سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: بيت

باب:

صفحو:16 

غلام رسول رند

        ]غلام رسول پٽ احمد خان رند، ڳوٺ شهعلي واءِ، نبي سر روڊ کان اتر طرف ٻن ميلن پنڌ تي، سنه ١٩٢٥ع / ١٣٤٤ه ۾ ڄائو سنڌي، قرآن شريف، اردو ۽ فارسي، ڳوٺ شير محمد ڳهيلڙي (تعلقي ساماري) ۾ مولوي حاجي عبدالله ڀٽي وٽ پڙهيو. ١٩٤٥ع ڌاري هندستان گهمڻ لاءِ ويو. خواجه اجميري ۽ شيخ بهاوالدين جون زيارتون ڪيائين. اتان موٽڻ بعد ٿرپارڪر جي هر هڪ شهر ۽ ڳوٺ ۾ گهمندو ۽ اسلام جي تبليغ ڪندو رهيو. سندس محنت سان ئي ڪيترن ڳوٺن ۾ مدرسا جاري ٿيا. سندس ڪلام ٽيهه اکرين، بيتن، سٺن ۽ نڙ جي بيتن تي مشتمل آهي. ڪلام ۾ پنهنجو نالو گهڻو ڪري ”حافظ“ ڪم آندو اٿس. سنه ١٩٥٣ع ڌاري جوانيءَ ۾ ئي وفات ڪيائين.[

سسئي

١-

ساراهيان سچو ڌڻي، سائين ربّ سبحان

قادر پنهنجي قدرت سان، جوڙي جوڙ جهان

سسئي شهر ڀنڀور ۾، ڪڙهي ڪيچين ڪاڻ

بيدي ڪري بلوچ ويا، سسئيءَ سين سرواڻ

آڌي ڏيئي اٿي ويا، ڪل پئي ٿي ڪان

ڪري سڃ سنجهي ويا، مٺيءَ سين مهمان

کڻندي پير پنهونءَ جا، الله جي امان

لکون لڳن ڪوسيون، ڇپر ڇاتيءَ ساڻ

 

 

 

حق پٺيان، حافظ چئي، پرزا ڪندي پاڻ

ٿيس موليٰ مهربان، نه ته سسئي ڇڏي ويا هئا سڃ ۾.

٢-

سسئي ڇڏي ويا سڃ ۾، ڪري ڏير ڏمر

وڃي پيئي وڻڪار ۾، جتي ڏونگر جو ڏهڪر

لکين وانر واٽ ۾، وتن ڪيو ولر

منهن پيئي مرونئن جي، جتي بَهون ڪن باندر

سڻي آهه عورت جي، ڏري ويا ڏونگر

ڪري ٿي سڏ سردار کي، ڪر وسيلا واهر

ساڻي ٿيس سرور، نه ته سسئي ڇڏي ويا هئا سڃ ۾.

٣-

سسئي ڇڏي ويا سڃ ۾، ڪري ٻروچ ٻيائي

ستي هئي سيج تي، سا جيڏين جاڳائي

ڪري بيدي ڀنڀور سان، ويا سڃ سڀائي

وٺي پنهون پاڻ سان، ٿيا راتوڌا راهي

لنگهي پٻ پري ٿيا، ڏنئون ڏونگر ڏيکائي

’پنهون پنهون‘ پئي ڪري، وسريس ٻي وائي

ڏي تون ڏس ڏيرن جو، ڇڏ ڏونگر ڏاڍائي

ويندي ڀڄي واٽهڙن کان، ڪري منٿون مهندان آئي

اتان ويندي اوٺيا! ڪي ڏاگها ڏٺائي

جن پنهون نيو پاڻ سان، سي مرن ميائي

پلاڻيندي پرڀات جو نه ڪرها ڪڇيائي

چوريءَ رات چڙهي ويا، ٿيا توڏا توائي

هاڙهي هلي هيڪلي، پنهون پٺيائي

پسيو پير پرينءَ جا، ڪري وندر واڪائي

بَدو گڏيس بَر ۾، تنهن ڏنس ڏلکائي

ڪيائين سڏ سردار کي، رکج سيل سچائي!

هاڻ پرور پڄائي، نه ته سسئي ڇڏي ويا هئا سڃ ۾.

٤-

سسئي ڇڏي ويا سڃ ۾، پنهون نيائون

ڪڍي ڏاڻ ڏاگهن جا، پلاڻ پاتائون

وٺي واٽ وندر جي، ڪن هاڙهي هلائون

هليا هوت حب ڏي، مانڊاڻا مٽيائون

ڪري ڇناڻي ڇپر ۾، ڇوري ڇڏيائيون

پرٽ هيءَ پاڻ سين، نه نڌر نيائون

ترس نه تر جيترو، ڪو ڪهل ڪيائون

رولي ناحق رڻ ۾، معذور ماريائون

ڪري ٿي سڏ سائين کي، سڻ صاحب! صدائون

بخش خالق خطائون، نه ته سسئي ڇڏي ويا هئا سڃ ۾.

٥-

سسئي ڇڏي ويا سڃ ۾، پورهيت پريٽياڻي

ويا رلائي رڻ ۾، هوتن جا هاڻي

لائي خاڪ لڱن کي، ٿي جانب لئي جوڳياڻي

طلب نه رکي طعام جي، پچر نه ڪري پاڻي

ثمر ٿيندئي سڃ ۾، اڳيان آرياڻي

گڏبئي، غلام رسول چئي، هيڪر هوتاڻي

سيد ٿيس ساڻي، نه ته سسئي ڇڏي ويا هئا سڃ ۾.

٦-

سسئي ڇڏي ويا سڃ ۾، جابر جاڙ ڪري

ڇڏي شهر ڀنڀور جو، ٿي واڪي وندر ڏي

ڳالهيون ڳجهه اندر جون، ڪنهن سان ڪين ڪري

منجهه مچ مجاز جو، ٿو ٻهڳڻ کي ٻري

هيراڪ جا هنڌن جي، سا واري وڇاڻ ڪري

ٿيس سڱ سرواڻن سان، لڳي نينهن ڳري

قضا جا ڪريم جي، سا ڪنهن تان ڪين ٽري

والي وڙ ڪري، نه ته سسئي ڇڏي ويا هئا سڃ ۾.

٧-

سسئي ڇڏي ويا سڃ ۾، ڪري رات ڪلور

صبح جاڳيس سرتيون، ساجن سندو سور

سڪي ساري، ڳوڙها ڳاڙي، مڻن جا مذڪور

هلندي هوت پنهونءَ ڏي، مٺي آءُ معزور

جبل ڪل جتن لاءِ، جهاڳينديس ضرور

ڪامل ايندو ڪيچ ۾ لهندو هاڙهي هور

سسئيءَ لاءِ سک ٿيا، ڪيائون ڪوڏ ڪپور

ساجن ميٽيس سور، نه ته سسئي ڇڏي ويا هئا سڃ ۾.

 

مارئي

١-

ساراهه اول سبحان جي، جو صاحب رب ستار

کڻي آيو کوهه تان، عمر وڏي اختيار

دهشت جنهن ۾ دوداڻن جي، ڏينهن ۾ ڏهڪار

ڀڄي چڙهيا ڀٽن تي، ريهون ڪري ريڍار

آءُ ٿيس بندياڻي بند ۾، مون سان ويل ويچار

وڌئي ويڙهيچن سان، وير ڪهڙو وينجهار!

