سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: بيت

باب:

صفحو:15 

شير محمد لغاري

        ]شير محمد لغاري، ڳوٺ غلام شاهه لغاري تعلقي سڪرنڊ ۾ ١٢٩٨هه / ١٨٨٠ع ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ بعد پراڻن حالن ۾ آخوند محمد موسيٰ پڃاري ۽ پوءِ قاضي خان محمد وٽ فارسيءَ جي تعليم ورتائين. شاعريءَ جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هئس. سندس ڪلام گهڻو ڪري ڊگهن بيتن، مداحن ۽ ٽيهه اکرين تي مشتمل آهي. ڳوٺ ۾ لاڳيتين ٻوڏن اچڻ سبب اباڻي ڳوٺ گل محمد لغاري تعلقي شهداد پور ۾ اچي رهيو. ٦٥ ورهين جي ڄمار ۾ سنه ١٩٤٥ع ۾ وفات ڪيائين.[

 

ساراهه

١-

صدق سچي سان صاف ثباتي، پاڪ هڪا حق ذات چوان

باري رب بنائي قدرت، ذات منجهان ته صفات چوان

خاڪ منجهان سڀ خالق خلقيا، آدم ڀاتو ڀات چوان

قلزم قطره ڪل ۾ قائم، سمجهه نفي اثبات چوان

مرسل مير محمد جا رب اعليٰ ڪيا درجات چوان

صدق منجهان سردار سچي، تنهن سيد ته صلوات چوان

حامي روز حشر جي هوندو، سو سرور ڪائنات چوان

چارئي يار رسول سچي جا، نوري نيڪ نهات چوان

ڪافر جي قتلام ڪيا، تن ماري سي ماهات چوان

جن اسلام ڪنان انڪار ڪيو، سي ڪاٽيا ڪافر

ڪات چوان

 

 

پنجتن پاڪ پيارا سيئي، تن جي تن ۾ تات چوان

هردم رک تون حب تنين جي، سمجهه اها سوغات چوان

اهل نبي جا اعليٰ ڀانيان، سچا سي سادات چوان

محبت جن کي من ۾ هردم ڏينهن ۽ رات چوان

ورد وظيفو، تن ۾ تارون، لئون لئون اندر لات چوان

نيڻين ننڊ ڦٽائي، جيڪي تهدل ڪن طاعات چوان

دم دم دل ۾ دونهان دکائين، اڌوتي اڌ رات چوان

”موتوا قبل“ مئا نه مورئون، هردم سي ته حيات چوان

درس پسندا دلبر کي، سي عدن، جاءِ جنات چوان

سک ڦٽا ڪري سمجهي سارا، ڏک سان ڏسندين ڏات چوان

وحدت جي ڪر وائي ورنه! پرهه ڦٽيءَ پرڀات چوان

سخت سجهي ٿي سختي آڏو، سارج سا سڪرات چوان

ڪر شير محمد ساڻ ڪرم، شل ويندي ڪلمون وات چوان.

٢-

اول رنگ بنايا باري، عالم ۾ اظهارا چئو

قادر جي سي قدرت وارا، نت نت رنگ نيارا چئو

ڪم ڪريم ڪري ٿو جيڪي، حڪمت وارا سارا چئو

ماري پاري، پاڻ جياري، واري لاش دوبارا چئو

ٻوڙي پن ته تاري پاهڻ، قدرت سان اڻ تارا چئو

ري ٿنڀين آسمان اڏيائين، سورج چنڊ ستارا چئو

بحر انهيءَ جي ڪل نه ڪائي، بيحد انت اپارا چئو

ناهي زبان کي طاقت اهڙي، پرتان پري پسارا چئو

مرسل مير محمد موليٰ، نوران ڪيو نروار چئو

آڙين جو آڌار اهوئي، بار کنيو جنهن بارا چئو

ساري امت جو ڀي سوئي، محشر ڏينهن مدارا چئو

چارئي يار رسول سچي جا، پنجتن پاڪ پيارا چئو

خلقت ۾ ٿيا خاص خليفا، مرسل ساڻ منارا چئو

سارو جڳ به روشن تن سان، نوري نيڪ نظارا چئو

واحد ڪئي واکاڻ تنين جي، دائم دين اجارا چئو

ڪامل ڏينهن قيامت جي، سي جڏن جيءُ جيارا چئو

جي نه مڃيندا تن کي مورئون، سيئي ڪافر ڪارا چئو

سي بيهودا ته، بلوچ چئي، نت پاڻ مٿي امارا چئو

پرت پيارا پرور جا، سي سيد پاڪ سونهارا چئو

آخر ڏينهن اميد انهن ۾، سي نا وير وسارا چئو

محبت جن کي من ۾ هوندي، تن جا قرب قرارا چئو

شائق ٿي تون، شير محمد، شوقئون شڪر گذارا چئو.

 

سسئي

١-

سج ستي هئي سسئي سهجئون، ناز ڪري ڪي ناٽ اتي

ڪيچ پنهون سان پيچ به پايس، عشق چکايس چاٽ اتي

جنهن دير پنهون، ويا ڏير کڻي، تان ڪڻڪيا ڪين ڪنواٽ اتي

گوندر گڏيس، ننڊ نهوڙيس، ڪانه ٻڌئين ڪڻڪاٽ اتي

پرڀات پوءِ سا واٽ وٺي، ٿي گس نهاري گهاٽ اتي

پاهڻ پير پٿون ڀي ڪيڙس، ڦاٽي نيڙس ڦاٽ اتي

ڇو هئون چڙهيو ڇوري ڇپرين، ڪٺي ڪري ڪوڪاٽ اتي

حيران هئي، بَيران بَرين، جت گهاٽا ڏونگر گهاٽ اتي

گربه گينڊا، گرگ گدرڙ جت چيتا ڪن چيچاٽ اتي

خرگوش گجن ڪن گوڙيون گينور، ڪيهر ڪن

ڪڙڪاٽ اتي

زود زراف ڀڄن ٿا ڪيانگر، واگهن ڪيا گهوگهاٽ اتي

ڳور پٽ وتن بَرپٽ تنهين، سي جهٽ هڻن ڪڍي ڳاٽ اتي

سرهه گهمن منجهه صحرا روجهون، هاٿين ها پيهاٽ اتي

ڦاڙها، هرڻ، هزارين لومڙ، ڪن ڦيڪاريون ڦيڪاٽ اتي

ڪارا نانگ ڪاريهر پدما، واسينگ به ڪن شوڪاٽ اتي

ازده، ارڙيون، پيڻيون پٽ ۾، ڪوراڙين ڪرڙاٽ اتي

ته به دهلي ڪين دلاور، توڙي درياءَ ڪن ڌوڌاٽ اتي

حب منجهان سا حب هلي ٿي، لايس عشق لپاٽ اتي

رويو رت وهائي نيڻان، ڇپر هاري ڇاٽ اتي

چڙهيو لڪه لياڪا پائي، دونهي جي ڪا لاٽ اتي

پر ڪانه ڏٺائين وسئون ويجهي، دوران ٻي دونهاٽ اتي

آدمخور اڳيان هڪ آيس، ڪيڙس تنهن اچاٽ اتي

بي ايمان بَدو هو بر ۾، ٻڪرار ڪيس ٻوساٽ اتي

سوال ڪيائين ربّ صاحب ساري، ڌرتيءَ مان ٿيو ڦاٽ اتي

گهڙي ويئي سا گهڙي انهيءَ ۾، عاشق کان اڳواٽ اتي

پهتس پوءِ پنهون ڀي پيهي، هو پاند چني چمڪاٽ اتي

مليا عاشق، شير محمد، پڙهي ڪلمون وائي وات اتي.

٢-

سڻي سخن سسئي! تون دانه دل سان لاءِ

جي ڀائين پسان پنهون کي، ته ڪنين وجهه ڪپاهه

ٻڌ نه، ٿي ٻوڙي، ڪر نيڻين بند نگاهه

چستئون جهل چپن کي، تون ڳهلي نا ڳالهاءِ

رک سيني صدق سسئي! لوڪئون پاڻ لڪاءِ

شب روز، شير محمد چئي، پرت پنهون سان پاءِ

لاڳاپو ئي لاهه، ڀوري! هن ڀنڀور جو.

٣-

ڀانيو ڪيئن ڀنڀور کي، سسئي! تو ساڻيهه

سمهئين سک سان سيج تي، پنهنجو ڪري پرڏيهه

جاڳئين ڪين جتن لئي، سڻي سحر سنيهه

ور وڃائي ويٺئين، ڇوري! ڪيئي ڇيهه

ويجهو وڃ نه وڻڪار کي، ويچاري ٿي ويهه

ڏوري ڏوري ڏيهه، سسئي! سور پرايئي.

٤-

سسئي! سور پرائي، هيڪل ڇو هلئين

بيهودو هن بر ۾، پڌر ڇو پئين

ڏوريو ڏوريو ڏونگرين، ڏکين ڏيل ڏئين

جي پاڻ پروڙي پاڻ ۾، نر تئون نظر نئين

ته ويجهو پسين پنهون کي، آڏو ڀي اکئين

هوت پسي هنج ۾، خوبئون خوش ٿئين

اٿئي ور ويجهڙو، اندر هوت هنئين

شائق ٿي رهه، شير محمد، جيڪو دم جئين

ته پيالا پر پئين، هوند پرچي ڄام پنهون سان.

