اٺا مينهن ملير تي، سهنج ڪيا سردار
پهري تن پٽن تي، پڇ ته ڏيانءِ پار
ڀلي ڄائي ”ڀچٽي“، ”ڳنڍير“ ڪڍيا ڳار
ڄايا ’کيرل‘ خوشيءَ مان، ’که‘ ڪرڻ
کينڪار
”ٻٽ“ سمائي ’ٻٻري‘، ’ڏنه‘ ڪڍيا ڏار
جهل ميڙ ’جهلون‘ ٿيون، پڪو ’ڌاڃورو‘
ڌار
’اوئن‘ الاهي لڳيون، کاراهون ڏيکار
پٽ پڪا ٿي پٽن تي، ڪرڙ ڪي ڪانڌار
سها جنهن جا سهنجا ڀانيان، وهي منجه
ولهار
لٿيون سڪون ساهه جون، پٽ ڏسي پڳدار
پنجاهه اٿئي پکن جو، ڪرڙن منجه ڪٺار
موڪ پڪو ’مريڙو‘، ڏس ’للر‘ جا للڪار
لس پڪي آ ’لوڻڪ‘، ’مکڻي‘ ڏي ميار
’هرڻ-چپو‘ هزارين، مٿان مينگه ملهار
ڍاڪا پچي ڍول ٿيا، تئونگ ٻڌي تلهار
گنج گڏيا ٿي گاهن جا، ڪي ’ٽوپ‘ به
ٽنڊي دار
پڪو ’ٻرٽ‘ ٻهراڙيءَ تي بيحد بيشمار
ڪني ’ڪٽڻ ول‘ ڪيتري، ’ڏنگڻي‘ جا ڏيکار
پڪو ’سارنگ‘ ’ٻرهو‘ سيگهه مان،
’مارئي-پٿر‘ پار
لڳي مڪ جا مينهن تي، ’ڪوتڪ‘ سندي ڪار
ڀلو ڄائو ’ڀنگرو‘، ’گهوڙي-ول‘ واڌر
دليون ڄائي ’ڌڪڙي‘، ڪري ’ساوڙي‘
سينگار
موڪ پڪو آ ’مانڌاڻو‘، لکين لک هزار
’ڳيرانڙي‘ ڳوٺ ٻڌا، ’ڪيرانڙي‘ ته قرار
لکين ڪروڙين ’لنب‘ لڳو، جنهن انت نڪي
شمار
’سڻ‘ وڏا ’سر‘ موريا، ڦٽي ڪيائون
ڦلهار
لس لڳي آ ’لاڻي‘، ڏس ’ڪانڊيرن‘ قطار
ڇڳين ڇڳين ’ڇٻر‘ ڄائي ڪنهن ڪنهن منجه
ڪٺار
ڪٿي ڪٿي ’ڪانول‘ ڄائي، ولين منجه
ولهار
ڄائي ’منڍيري‘ مينهن تي، نئين ٻڌا اٿس
نار
سيوين سيوين ’سونهڻ‘ ڄائي، گڏ ٻڌي
گلذار
ڀرين ڪنڌيين ’ڀتر‘ ڄائي، بيلي ۾ ٻهڪار
ٿٻين ٿٻين ’ٿوهر‘ ڄائو، چوڌاري چهڪار
’ڪلون‘ ڪانه‘ ڪپن تي، ’پپون‘ انهيءَ
پار
’اڪ‘ ٿا اوڀڙ ڪن، ’ٽوهن‘ جي ٽهڪار
ڀيليو ڀيليو ’ڀرٽ‘ تي، ٻڌن ڦوڳ ڦلهار
ڄاوا ’واها‘ وسين تي، ڪن ٿا سارنگ
’سنهار‘
’ڪڪڙو‘ ڄائو تڪڙو، جنهن کي چريو چون
چونڊار
منا مستيون ڪن ٿا مينهن تي، جيئن پٽ
ڪن پاڻي پچار
رمڻ رانديون ڪن ريجن تي، جيئن وڌن
واڌو وار
’ڌنار کٿوريون‘، پٽ ۾ پوريون، جيئن بر
۾ بوند بهار
مينگه ملهاري ’ميندي‘، ’ڪامهين‘ سندي
ڪنار
’بوبڪ‘ باغ بهاريا، ڏس وڻ لڳن ويچار
گسي پڪا ’گولاڙا‘ جن سان ڌڙا ڪن ڌنار
’پپون‘ پاڻي ۽ پيس سان، پاڙون منجه
پاتار
ٿيو آ ترپٽ ’ترهل‘، ’ڪامهون‘ منجه
ڪٺار
تازا کاڄ ’ترابن‘ سان، ’موٺ‘ پڪا
مختيار
’ڊڀ‘، ’ڊاماهو‘ پاس ڊٻن جي، ٿماڪي
ٿوهار
’ڪرنگه‘ پڪي، ’ڪنگڻي‘ اٿي، ’سائون‘ گڏ
’سينوار‘
لکين ڪروڙين ’ڪک لڳو‘، جيڪو ليکي
ليکڻهار
’ميها‘ ڏس مٿاهين تي، ۽ دڙن تي دهڪار
ولين وري ويڙه ڪيا، چڀڙ ڏس چوڌار
پٽي ڀاڳين ڀريون ڪيون، هڪ هڪ وٽ هزار
جتي ڄائو ڳم، اتي پاڙي جي ته
پچار
جتي ڳوٺ ڳنوارن جا، اتي چارين مال
ميهار
رونشا ريڍارن جا، ڏس ٻهڪن ٿا ٻڪرار
جتن جو ٿي جوءِ، ۾ هلر ۽ هونگار
آهي چوٽ چڙن جي، جهنگن ۾ جهونگار
ڀيڄ ڀني ڀونءِ ۾، مٺي لولي لار
ڏس ته ڳه ڳوين کي، حورن پاتا هار
مهل مٺي، مانجهي چئي، سڻ ڇيرن جي
ڇمڪار
ڪلمي ساڻ قرار، جو مالڪ مينهن وسائيو. |