سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: بيت

باب:

صفحو:11 

حاجي لنڊ

        ]حاجي فقير لنڊ، ويهين صدي عيسوي جي اوائل ۾ گذاري ويو. مشهور شاعر سليمان ملاح کيس ١٩٠٥ع ڌار ي ڀٽائي جي ميلي ۾ ڏٺو، جتي نڙ تي بيت پئي ڏنائين. سندس وڌيڪ احوال معلوم نه ٿي سگهيو آهي.[

 

ست سرو

 

سرتيون! ساجن لڏيو، جيڏيون! جنهن ويرا

تنهن هالاڻي جي هل جي، پييم نه پروڙا

پنڌ اڻانگو پٻ جو، جبل جوراڻا

ڪنهن سان ڪنديس ڳالهڙيون، لڏي لس ويا

نيرانا نجوڪ ۾، گهڙيا گهاتوئڙا [1]

وجهه اني جا وهي ويا، سڙيا سکاڻا

مانديون ٿيون آهن ملاحڻيون، وارث ڪين وريا

هي بيٺيون تڪين تڙين تي، ته ايندا اڳ هئا

ڏسي عجب الله جا، هي لڙهي ٿيا لهوارا

سهڻي سرڪي پيتي، ڪيائين ميهر سين مداءُ

تاڻي گهڙي تار ۾، ساهڙ جي صلاح

ڀولو ڀانتائين ڪونه ڪو، ڪڙڪي ڪن مٿا

ات هڪڙا ونگ وارين ۾، ٻيا لڳا لهرين واءُ

 

 

ڦيريندي فڪر ۾، گهڙو ڀڃي ڪيائين ڀور ڀڪا

ثابت ساهڙ ڄام کي، سهڻيءَ سڏ ڪيا

ته هاڻ منڌ ٻڏي ٿي مهراڻ ۾، هن جا وسيلا ويا

هيس عمر ايتري، پورا ٿيس پساهه

صبوح جو ساهڙ ڄام کي، پيو سڌ سماءُ

سو ڪاهي آيو ڪن تي، ڪري ٿو فرياد!

تو ڪيئن ٻوڙي سوهڻي، ناحق ندورا

’تو ڪيئن ٻوڙي سوهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهه‘

ربّ چڙهندو تخت تي، منڊبو ميزانا

’ڏيندس ڏينهن قيام جي، دريا توتي دانهه‘

چئجان صلواتون سيد تي، هر مند هميشاهه

ويندا اهي ايمان سين، جي ڪلمون چون مها.

 

غلام علي لغاري

 

        ]غلام علي فقير لغاري بلوچ، ڳوٺ جعفر خان لغاري تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ جو ويٺل هو؛ اندازا سٺ سال کن ٿيا جو گذاري ويو. مشهور سگهڙ الله بخش لغاري سندس ڀاءُ هو. فقير غلام علي، سسئي تي ٻارهن بيت چيا، جن مان ڪجهه بيت هيٺ ڏجن ٿا.[

 

سسئي

١-

ننڊ نهوڙي سسئي، صبح ٿي ساري

نڪو سڄڻ سيج تي، نڪي ڪو اٺ اوڳاري

ڇلي پيٺي ڇپرين، سک ۽ سرتيون وساري

پريو پير پنهونءَ جا، پيئي نهبون نهاري

اڀي اوڇنگارن سان، ڏونگر ٿي ڏاري

والي ئي واري، ان کي ڪانڌ به ڏيندو ڪڇ ۾.

٢-

ننڊ نهوڙي سسئي، صبح ٿيڙس سار

پڇو سينگين سرتيين، روئي زاروزار

ڪيڏانهن هوت پنهون ويو، جيڏيون منهنجو يار

تن آڌيءَ رات اٿي، وڌا بوتن مٿي بار

هنگاريائون هليا، منجهان ڇوهه ڇپار

ستي ڇڏي ويا سسئي، ويچاري ڪنهن وار

وٺيو راهه رڙيون ڪري، سائين سڏ هزار

سا گڏجي، غلام علي چئي، ڏسي ڪيچين جي قطار

پهچي پنهون پار، وڃي هيڪاندي ٿئي هوت سان.