٥-

پرچي ڄام پنهونءَ سان، سسئي! تون سڻيج

منجهه صباح صبر ۾، تون راتيان ڏينهن رهيج

سينو ساهه م سسئي! ڪينو ڪفر ڪپيج

ڇڏي حجت هوت سان، تون هيڻي ٿي هليج

آزي ڪر آريءَ کي، منجهان نياز نميج

ٿي ويڳاڻي ور اڳيان، بَديون بخشائيج

ٻانهي ٿي، ٻروچ چئي، ٿي گولي گذاريج

جفا ڏيئي جان کي، پاند ڳچيءَ پائيج

اڳيان آريءَ ڄام جي، ٻانهون ٻئي ٻڌيج

پلڪ پهر پنهونءَ کي، تون ويهه م وهاريج

جيڪي واعدا ور جا، سي پورا ڪري پاريج

پوءِ پنهون سان پرت مان، چڙهي سسئي سيج

ڪلمون پاڪ پڙهيج، شوقئون، شير محمد چئي.

٦-

ڀوري! ڀانيئي ڪيئن، ديس پرايو پانهنجو

ڄائي جتي ڄائيين، هتي آئين جيئن

ڇڏي ڀر ڀنڀور جي، تيڏانهن ويندئين تيئن

سهجئون چڙهي سيج تي، تون ساجن ساڻ ستئين

رکي اون آريءَ جي، تون اڌي ڪين اٿئين

پنهون پنهنجو ناهه ڪو، هڏ نه ڀانئج هيئن

رک صحبت ساجن سيئن، ڀوري! ڇڏ ڀنڀور کي.

 

مومل راڻو

 

ريڇ رکي نا رس تون راڻا! مل هوت اچي هيڪار ميان

ررز فراق فڪر ۾ فائق، گهر ٻار ڪيم ناڪام ميان

رات ڏينهان تن تات اٿم، اي دوست! تنهنجي درڪار ميان

ڪانه خطا پيم قسم خدا جو، سڻ ڪٺل سندي ڪوڪار ميان

سيج ستي هئي سومل سهجئون، مومل سان منهن ڪار ميان

هيج منجهان سا سيج ستي هئي، خاص ڪري خنڪار ميان

لاتم ڳل به پاتم پرتئون، ڄاتم ڪين مڪار ميان

ڪارڻ آئي ٽارڻ تنهنجي، سا ڀل ڪري بدڪار ميان

سرت پيم نا ترت به تنهنجي  ڪانه ٻڌم ڪڻڪار ميان

ڪام ڌري، ماتام ڪري، ڪيئي خام اها ساڪار ميان

ري حرف وئين هي حرف ڌري، هي حرف نه آڪجهه ڪار ميان

مٺ جڏهن مون وٽ ڏٺئي، تنهن سٽ ڪرين ها وار ميان

تنهن وار ڪرين ها وار وڏا، تلوار سندا چمڪار ميان

هوش ويئي يا پوش ڌريئي، يا جوش ڇڏيئي جهڻڪار ميان

دهلئين ڪين به محلين منهنجي، جت ڌو ڌو ڌڌڪار ميان

ڪيئن ڀڄي کان ڀؤوئين، يا دهشت ڪيئي دهڪار ميان

پر محبت من ۾، صحبت سوڍا، قلب اندر ڪيئي ڪار ميان

هوت اچڻ جي، محب ملڻ کان، ناراڻل! ڪر ناڪار ميان

آءُ راڻا، سوڍل سياڻا، تو ري کاڻا هنڌ هٻڪار ميان

چڙهيا گوندر، مور نه مڙيا، سڙيا باغ چمن گلزار ميان

خاصي درس دلاسي آ تون، وڃ واسي جي وڻڪار ميان

ڇڏ ڇوهه مٺا! ري ڏوهه ڏکيءَ سان ڪوهه ڪرين انڪار ميان

هاڻي آڳ اندر جي مان لاڳ لڏو، ڪيو ڀاڳ ڀلو سرڪارميان

شير محمد کي مير محمد، ڪلمي ساڻ اڪار ميان.

 

سهڻي

 

سرڪ چکي جا سهڻي سهجئون، ڏنيس محبت مان ميهار اتي

سرڪي سڪ مان مرڪي پيتئين، من لڳس منٺار اتي

هوش حواس وياس سڀيئي، برهه ڪيس بيزار اتي

سڪ منجهارئون ساهڙ ساريس، تنهن وار لڳس تن تار اتي

دلدار مٺي دل ڌار ڪئي، جو تار وهي سو تار اتي

ڪڙڪا ڪن ڪپر جا دڙڪا، ڌو ڌو ڪن ڌڌڪار اتي

مانگر مڇ مڇيون موريون، هيبتناڪ هزار اتي

ڪم، ڪڇانئون، ٻهلڻيون ٻاهر، سهسين گهمن سيسار اتي

واگها ويڙهه، بَلائون بحري، لک لڌڙا ڪن للڪار اتي

لهريون لس لکين ٿي لڳيون، گوڙيون ٿيون گجڪار اتي

هو ساهڙ ساڻي سهڻيءَ سان، ٿي پرور پهچائي پار اتي

آيس امر الاهي جنهن ۾، سرت ويس سڀ سار اتي

قلم قضا جي ڪن ۾ آندي، لکيو لکڻهار اتي

ڇولين ڇوليس، لهرين لوڏيس، جت وسڪار هئي اڻ تار اتي

موٽي ڪين مرڻ ان اوري، درياءَ اندر ٿي غار اتي

سڪ سچي سان سهڻيءَ ڪاهيو، پوءِ نرت مليس ميهار اتي

شوقئون ورتئين شير محمد، ڪلمي ساڻ قرار اتي.

 

ليليٰ مجنون

 

پڙهندي پهريائين عشق لڳس، ٿيو مجنون ڀِي مستان اتي
ليليٰ لاءِ لڳس جا لوري، دانه ٿيو ديوان اتي

تنهن جوش،برهه بيهوش ڪيس، ٿيو هوش ڇڏي حيران اتي

سؤ ڪوهه ڪري ويو پيرين پنڌڙو، جذبي مان جولان اتي

اٺ پهر پئي ڪستئون ڪاهيس، نار نڀسنگ نادان اتي

ٿي بيراڳي بر ۾ بيٺو، سو چوماسي چوگان اتي

کوليائين خوب خوشيءَ مان کل کي، ٿيو نا رت روان اتي

سارنگ سعيا ڪيا وسڻ جا، بِرهه ڪيا باران اتي

ولين ويڙهي ڇانو به ڪيڙس، گلن ڪيا گهمسان اتي

گلزار مٿس هٻڪار هلي، ٿيو راضي رب رحمان اتي

ڪيو پير نه پاسي، هڪ جاءِ بيٺو منجهه ارمان اتي

هڪ جاءِ جهلي سو بيٺو هردم، برپٽ م پهلوان اتي

امر بجاءِ آڻي يڪي بيٺو، ليليٰ ڪاڻ جوان اتي

سنگت هيس مرن سندي، ٿيس سورن جو سامان اتي

منجهه پياس، نراس رهيو، ٻِي ڪائي خبر هيس ڪانه اتي

اکيون طرف عجيب جي رکيون، محب موٽن سي مان اتي

سڪندي کل سڪايئين ساري، بيٺو ٿِي بيران اتي

ليليٰ مليس موليٰ بر ۾، جت حب ۾ هو حيران اتي

ڇني ڇڏايس ڇوهئون ليليٰ، ڏنائون ڀاڪر منجهه پِران اتي

مليا عشق، شير محمد چئي، ڪلمون ساڻ زبان اتي.

 

سيف الملوڪ

 

مورت شاهه ڏٺي جا شاهه پري جي، ماهه مثل مهتابي

حسن جنهن جي حيران ڪيس، جيئن گهمن مست شرابي

عشق منجهارئون اشڪ وهايس، رشڪ قمر ڪنيابي

منجهه نيل نيا نو نو ٻيڙا، شوقئون شاهه شتابي

آب اندر غوراب گنوايس، گرداب ڪپر ڪن آبي

هيڪل ٿي ات جهنگل ڦريو، ڪيڙس عشق عذابي

جال ڪشال جمال ڏٺئين، پر خيال ڀانيئين سڀ خوابي

اميد ڀريو ويا قيد ڪري، ڪي باندر خرس خرابي

ٿي آزاد اتان دلشاد رهيو، برهه ڏنس بيتابي

نيشان مڪان جو ان ڏٺو، ات عاليشان عجابي

صاف صفي ۾ صورت سهڻي، گلان هئي گل نين گلابي

بندر رهي فل فند سي تي ڪيئي، منڊ هئاس حسابي

ويو دسي، ڪئي باندي واندي، آندي شاهه اها ڀي

ملڪان مرد ملائي مائٽن، ٿي ساڻن جوان جوابي

منجهه چاهه ته شاهه، ڇهه ماهه رهيو، بيواهه اتي بيتابي

سعد سدا هو ياد سيفل کي، ٿي شاد ملي تنهن سان ڀي

تقدير زنجير ۾ مير وڌو، پر نڪتو وير اتان ڀي

بديعل سيفل شاهه ملي، سا لاهي حرف حجابي

هڪٻئي نال وصال ٿين، هي آهي ڳالهه ڪتابي

محبوب ٻئي مطلوب رسيا، ٿيا خوب ڏسي خوش خوابي

مليا عاشق، شير محمد چئي، ڪلمون پاڪ ثوابي.

