اڄ پڻ اتر پار ڏي، گوڙ ڪيو گهمسان
وسئا ٿي وطن ۾، جڏهن راضي ٿيو رحمان
مهر ڪري مڪي سان، ڪيائين مدينو ميخان
ٿيون آباديون عربستان ۾، ڪڪوريو ڪنعان
بادل بلخ بخاري جو، وسايو ويران
ڪابل ۽ قنڌار ۾، آيو سارنگ جو سامان
ڪڪر ڪربلا جو، ملاريو ميدا
ٿيون برساتون بغداد ۾، جت جيلاني جوان
ڪيائين شتابي شاهه نجف تي، جتي موليٰ
علي مردان
ولهر ٻئي وسايائين، مصر ۽ مڪران
شوقئون وٺو شام تي، جتي نبين جو نيشان
وڄن وڃي وسائيا، يمن ۽ يونان
ڪڙڪي پيو ڪشمير ۾، جهڙ ڪري جولان
آگميو استنبول تي، ڪيائين آبادي ايران
رمي آيو روم ڏي، بسنت ٿيو بيران
سانون ٿيو ساڻيه ۾، مينهن وٺا ملتان
رحمت وٺي روهڙي تي، سيد جتي سلطان
ابر وٺا اجمير تي، جتي خواجه معين خان
دهلي ۽ دکن جا، بَر وٺا بيبان
پورب، پڇم، پشور سان، ٿيو ميڪائيل
مهربان
بودون وٺيون ڀڄ تي، ڏيهئون ويو ڏرتان
مشرق معرب مينهن وٺا، ارض سڀ آسمان
آگي ڪيو احسان، الله ڏنا، عالم تي. |