مون جيڏيون ملير ۾، سرتيون ڪن سينگار

مون جيڏيون ملير ۾، ڀڃن ڳم ڳاٽار

مون جيڏيون ملير ۾، ڪن پهن کي پڪار

ڇوڙيو ڇانگ ڇيلن جي، چارين سي چوڌار

آهيان جن آڌار، سي ڏوٿي هون نه ڏٻرا.

٢-

ڏوٿي هون نه ڏٻرا، جن جو ڀٽن تي ڏيرو

پهريون ڏينهن ڏکيءَ ايندو، قسمت جو ڪهڙو

مون جيڏيون ملير ۾، لنگهن سرتيون ڏيو سيڙو

مون جيڏيون ملير ۾، ڀرٽ ڪن ڀيڙو

ٿورو گهڻو ٿاريلين سان، منهنجو آهي جهيڙو

موليٰ مونکي تن سان، ڪندو ڀال وڏي ڀيڙو

جن سان گفتا ۽ ڳيڙو، سي ڏوٿي هون نه ڏٻرا.

٣-

سي ڏوٿي هون نه ڏٻرا، مارو مئيءَ جا مٽ

سدا سونهن سومرا، ڍاٽي پاسي ڍٽ

سيبائي ساهه کي، تن سنگهارن جي سٽ

وٺڙا مينهن ملير تي، ڪئين ٿيا ڪونڀٽ

ويڙهي ويا وڻن کي، گولاڙا گهونگهٽ

ڳاڱين ڳاهٽ لاييور، ٿيا ڀٽن پاس ڀرٽ

پچي پيا پهور ۾، مکڻيون، ميها، مرٽ

کايو کاٽونبا، کنڀيرن، ڪن ويڙهيچا وٽ

اها لوئي ڪين لڄائينديس، پهري تنهنجا پٽ

جي اويبين ان ارٽ، سي ڏوٿي هون نه ڏٻرا.

٤-

سي ڏوٿي هون نه ڏٻرا، جي مارو منجه ملير

سدا اٿم سرتين جي، اندر منجهه اڪير

پيرون جي پهور جا، انبن کان اڪسير

ڏؤنرا انهيءَ ڏيهه ۾، جام ٿين جمهير

که، مکڻي، مانڌاڻو، ڪڍيو اچن ڪونڍير

هون واڳيون پنهنجي ورن سان، کليو پيئن کير

آءُ بندياڻي بند ۾، ناحق پيم نير

جو ڏنو ڏاڏاڻن، سو ڪيئن ور مٽايان وير

هينئڙي جن هير، سي ڏوٿي هون نه ڏٻرا.

٥-

سي ڏوٿي هون نه ڏٻرا، جن مددگار موليٰ

اسين مارو ماڻهو مسڪين، آهيون ڀٽن تي ڀلا

واريو اچون وڏي ڏينهن، چاريو ڦر ڦلا

ڏسي بخمل بافتا، نه لاهيان لوئي لڱن تان

اڇا ڪين اوڍيان، مر ميرا مارن جا

سڪن جي سينگار کي، سي وهسن وصال لا

ٿي ويئي هن تاريليءَ سان ڪيڏي ڪربلا!

گاموين سان، غلام رسول چئي، مالڪ! مون ملا

جن جهانگين جا جهوپا، سي ڏوٿي هون نه ڏٻرا.

٦-

سي ڏوٿي هون نه ڏٻرا، جهانگي شال جيئن

آهيان جن جي آسري، سي مون وٽ مان اچن

ڪڍي قيدياڻي ڪوٽ مان، وطن سي وڃن

ملڪ مارو مير جو، جت ٻهون ٿوڪ ٿين

ڏؤنرا انهيءَ ڏيهه جا، کان بهتر بادامن

سٺو تنهنجي شربت کان، پلر منجه پٽن

گرڙ، گولاڙا، گگريون، جهالون ڪيو جهمن

ڪوڍير، کاٽونبا، ڪونئريو، لامون ڪيو لڏن

لوئيون لال ڀانئيان، سٺيون کان شالن

کٿيون کرڙيون ڀانئيان، خاصيون کان کهنبن

سدا سانوڻ ڏينهن، مندون نه مٽجن

ڪڪر ڪيو ڪنڍرون، اتر کان اچن

مينهن هميشه مهر جا، وسن ولهارن

عيدون اباڻي پار ڏي، روزا ڪين رکن

مونکي سڪ ساڻيه جي، ماري ماڙيچن

اڪنڊ انهيءَ پار جي، سڪان لئي سرتين

جي وينگس منجه وسن، سي ڏوٿي هون نه ڏٻرا.

 

سهڻي

١-

ساراهجي تنهن صاحب کي، مولو جو مختيار

جيڪي گهري سو ڪري، آهي آگي جي اختيار

سهڻيءَ کي سڪ ساهڙ جي، لڳي لئون لغار

چڪي تنهن چري ڪئي، جو پيتائين وٽ ويچار

اٿي اڌيءَ رات جو، سهڻي ڪري سينگار

لڳيس ڪاني قرب جي، مري لئي ميهار

بڻجي تنهن برهه جي، ڪيس ڌڙ سسيءَ کان ڌار

ساڻي جن سردار، سي ترسن ڪيئن تڙن تي.

٢-

ترسي ڪيئن تڙ تي، منڌ نه ڪري ماٺ

پيتائين پرڻي رات جو، ڪري سوڻ ساٺ

چکڻ سان چري ٿي، لڳيس عشق اساٽ

وڃي پيئي وير ۾، تنهن کي سائين ڪري سواٽ

موران مڙي ڪين ٿي، سڻي درياءَ جو ڌوڌاٽ

ڪنڙ ڪڇائون ڪيترا، ڪن به ڪن ڪڙڪاٽ

وڃو اتان اڪري، جتان واڳن سندي واٽ

سانبارئون پيئي سير ۾، سڻي ڪنڍين جا ڪڙڪاٽ

جن لڳي عشق لپاٽ، سي ترسن ڪين تڙن تي.

٣-

ترسي ڪيئن تڙ تي، پيئي سهڻي منجه سير

سدائين ساهڙ جي، اٿس اندر منجه اڪير

سڏ ڪري ٿي سيد کي، پارس رسج پير!

منجهائي مهراڻ ۾، وڌس وراڪا وير

پسان دونهون دوست ميهار جو، ڪنڍين سندا ڪير

سهڻي لنگهي سڪ منجهان، ڏيئي سراڙو سير

مونکي محب ميهار جا، آهن چهڪ اندر ۾ چير

اندر جي آڪير، سي ترسن ڪيئن تڙن تي.

٤-

ترسي ڪين تڙ تي، بيٺي ساهڙ ڏي ساهي

ڪچو کنيائين ڪنڀار کان، چڱو چٽائي

سهڻيءَ کي سمونڊ ۾، وڌو ڀيلي ڀلائي

بيوس ٿي بحر ۾، ٿيس ترهو توائي

دلو ڀڳو درياءِ ۾، گيرب گوائي

اوکيءَ مان عاجز کي اڪارج الاهي!

پيس ڪرڙيون ڪڇن ۾، موراکيون منهن لائي

جا ميهر من لائي، سا ترسي ڪيئن تڙ تي.

٥-

ترسي ڪين تڙ تي، منڌ پوي مهراڻ

ٻڌي ترهو توڪل جو، ڪئي الله جي اماڻ

قولين ٿيان نه ڪوڙي، ٻڌم سمن ساڻ

دل ۾ دوست ميهار جا، وسريس ڪين وٿاڻ

ٻيلي ٻنهي ڪنڌئين، آهن، ڀولين سدا ڀاڻ

محبت ۾ ميهار جي، پرزا ڪنديس پاڻ

من ۾ ساريو ميهار جي، روئان لئي رهاڻ

ساجن جني ساڻ، سي ترسن ڪين تڙ تي.