 
 

الهڏنو ماڇي

 

        ]الهڏنو پٽ بچل ذات ماڇي، ملاڪاتيار، تعلقي گوني ضلعي حيدرآباد جو ويٺل هو. اٽڪل سنه ١٩٤٥ع ۾ پنجاهه ورين جي ڄمار ۾ گذاري ويو. اڻ پڙهيل هو. فقط بيت چيائين. سندس ٻالڪن مان هن وقت اڪ ماڇي ويٺل ملاڪاتيار، حياتي آهي.[

 

ست سرو

 

ساراهيان سچو ڌڻي، الله جو عالمن

قصو ڪريان ٿو هڪڙو، سڻجئين ڪامل ڪن

ذڪر فڪر سومرا، خاصو حبيبن

هڪڙي عورت نالي هئي مارئي، جا رهندي منجهه راڄن

امر سين الله جي، اڙي منجهه اڏين

ساريو پنهنجي ڪڙم کي، دانهون ڪري دردن

عمر ادا، تون موڪل ڏي ته ملي وڃي مائٽن

مون کان پوءِ ملير ۾، وڄون ڪڄاڙو ڪن

مينهن مانڊاڻا ڪيا، بوندون بس نه ڪن

منگها، مرٽ، مکڻيون، پچيو پٽ پون

جن جي آندئي سومرا، سا وارج ويچارن

آءُ ته ٻه حق ڪنديس ڪينڪي، نڪي آهيان اڌرين

سسئي ستي هئي سيج تي، جنهن کي جاڳايو ڪين جتن

 

 

ڌوٻڻ کان ڌاڙو هڻي ويا، من هاڙهي هوت ملن

انگ اصل کان اهين لکيو، منهنجو پيچ پرين

ليليٰ خاطر مجنون هو بيٺو منجهه برن

عاشق تي آهيرا مٿان بنايا بازن

ماءُ چوي ٿي هير کي، رک ملاحظو ماڙهن

سا هير ويهي ڪيئن ماٺ ڪري جا رانجهن جي رمزن

ڀوريءَ ڌيءَ اتم راءَ جي، جيڪا ناز ڀري نارچون

ڦل تنهن سان ڦري ڏنو، ارو منجهه ارن

هن جو برتن ڀڄي ڀورا ٿيو، جنهن کي منگهٽ موڙ چون

مون ته برتن آندو اتهين، ڏاڍي سان ڏکن

آسڻ آديسين جي، ٿا دونهان روز دکن

هل ته سيڪيون هٿڙا، مٿي تن مچن

سيڻ ويهاري صندلين تي، رانئي راٺوڙين

تن منجهان هڪڙي ٿا همون نار چون

عاشق ٿيو اولاءِ تي، مرون پٽ چرن

گهوگو گڏجو گاروڙين سان، ڏئي واچائون نانگن

هنود قاصائي ڪيس ڪري، ڪهي ٿو ڪاتين

قادر تنهن تي قهر ڪيو، قابو ڪيو ڪرفن

رڍون تنهن ريڍار جون، پيون ڦوٽي منجهه ڦرن

پرڪونه ڏٺي هئي ڪامڻ ڪڏهن اوڙڪ جو عزمن

ڏاتار تنهن ڏهيسر کي، ڏانيون ڏهه سسين

هڪڙي منجهس ماڻهوءَ جي، باقي نو گڏهن

ايندو هرڻ بين سڻيو، مٿي ڏيو رستن

پر مڻيو سندس مغز ۾، ڪئين ٿا سالڪ چون

شمس تبريز کل ڏني، سندي جابه سرن

اٿيو خان خوشيءَ مان، لاهي ڏنئين لڱن

موکي متارا مري ويا، ٿا ڏوهه ڪلال ڪن

ستئي اچي سوڙها ٿيا، ڪو مٽ ۾ وهه اٿن

حضرت يوسف کي کوهه ۾ وڌو هو ڀاڪر ڏئي ڀائرن

حضرت يعقوب خبر وٺي، ميڙيو تن مرن

سنهن کيئون پياري نبيءَ جو ته ناهي اسان کي ڪل ڪنن

حسن مير حسين ٿا جنگي جوان سڄن

هڪل سان عليءَ جي ٿا ڪريو ڪوٽ پون

چنيسر چاڙهي آئيو، ٿا عالادين چون

ننگر ڀونگر پاڻ ۾، ڳوڌا ڳاهه ٻڌن

خان اتي کورو ڪيو، دودي منجهه ديمين

سارو شهر گرنار جو تپايو تندن

سر بنان ٻيو سوال نه ڪري، توڙي موتين ٿالهه هجن

سورٺ مڱڻهار کي، ات آڇي سؤ سٿين

چئي اول پڇندس ماءُ کان، جنهن ڏني ٿڃ ٿڻن

ماءُ چيو ته ڏجن نام الله جي، توڙي سوين سر هجن

گهايئين سر گهوٽ جو، وڄائي ساز سرودن

مومل جي محلات ۾، ڪئين ٿا رنگ رچن

ليلان شهر ليهور مان، لوڌائي لکڻن

سا وڃائي ور ولهي ٿي، رڙي منجهه راڄن

بانور ڪيائين بڇڙو، هت تڙائي تڪبرن

تخت تماچي ڄام جو، نايو سر نيڻن

سا گاڏي چڙهي گندري، تنهن کي نورئين نار چون

سمي تنهن کي سڃاڻي ٻڌو، ٻيڙو منجهه ٻانهن

پلؤ جهليو پاندڙا، ٿو ڄام ڇڪي ڄارين

سو تڙ تماچي ائيو، ويو ڏولائو ڏينهن

ڪينجهر ٻنهي ڪنڌئين، ٿا رس رهاڻيون ڪن

سهڻيءَ کي سڪ ساهڙ جي، جا ڪنبائي ڪين ڪنن

گهڙي انهي گهيڙ کان، جت تارو ٿا به ڏڪن

ڀيلو هن جو ڀري پيو، ٻر ڇڏيو ٻانهن

مڇن جنهن تي ميڙا ڪيا، اچي ورائي واڳن

ميهر مونکي مدد ٿي، ڏي دلاسو دوستن

نسوئو نالو جنهن جو، کائي کوسيو سو ڪفنن

ڪڍي مڙهه مقامن مان، کوٽي ٿو قبرن

هئولوڪ مان لوڌيو، جنهن کي ڀانيو ڪين ڀائرن

پوءِ توبهه ڪيئين تحقيق سان، هن جي آهه ٻڌي عرشن

ڪان سجان، ڪر ڌيان، تون رنجائين راڄن

اٺئي پٽ اوباهي جا، جنگ جوان سڄن

ڪڇئين ڪوڙي هيٺ ڪري چايا منجهه چنبن

سسو جمجما سلطان جو، ٿيلهيو منجهه ٿرن

عيسيٰ نبي الله جو، ويو رند وٺي رستن

ڏي حقيقت حال جي، مونکي رزاق جي به رنگن

عيسيٰ گڏيم امر سان، مونکي آيو واس وڻن

جسلمير جي دڳ تي، ڪيئن پيا گنگ گڙن

چوڳا چرن ئي ڪينڪي، اچيو نيش نمن

ناهي طاقت ڪنهن ڪنواٽ کي، ڪي باري بارکڻن

صفا صندلي سون جي، مڙهي سا موتين

سڀڪو موتي ميخ تي، چوڌاري چمڪن

سو وير ويهاريو وچ ۾، نامئي سان نکٽن

سڀئي تنهن جي تاج کي ٿا نوئي کنڊ نمن

الله ڏنو ٿو عرض ڪري، مٿان ڌر ڌڻين

جيڪي ڪلمون پاڪ پڙهن، سي مليا محمد مير کي.

 

 

سالار مانجهند

 

        ]سالار پٽ فقير ذات مانجهند، پاڙو ورياڻي، ويٺل لڳ مانجهند، ضلعو دادو، الله ڏني نوناري جو ٻالڪو هو، جيئن هڪڙي بيت ۾ چيو اٿس ته:

استاد مون تي الله ڏنو، ڪندو نوناري نظر

ساڻي ٿيندو سالار چئي، مهندان ڏيئي محشر.

