جي لکت
پنهون پرديسيءَ سان، منهنجي صحبت
سياڪت
پنهون پرديسيءَ سان، منهنجو نينهن به
نهايت
جيڏيون! جاڙ ڪري ويا، جاني منهنجا جت
سنجهي ساٿ لڏي ويا، سچا سلامت
ڏکي لڳي ڏيرن کي، ارڏائي البت
پنهون وٺي ويا پاڻ سان، ڪيچي ڪري ڪپت
هئا سيڻ سسئي وٽ، ڪا اوچتي علامت
مون سڃئي سان، صديق چئي، ڪري ويا ڪاري
قيامت
بلوچ بي حالت، نماڻي ڇڏي ويا ننڊ ۾. |
١١- |
نماڻي ڇڏي ويا ننڊ ۾، وڌا پلاند
پوشيدن
اٺ ته آريءَ ڄام جا، ميا سڀ مچن
اٺ ته آريءَ ڄام جا، ڪٺا ڪين ڪڇن
لڏيندي ليڙا سي گونگا ڪين گڙن
سنجهي ساٿ لڏي ويا، ڇڪي تنگ توڏن
آءُ ستي هيس سيج تي، مونکي جاڳائيو نه
جتن
پنهون وٺي ويا پاڻ سان، ڏيئي ڏولائو
ڏکن
ماري ويا مٺيءَ کي، وجهي وڇوڙو ورهن
سورن ۾، صديق چئي، ڇڏيو ڇوري وڃن
موٺي مان ملن، سسئي ڇڏي ويا سڃ ۾. |
مريد مهيري
]مريد فقير پٽ در محمد مهيري، ويٺل ڪڙئي گنهور لڳ ڳوٺ ٻاگهلي، تعلقو گوني،
ضلعو حيدرآباد، اندازا سنه ١٨٩١ع ڌاري ڄائو. اڻ
پرهيل هو ۽ سڄي عمر ڇڙو رهيو ۽ شادي ڪانه ڪيائين.[
سسئي
١- |
ظلم مون زال سان، ڏاڍ ڪري ويا ڏير ڙي
نشو پياري نرمل نيائون، مون مٺيءَ کان
مٿير ڙي
مون نه ڏٺو هو، مهيري چئي، اڳ بلوچن
ڀير ڙي
اهو پنڌ لکيو هو پريٽ کي، ان ۾ ڦند
نڪو آهي ڦير ڙي
گهوٽ جهليو مون گهگهيلين جو، سو ور
وٺي ويا ويرڙي
مونکي ڪيچ پهچائي ڪير ڙي، ته ٿيان
ٻانهي ٻاروچن جي. |
٢- |
ٿيان ٻانهي ٻاروچن جي، ٻهاريان بودن
جا هوند ڀاڻ
بُري هن ڀنڀور ۾، منهنجي اٺ آيو اؤساڻ
مت ڇڏي وئي، مهيري چئي، نه وڌو مون
ڏاگهي کي ڏاڻ
’چنو‘ کڻي ويو چنبن ۾، منهنجو آرياڻي
اڳواڻ
پنڌ پيادي، پير اگهاڙا، لڳي سسئيءَ کي
سر ساڻ
اوٺي وڃي عرب ۾، ڪر ڄام پنهونءَ کي
ڄاڻ
مريد، هن مهيري کي، وٺي وڃي ڪامل ڪلمي
ساڻ
حجت هنين ساڻ، منهنجي ڪيچ ۾ هلندي
ڪانه ڪا. |
مومل راڻو
١- |
رتي پنهنجي روح جي، تو نه عاشق اڇاري
کاڻي انهيءَ کٽ مٿي، مون وڇائي پرس
پاٿاري
سامي ستل هو ڪونه ڪو، مون سومل سمهاري
تو ويهي رکڻ هو وقوف سين، چت رکي چاري
ڀاڪر ڪڍي هوند ڀيڻ مان، مون وهاڻيءَ
ويهاري
ڏسڻو هئئي ڏينهن جو، نر آهي ناري
ماري وجهين ها مرد کي، هڻي ڪامل ڪٽاري
ان مور کائي سين، مهيري چئي، تو ڪاڪ
ڪئي ڪاري