٦-

ترسي ڪين تڙ تي، جنهن کي سرتين ڏني صلاح

ور ڇڏيو واهڙ ترين، اي وڏو ڪرين گناه

سوين ويري سير ۾، ٻي دهشت منجه درياه

لکين لڌڙا، چهٽن چهڙا، واڳون منجهان واه

بحر ۾ بونهڻ، سينگاريون سونهڻ، ڪميون ڪن ڪاه

جهوڙ ڪيو ڊوڙ، وجهن وانر وراڪاء

اڳيان ڏم، ايندئي ڪم، ورسين ڪيم وڃاءِ

جن ساهڙ جي ساڃاه، سي ترسن ڪين تڙ تي.

٧-

سي ترسن ڪين تڙ تي، ميهڙ جنين من

تڙن مٿي تڪڙيون اوڀاريون اچن

سڪ سچي ريءَ ساهڙ کي، ڪچيون ڪين ڏسن

ويهن جي ويڙهجي، سي وانجهيون وصالن

جي لاهي لاڳاپا هليون، محبن سي ملن

ڏونگر ڏوري پهتي، سسئي سرواڻن

ڇڏي هير هندورا، ريجهايو رانجهن

مجني کي مست ڪيو، ليلا جي لڇڻن

آواز ”انالحق“ جي، موهيو منصورن

فرهاد شيرين جي فراقٰ ۾، ڏاريو ڏونگرن

بديعل لاءِ بيراڳي ٿي، پيو سيفل منجه سٽن

عشق احمد ڄام جو، ماري مشتاقن

سڪ ۾ سچي صديق کي، نيش هنيا نانگ

ڪعب جهڙا ڪورنش ڪري، اڀا منجه اندبن

مارئي ونجهلي ماڙئين، سارو سانگيڙن

منجهان محبت محمدي، پيالا پوڄ پين

جي ڪلمون ڪوڏ ڪهن، سي ترسن ڪين تڙ تي.

 

ڄام خان چانڊيو

 

        ]ڄام خان پٽ رحيم خان چانڊيو، ويٺل ڪڍڻ، ضلعو حيدرآباد سنه ١٨٩٠ع ۾ ڄائو. هي اڻ پڙهيل هو. گذر سفر لاءِ ٻني ٻارو ڪندو هو، پر ساڳئي وقت ڪچهرين جو به ڪوڏيو هو تمام گهڻو ڪلام چيائين. سندس ڪلام بيتن، ٽيه اکرين، مولودن ۾ مداحن وغيره تي مشتمل آهي. سڄي ڄمار شادي ڪانه ڪيائين. ٢٣-سيپٽمبر ١٩٥٤ع / ١٣٧٤ ه ۾ سله جي مرض ۾ وفات ڪيائين.[

 

ساراهه

١-

ڏسي ڄٽايون ڄام جون، تون واحد واڳون وار

ڪوهه ڄاڻان ڪيڏانهن ويا، اديون! مون اوٺار

وڇوڙو پيو ورهين جو، سڀئي ويا سينگار

رلي ڪونه رندن تي، ٻيلي! ڪنهن جو ٻار

ڀرم تنهن ڀوريءَ جو، تون رکج رکڻهار!

پنجتن پاڪ پسائين، ٻيا چوکا چارئي يار

ڄام چئي،ڄمار ۾، ڏسان دوستن جو ديدار

سي هوت ڏسندا هڪوار، جي آهن صحابي سيد جا.

٢-

جي صحابي سيد جا، تنين جا پار اهيئي پورا

سي ٿيا نثار نبيءَ تان، وري موٽيا نه مورا

ته قلعا ڪفارن جا کڻي، چپي ڪيئون چورا

هڪل حضرت شاه کان، ڪافر ٿيا هورا

 

 

علي سائين اجهايا، وڃي خيبر جا کورا

ڄام چئي ڄمار ۾، وڃي ڏسان سيد سمورا

آءُ هتي ڏکويل ڏورا، هوت رهن ٿا هاڙهي ۾.

٣-

مديني جي مير کي، ايڏي عزت ڏني الله

سڻي نالو تنهن نر جو، ڪفر ڪيو ٿي ڪاهه

ماري تن مردودن جا، کڻي لالن پٽيا لاه

ڏسي معجزا محمد ڪريم جا، ٿي ڏڪيا انهن جا ڏاه

ڄام چئي، ڄمار ۾، سڪي سيد ڪارڻ ساه

تن بيهودن جي باه، سا اجهاڻي آب ري.

٤-

ربّ کڻي روشن ڪيو، تنهن واحد جي واکاڻ

نرمل کي نور منجهان، جڏهن پيدا ڪيائين پاڻ

محمد کي معراج مڪائين، ملڪ اهو وڃي ماڻ

ڏسي ڄٽايون، ڄام جون، تنهن کي طرف مديني تاڻ

وڃي حضرت ڏسون هاڻ، جنهن جي سڪ سرير ۾.

٥-

جنهن جي سڪ سرير ۾، سو موليٰ موچارو

آئي احمد ڄام جي، ٿيو سکي جڳ سارو

اتي جانب چڙهيو جنگ تي، نر هڻي نعرو

ويو نڀاڳو نڪري، ڪافر منهن ڪارو

’دين محمد، دين محمد‘ اهوئي نوري نغارو

ڏسي ڄٽايون، ڄام جون، وارج وصل جو وارو

سيد سوڀارو، ڏٺي لهندا ڏکڙا.

٦-

ڏٺي لهندا ڏکڙا، اچي ٿيو مالڪ مهربان

تنهن ڏيه ڌڻي ڏاتار وٽ، ڪمي آهي ڪان

بُکيا ڪري بادشاه، تونگر ڪيئين تابان

پناه ڏي پنڻن کي، ايڏا آگي جا احسان

ڄام چئي، ڄمار ۾، جلي جتن ڪارڻ جان

اهي مان ڏي موٽن مان، نه ته جوڳڻ ٿينديس جڳ ۾.

 

سسئي

١-

هوت هتي هاڙهي ۾، سي ويٺا وير وڃي

ادا! ڇو آسير ڪنان، هو ڀيرو ويا ڀڃي

رضا جا رازق جي، سا مون مٿي سڀ مڃي

رويو ٿي رڻن ۾، هوءِ ڪري عرض اڃي

ته ڪونه ڳالهائي ڪٺيءَ سان، آءُ سارو ڏينهن سڃي

ڄام چئي، ڄمار ۾، ڀينر ويا ڀڃي

ڪنهن محبت سان مڃي، مون کان چوري رات چڙهي ويا.

٢-

پٽي ڪٽي پيادي، ٿي ٻانڀڻ روئي رواني

ويندي گڏيس واٽ تي، اڳيان جمل سان جاني

تنهن سڏ ڪري ساٿي چيس، اي مائي مستاني!

ساجن توکان سنجهي ويو، هاڻي اٿئي وندر جي واني

ٻيو نڪو پاڻي پٽ ۾، نڪا ملي ماني
ڄام چئي، ڄمار ۾، وڃي ڏسان صاحب سلطاني

جتن سان جاني! منهنجو ڪيئن پرڀيو پنڌ ۾.

٣-

ڪيئن پرڀيو پنڌ ۾، اها مونکي ڏي ماهيت

ته هئي هئي هنجهون هاريم ٿي، روئي ڦڙا رت

لٿو لحم لڱن جو، منهنجي سنڌن ڇڏي ست

پر اڃا آيو ڪونه ڪو، تنهن خان پنهل جو خط

ڄام چئي، ڄمار ۾، مونکي هادي ڏي همٿ

اها گورن کي هئي گت، جو سڏنه ڪيائون ستيءَ کي.