٣-

ننڊ نهوڙي سسئي، تنهن جو ڏير وٺي ويا ور

جاڳي جانب ناهه ڪو، پڇي پير ڀريو ڀينر

ڪيچي منهنجا ڪيچ ويا، وٺي منهنجو ور

تنهن نماڻيءَ کي نيهن جو، آهينئڙي منجهه حشر

عشق آڏو آئيو، جئن ڪڍي ڪاريهر ڪر

هلي ڪارڻ هوت جي، مٿي باسي بر

تنهن کي سورن سانوڻ لائيا، سا ڪيئن گهاري گهر

ڇلي گهڻو ڇپر ۾، ٻيو واريءَ ۾ ويتر

جفا نه آيس جيءَ کي، سا ڏوري پئي ڏونگر

سا گڏجي، غلام علي چئي، سڪ جنهين جي سر

پهچائين پرور، نيئي نماڻيءَ کي.

 

ڪارو ڪاڇيلو

 

        ]شاعر ڪارو، ذات ڪاڇيلو، ميرپور ساڪري جي طرف جو ويٺل هو. پنجاهه سٺ کن سال ٿيا جو وفات ڪيائين.[

سسئي

١-

ڪيچين، ڪارو چوءِ، آهن ميا بار ڀريا

سچ ڪر ساٿين لڏيو، وڃن ڪيچ ڪهيا

پٽ پلنگ پٿراڻيون، ٻانڀڻ کي ٻريا

مهلب، منڊيون، مروئا، هئڙس هٿ هريا

پنڌ نه ڇڏيندي پيچرو، پهڻن پير ڌريا

پسي سونهن سسئي جي، ڏونگر ڇو نه ڏريا

پنهون پٻ پريا، ايندم ساجن سامهون.

٢-

ايندم ساجن سامهون، موٽي مون هي لاءِ

”ڪارا“ ڪرم وريو، پنهون پيارا

وهان ڪيئن ڀنڀور ۾، چوءِ پنهونءَ ڌارا

پنهون پارج پانهنجا، جي تو قول ڪيا

ڀال ڀلائيون ڀانئيان، پنهون پيارا

لڪ لنگهي پري پيا، ساٿي سوارا

ڪه ۾ ڪڇن ڪينڪي، ميا متارا

ڪاڇيلا ڪارا! هي سڳر ملان ساٿ جي.

٣-

سڳر ملان ساٿ جي، ته مون ويتر وڌائي

سس نه ڏٺم سهرو، نڪو ڏيهائي

جيڪي لکيو لوح قلم ۾، سک ڳالهه سائي

سکن آءُ ڍائي، منهنجو ساجن سنگهر آئيو.

 

مصري شاه

 

        ]سيد مصري شاهه ولد سيد بلند شاهه سنه ١٢٤٥هه / ١٨٢٨ع ۾ نصرپور ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو. رضوي ساداتن مان هو. سندس پيءُ ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويو هو، تنهنڪري سندس تعليم ۽ تربيت وڏي ڀاءُ سيد فتح شاهه جي نظر هيٺ ٿي. قاضي گل محمد ”گل“ جي شاگرديءَ ۾ سنڌي، فارسي ۽ عربي جي تعليم ورتائين. سندس ڪافيون مشهور آهن. ٥-صفر سنه ١٣٣٥ هه / ١٩٠٦ع جي رات وفات ڪيائين. سندس ڪلام جو مجموعو ”ڪليات مصري شاهه“ ڇپيل آهي، جنهن مان ڪجهه بيت هتي شامل ڪيا ويا آهن.[

 

مارئي

١-

جهانگي جهلج ڪيم ڪي، جن جون جهوڪون

اندر جهنگ

سرتين سانبيڙن جا، سدا سرها سنگ

مون جيڏيون ملير ۾ ڪن ريلن اندر رنگ

ظالم زور کنيو اچين، زابر وجهيو زنگ

آهين وس الله جي، اڳيان پويان انگ

وڌا مون ولين جيئن، ٻاٻاڻن سان ٻنگ

ڏوٿيڙا ڏکائيا، تنهنجي ڏمر ڏنگ

قسمت قيد قوي جا، تاڻيو ٻڌن تنگ

نر! سڃاڻي ننگ، جهانگي جهلج ڪيم ڪي.