پنهنجا ۽ ٻين شاعرن جا بيت نڙ تي ڏيندو هو. خاص طرح الله ڏني نوناري جا بيت ڏيندو هو. سنه ١٩٤٥ع ڌاري سٺ ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو.[

 

ست سرو

 

ساراهيان سچو ڌڻي، جو مالڪ آهي ملڪن

عجب رنگ الله جا، ٿا ڏهاڙي ڏسجن

دونهان منهنجي دل تي، دکايا دوستن

ساريان تن کي سڪ منجهان، مونکي ويل نٿا وسرن

ساعت ۾ سڄڻن جا، مونکي پلٽيو پور پون

نهوڙيو نيڻن سان، مونکي محبوبن

حسن مير حسين لئي، ماتم ڪيو ماڻهن

ڪيڏيون سختيون سر تي، ڏٺيونا اڳي امامن

مومل تي مينڌرو مري، رلي ويو رندن

مومل انهيءَ کي سمجهايو، وڌائين وڇوڙو ورهين

سسئي ڇڏي ويا سيج تي، جاڳائي ڪين جتن

وؤڙيندي پويان ور جي، ڏٺا لوڏا منڌ لڪن

 

 

عمر آندي مارئي، اتئين مارو ڪين اچي

نپائي ننڍي ڪئي ونهين ويڙهيچن

هير کي حيران ڪيو، رانجهوءَ جي رمزن

ننڊ ڦٽائي نار جي، کرڪين جي کڙڪن

تڙائي تخت تان ڇڏيو، ليلان کي لڇڻن

حرص منجهائي هارجي، ويس سڄي عمر منجهه سورن

وهه جون پيتيون وٽيون، موکيءَ متارن

سهڻيءَ کي سير ۾، ڏنا لوڏا پئي لهرين

ڀيرا ڏيو ڀاڻن تي، اچي ڌٺئين وڇون وٿاڻن

سيفل سنڀري آئيو، بديعل لاءِ بحرن

عاشق نيئي الست ڪنان، ٿا ڏولاوا ڏسن

وهه پيئندي، ورياڻي چئي، ڏٺو هو مجني کي ماڻهن

ڪئين سڌون ڪيو سير جون، اچيو واهڙ تي ويهن

انهيءَ خونيءَ ڪل کپائيا، جيڪو مانگر مڇ چون

درياءَ ٿي دور ڪيا، مٿي ملاحن

سسي جمجما سلطان جي، ٿي ڌڪي ڌرارن

اتي روح الله کي رحم پيو، جيڪو عيسيٰ نبي چون

جنهن اٿاري اڀو ڪيو، مهندان محبوبن

”لاالٰه الا الله محمد رسول الله“ ٿا منجهان پرت پڙهن

اهڙا سنگتي، سالار چئي، ڪيئن وسارجن

اچي تپايو تارن، ٻيجل کي ٻيءَ رات جو.

 

جانو براديو

 

        ]جانو پٽ الله ڏنو ذات براديو، لس ٻيلي جو ويٺل هو. لس جي مشهور شاعر مڱيي براديي جي عزازت مان هو. اٽڪل ١٩٤٥ع ڌاري گذاري ويو.[

 

مارئي

١-

پهرين ماهه پنهوار کي، پلپل پون پور

عمر چاڙهياس اٺن تي، تتي ڇڏي تور

مارئي کي ملڪ ڇڏايو، ڏاڍي ڪنهن زور ضرور

پنهواريون پکن ۾، اچيو ڪن اور

ڪڍ بندياڻي بند مان، ٿئي حاضر منجهه حضور

جيئرائي ۾، جانو چئي، ٿيا سڀئي دل دور

لاهي گهٽ گهور، موڪل ڏي ملير جي.

٢-

موڪل ڏي ملير جي، ادا ڙي عمر!

اڄ پڻ اباڻي پار ڏانهن، ڪوڏ ڪن ڪڪر

وٺا مينهن ملڪ تي، ولين پاتا ور

ٻي رات ٻاٻاڻن جا، آءُ ڦريو چاريان ڦر

اڳيان عمر راءُ کي، ڪري زاريون ٿي ذر ذر

لوئي سندي لڄ رک، منهنجا سائين سرور!

عزازيل کي اڳي هو تڙايو تڪبر

بادشاهه مون تي، براديو چئي، پردو رکج پرور

 

 

عاشق دوست انور، متان مونکي ڇڏئين محشر ڏينهن.

٣-

متان ڇڏئين محشر ڏينهن، ڪريانءِ عرض آئون

ڌڻيءَ جي درٻار ۾، ٻڌيو هٿ ٻانهون

ٽئي ماهه ٽڪي ڪانه ڪا، سا قيد مان ڪڍيائون

باغن ۾، براديو چئي، نيئي ڇوڪر ڇڏيائون

کيرون کنيائون، مارئيءَ جون شهر ملير ۾.

٤-

مارئي شهر ملير لاءِ، ڪري عرض آپار

لاهه زيون[1] ضعيف تان، ست پيڙهيا سردار

مون جيڏيون ملير ۾، ات سرتيون ڪن سينگار

آءُ ڪڏهن وساريان ڪينڪي، ويڙهيچا وينجهار

جيئري لاهينديس، جانو چئي، وڃي مارن سندي ميار

پهچان آءُ پراڙ، ٿورو ڀانيان تنهنجو ٿر تي.

٥-

ٿورو ڀانيان تنهنجو ٿر تي، عمر ڪريج احسان

پنجين ماهه پنهور جو، شرف رکج شان

آيو ڪاغذ قريبن ڏانهن، پرين سان پروان[2]

ڪڏهن ڇڏيندم ڪينڪي، درواڻي ديوان

جيم اکر، جانو چئي، پڙهان سدائين سبحان

امت تي احسان، ڪندو پاڻ ڪاراڻي.

 

ست سرو

 

ڪيف مان آيا ڪاپڙي، ڪي نشي منجهان ئي نار

تنهن کان آڌيءَ اٺ اٿي ويا، صبوح ٿياس سار

سا سسئي هوت پنهونءَ جا، پيئي پرهه پڇائي پار

 

 

سا ٽيءَ چڙهيو ٽڪرين تي، ٿي نت ٽمائي نار

ته هادي! حوض ڪوثر جو، پاڻي مون پيار

حضرت ڇوڙي هرڻي هئي، ڪري قول قرار

منڊي مهتر سليمان جي، جا هئي پيئي منجهه پاتار

جيئن هت سڳنڌيا پچن سنڌ ۾، تيئن هت پسي کين پنهوار

هن جا باندي ڇٽن بندمان، تڏهن سرها ٿين سنگهار

ليلا لڄ ڦٽي ڪئي، جا هئي هر کي مٿي هار

ڄام چنيسر داسڙو، جنهن ڀلجي مٽيو ڀنار

چارڻ چنگ ڪلهي تي، ڪيائين تندن کي تنوار

سوراءُ ريڌو هو راڳ تي، چيائين وٺ مٿو مڱڻهار

بديعل بيک بنايا، تڏهن سمجهيا سيفل دار

سونهڻي سرڪي پيتي هئي، منجهان لاٽ لغار

اوبر پيتائين ان جو، جي هئا چڱا چارئي يار

رانجهي وڏا رنگ ڪيا، جڏهن هير ڏٺئين هيڪار

ليليٰ ڪارڻ مجنون ٿيو، بيراڳي بازار

ساميءَ سوني بگري، جنهن کي هئا چٽ چڱا چوڌار

بوبنا جراڙ لاءِ، ٿي پڙ وڇايا وار

موکيءَ مٽ سنڀائيا، ٿي ڪيائين پيالن جي پچار

مريءَ مڱ ٿر مارايو، پاسي واڌو وار

مومل موهي مينڌري، چانگهي جي چلڪار

ڪلمي جي پچار، اي جانب ميڙين، جانو چئي.

 

خميسو خاصخيلي

 

        ]خميسو خاصخيلي، ٿاڻي بولا خان کان اتر طرف لس لڳ ويٺل هو. سندس جنم اندازا سنه ١٨٨٠ع ڌاري ٿيو ۽ ٦٥ ورين جي ڄمار ۾ سنه ١٩٤٥ع ۾ گذاري ويو.[

 

مارئي

١-

ڪج ميلو مارن سان، رک ڊپ ڌڻيءَ جو ڊاءُ

تو ڏي ملڪ موت جا، اڄ سڀان ايندا

نيئي ڌريندءِ ڌوڙ ۾، توکي محڪم ماريندا

ڪيا اٿئي دور دنيا ۾، توکان پريندي پڇندا

آءُ به انهن جي آهيان، سي مونکي مور نه مٽيندا

اهي لشڪر گهوڙا لاڏڪا، توکان ويسا هيو ويندا

کاهڙ ۾، خميسو چئي، وڃي آهن لاڳايا لٿا

جڏهن محمد موڙ ٻڌا، تڏهن ٿيو آجو وطن ويڙهيچن جو.

٢-

ٿيو آجو وطن ويڙهيچن جو، ويم لاڳاپا سڀ لهي

جيجان! ڳالهيون جيءَ جون، ڪونهي سور سهي

اوٺي اباڻي پار جو، پڇان روز پئي

سرتين سينها موڪليا، مونکي چٽا رات چئي

کڻيو ڏين خوشيءَ مان، منجهئون پس پهي

 

 

 

پيارين ٿيون پٽن تي، اها مٿي ماڳ مهي

ويندءِ ڪوٽ الوٽ ٿي، ڇڏي تاب تئي

اهي کاڻا کڏ، خميسو چئي، تون وانچي ڏس وهي

ريلن پاس رهي، آهن مارو متارا ٿيا.

٣-

مارو متارا ٿيا، کائي ڏؤنرن ڏات

هڪ ونجهل ويڙهيچن جي، ٻي وائي اٿم وات

اها مورو وساريان ڪينڪي، سندي جهانگين جات

کاڻا کڏ، خميسو چئي، واهيان ڪيئن اجها ۽ آڏات

پکن منجهه پرڀات، ٿيون خوشيون ڪن کٿيريون.

 

مريد مري

 

        ]مريد، مري بلوچ ضلعي سانگهڙ جو ويٺل هو. سندس بيت نڙ تي چيا ويندا آهن. سنه ١٩٤٦ع ڌاري وفات ڪيائين.[

 

ليليٰ مجنون

١-

رهبر گڏيا رات جو، اتي ليليٰ جي ڪن لات

عاشق کي اچي ويئي، اها وائي منجهه وات

ملان ته ماندائي لهي، منهنجي تن اندر ۾ تات

اٿيو اڌيءَ رات جو، ڪري پڙٻولون پرڀات

مجنون پيو مستيءَ ۾، سڪي ساري رات

عاشق کي اثبات، اٿئي مندئون معشوقن جي.