مام انهيءَ منجهه مينڌرا! آهين منهنجو
مياري
ڪر ڪامل ڪچهاري، ته نياءُ ڪريون
پنهنجي نينهن جو. |
٢- |
مرد هئين مينڌرا! تنهنجو مذهب مڙساڻو
ٻه نالا تو مٿي، هڪڙو مينڌرو ٻيو راڻو
چار اکيون تنهنجون، توکي ڪير چوي ڪاڻو
پر هڪڙو ڪچو ڪم ڪيوءِ، تڏهن توکي چوان
ڪاڻو
جڏهن منهنجي ماڙيءَ ۾ ڏٺوئي چلٽ
چوراڻو
جڏهن پوري پڪ نه ٿياءِ، هوءِ سٽي
سڃاڻڻو
ڍاٽي! تون ڍٽ ۾، هئين سورهيه ساماڻو
تڏهن وڍي مڇ مينڌرا! ڪرڻو هئئي سامي
سهڃاڻو
نه ته سٽي تنهن ساميءَ کي، هئي مڙهيءَ
تي مارڻو
ڪيوءِ ڏيهه کي ڏيکارڻو، ته توکي ڪاڻو
چيائون ڪونه ڪو. |
٣- |
سومل هلي سنڀري، اٿي راڻي پار
چئي: سوڍا! ٿيءُ سياڻو، مومل تون نه
مار
ڇنيو تولاءِ ڇوتا ڪري، هس، ڪڙولا، هار
ڇنيو تولاءِ ڇوتا ڪري، وانگوڙا ۽ وار
لاهيو ڇڏي لڱن تان، سوڍي سڀ سينگار
راڻا! تنهنجي رنج ۾، بيحد آهي بيمار
بَديون بخشي هل تون، سائينءَ لڳ سردار
آءٌ ڀيڙي هيس ڀيڻ سين، اهو ڪر اعتبار
نه مرد اسان وٽ ماڙين ۾، نڪو حاڪم هٿ
هٿيار
مون پڳ وڌي هئي پائي ۾، متان اچن چور
چڪار
هاڻي وير ڪري ويچار، ڪر هو واري آءُ
ڪاڪتي. |
٤- |
ڪيائون ڪاٺيون ڪاڪ مٿي، ميڙي ست سٿا
محبت جي ميدان ۾، آهي سر ڏيڻ سنتا
ڪيائين سڏ سردار کي، تون هادي ڏي همتا
تڏهن چرندي ڏٺائين چاهه ۾، ماڪوڙين
مٿا
تڏهن منجهاس من، مهيري چئي، گوندر غم
لٿا
هيرا، موتي، جهومڪ، جهالر، هئس مينڍي
ڦل ڳتا
سي وانگوڙا وارن مان ڇوڙيائين سڀ ڇتا
ڏيئي تلڪ تيار ٿي هٿ مينديءَ ساڻ رتا
مڙي ڪين مچ کان، ڪيائين ڪانه ڪٿا
گهوري گهوٽ مٿا، ڏيل چاڙهيائين ڏاگهه
تي. |
٥- |
مينڌرو چڙهيو مهريءَ تي، آيو اٺ به
اڏائي
راڻو اچيو روبرو، ٿو سومل سڏائي
سومل تڏهن سچي ڪريو، ٿي ڳوري ڳالهائي
ته مومل رات مري ويئي، هت عام خبر آهي
تڏهن ريهه ڪري راڻي وڌو پاڻ عاشق
اڇلائي
پئي مچ مري ويو، سر به سهسائي
جيئري هن جهان مان، ويو لاڳاپا لاهي
جيڪو گلا ڪري راڻي جي سو ماڻهو ئي آهي
ڏسو سچائي سوڍي جي، ڪيئن آيو باهه مٿي
ڪاهي
الله اجهائي آتش کي، ڇڏيو بهشت بنائي
گهڙيا مومل راڻو بهشت ۾، کلي ڳالهائي
مئي پڄانا، مهيري چئي، ڇڏيون ان بديون
بخشائي
عاشق جو چائي، سو سانگو ڪري نه ساهه
جو. |
مارئي
١- |