٢-

جهانگهي جهلج ڪيم ڪي، جن جا جهنگن منجهه جنسار

پائر پسائي آئيا، پگهر پير پنوهار

ساکهه کٿوريان اڳري، جڏن جوت جهار

هڪ تسلي تن کي، ٻيو اکين جو اوجار

ملي ماروءَ ڄام کي، من لٿو مونجهار

قسمت قيد الماءَ جا، آهن ويڙهين منجهه ويچار

باري بند بدا ڪيا، عمر ڄام آپار

”وتواصوبالصبر“ ان آيت جي آڌار

وتن ويچارا ويڙهه ۾، ٿوري قوت قرار

سي ملائيا، مصري چئي، سائينءَ رب ستار

سومرا سردار! جهانگي جهلج ڪيم ڪي.

 

سارنگ

١-

اٿيون مٿان عرفات، برسيون بيت الله تي

ڪيائون منهن مديني سامهون، ڪرنش ڪمالات

روضي پاڪ رسول جي، رحمت ريلا رات

سر کي سونهن شفيع جي، ڪيون پالوٽيون پرڀات

مشرق مغرب وچ ۾، ٿي ڀليءَ ڀت برسات

اتر اوهيرا ڪيا، ٿي اڪمل عنايات

ڏکڻ ڀريائين ڏنيون، ڏاتر مڪي ڏات

”وما ارسلنٰک الارحمته اللعٰلمين“ خوشتر خصالات

رهبر رب هلائيو، رفيع الدرجات

مصري، محمد ڄام تي، پڙهه سڪ منجهان صلوات

حيدر حمايات، ڀڳا ڪوٽ ڪفار جا.

٢-

مينڍا مينهن پسائيا، مانگ ڀني مالا

وڄون وسڻ آئيون، ڪري چوطرف چالا

اوهيرن اڇون ڪيون، بدل چڙهيا بالا

جن کي اوسر اٻالو ڪيو، سي ڪيا سانوڻ سٻالا

مال مڙيئي ملڪ جا، ٿيا مچي متوالا

اوجر احمد ڄام جي، ڪيا عالم اجالا

وڇوڙيلن وٺتيون وٽون وصالا

انشاالله تعاليٰ، سڀڪنهن هنڌ سڪار ٿيو.

 

صاحبڏنو شيخ

 

        ]صاحبڏنو شيخ، ويٺل ڳوٺ شيخ قدورو براهماڻي (شهر اٿل کان اٽڪل ڇهه ست ڪوهه اتر اوڀر طرف) قهري شيخن جي پاڙي مان هو. چون ٿا ته پٽ مري ويس، پوءِ ان جي فراق ۾ بيت چوڻ شروع ڪيائين. سنه ١٩١٠ع ڌاري وفات ڪيائين.[

 

مارئي

 

چيٽ ڦٽو، وڻ موريا، ٿيو پاڻي پوڄ پٽن

تور پهرايم تڪڙو، گهميس ٿي گهيٽن

آيو عمر اوچتو، ڪري مدي من

سوال نه سڻي سومرو، ڪنهن جي نه ڪري ڪن

بيڏو هياڻيون بند ڪري، نياڻيون تان نه نجن

اڳيان حق حساب جا، ٿيا توراڙا ترن

تنهنجي سمجهه، صاحبڏنو چئي، پيئي پنهوارن

هن ڀي اڪيريو اچڻ لاءِ، تان ٿيو وس نه ويچارن

شل وڃي ويڙهيچن، وطن واڙا جوڙيان

 

ست سرو

 

واحد وريامن ۾، تون آهين سدا ساڪارو

ميم مدايون مٽئين، تون آهين عالمن آڙو

سسئي ڏوريو، صاحبڏنو چئي، هو تين لاءِ هاڙهو

مارئيءَ ملير من ۾، سا ڪيئن وساري واڙو

سهڻي گهڙي سير ۾، جنهن ڪيو ڏاڍو ڏاواڙو

هودائم ڄام چنيسر داسڙو، وس ڪيئن ليلان لاوارو

ليليٰ، مجنون مست ڪيو، جنهن جي ڪيو قلب ڪاڙهو

مومل ساري مينڌرو، ڪري راڻي لاءِ راڙو

پني ڪر بادشاهه، هن سقيم تي سارو

اءُ پڻ عاصي بندو آهيان، ٻولڻ منجهه ٻاڙو

پسائينم پاڙو، صاحب! سانبيڙن جو.


* ھيءَ روايت سليمان جھانجھڻجي ويٺل حيدرآباد شھر جي زباني قلمبند ڪئي وئي.

[1] نجوڪ = نڪونج.

* ھيءَ روايت وسايو ڀوئو ٻروچ جي زباني قلمبند ڪئي ويئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org