٢-

قيس کان خبرون خواب جون، اچيو پاڙيچيون پڇن

ڪڇي پڇي ڪونه ٿو، آهي ستو منجهه سورن

پڇيو پڇڻ واريون، موٽيو ماڳ وڃن

ڪٽجي قيس ڪارو ٿيو، دونهاٽيو دردن

مري چئي، تنهن مست لاءِ، فوجون فڪر ڪن

ويڄ سڀ ورن، ڦڪين فرق نه ڪيو.

٣-

مصر وڃي ٿو مجنون، هن سان بيٺي ڏئي ماءُ مٿا

محب منهنجا سپرين! جانب ڇڏ نه جاءِ

هڪڙي اڃ ارؤ جي، ٻيو رڻ سڄي ٿو راءُ

چيٽا اٿئي چرن ۾، ٻيا آفتون ازگرا

 

 

ايندين ڇٽ، ڇري ويندا، توکي جيئڻ نه ڏيندا

تني پڄاڻا، ڪٿي مصر وؤڙيندين مجنا!

٤-

پرين پنهنجي پٽ کي، پئي صبر سيکاري

جاني جدائي ڪري، مون کان ٿيءُ م پري

موٽي ڪيئن مجنون، جيڪو آيو عشق اري

لڳيس لنؤ فراق جي، ٿو ماندو محب مري

دانهون ڪيو درد مان، فراقيل ڦري

ڦسيو ڦاڪون ٿي پيو، اندر اڌ ڪري

ڏسڪيو ۽ سڏ ڪيو، پيو سڏ ڪري

امر ٿيس الله جو، هي وريو ڪيئن وري

لکيو ٿو پري، جيڪو محب ڪيو مخلوق سان.

٥-

مسافر مجني سان، هيءُ ڪيو حال

ڪارا ڏونگر قاف اڳيان، جبل سڄي جال

مونکي مصر ڇڏيندي، ست لنگهي ويا سال

قمر قاضي اٿئي بادشاهه، ٻئي جي ناهه مجال

حافظ گهڻي حياءُ سين، سڻي سوالين جا سوال

ليليٰ ڌيءَ لال، اٿئي منڌ انهيءَ ملوڪ جي.

٦-

مڃيائين مرضيون مالڪ جون، جيڪي واحد کي وڻيون

عاشق کي اندر ۾، اچن عشق جون اڻيون

ڏکن سورن جون اچي، پيون فراقن ڦڻيون

مادر وسي مينهن جيئن، مٿان قيس ڪڻيون

ڪارا رنگيو ڪپڙا، اچيو ڀينر ڀاڄايون

ماڻهو شهر مديني جا، اچن راڄ رڙيون

ڏسيو منهن ملوڪ جو، وڃن تن جا سنڌ سڙيون

مٿان لڪ لڙيون، ڪارڻ پيو قيس وڃي.

٧-

ڪارڻ پيو قيس وڃي، مادر ڪٽي منهن ڪاڻ

روئي پٽي ريهاڙ ڪري، پٽ هڻي پئي پاڻ

ڏنجهوٽيءَ کي ڏک ٿيا، اچي انهي اهڃاڻ

چئيءِ من مجني لاءِ ماندو آهي، ساهه نه ڀانيان ساڻ

ڪوهه ڪريان قيس ري، کاڌا ۽ کائڻ

مادر روئي پئي هاڻ، گهايل پٽ گهوٽ لاءِ.

٨-

سرهه، سانباها، ٽگوش، ۽ چيهاڙون منجهه چراخن

ڀوت، ڏوت، ڀڀوت، جن جون باهيون منجهه برن

سوسيون، ڏوسيون، ڏاڪڻيون، مانديون لاءِ ميٿن

ڪوراڙون، ڪاريهل، ۽ ٻيا چيلاٽا منجهه چرن

اڙل، ازگر، آفتون، ٻيا واڪا واسينگن

چئي: اهو سانگو سر مٿان، اڳئي لاٿو عاشقن

هي مجنون اٿئي منجهان تن مستن

ڏنائين ترڪ طمع کي، فنا ڪيو فراقن

هاڻي مصر مير وڃن، هي سرهو ٿيو سرير ۾.

٩-

سرهو ٿيو سرير ۾، کٿابي کيو

اندر منجهه عاشق جي، اچي ڏساڻو ڏيو

لاهي ڇڏيائين لباس جو، لوڪ مٿان ليو

جيئڻ جو جهان ۾، کڻي راو ڇڏيو رايو

ڪري منهن مديني کان، هي عاقل اسهيو

ساجن سنبهيو، پيو مير مصر ڏانهن وڃي.

١٠-

مير مديني مان هيلو، ڪري الله توهار

مجنون موڪلائي هيلو، ٻڌي بئنسر بار

جيئن موج مهراڻ ۾، تيئن هن جي اندر ٻڌا آر

ڪامل ڪستو کنيو، ڪري سير مٿان سينگار

ويس واڳا لاهي ڦٽا ڪيائين، ٻيو ڌاريون ڪري ڌر

عاشق کي اوسار، آهي مندئون معشوقن جي.

١١-

لکي انگ عاشقن جا، ڪيائين تيڏيءَ مهل تيار

مجني کي مستيءَ جي، تن اندر ۾ تار

گهمي ۽ گهورون ڏئي، ويهي نه وڻڪار

ماڻهن کي ماٺ ڪري، هليا هئا دهدار

ڏسيو ڪاريون قيس جون، روئن زاروزار

اي مجنا مختيار، ڏنئي ڦوڙائو تنهن فقير کي.

 

سهڻي

 

آءُ جيءُ ڏيان ڏم کي، منهنجو اصل کان جيءُ نه هو

لکيو لوح محفوظ ۾، مالڪ محڪم ڪيو

اصل ڏينهن الست کان، مونکي ميهر هو مليو

چڪو هو جيئن يارن جو، واصل ور ٿيو

تو ڀانيو ته هي ميهار آ، پر اٿئي آڌر امت جو

مرسل جهڙو مڪي ۾، ڪيائين ڪو نه مٽ به محمد جو

ٻڌجو، ٻروچ چئي، اچي ساقي سيد ٿيو

آهي ڪلمون جن چيو، سي امتي ڇٽيندا ايمان سان.

 

مريد بهڻ

 

        ]مريد فقر ذات بهڻ، ڳوٺ محمد خان رند ديهه لياري، تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ جو ويٺل هو. سنه ١٩٤٦ع ۾ ٨٠ ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. انهيءَ حساب سان سندس جنم سنه ١٨٦٦ع ڌاري ٿيو هوندو. سندس ڪلام بيتن تي مشتمل آهي، جي پاڻ نڙ تي چوندو هو. بچو وساڻ، بخشو شر ۽ الهه رکيو سينهڙو سندس شاگرد آهن. بچو وساڻ گذاري ويو، باقي ٻئي ڄڻا اڃان تائين سندس بيت نڙ تي چوندا آهن.[

 

رامڪلي

١-

سفر هليا صابرين، سامين ڪئي سيبل

کنيون قرنايون ڪاپڙين، ڪلهن منجهه قنديل

هليا اٿي هنگلاج ڏي، نانگا وڄائي نفيل

ڪري ڀڳي ڪينڪي، آديسين ايل

سدائين سناسي هئا، ڏکارا ۾ ڏيل

ويا هليا واٽ وٺيو، جوڳي ڏانهن جليل

پري کان پورب ۾، ناٿ ڏٺائون نيل

هئا آديسي اصيل، جن راهه سڃاتي ربّ جي.

٢-

راهه سڃاڻي ربّ جي، سامين ڪيا سينگار

مکي ڇار ڇتن کي، واسيائون ٿي وار

 

 

 

لاڪون هيٺ لنگ ڪڍي، چوتا ڇڪي چوڌار

ڌاڳا بند ڌوتيون، ٻڌائون ٻيهار

لائي خاڪ لڱن کي، ڪڪوريئون ڪا پار

محبت جي، مريد چئي، لڳي اٿن لغار

اڻ ڏٺي ان ڏيهه جا، پروڙيئون پار

باطوني بابن کي، پيئي خبر چار

سڱيون سناسين جون، طلبئون ڪن تنوار

سامين پنڌ سهي ڪيو، هئا ويراڳي وينجهار

جوڳي هئا جهونجهار، اهڙا طالب الله جا.

٣-

اهڙا طالب الله جا، اٿيو چنگ چورين

وٽيو سڳا سورن جا، تندون سي تورين

دکايو دونهن کي، ڀڃيو ڇيڻا ڀورين

چاڙهيو پاڻ چلهن تي، گهڙيءَ گهڙيءَ گهورين

ساريون راتيون سبحان سان، آديسي اورين

سامي سمهن ڪينڪي، ڏکن کي ڏورين

عارف ٻانها الله جا، ويٺا وندورين

ڪا ڳالهه پيا ڳورين، ڪنهن ڪم لاءِ ڪا پڙي.

٤-

ڪنهن ڪم لاءِ ڪا پڙي، شائق شوق شريف

ڪنهن جي ڪن ڪا نه ڪا، گلا ۽ غيبت

طالب تڪين ڪينڪي، نڪا طمع جي تعريف

اهڙي حال حريف، گڏيا وڃي گر کي.

٥-

گڏيا وڃي گر کي، نڪري منجهان نانگا

لاتائون لڱن کي، لال ڪڍي لينگها

ڪن رڱيون ڪوڏيون، رتا منجهه رنگا

ڪپڙا ڪيئون ڪينڪي، اوڍيئون ڪين انگا

جا کاڌي جي کاپ ٿئي، توڻ نه هئي تنگها

هليا ويا هنگلاچ ڏي، سامي ڇڏي سنگها

گڏيا وڃي گنگا، حاصل ٿيا حق سان.