٤-

سڏ نه ڪيائون ستيءَ کي، سي نڪتا نيرانا

جن کي جتن جوڙي ٻڌا هئا ڳچيءَ ۾ ڳانا

پر آندم ڪين انهن لئي، ڪک نڪي ڪانا

اڄ مارين ٿا مون مٺيءَ کي، تن توڏن جا طعنا

هو ترسڻ ڪم تنين جو، جي ڀاءُ آيا ڀانا

ڄام چئي، ڄمار ۾، مون اچن پير ڀري پانا

ته جوڳڻ ٿي جانا، ڀايان هوت پنهون کي.

٥-

سجي بُک بَرن ۾، هت نه ٽڪينديس هاڻ

اديون ڙي! تن اٺن کي، ڏنم ڪونه ڏاڻ

سي اٿندا نه آليٽ مان، جي ويٺا منجه وٿاڻ

پر جڏهن تنگ ڇڪيائون توڏن کي، تڏهن ”ڄام“

نه ڪيائون ڄاڻ

کنڀي خان کڻي ويا، نه ستي سڄاڻ

وڃي ٿيم سار صبح جو، ته منهنجو پنهل ناهي پاڻ

پر اڏا اوجهڙ لڪيون، ٻيو ساٿ به ڪونهي ساڻ

نرمل ننگ سڃاڻ، پڄائج پٻ پريٽ کي،

٦-

متيون ڏيندي ٻين کي، ٿيس آءُ چري

اٺ ته آريءَ ڄام جا، ڍاٽي ويا ڍري

لوڻو لنگهي لال ٿيا، سرتيون تن سري

چانڊيو چوي، دل جي، داتا! کول دري

هئي ٻنڀان جنهن ٻري، سا ويئي سڏيندي سسئي.

٧-

وهائي جر جتن لاءِ، اکيون ڀريم آس

ليڙا لال لڏي ويا، جي ٿيا روانا راس

بر ۾ براهمڻ کي، بوءِ نه آئي باس

عطر جي امير ۾، وڏي هئي ڪا واس

هو پنهل گهڻوئي پاس، ويو سک ڦٽائي سسئيءَ جو.

٨-

ڇا سسئي، ڇا پنهون، اها سالڪ خبر ٻڌائج هاڻ

چئي: سسئي ته دنيا دورنگي، پنهون محمد پاڻ

سو پسڻ کان پري ٿيو، وڃي عاصين جو اڳواڻ

تنهن مديني جي مير جي، حب لڳي اٿم هاڻ

ڳچيءَ پائي ڳرهو، وڃي سونهان سيد ساڻ

آهيون هت اماڻ، پوءِ هلنداسون حبيب ڏي.

٩-

اڃان ڇو ستي آهين سسئي! تون نه جاڳئين جتن لاءِ

ٿي کڻ تون پير پنهون جو، نه ته ويندو لٽي

ٿيندي اس آسمان جي، ته جبل ڏيندئي جاءِ

ڄاڻي ڪري، ڄام چئي، هتي ويٺئين ڇاجي لاءِ؟

ڪل نه پوندئي ڪاءِ، جڏهن پوندئي راتن رڻن ۾.

 

مارئي

١-

موڪل ڏي ته ملير وڃان، عمر تون امير!

ڪلهي ڦاٽم ڪنجرو، لوئي ٿيم لير

اڄ ڪريان ويهي ڪهڙا، توسان نيرن منجه نظير

ڦٽي دل فراق مان، ٿيا ”چانڊيو“ چوي چير

وڃي ڏسان مارو مير، ته لهي اڃ اکين جي.

٢-

موڪل ڏي ته ملير وڃان، مونکي سرتيون سڏائين

سي سنگهاريون سومرا! ڪنهن سان سينو نه ساهين

آڻيو آڳ اندر ۾، پنهنجي جيءَ کي جلائين

توبه جي تسبيح سان، پنهنجي رب جي ريجهائين

پيئن پيڄ پنهواريون، نه کاڄ چڱو کائين

سي کوهين هميشه کٿين کي، نه ڪنهن جا ويس وڳا پائين

کلن سي نه کٽن تي، نه پنهنجي لوئي لڄائين

لذتون انهن کي لاهوت ۾، ڪي عيش اڳيان آهين

جي سچ تي سدائين، تن جو نگهبان نبي ٿيو.

٣-

موڪل ڏي ته ملير وڃان، ماڙيون مون مارين

مون سرتيون ملير ۾، گڏ ٿيون گذارين

مون سرتيون ملير ۾، ڌؤنرا ڌڻ ڌارين

مون سرتيون ملير ۾، ولر ڪيو وارين

مون سرتيون ملير ۾، ٻانڌڻ سڀ ٻارين

مون سرتيون ملير ۾، کائي ان نه اوبارين

مون سرتيون ملير ۾، پيٽ پسي پارين

ڄام چئي، ڄمار ۾، هو ڏيک نه ڏيکارين

جي جيءَ کي جيارين، تن سين گڏجي گوندر لاهيان.

٤-

موڪل ڏي ته ملير وڃان، نه سانگين ڪاڻ سڪاءِ

ڏسان ڏيهاين جو وڃي، لين منجه لقاءُ

اي ڀاءُ! تنهنجا ڀانيان، سڀئي ڦند ڦڪا

مارين ٿو ماڙين ۾، جڏهن اچي هيڻي ٿيس هڪا

ڄام چئي، ڄمار ۾، تنهنجي ڀانيان ٽول ٽڪا

تن ڌراڙين ڌڪا، حاڪم! لاه هٿن سان.

٥-

موڪل ڏي ته ملير وڃان، ادا! نه وٺجن ات

عمر! عيبونديءَ کي، اي کوٽا ڏي م خط

عمر! عيبونديءَ کي، ڏي مارن جي ڪا مت

عمر! عيبونديءَ کي، تنهنجا ڀڳا نه وڻن ڀت

عمر! عيبونديءَ کي، آهي گولاڙن جي گت

عمر! عيبونديءَ کي، تون روز رئاڙين رت

ڄام چئي، ڄمار ۾، منهنجي پرور رکج پت

تن لوئيارين جي لت، مونکي ماري ٿي ماڙين ۾.

٦-

موڪل ڏي ته ملير وڃان، نه تنهنجا پسند پٽولاپون

ڪهيو هتي ڪوٽن ۾، ڪرئين کاڻيءَ سندو خون

سبق ڏيندءِ اڳيان سومرا! متان تو پڙهڻ ڏکيا ٿي پن

’ميم‘ منجهائيندئي متيون، ٻيو نڪو ايندئي ’نون‘

چڱا مارو، چانڊيو چئي، شل حشر ۾ هون

جي توکي سچ چون، سي سانگي پري ٿيم سومرا!

٧-

موڪل ڏي ته ملير وڃان، آهيان بندن منجه بُکي

سڻڀ نه کائون سومرا! اسان ريت رکي

هتي جهانگي پين جهڻ کي، هتي منهنجي دل دکي

اهي طعام نه کائينديس تنهنجا، آهيان ڏؤنرن ڪاڻ ڏکي

چونڊينديس وڃي، چانڊيو چئي، هتي پنهور جي پکي

وڃي ٿيان ساڻيه منجه سکي، جتي مارن مرٽ ميڙيو.