موڪل ڏي ته ملير وڃان، ٿڌو ڏسان ٿر
ات ڏوٿي آڻيو ڏٿ تي ڪن غاريبو گذر
کاڄ انهن جو کنڀيون، سائو ساڳ سڱر
مارو اچو مهراڻي تي پين پاڪ پلر
ڪن گلانه غيبت ڪنهن جي، پڙهن ”آلحمد“
جو اکر
حيا ۽ حقيقت جو، آهي سنگهارن ثمر
رکيائون ”قل هو الله“ قلب ۾، مڃيائون
آيت جو اکر
هيڪڙائيءَ جو هينئين تي، رکيائون دل
مٿي دفتر
عمر! تو وٽ ويهنديس ڪينڪي، جو ڪرين
ڏکا ۽ ڏمر
جيئرو اڃان جهان ۾، آهي ويٺو منهنجو
ور
شاهه اچي شفاعت ڪندو، سو سوڙهيءَ
منجهه سڌر
هيلوڪي هيل گذري رهي، پروڪي پر
ڪم نه ايندو ڪماند جو، ڳهيلا تو ڳر
مهند ٻڌين ٿو، مهيري چئي، ڪو مالڪ جو
محشر
شاعر کي انهيءَ شعر جو، الله ڏيندو
اجر
اهو لڙائيءَ جو لشڪر، توکي ڪم نه
ايندو قيام ۾. |
٢- |
موڪل ڏي ته ملير وڃان، مونکي اندر
منجهه اداس
وٺي تي ويندا رهيا، پنهوار ڪنهن ٻئي
پاس
اتي چهر رڌين ٿا چٽڻي، ڏيو لوڻڪ کي
لاس
کايو لسي خوش ٿين، مارو منگهن تي مراس
تنهنجي شربت ۽ شيرن جي بنهه نه وڻي
مون باس
مونکي ڇڏ، مهيري چئي، ڪو ڪامل ڪر قياس
مارن جي ملڪ ڏانهن مون چڙهي ڪئي چڪاس
مونکي وٺي جا واس، عمر! آيا تنهنجي
ڪوٽ تي. |
٣- |
سرتيون پرتيون پير کي، آءُ ڇيلا ڇڏيو
وڃان ڇن
سرتيون پرتيون پير کي، آءُ ٿي وڃان
ڇڏي وطن
وري ان وطن ۾، مونکي موليٰ آڻي من
وري ان وطن ۾، منهنجا پساهه شل پڄن
ڀنجهو منهنجي بُٺيءَ تي، هوءِ راضي ٿي
رکن
’قل‘ پڙهي منهنجي قبر تي، دليان
دعائون ڪن
ختمون منهنجو کاهڙ ۾، پنهواريون پڙهن
کارائين ختمي تي، پاند ڀري پيرن
مئي پڄاڻان، مهيري چئي، ٻڌان ڪوڪارون
ڪنن
ملاقات ساڻ مارن، ڪندو قادر ڏينهن
قيام جي. |
غمٽار مهر
]غمٽار پٽ کنڊو، پاڙو انساڻي ذات مهر، ويٺل چنيسر جو تڙ، تعلقو ميرپور
ماٿيلو، اندازا سنه ١٨٩٢ع ڌاري ڄائو. پهريائين ٻين
شاعرن جا بيت ياد ڪيائين، پر پوءِ پنهنجا بيت به
چوڻ لڳو. وڏو سڄاڻ سگهڙ آهي ۽ گهڻو گن کيس ياد
آهي. سنه ١٩٦٠ع کان وٺي ١٩٦٨ع تائين اسان جو ساڻس
ڪچهريون پئي ٿيون آهن. وڏي عمر جو مڙس آهي، ۽ اڃان
ڀڙ آهي.[
سسئي
١- |
پير اوهاڙي پر جا، رند ڏسي روئي
جيڏيون منهنجي جت کان، مان وڇڙان هوند
مئي
وڃي ۽ واجهائي، جبل ساڻ جوهي
ڪنائي ڪوهه ڪري، رڃ پئي روهي
هلي ۽ جلي ڏک پيئي ڏوهي