٦-

حاصل ٿي حق سان، گاروڙين جي گام

وهندا ويا ويراڳ ڏي، عاشق اتر عام

ڪي پهرن پهر صبح جي، ڪي پوئين وقت شام

تنگهي مان توڻ ڪندا ويا، نه هوندي مان نيران

طلب پليندا تيم مان،  تسي مان کيندا ويا طعام

اهڙا بُکن اڃن مان، جڃ ڪندا ويا جام

تن جيئري مماتيءَ جي، مريد چئي، ڏٺي ڪا پڙين قيام

مڙهيون ڪري مقام، پوري پورب گڏيا.

٧-

پوري پورب گڏيا، تاڙيون ڏيئي طاق

ويا ڪنهن ولات کي، ٽڪر جهاڳي ٽاڪ

نانگا نانيءَ گڏيا، ور ڪري وراڪ

سامي سوداگر هئا، گنگا جا گيراڪ

لکين لاهوتي نيا، هنگلاچ جي هاڪ

ڌوتيون پوتيون ڌوئي، چوتا ڪري چاڪ

ڏيئي ور وجود کي، ٻڌي لاهوتين لاڪ

ٻيائيءَ کي ٻن ڏڌئي، ڏنئون طمع کي طلاق

تڏهن وڃي ذات کان ذات ٿيا، پاڪائيءَ کان پاڪ

کٽ ماڻيائون خاڪ، وڃي عالمين آسودا ٿيا.

 

ميوو نوناري

 

        ]ميوو نوناري، تعلقي حيدرآباد ۾ نونارين جي ڳوٺ جو ويٺل هو. شاعر الله ڏني نوناريءَ جو ساٿاري ۽ شاگرد هو. اندازا ١٩٤٧ع ڌاري وفات ڪيائين. الله ڏني نوناريءَ جي بيتن ڀران بيت چيائين. سندس بيت نڙ تي چيا ويندا آهن.[

 

معجزو حضرت عليءَ جو

١-

ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن ڏني محمد کي مهار

چڱا به ائين ٿا چون، آهن چوکا چارئي يار

ڪونهي ثاني حضرت عليءَ جو، آهي اڙين جو آڌار

حسن مير حسين، کنيا باري سندا بار

مونکي پنجتن پاڪ جي، لڳي لؤن لؤن منجهه لغار

 مجني وڃي مصر پڄايو، جنهن کي ڏس ڏنو ڏاتار

ليليٰ هئي جنهن جي وات ۾، ٻي ڪري ڪانه پچار

حضرت شاهه چيو مائيءَ کي، ڏن ڏي آهي تو سندي وار

مائي چيو موليٰ کي، سڻ منهنجي خبر چار

پٽ هئم دين دنيا ۾ هڪڙو، سو به ڇڄي ٿيو ڌار

پٽ ورائي ڏينم پنهنجو، لهه مون سڃيءَ سندي سار

مائي رني موليٰ اڳيان، ميوو چئي، وهائي نيڻن منجهان نار

ته دلدل جا هسوار! مونکي پٽ ورائي ڏي پانهنجو.

٢-

پٽ مائيءَ جو پير آڻايو، ڪچهريءَ منجهه ڪاهي

 

 

آيو عشق عليل ٿي، وڳ به ورائي

کائڻ پيئڻ تنهن جو، ويو ڇوري کان ڇڏائي

شاهه پڇيس توکي هو جن گڏيو جوءِ ۾، ويو اٿئي ڦيرائي

جان ڪو ديو گڏيو دس تي، ويو ڪرمئون ڪيرائي

جان ڪا پري گڏيئي پٽ ۾، ويئي اٿئي هيرائي

جان ڪا پدمڻي گڏيئي پڙ تي، ويئي ڄيرائي

نڪا پري گڏيم پٽ ۾، جا ويم هيرائي

نڪو جن گڏيم جوءِ ۾، جو ويم ڦيرائي

نڪو ديو گڏيم دس تي، جو ڪرمئون ڪيرائي

مرشد آهينم موليٰ علي! وڃينم محبت ۾ ملائي

لڳي اٿم لئون لئون ۾، ويئي لعلائي لڳائي

پوءِ ڇڏيئين مائي موٽائي، وڃي روءِ اڳيان رسول جي.

 

ڪيڏارو

 

پهرين آيا پڙ ۾، جيڪي جوڙيائون

ٻيءَ ٻاروچل جو، طنبو کوڙيائون

ٽين ٽپي هليا، الله سان اوريائون

چوٿين چڱن چڱيون ڪري، چرخو چوريائون

پنجين پنجتن پاڪ، منڪر موڙيائون

ڇهين جا ڇٽا، وڃي وندر وؤڙيائون

ستين سيدن جا، اچي خيما کوڙيائون

اٺين امامن سان، ڏونگر ڏوريائون

نائين اهل نبي جي، منهن نه موڙيائون

ڏهين ڏس پرين جو، قائم اوريائون

ناتو نينهن جو، نوناري چئي، ٽڪي ٽوڙيائون

موليٰ سان، ميوو چئي، وري ڏک نه ڏوريائون

ڪربلا ڪڪوريائون، جي پتو لهو پرينءَ پار جو.

 

سسئي

 

تو اٺ نه ڏٺا اوٺين جا، جن کي تازا لڳل هئا تار

تو ٻولي نه ٻڌي ٻاروچن جي، جي ٻاٻيها هئا ٻار

هڪڙا هئا برادر بلوچ جا، ٻيا يڪدل هئا يار

سي ڪامل ويا ٿي ڪيچ ڏي، موڙيندي مهار

آءُ ڪامڻ چوان پنهنجي ڪرمن کي، جو لکيو لکڻهار

ترس نه پيو توڏن کي، وڌائون بودن تي بار

هيڏي مون سان هوت ڪري ويا، هيڪاندي هيڪار

ڀنجهو ڀاڻ منجها ٿيا آهن ور بنا وار

ميوو چئي، محبن جي، اڃا مون ڏي آهي ميار

جيسين اٿم ساهه سسيءَ ۾، تيسين ڪنديس پرين جي پچار

مون وڃائي آهي ڪيچين جي قطار، ماءُ! جهل نه مونکي.

 

ست سرا

١-

الله جل جلاله، آهي قادر ربّ قدير

ٻيو پيارو پرور جو، آهي مٺو محمد مير

چارئي يار رسول جا، سالڪ سڌ سڌير

پنجتن پاڪ پاڻ ۾، جيئن کنڊ ۽ کير

چوڻ هو چڱن جو، ته پار اڪاري پير

سچي سڪ هئي سهڻيءَ کي، جا سنجهي اکتي سير

ليليٰ خاطر مجني، ٿي وهه پيتا وير

هن تي رب راضي ٿي، خاوند ڪري ڏنس کير

چاهه مان ڄام چنيسر، هو پرڻيو استري امير

پهرين ٿيو ريزالو رن سان، پوءِ بڇڙو بلهزير

صحبت ۾ آهن سور گهڻا، توڙان جي تقدير

سوڍو سمجهيو ڪينڪي، هو ٻڌو ٻاون وير

اٺ اڳيئي پنڌ تي، تنهن جو ميو ماريو مير

سرچيو سيتل راءِ سان، ٿي کليو پيتائين کير

ڏاتر پنهون ڏيکاريين، پرور مونکي پير

مون جهولي پائي جهلي آهي، هاڙهي سندي هير

لما، ليڙا، لاکيڻا، ٻيا بودا اٺ بهير

ڪڍ بندياڻي بند مان، جا اندئي ڪري آسير

نه ته ويندئي ڪوٽ الوٽ ٿي، عمر ڄام امير!

ڇڏ نماڻيءَ کي، نوناري چئي، ته وڃي پئي پاڪ پنير

پسي ملڪ ملير، وڃي ڪري دعائون دل سان.

٢-

سسئي سڪ منجهان، لاهي لاڳاپا ٿي لال

مارئي ته ملير ۾، چاريا مائٽن سان مال

سهڻيءَ کي سير ۾، سانڀر ٿيا هئا سال

مومل ته راڻي لاءِ، پئي سوين ڪري سوال

ليليٰ مجني لاءِ، پڙهيو پوٿيون وجهي فال

سيفل، بديعل فراقي ڪئي، ڏس ڀلي جا ڀال

هير ڏسي حيران ٿيو، لٿا رانجهن جا خيال

مٺي، تنهن منگتي کي ڀريو سورٺ ڏئي پئي ٿال

هو سر جو سوالي سر گهري، جنهن کي ٻيا نه خيال

ماري ويا، ميوو چئي، مونکي ڪهي ويا آهن ڪال

نماڻيءَ کي نال، شل ڪيچي ڪندا ڪيچ ڏي.

٣-

ڪٿي ملير، ڪٿي موهر، ڪٿي خبر نه هئي سا مارئيءَ جي

ڪٿي سسئي، ڪٿي سور، ڪٿي بات بڻي هئي بهاريءَ جي

ڪٿي مومل، ڪٿي سومل، ڪٿي عمر ويئي ناريءَ جي

ڪٿي سهڻي، ڪٿي سير، ڪٿي پرت ڏسو تنهن پياريءَ جي

ڪٿي ليلان، لٿي لڏ، ڪٿي چنيسر جي چاري هئي

ڪٿي هير، ڪٿي وير، ڪٿي ياري ڏسو ياريءَ جي

ميوو چئي، هو قسمت ۾ لکيل، ڪل نه هئم قهاريءَ جي

نوناري چئي، نينهن اڙايان، جي خبر هجيم اختياري جي

پوءِ ٻڌي سيد جي سرداري جي، آءُ لڙڪي پيس لغام ۾.