٨-

موڪل ڏي ته ملير ُڃان، نه دل کي وڻن ديرا

پکي اباڻي پار جا، مان سين ڳالهيون ڪن ڳيرا

ته هت وڇڙا ويڙهيچن جا، ڏين ڀٽن منجه ڀيرا

وڍ نه ويچاريءَ جا، ظالم! تون زيرا

ڪهيو جيئن ڪاتيءَ سان، ڪن ٻڪر کي ٻيرا

پر ”ڄام“ چوي، مون ڄٽيءَ سان، هئي وڙهي ڪاويرا

اڃا پنهواريون پيرا، منهنجا کڻن ٿيون کاهڙ ۾.

٩-

موڪل ڏي ته ملير وڃان، جي سانگين ڪاڻ جاڳ

ساز وڄائين سرندا، روز ڪرئين ٿو راڳ

وڻن سي نه وجود کي، اندر ٻريم ٿي آڳ

هت پائر پٽ پچي پيو، ثمر جني جو ساڳ

رکو وڻي ٿو روح کي، جنهن ۾ دڪونه وجهن داڳ

سي ان نه کائين اباڻا، آهي لوڻڪ جن جو لاڳ

مالڪ! ماروئڙن ڏي، هاڻ وار ولهيءَ جي واڳ

”چانڊيو“ چئي چاڳ، وڃي ماڻيان شال ملير ۾.

١٠-

موڪل ڏي ته ملير وڃان، آئين کوهن تان کڻي

عمر! آندئي مارئي، ڪا هاڃي منجه هڻي

ڪڍي ويندو قيد مان، جڏهن ايندم ڌر ڌڻي

تن پرين جي پيزار جي وڃي پيان پاڪ پڻي

مارن مونکي مٽيو، ڄام چئي، ڄڻي

اها واحد کي وڻي، نه ته ڪير اچي هن ڪوٽ ۾.

١١-

موڪل ڏي ته ملير وڃان، ڇٽي ڇيلن ڇانگ

مارو پهريا مال سان، لوئيءَ واري لانگ

نت نت پڙهن نمازون، ڏين ٻاٻاڻا ٻانگ

جي طلب ڇڏين طمع کي، سي ناڻو ڀائين نانگ

ڄام چئي، ڄمار ۾، تن لاءِ ڪؤڙين اڏايان ڪانگ

سومرا! ڇڏ تون سانگ، جوبي ڏوهيون ٿو بند ڪرين.

١٢-

موڪل ڏي ته ملير وڃان، اچن آڌيءَ اولاڻا

ڦٽا منجه ڦاٽن جي، هتي للر ۽ لاڻا

ڏوٿي منهنجا ڏٿ ته، ٿا روز وڃن راڻا

کائي مڪ ملير جي، سانگي ساماڻا

ڀريو بيهن ڀرن ۾، ڀٽاريون ڀاڻا

ڏسيو مال مارن جا، تون کرپين ٿو کاڻا

کڙڪيو کاهڙواريون، هتي ٿيون چونڊ ڪڍن چاڻا

چانڊيو چئي، چڱي ڪر، هي منهنجي ٽلڻ جا ٽاڻا

مارن جا ماڻا، سونهندا هتي ساڻيه ۾.

١٣-

موڪل ڏي ته ملير وڃان، حال هيڻيءَ جو پس

لڏي ويا جي لوڪ منجهان، ويچارا ڪنهن وس

لڏي ويا جي لوڪ منجهان، نه راڄا! تنهنجي رس

لڏي ويا جي لوڪ منجهان، نه کير تنين کان کس

لڏي ويا جي لوڪ منجهان، نه هار پائيندا هس

ڄام چئي، ڄمار ۾، منهنجي قلبئون لاهج ڪس

جيءُ مارن جي جس، وري ڪل نه لڌائون ڪوٽ ۾.

١٤-

موڪل ڏي ته ملير وڃان، وڃي ٿورا ڳايان ٿر

مينهن وٺا مهراڻي تي، جتي ساوا پڪا سر

قيد ڪرين ٿو ڪوٽن ۾، ڏيو لوئيارين کي لر

منهنجي ويندئي متيون، جڏهن دانا ايندئي در

قبر ۾ پيو ڪوڪرا، تون قيامت تائين ڪر

”چانڊيو“ چئي چر، سور تنين سڄڻن ري.

١٥-

ڄمندا نڪي، ڄام چئي، جهڙا مارو مون مٺا

کينديس ڪين کنڀين ريءَ، تنهنجا ٺڳ ٺوٺا

اوڍينديس نه انگن تي، قيدن ۾ ڪوٺا

وڃي پيئنديس پنهوارن سان، پلر ڀريا پوٺا

ڄام چئي، ڄمار ۾، اٿم سانگين سان سوٺا

تن اباڻن اوٺا، ڏنا مون ڏکيءَ کي.

١٦-

موڪل ڏي ته ملير وڃان، ويندا عيب اتي

مينڍا ماروئڙن ري، ڳهلي ڪين ڳتي

آءُ ته تنهنجي ڀيڻ، وڃي ڪا ڌارين آڻ ڌتي

ڄام چئي، مون ڄٽيءَ جو سڻج سڏ ستي

ڪوٽن منجه ڪٽي، منهنجا سڀئي وقت وڃائيا.

١٧-

موڪل ڏي  ته ملير وڃان، ويس ڪوٽن منجه ڪڙهي

ميان! تنهنجي ماڙين ۾، گهاريان تان نه گهڙي

سڱ نه ڪريان توسين سومرا! لولي ڪاڻ لڙي

ڀاڳ ڀلايس جيڏيون! تڏهن هن آفت سان اڙي

ڄام چوي، ڄمار ۾، آءُ شل وڃان چوٽ چڙهي

ڪلمون پاڪ پڙهي، آءُ مرڪان شال ملير ۾.

١٨-

کڻي آئين کوه مٿان، اها ڪهڙي وهيئي واٽ

توکي سوين ڪيم سڏڙا، ٻيا لکين ڪيم لولاٽ

ته به ترس نه پوي توکي، ٿو ڪهڙا گهڙين گهاٽ

اها لهي ويندئي لحظي ۾، جيئن پوي صبح جو ساٽ

اچي اجل هڻندئي اوچتو، کاهوڙي ڪو کاٽ

هت نه هن زمين تي، ڪئين ڪسي ويا ڪنواٽ

نه ميندي لائيون مير کي، نه سهاڳڻين ڪيا ساٺ

غازي ڪن ٿا گريو، نه اچي مومنن کي ماٺ

چمان تن چڱن جي، وڃي ”چانڊيو“ چئي چانٺ

ڳوڙها ڀريو ڳاٽ، ٿو سڏڪا ڀري ڏک مان.

١٩-

سي ڪيئن وساري ويهن، جي ڄارين ڀر ڄايون

سڱر کائي ساڻيه جا، سي سرتيون سامايون

ڏي موڪل عمر سومرا! ته وڃي ويڙه به وسايون

ٿڌيون تن ٿرن جون، ڇال پسون ڇايون

چڀڙ چونڊي، چانڊيو چئي، کڻي پاند ۾ پايون

آسري احمد ڄام جي، اسني پاڻ آهيون

پسندي پاڪ رسول کي، وڃن بندن بُرايون

خالق خطائون، بخشيندو بدڪار کي.

٢٠-

وڃي ڪتي ڪريان ڪپڙو، ناهيم اوڍڻ ڪو انگ تي

ڳالهيون ڳجه اندر جون، وجهان پنهوارن پتي

متان ڪا پهري مال سان، حاڪم آهي هتي

ڪل نه ڏيندو ڪڏهن، ايندو سو ستي

نيندو ڌراريون ڌتي، عمر ايندو اوچتو.