منجهي ماندي، مهر چئي، لڙڪ پيئي لوهي
جبل سان جوئي، پڇي پار پنهونءَ جا. |
٢- |
بر ٽڪرڙي جيڏيون، کپي ڪيم کوءِ
اڃ سڃ ڙي جيڏيون، سٽي ڪيم سوءِ
ڏک سک ڙي جيڏيون، جهٽي ڪيم جهوءِ
جهنگ ننگ ڙي جيڏيون، گهمان جانب جوءِ
سڪ هڪ ڙي جيڏيون، ٻي دل ۾ ڪانهي دوءِ |
|
ڏسان رسول جي روءِ، وڃان سامهين سردار
کي. |
٣- |
ملندو شال، مهر چوي، جيءُ جکي جيڏيون
بيشڪ بيند وٺي ويا هوت ڪري هيڏيون
ڄاڃي ڄام پنهل جا هن گاشن ۾ گيڏيون
گور بندن تي گهنگهرون، ڪلان هن ڪيڏيون
چانگن چاءِ چڙهي ويا، ورائي ويڏيون
راهه ويا ريليون، ننگ ڇڏي ويا ننڊ ۾. |
٤- |
اوڳي کي اوهاڙ جي خبر ناهه کري
هنڌئون هڪ ڇڏي ويا، هڻي ترت تري
گهمي جوءِ جبل سان ڪئي هئي چيتي منڌ
چري
سنجهي ستي سسئي ڍڻڪن منجهه ڍري
ڀڄي ڀيڙائي ڇا ڪري ويس ٽڪر منجهه ٽري
پيادي پنهل لئي ڏهڪي ڪين ڏري
گيري جو، غمٽار چئي، شل ايندو ور وري
چمڪن پاس ڇري، محبت وڌي مامري. |
مارئي
١- |
ارڏي عمر ڄام سان، منهنجا نٿا ٻول
ٻجهن
تنهنجو من محلات سان، منهنجو چت چڳن
تنهنجا در دروازا، منهنجو پاڻ پکن
تنهنجا عطر ستر، مان ويهان ڀاو! ڀٽن
تنهنجا بانور باڇايون، منهنجو لهه لڪن
تنهنجا حڪم حاصل، مان سونهان ٿي سرتين |
|
تنهنجا باغ بهاريون، منهنجي کوءِ وڏي
کيرن
تنهنجا کوهه کاتا، منهنجي ڦلي ڦڙيهه
چون
تنهنجون پوکان راهان، منهنجا سڱر تي
سرچن
تنهنجا پلنگ پالڪيون، منهنجا واريءَ
تي وهسن
تنهنجا کٽان کٽولا، منهنجا منهن تي
مرڪن
تنهنجا نڙ، بينسريون، منهنجا سانڀر ٿا
سمجهن
تنهنجا مهري مستانا، منهنجو ڦند ڦرن
تنهنجا مال مينهون، منهنجا ٻولاها
ٻيڪن
مرجان گڏ رهن، غمٽار چئي سانڀي سٿ رهن
جي ادب ساڻ اچن، تن تي پاند پناهه جو. |
سهڻي
١- |
مڙي ڪيئن، مهر چئي، جنهن پيتو ڏڌ ڏهي
اڳ ۾ ڄاڻ، پوءِ سڃاڻ، ثابت هئا نه سهي
اڳ ۾ ڏٺا، پوءِ مٺا، چتايائون ته چئي
اڳ ۾ لکيو، ڪنهن نه سکيو، ويڙس ڏنگ
ڏئي
اڳ ۾ صورت، منهن ۾ مورت، ويڙا ٺيڪ ٺهي
اڳ ۾ زينت، منهن ۾ محبت، هن جي پاڻؤن
پاڻ پئي
اڳ ۾ ساءُ، پوءِ ڳالهاءُ، هن جي ولهڙي
دل وئي
اڳ ۾ چرچو، پوءِ پرچو، ساهڙ سرتو، هن
به وڌو لعل لهي
لڌائين گهوٽ، پڇي ڳوٺ، هن سان ڪري
راند رهي
پيڙس لنءُ لهي، جڏهن ڏٺائين ڦير ڦليءَ
جو. |
|