 

حاجي محمد اسحاق

        ]حاجي محمد اسحاق، هالن نون جو ويٺل هو. ڪنهن به مدرسي ۾ باقاعدي تعليم ڪانه ورتائين، پر عالمن جي صحبت مان تمام گهڻو پرايائين ۽ شعر چوڻ شروع ڪيائين. آخرڪار پخته مشق شاعرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. سندس ڪلام جو مجموعو ”نواءِ فراق“ جي نالي سان ڇپيل آهي. ٣١ آگسٽ ١٩٤٧ع تي وفات ڪيائين.[

سسئي

١-

سرت سنجهي مان سسئي، جيڪر ڪرين ها

ته مام تو معلوم ٿئي، جيءَ ۾ هين جا

پر تو ڪين پروڙيو، اٺن جو اجماع

ڪانڌ ڪڍي ويئي ڪڇ مان، لڪائي لوڪان

رات سڄي تون ستئين، پائي پاند مٿان

هو ڪڇيا ڪين ڪٺا، توکي ماٺ سان ماري ويا.

٢-

سرجڻ سان ئي سور، پيم پلئي ڏيهه جا

ننڍڙيءَ جي ته نپاڻ کان، ماءُ رهي مجبور

سانڍي پيءُ صندوق ۾، ڳڻي ڳالهه ڳڀور

سا درس وڌائين درياءُ ۾، بحر جتان ڀرپور

وٺي راهه رسي اچي، ڀري منجهه ڀنڀور

پرٽ ڪڍي پاڻيءَ مان، دانه ڪنهن دستور

ڪامل گهر ڪلهي ڪري، آندي محمد مور

ستل هئي صندوق ۾، حاڪمزادي حور

جلوو پسي جوئيون، ۽ مرد ٿيا مخمور

منجهان شوق شعور، نڌر پاليئون ناز سان.

 

الله ڏنو مهر

 

        ]الله ڏنو پٽ گل بيگ ذات مهر، ڳوٺ ڪنڊيو، تعلقي ميرپور ماٿيلي، ضلعي سکر ۾، اندازا سنه ١٨٧٣ / ١٢٩٠هه ۾ ڄائو. کيس ٻين به ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام ياد هو. پنهنجي ڪلام ۾ ٿر جا محاوار گهڻا ڪم آندا اٿس. اڻ پڙهيل هو. پير پکڙائي جو مجاور هو، تنهنڪري ان جي حب ۾ گهڻو ڪلام چيو اٿس. مالوندو ماڻهو هو، جنهنڪري بيتن ۾ مال جا گهڻا نالا ڪتب آندا اٿس. ميلن ۽ مارڪن جو شوقين هو. سندس ٻه پٽ گل بيگ ۽ ڌڻي بخش به پيءَ وانگر سگهڙ آهن. الله ڏني ٨٠ ورهين جي ڄمار ۾ سنه ١٩٥٠ع / ١٣٧٠هه ۾ وفات ڪئي.[

 

نصيحت

١-

ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن جوڙيا سڀ جنسار

مڪا مون محبوب ڏي، سنيها ته سچار

ڪڍڏ ڪرڏ گلهو ڏيهه مان، ساندهه ڪج سڪار

موڪل ڏي مينهن کي، ته وسي ڪن وسڪار

اچي اڃين بکين جي، تون ڪل لهين ڪلتار

روزي تون اپ رسائيندڙ، داتا ڏيوڻهار

تنهنجي تڪڻ ۽ تورڻ جي، نه مونکي خبرچار

هڪڙا ڪوڙا ماڻهو ملڪ ۾، ٻيا خام وجهن ٿا خار

ڪاهيو ڪوڙ قسم تي، ڪن ظلم زميندار

 

 

حڪم حاڪمن ڇڏيو، نه عدالت آچار

ٽپن ڪڏن پيٽ واسطي، جن جي پورت ناهي پگهار

ساڌن سنتن ست وڃائي، ڇڏيو نام نڪار

پئنچن پاتا پاپ پلؤ ۾، هنڌن منجهه هيڪار

پٽ ڇڏي ٿو پيءُ کي، ڌيءُ ڇڏي ماءُ ڌار

سڻ سهي ڪر چوڏهين صديءَ جا، اٿئي اهي پار

دابئون دڙڪو دوزخ جو، ڏهڪن بيٺا ڏار

هنڌين ماڳين مرشد حامي، مدد چارئي يار

”استغفر الله مغفرت“ ويهي ڪن وينجهار

ذڪر ڪلمون راهه رسولي، لنؤ لنؤ منجهه لغار

بخش وڏا جي باري ڪيا، پڇڻ ناهي پچار

اڳيان ٿيندو ميڙو محمد ڄام جو، دين مٿي ديدار

بهشتي باغ جا بنگلا هيا، ٿوڪ وڏا ٿڌڪار

هڪ نازبويون ناز مٺيون، ٻيا هام وڏا هٻڪار

اتي سيد گڏبو ساٿ سان، ڍڪيندو عيب ستار

لاهي ڏک، الله ڏنو چئي، ڏيهه مٿئون ڏاتار

موليٰ مير مڪي جا، آهن درس وڏا ديدار

ٿيندي مهر، مهر چئي، آهيان سام سندي سرڪار

دلئون دوست نه وسري، ڪهه ڪلمي جي ڪار

اندر پنهنجو آدمي، تون ويهي وير اجار

پويان ڏينهن پڇاڙيءَ جا، سچائي سان سنوار

هيڏي هوڏي جا سڀئي ڇڏي ڏي ويچار

موليٰ مرهيندو توکي، آهين وڏو عيبدار

پرور ملندا پار، جو لهندا حرف حساب جا.