 

سهڻي

 

ڪچو گهڙو ڪن ۾، وڃي وڌائين

سچائيءَ جو سندرو، ات ڇڪي ٻڌائين

ڏک ڏنائين ڏم کي، نه ماءُ کي مڃيائين

مت اها مادر جي، ڪن نه ڪيائين

ڀاڱو ات ڀرم جو، ٿي لڙ ۾ لڌائين

ٻيلي منجه، ٻروچ چئي، ٿي ساهڙ سڌائين

جڏهن ميهر ماڻيائين، تڏهن دل تان لٿس دکڙا.

٢-

گهڙندي هئي جا گهون مان، واقف سان وينجهار

ات غم لڳو گلال کي، تنهن کاڻي رکيو خار

تنهن پٽيءَ پچايو ڪينڪي، کڻي چٽ ڪڍيئين چوڌار

رڱيائين ٿي رڱ سان، نه ڏنائين ٽانڊي جي ٽهوار

سهڻيءَ سمجهيو ڪينڪي، جو ڪوڪٽ ڪيو ڪنڀار

وٺي آئي ويسر مان، سي ناڻو ڏيئي نار

پوندي سان پاڻيءَ ۾، اچي ڏکئيءَ هنيار ڏار

اتي رويو ٿي ريهون ڪري، ساڻي ٿيءُ ستار!

رهي نالو رب جو، ٻيو بندو آهي بيڪار

”ڄام“ چوي ڄمار، تنهن جي پوري ٿي پاڻي ۾.

٣-

سهڻي ڍري سير ۾، ساري رب ستار

ترڻ جا تنهن تار ۾، حيلا ڪيئين هڪوار

اجل آيو اوچتو، کڻي سڏ ڪيو سرڪار

هڪ وير نه ڏي ويساهين، ٻيو ترس نه اچي تار

ڄام چئي، ڄمار لئي، تنهن هنيا هٿ هزار

واهڙ ويچاريءَ کي، کڻي گم ڪيو منجهه غار

اها ملڪ الموت سندي مار، ويا مڃي سڀ مٿي تي.

٤-

ماندي ٿيو ميهر لئي، وجهي پيرن مٿي پڙ

سڪ ته ساهڙ يار جي، لڳيس جيءَ اندر ۾ جڙ

دونهان دکن دوست جا، ٻيا نت نت وڄن نڙ

دهشت ڌوم درياءَ جي، اڳيان آڏو آهي اوتڙ

جنهن ۾ ڊپ نڪو ڊوهو، ٻي نڪا دڪ دڙ

ڪانه هلي ٿي ڪنهن جي، ان تار منجه تڪڙ

تون ٿي ترهو تار ۾، آهين ڀاڳ ڀريا تون ڀڙ

ڏسي ڄٽايون، ڄام جون، تنهن کي سائين ڪر ستڙ

تون وارث ڪر ڪو وڙ، آءُ اڻ تارو آهيان.

جمجما سلطان

١-

جيئري جمجما هو، مئي پڄاڻا ميت

هئس رعب رعيت تي، پيڙيئين گهڻا پت

ڪيائين ظلم زمين تي، لوڪ ڏنائين لت

هئس ارڙهن لک اٺن جا، ٻيا جانڪيندڙ هئا جت

اچي عزرائيل ڪنان، جڏهن خوبئون مليس خط

تڏهن ڏسي محل ماڙيون، ٿي روئڻ لڳو رت

چانڊيو چئي، چڱاين جي، وري منهن نه اچي مت

هڙ نه آيس هٿ، ساڪن ٿيو وڃي سڃ ۾.

٢-

ساڪن ٿيو وڃي سڃ ۾، هو عقل اڪابر

جنهن ڦري ڏيه فقير ڪيا، ظالم ميڙيو زر

تنهن جو تاب تمام هو، هيڻن تي هر هر

تنهن زير جي ظلم ڪنان، جڳ رنا ٿي جر

’آهه غريبان‘ عدل انهيءَ، هنيس ملڪ الموت مهر

سٽي آيس سوڙهيءَ ۾، ته به ڪين سٺيس قبر

هڏ تنهن جا هر هر، هئا ڌڻ ڌڪيندا ڌوڙ ۾.

٣-

هئا ڌڻ ڌڪيندا ڌوڙ ۾، نالو ويس نشان

ڌڱ ڌتاري ڌرتيءَ، ڪئين کپايا خان

روئندي ويا هن راهه تي، جن ٿي سڏايو سلطان

ڪئين اٺ، ڪئين اوٺي، ڪئين گهوڙا،

ڪئين گهوٽيا، ڪي سهڻا تن سامان

ڪئين باز، ڪئيز بلبليون، ڪئين هاٿي، ڪئين حيوان

چڱا مٺا سڀ، چانڊيو چئي، کائي خاڪ ڪيا خيوان

تن کي موليٰ مرهي مان، جي امتي احمد ڄام جا.

٤-

جيئري جمجما هو، پر پوءِ ٿيس ڳاله ڳري

ڪئين حاڪم، ڪئين هيڻا، ڪئين ويا مير مري

خالي هٿ کڻي هليا، نڪا ڀيڙي نيئون ڀري

هتان هوت هزار ويا، آيو واپس ڪونه وري

ڄام! ڄمار تنهنجي، هتي آهي کلڻ منجه کري

ٿي سڄي ڳالهه ڳري، ڪا محشر جي ميدان جي.

٥-

جيئري جمجما، پر ڪين کڻي ويو ڪاله

ويا تنها ڇڏي تنهن کي، تماشا ۽ تال

سو ڍڪي ڍڳ ڪري هليو، ميڙي سيڙي مال

هلي ڪونه حشر ۾، ناڻو ڪنهن سان نال

ڪانه سڌاريم قرب منجهان، ”چانڊيو“ چئي چال

حضرت! ڏسج حال، منهنجو گوهر اچي گور ۾.

٦-

جيئري جمجما، پر پيس ڪانه پروڙ

من وڌيو مايا تي، ڏسي ان اروڙ

حرص هڻي حيراني ۾، جيئن جهڙپي جهوڙ

ڄام چوي، ڄمار ۾، ڪيم ڪچايون ڪوڙ

اها دنيا ڌوتي ڌوڙ، تنهن کان ڀڄڻ ڪم ڀلو آهي.

 

 

مولا بخش ”مسڪين“ ڀٽو

 

        ]مولا بخش ولد عبدالمجيد ڀٽو سنه ١٩٠٧ع ڌاري شڪارپور ۾ پيدا ٿيو، ۽ سول ڪورٽ ۾ عريضي نويسيءَ جو ڪم ڪندو هو. سندس حياتيءَ جو گهڻو عرصو جيڪب آباد شهر ۾ گذريو. نماز جو بيحد پابند هو. سندس بيتن جو هڪ مجموعو ”ابيات مسڪين“ ڇپيل آهي، جنهن مان ڪجهه بيت هيٺ ڏجن ٿا. ٻيو گهڻو ڪلام قلمي صورت ۾ سندس پوين وٽ موجود آهي. گهڻو وقت بيمار رهڻ بعد ٢٤ سيپٽمبر ١٩٥٣ع تي وفات ڪيائين.[

 

رامڪلي

 

جي ڀانئين پرين ملان، ته سرندو کڻي سچ

رکي اور اندر ۾، پاڻان بيهي پچ

قربئون کولي قلب کي، عاشق اٿي نچ

دنيا ڪارڻ دل مان، ڪڏهن ٻول نه ڪچ

ڏيئي باه بدن کي، محبت ٻاري مچ

راز پرين جي رنگ ۾، ريٽي جان تون رچ

ڪڏهن ڪنهن جو ڪيم ڪي، هاڙها کڻ تون هچ

گلا، غيبت، گار کان، بلڪل ڀڄي بَچ

ڪڍي ڪس قلب مان، گناهن ۾ نه گچ

پائي پاند ڳچيءَ ۾، ڳاٽو ڪري ڳچ

ان پر اوري اچ ته دوست مليئي دم ۾.