٢-

ساراهيان سچو ڌڻي، ڀلا ڪج ڀلائي

خاوند تنهنجي خيال جي، ڪل نه ڪنهن ڪائي

هڪ پاڻ ڌڻي پيدا ڪئي، امت ساري سائي

سنڀالي سڀڪنهن کي، تو روزي آپ رسائي

ڏڌ ماني ڏاتر جوڙيو، کاڄ ڏٺئون کائي

وحدت جي ته وجود ۾، عبادت ٿي آئي

پهرين پنهنجي پاڻ کي، ڏيو ثابت سوڌ سچائي

ظاهر هلو ذڪر سان، پڙهو ساڻ پڪائي

رکو نينهن نماز سان، روزا فرض سجائي

اڳيان اٿو ڪٿ ڪوهيار جي، نڪوپيش اچي پائي

پوندو ڪم قبر سان، جتي آهي آخر اونداهي
ڪوڙ منهنجي قلب ۾، آهي دل ۾ دغائي

هڪ اٿم مور کائي من ۾، ٻي چِت ۾ چريائي

خداءِ جي خوف کان، جان ڪنبي جائي

سوال ڪيا اٿم سائين کي، ته موليٰ ميٽ مدائي

پير پاڳارا، اچن وارا، ڏي دل کي واڌائي

محمد مير، دستگير، ڪن چار يار چڱائي

مون ڪيو هو عرض الله کي، جوش منجهئون جائي

خواجي پاڻ خوشيءَ سان، مونکي واحد واڳ ڏيرائي

مينهن مينگهه ملهارن جي، مند موٽي آئي

ملڪ وسي معمور ٿيو، سنڌ وسي سائي

ڌڌڪام ڌم درياءَ تي، چوٽ مٿئون چائي

کليا رو ريڻي جا، ٿي ساندهه سرهائي

اکيون نور نهال ٿيون، ڏني ربّ روشنائي

ڳوئل جو ڳئون ڏٺي هيم، داتا دل جائي

اولهه اتر پار ڏهون، ڪڪر ڪيڏائي

چلن وسن ڇوهه کؤن، ڀاڳ پيٽان ڀائي

قسمت ساڻ قرآن تي، ڏني وسيند واڌائي

تنهن تي سونا ڇٽ ڇانوها، مون ڏورئون ڏٺائي

ميوا اسان جي ملڪ تي، پيرون پڪائي

ڪنڊا ڪرڙ ڪڪوريا، ڏس کٻڙن ۾ کائي

ڏٿ اسان جي ڏيهه تي، کنڀيون کنڀائي

راڄ سڀئي راضي ٿيا، ڪا عيد وڏي آئي

ڦريا ڦوڳ ڦلاريا، ٿي ساوڙي سائي

سچارا سارا، تڙ ٿي به کارا، موليٰ! ڪج مٺائي

آر رکيو اٿس انڊهڙ تي، اڄ ڇلي ڇر آئي

چاهه رکيائين چنيسر تي، جتان موڪ مٿئون آئي

پڪي گوجي گاج جي، ۽ ساريون ساماهي

جن ٻڌا جڙوان، جو ڪڍ دل مان دغائي

خاصا پٽ کنڊو جا، ٻڌ ظاهر زنگائي

ان پاڻي عام ٿيو، اگهه پنج دريون پائي

اها خبر خير جي، ڪالهه هميرون آئي

پيرل پرچو پاڻ ۾، ڪيو صلح سرچائي

ميارون ان محبوب جون، جڳ ڏيندو جائي

ربّ ڌڻيءَ جي رحم جي، پئي ڳاڻن ڳالهه ڳڻائي

سنڀاليو سبحان کي، هت مک پنهنجي مائي

ٻيڙو تاريئي ٻڍڙيءَ جو، ڪري جرمان جلدائي

ڄاڃي ماڃي پاڻ ۾، سا گهوٽ وٺي گهر آئي

منڌ مرادان پنيون، ٿي پيس ساڻ سجائي

رڍن ساڻ ريڍار اتي، تو بُهري منجهه بچائي

ڦوٽي منجهه، فقير چئي، هيم عيب الاهي

ڇٽي مور ڇا ڪندي، اڄ لنؤ لکئي لائي

ساراهه سا هيڏي مان ڪئي، ڪاوڙ مؤن ڪستائي

حاجل پنهنجي حق سان، ڪئي ويتر وڏائي

ڪامڻ پنهنجي ڪانڌ سان، پئي رمز رلائي

ٻاجهئون جنهن کي ٻيٽو مليو، جنهن ڪئي برن ۾ بادشاهي

چنبن چانبليون چشما چاهه گهڻا، ڪئي مالڪ مٺائي

منارا محمد مير جا، جاٿي عاشق جاءِ اڏائي

ڪنر پنهنجي ڪم کي، پئي آئيءَ ۾ آگ جلائي

ٻچن سوڌي ٻليءَ جي، سڌ نه پئي هيس سائي

طبل توشا طعام تنهن مان، آئي کوري منجهان کائي

پيا پي خيال خايل کي، دل ۾ دليلائي

تنهن بحر جو ابراهيم تي، ٿيو امر الاهي

پيءُ پنهنجي پٽ تي، اڄ ڪاتي پئي ڪڙڪائي

ثابت اسماعيل تي، اڄ اضحيٰ ٿي آئي

دنبو آندائون درس سو، ڪڍي جنت مان جائي

هن امت تي، الله ڏنو چئي، تون بخشين بخش سدائي

اهي اٿو نالا نبين جا، توهين سمجهو سڀائي

هرڪا لڏي هلندي لوءِ ڏي، جاءِ ڇڏيندئو جائي

پڙهو ڪلمون راهه رسول تي، اڄ ٿيندو چڱائي

اٿو سيد سدائي، سونهون پنهنجي ساٿ جو.

 

عمر موندرو

 

        ]عمر پٽ صديق، اسحاق پوٽو، موندرو، ويٺل وانءِ لڳ کارڙي جو سنه ١٩٥١ع ۾ ٨٠، ٨٥ ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين.[

 

توحيد

١-

’الف‘ رکيوم اوڏڙو، ’ميم‘ پنهنجي من

پير منهنجو پادشاهه، جنهن جا ڏاني ڏيهه سڄن

هليو تنهن حبيب کي، ٿا سوين سلام ڪن

منهن مٺا، محب پرينءَ جا، مونکي شال ملن

اڪير منهنجي ارواح کي، سندي سڳورن

جي ٿاپڇن پير پريان جا، سي موران ڪين منجهن

من اندر جا مثال، منهنجا کوليا در دوسن

پڃرو پاڪ رسول جو، مونکي پسايو پرين

هيڏو گن گوليءَ سين، ڪيو منهنجي محبوبن
جن کي وحدت وائي وات ۾، سي ٻي نه ٻولي ڪن

جن کي دين ڪلمون دل تي، سي ٿا ايڏو رخ رکن

الهندي تان، عمر چئي، ٿي اچي بوند ڀلن

سي نيڪ نگهي نور ڌڻي، نيندا ڀلارا بهشتن

مونکي به رتو تن، جي مون کٽي ڏٺا کنڀ تي.

٢-

کٽي ڏٺا کنڀ تي، جن ڏنو رڱ رتولين رات

منهنجي من کي مشاهدو، لڳو هنئڙي طلب تات

 

 

قلب ذڪر ڪاٻارو، ٻي وحدت وائي وات

آءُ بيهان ڪيئن ڀلن ڌاران، وڃان سڳورين جي ساٿ

اڪنڊي آهيان، عمر چئي، جيءَ ڀلين جي جات[3]

جن ڏنو ڏيج ڪلمون ڏات، سي مون کٽي ڏٺا کنڀ تي.

 

 

ڦل ڪوراڙ

 

        ]ميون ڦل، پاڙو درس راڄيپوٽو، ذات ڪوراڙ، ٻنيءَ جي ڳوٺ ڀوڄرڙي جو ويٺل هو. اندازا سنه ١٨٨٢ع ڌاري ڄائو. ٻه ٽي درجا سنڌي ۽ قرآن شريف پڙهيل هو. ڏڪار واري وقت ساهوارن جي رحم جوڳي حالت ڏسي سندس دل ۾ درد پيدا ٿيو، ۽ شعر چوڻ لڳو. ٿرپارڪر ۾ لڏي اچڻ بعد منٺار فقير راڄڙ جي صحبت ۾ وڌيڪ ڪلام چيائين. سندس ڪلام جا ٻه ڪتاب ”ڦل محمدي“ ۽ ”ديوان ڦل“ ڇپيل آهن. سنه ١٩٥٣ع ۾ وفات ڪيائين.[

 

ست سرا

١-

مومل ماري مينڌرو، ويو چانگي سر چڙهي

سهڻي ساهڙ ڄام لاءِ، پاڻي منجهه پڙي

بوبنا جراڙ لاءِ، ناتي نينهن نڙي

ليلان ساريو ڪانڌ کي، تڪبّر جا تڙي

دلپسند ڪي داسڙي، ڪؤنرو هيس ڪڙي

ٻانڀڻ ٻاروچن لاءِ، سورن منجهه سڙي

ليليٰ مجنون پاڻ ۾، لڳين جيءَ جڙي

سيفل بديعل ري، گهاري تان نه گهڙي

هير رانجهي لاءِ حب منجهان، راتو ڏينهن رڙي

زليخا يوسف لاءِ، کامي ٿي کڙي

ڍول مارئي پاڻ ۾، چون بات بڙي

قرب منجهان ڪڙهي، تن عشق ننگ اجاريو.

٢-

عشق ننگ اجاريو، محمود شاهه سلطان

اياز مٿي عاشق هو، ٿيو مل مستان

هارون پير روهڙياري، جنهن جو شرف وڏو شان

سو اوڏڻ مٿي عاشق هو، داناءُ دل ڌيان

سڏيونت سارنگا نار جو، دانهه ٿيو دربان

ست حڳ سورٺ جهڙي، جڏهن ڏياچ ڏنو ٿي ڏان

همون سا حيران هئي، دوست سڏيائين دريا خان

برهه لڳو جڏهن بَروي کي، تڏهن ڪسي ٿيو قربان

داناءَ سي دل جان، جن عشق ننگ اجاريو.

٣-

عشق ننگ اجاريو، پسو پکيئڙن

بلبل عاشق گل مٿي، ائين چيو آهي چڱن

ماڻهن کان ميٺ گهڻو، سندو سارسن

جي ڌار ٿين دم هيڪڙو، ته محبت منجهه مرن

ٻيا پکي پرندا ڪيترا، عشق انٽ وٺن

ڳڻي ڳڻيان ڪيترا، ٻهر اندازن

سي هليا هنج وڃن، جن عشق ننگ اجاريو.

٤-

عشق ننگ اجاريو، اهڙي سان اهڃاڻ

قرب جو ڪوراڙ چئي، ڏٺئون مئي متو مهراڻ

اونهي ڪن عميق منجهه، کنڌي لڌائون کاڻ

هيرا لعل هٿن سين، پرچي آندائون پاڻ

مليا سي محبوب کي، وچان لٿن واڻ

ان پر عاشق اڳ هئا، سچي عشق ساڻ

هتي ڏسجي هاڻ، ڪوڙو عشق، ڪوراڙ چئي.


* ھيءَ روايت وچولي (تعلقي شھدادپور) مان ظفر بلوچ کان ملي.

* ھيءَ روايت اڪ ماڇي عمر ٥٠ ورھيھ جي زباني ٣ مئي ١٩٦٥ع تي قلمبند ڪئي وئي.

* سگھڙ ميھار مانجھند جي زباني قلمبند ڪيل.

* ھيءَ روايت محمد ھارون خاصخيلي، ويٺل لياري (لس ٻيلو) جي زباني ٢-آڪٽوبر ١٩٦١ع تي لياري ۾ قلمبند ڪئي وئي.

[1] زيون = تڪليفون.

[2] پروان = پروانو، خط.

* ھيءَ روايت علي بخش ميمڻ ويٺل مٽاريون، تعلقو ھالا جي زباني ٢٩ ڊسمبر ١٩٥٥ع تي قلمبند ڪئي ويئي.

* ھيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ميرپورخاص) مان محمد جمن بلوچ کان ملي.

* ھيءَ روايت الھھ رکيي پٽ لعل بخش سينھڙي، (عمر ٤٠ سال) ويٺل جھول جي زباني آگسٽ ١٩٥٩ع ۾ قلمبند ڪئي وئي.

* ھيءَ روايت وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان محمد بچل کان ملي.

* ھيءَ روايت اتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان محمد عالم ”شور“ خانپوري کان ملي.

* ھيءَ روايت جمن پٽ جعفر خاصخيلي ويٺل لياري (لس ٻيلو) جي زباني قلمبند ڪئي وئي.

[3]  جات = ذات .

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org