 

سسئي

 

سرتيون ڇڏي سسئي، وٺ پنهل جي ته پناه

ور بنان ولهن جي، ڪا وينگس ڪانهي واه

هرگز هلي ٿي ڪينڪي، مڪري ريءَ ملاح

ڪر بلو ڀيڻي پنهنجو، اٿي سهڻي ايءَ صلاح

آخر ريءَ الله، ٻيو ڪم نه ايندئي ڪڏهين.

 

 

مخدوم محمد صالح ڀٽي

 

        ]مخدوم محمد صالح ڀٽي، هالن پراڻن وارن ڀٽي بزرگن مان هو. سنه ١٨٨٧ع ۾ ڳوٺ هالن پراڻن ۾ ڄائو ۽ اتي ئي ٢٧ ڊسمبر ١٩٥٣ع وفات ڪيائين. تعليم کاتي ۾ ملازم ٿي رهيو. سندس ڪيتريون ئي تصنيفون آهن. هيٺيان بيت سندس تصنيف ڪيل ڪتاب، ”ڪيڏارو“ تان ورتل آهن، جو ١٩١٨ع ۾ ترتيب ڏنائين.[

 

ڪيڏارو

١-

پٽ ڀائٽيا شاه جا، هئا ڀاڻيج ڀلارا

ڪي سؤٽ سورهيه سنگتي، ڪي اقرب اڪبارا

حاضر هئا هاشمي، ويه تن تيارا

ٻيا ٻاونجاه اصحاب هئا، صادق سچارا

اچي پيئي جنگ جي، پڌري پچارا

وڄيا مارو موت جا، نوبت نغارا

رات وهاڻي ڏينهن ٿيو، ڪيو سورج سينگارا

آفتاب آديني اڀريو هو جمعي جنسارا

تاريخ ڏهين ماه محرم جي، عالم اخبارا

سڌ سڀ صاحب کي، جو چوڏس چوڌارا

ڪونه پروڙي ان جي، حڪمت هاڪارا

”ڪل شئي محيط“ او غني غفارا

قادر قهارا، جيڪي ڪري سو ٿئي.

٢-

اٿي اميرن، ڪيو سعيو قتل جو

سامان سنبت جو، ڏٺو وهلو وزيرن

عبدالله بن مسلم امام آيو، پهرين منجهان تن

عرض ڪيائين امام کي، ڪري مٿان قدمن

ابي اول سر ڏنو، سرور منجهان ساٿين

آءُ به اول سر ڏيان، اڳيان عزيزن

حملو ڪري هاشمي هليو، مهندان حريفن

گهوڙو گهوٽ گهمايو، صف ۾ سوارن

ڏسي تاءُ ترار جو، گوشو ڪيو گدڙن

سرڪشن جا سر وڍيو، هڻي ڌڙ ڌڙن

وڌائين مسلم مير جيئن مارو منجه موڳن

تيلاه تسبيحون ٿي پڙهيون، مٿي تنهن ملڪن

مرڪيو منجه مردن، جام پيتائين ذوق جو.

 

 

سليمان ملاح

 

        ]سليمان پٽ ٻاجهو ملاح، پاڙو گنباٽي. اندازا سنه ١٨٩٠ع / ١٣٠٨ ه ڌاري ڳوٺ صاحب نظاماڻي تعلقي شهداد پور ۾ ڄائو. جوانيءَ ۾ مجاز جي چوٽ آيس، تڏهن بيت ڏنائين. الله اوڀايو جکريو ويٺل ٻاراچڙيءَ جو، جيڪو خاص ڪري پانڌي پنهور جا بيت ڏيندو هو، سو کيس محمود شيخ وٽ وٺي آيو. جنهن کي پوءِ استاد ڪري ورتائين. ان بعد محمود شيخ سان ميڙن ملاکڙن ۾ گڏجي ويندو هو ۽ هن سان گڏ ٻالڪن وانگر بيت ڏيندو هو. آخر پنهنجي سر بيت ڏيڻ شروع ڪيائين. کيس ٻين به ڪيترن ئي شاعرن جا بيت ياد هئا. ١٩٥٥ع ڌاري وفات ڪيائين. علي خان ڪورائي، الله ڏنو نوناري، توڏو مري، مٺو خاصخيلي، بهار رونجهو ۽ عرس ماڪوڙاڻي سندس همعصر شاعر هئا.[

 

راڻو

١-

سوڍو هليو سنڀري، جتن وٽ جوان

ڪنواٽ ڪاهي ڏيو، پتنگ سو پروان

سؤ ڪوهن ڪاڪ وچان، آهي مومل ماڳ مڪان

هن کي جانوري آڻي جت ٿو سمجهائي سلطان

چانگو چورج ڪينڪي، اٿئي هزاري حيوان

متان مومل ملئي ڪينڪي، پوءِ ڪرين ارمان

آهين سوڍا! سرت سجان، ڪام نه هڻج ڪرهي.

٢-

ڪاهي تان ڪرهو، آندو مرد مڻيار

ٽپر، جهل، ٽنڊ سان، اتي وير وڌس وينجهار

ٽؤنر، ٽڪون گور بندن تي، جهاٻا جهوڙيدار

سونا پٽ پاکڙي کي، جڙيا ساڻ جنهوار

کيس کٿوري واسيا، جن جي هوءِ پوي هٻڪار

ڪشڻي ڪلابات جي، موتين ساڻ مهار

مهيٽا ميي کي، جنهن ۾ لعلن لک هزار

موزا پاتا مير، ڪري جامن جا جنسار

لونگيون ٻڌي لباتا، کنيائين ڪام به قوت دار

سنڀري، سليمان چئي، سوڍي ڪيا سينگار

سو سنڀالي ستار، ڪامل چڙهيو ڪرهي تي.

٣-

تو ڪيئن راڻو رات رنجائيو، توسان جنگ اڙهي هئي جاٽ

سومل، سهجان، سليمت، مرادي، راحت، چاهڪ،

تن سالين ڪيا هئس ساٽ

مگهٽ ٻڌائون مير کي، مٿان عطر عنبير جي ڇاٽ

رانئيو ٿي راڻي کي، گجرن ڏيو ڳاٽ

ساز، سرندا، سارنگيون، ويا ڀان وڄائي ڀاٽ

گهورون گهوري گهوٽ تان، ناتر ڪيو ناٽ

ڍاٽي ڍول تنهنجو، چڙهيو ايندو هو ڪنواٽ

تنهن سڄڻ کي، سليمان چئي، تو ڏياري ڇڏي واٽ

مومل ڪري اورهاٽ، توکي مير ماڻيو هو مينڌري.

٤-

ساراهيان سچو ڌڻي، جو رازق جوڙي رنگ

ڇٽ هڻي پٽن سان، آگو لکي انگ

ڪي تيلين مان ٿنڀ ڪري، ڪي ماري ٿو مرنگه

ٿي گجر گنو گنوائيا، هڻيو ڏيهن کي ڏنگ

مڙس ميلو هوس مينڌرو، جنهن جوان جوٽي هيس جنگ

محبت جا، ملاح چئي، ٻئي لڳا هئس ٻنگ

روئي ۽ ريهون ڪري، کائي لاءِ ختنگ

ويندي، رهندي ڪينڪي، نڪري ٿي نسنگ

منهان پوءِ ماڙيءَ ۾، ڪاڪ رڙندا ڪنگ

مومل ٿي ملنگ، لاتي خاڪ لڱن کي.

 

سهڻي*

 

ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن پيدا ڪيا پير

منهن ميهر ڄام جي، لٿا چارئي يار امير

اچي ڄڃ لٿي هئي هڪڙي، ڏسي دونهان ڌنڌا گير

ڏم گڙيو ٿو ساهڙ چوي، ڪا ورڇ رکي هئي وير

سهڻي پٽي ٿي سڪ مان، تن اندر تقصير

ان جاءِ ان ويل ويهي رهيا، جنهن جا ڄاڃي ٿيا دلگير

ٽيئي به ٽمايو ويا، نماڻا اهي نير

سهڻي اچيو اتهين گهڙي، جتي سخت وهي ٿي سير

ڌو ڌو دور درياءَ جا، جت ڪڙڪن ڪن ڪهير

صدا هڻي ٿو، سليمان چئي، تون مٺا محمد مير

پتڻ اڪارج پاتڻي، تون داتا دستگير!

فضل ڪج فقير، هلي ڏسان منهن ميهر جو.

 

سامونڊي

 

1-

ساراهيان سچو ڌڻي، جو قرارو قادر
نبي خلقيائين نور مان، مٺو پيغمبر

رنگ کڻي راس ڪيائين، جوڙيائين ڪل جنهور

شافي شفا جو ڌڻي، آهي ولهين جو ور

هادي رهندو هڪڙو، ٻي دنيا دم گذر

سڀڪو آهي قسمتي، هت ماڻهو مسافر

سڄي ڄمار، سليمان چئي، هڪڙو ياد ناهي اکر

سا ٿو ساعت سنڀران، جا اڄ آهي حاضر

ٿيو الله جو امر، سامونڊي سفر سنبهيا.

٢-

سامونڊي سفر سنبهيا، هتان هليا هيئن

سڄي سير سمونڊ جي، جنهن جو سنڌو ناهي سيئن

ڪڙڪا ڪارونڀار ۾، ڀيڻي ناهي ڀيئن

سڪ ته سامونڊين جي، نائي وڌي نينهن

جيئن ٿا لنگهن ڏينهن، تيئن ٿا ٻرن مچ مجاز جا.

٣-

راتو ڏينهان روح ۾، آهي اڻ تڻ عجيبن

سڙه سامهان ان جا، جهوڙا ٿا جهرڪن

وڻيا، وانئٽيونن، اولا، سکان، ان جا موڙ ٿا مرڪن

ناکا، معلم، جوان جنهواري، ٻهڳڻ ٿا ٻهڪن

گهمن جنگ جهاز تي، ڄڻ پيا مور ٽلن

مونکي ڀينر! ڪيم ڀلائيو، اها ڪانهي لوڏلا کيڻين

سورن جو، سليمان چئي، اتي ڪين ٿا ڏسجن

وڃي وڻجارن، ڪو سودو سٽيو سور جو.

 

 

گل محمد کوسو

 

        ]گل محمد پٽ احمد خان، بليلاڻي کوسو، ويٺل کوسن جي ڪيٽي، لڳ گگه مڪان، ديه سکپور، تپو منارڪي، تعلقو جاتي، ١٩٥٥ ڌاري ستر ورهين جي عمر ۾ گذاري ويو. پوليس ۾ نوڪري ڪيائين. اڻ پڙهيل هو.[

 

مارئي*

 

مارن جي ملڻ جي، هينئڙي لڳيم هير

ڄائي ڌرارن ۾، جنهن کي مارئي ڪوٺين مير

ساماڻي ڌيءَ صاحبان جي، کائي کنڊون ۽ کير

جوءِ اٿيو ٿي جامان کڻي، هس، ڪڙولا، هير

ٿيون ٿڌڪارون ٿرن ۾، جت پڪا ڳم ڳنڍير

چوڙيليون ات چاڳ ڪن، جن جو وٺو ملڪ ملير

پڇي ٿو پنهنجي پيءَ جو، ورنه اٿيو وير

جوڙيو تنهن کي جواب ڏئي، ڪريو ناٿ نظير

ته ملڪن ۾ مشر هو، اصل کان امير

صوبو هو سومرن ۾، جنهن جو نالو هو ته همير

سو مري ڇڏي ويو ملڪ مان، گهوڙا گهوٽ وزير

هاڻي ڀاءُ سجي ٿو ڀيڻ جو، عمر ڪوٽ امير

اهي خواري ڪندو، کوسو چئي، اچي مارن مٿي مير

هاڻي پنهوارن جا پير، ڏجان مهت ملير کي.

 

نصيحت*

 

ساراهيان سچو ڌڻي، آگا لاه اوسر

مرشد اسان جو محي الدين، آهي بيشڪ بروبر

گاجي پير گلن سين، آهي ڪاڇي منجه ڪپر

منهنجي لڄ لطيف تي، آهي ڀٽائي تي ڀر

ڪرني سڄي ٿو ڪنڌيءَ ۾، شاه گودڙيو گوهر

شاه پنجو ڏهوٽاڻي، پهرئين سڏ ساڻي، جنهن

جي دور پوري ڌڌڪر

ڳوڌو سڄي ٿو ڳاڙهيءَ ۾، ميان نصير محمد نر

سيوهڻ ۾ شهباز سڄي، مستو مست قلندر

مرد سڄن ٿا مڪليءَ تي، آهن بيشڪ بروبر

ننگر ٺٽو، پير پٺو، آهن ملڪن منجه مشر

ابن شاهه، ڪج نگاهه، اي قريشي ڪثر

جيئي شاهه، جنهن جا لڳندا ميلا ڏينهن محشر

اهي ڪيڏانهن پير فقير ويا، ڪيڏانهن ويا قلندر

ڪيڏانهن عالادين ويو، جنهن سان لکين هئا لشڪر

ڪيڏانهن دودو ويو، ڪيڏانهن ويوي چنيسر

ڪيڏانهن دارا ويو، ڪيڏانهن ويو سڪندر

ڪيڏانهن بيربل ويو، ڪيڏانهن ويو اڪبر

ڪيڏانهن تان حسين ويو، جو هو گفتي جو گوهر

ڪيڏانهن لقمان حڪيم ويو، ڪيڏانهن ڏاها ڏاڪدر

ڪيڏانهن ابا بڪر صديق ويو، ڪيڏانهن حضرت عمر

 

 

 

ڪيڏانهن حضرت عثمان ويو، جنهن دين جوڙيا دفتر

ڪيڏانهن حضرت علي ويو، جو ڪاٽيندو هو ڪفر

ڪيڏانهن امام حسن ۽ حسين ويا، جي هائ امت جي آڌر

ڇڏي دور درياءُ ويو، جيڪو ڪندو هو ڪن ڪپر

سڀئي گڏجي ڇٽندا، گل محمد چئي، لڳي پٺيان پيغمبر

مهندان ڏينهن محشر، خبر لهج کوسي جي.


* ھيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ساماري) مان غلام حيدر بلوچ کان ملي.

* ھيءَ روايت لاڙ (تعلقي بدين) مان مقبول احمد بلوچ کان ملي.

* ”ابيات مسڪين“ مطبوع رام روٽري پريس ڪراچي، سنھ ١٩٤١ع تان ورتل.

* ھيءَ روايت وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان محمد بچل کان ملي.

* راوي دؤرو اوٺو، عمر چاليھھ سال، ويٺل ساڌپور.

* راوي علي محمد اوٺو، ويٺل ساڌپور.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org