سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: بيت

باب:

صفحو:6 

حمل فقير

        ]حمل فقير ولد رحيم خان لغاري، سنه ١٢٢٥ ه – ١٨٠٩ع ۾ ڄائو. سندس وڏا اصل خيرپور رياست جا رهاڪو هئا، پر پاڻ پوءِ لڏي اچي ڳوٺ مير خان لغاري، لڳ تعلقي سڪرنڊ، ضلعي نواب شاه ۾ رهيو هو. هن کي ننڍي هوندي کان چڱي تعليم ۽ تربيت ملي هئي ۽ پاڻ به پڙهائيءَ جو ڌنڌو اختيار ڪيائين. وقت جا خاندان کيس عزت جي نگاه سان ڏسندا هئا. هو لواري وارن بزرگن جو مريد هو. وڏيءَ عمر ۾ ٢ صفر ١٢٩٦هه – ١٨٧٨ع ۾ وفات ڪيائين. هيٺيان بيت سندس ڇپيل ڪلام ”ڪليات حمل“ تان ورتل آهن.[

 

مارئي

١-

ڪونڌيون پايو ڪڇ ۾، پهرن ساڻ پهرن

سٽون ڏين سنڱر لئي، ڏوٿي منجه ڏهرن

ويهڻ جتي جا واريءَ تي، سي شائق نا شهرن

ههڙي حال، حمل چئي، ٿر اندر ٿهرن

کڻي کٿيريون، خان! اچين تون ناگه جان نهرن

ميرن مارن ڇا لڳي، ڇا مارن ۽ مهرن

قادر جي قهرن، ڪين سنگين ٿو سومرا!

 

سهڻي

٢-

ساهڙ سانڀارا، ٿو سهڻيءَ کي سڏ ڪري

وچئون وير وڏاندري، ٿي موج ڪري مارا

ڪن ڪڙڪو، ڪاوڙ گهڻي، ڌوڌو ڌڌڪارا

پٽيو وڻ ڦٽا ڪري، سپاڙئون سارا

آڻيو وجهي آر ۾، ڍنگهر ۽ ڍارا

هيبت کؤن، حمل چئي، ترسن ٿا تارا

اتي آڻ تارا، تارين ربّ تبّار تون.

٣-

کرڪن جي کڙڪار، ننڊ وڃائي نار جي

سهڻيءَ سمهڻ وهه ٿيو، تن جنهين کي تار

گهڙي تي گهڙي پوي، سڏي ربّ ستار

اڳيئون آب اڇ گهڻي، ٻيو سهس وتن سيسار

ڪارا ٻانڊ، ٻلاٽيون، ٻيا ڪپرن جا ڪڙڪار

هڪل هونگ، حمل چئي، ڌوڌو ۽ ڌڌڪار

ميهر هٿ مهار، جو ڇڪيو ڇولين مؤن وڃي.

 

سارنگ

٤-

مند ٿي، منڊل وڄيا، ڪڪر ٿيا ڪارا

آيو اتر پار ڏنه، بار ڀري بارا

مينهن کي موڪل ٿي، پرور جي پارا

اوهيرن اٿلي، ڪئي پٽ سر پلتارا

نيون، نياڻ، نؤندڙيون، گهرڪا ڪن گهارا

وسي مينهن وسون ڪيون، چوڏس چوڌار

ڏو گاهي جا ڏٻرا، ٿيا موٽي متارا

حمل، هر پارا، آيون خبرون خير جون.

٥-

مند ٿي، منڊل وڄيا، گگن گجي ڪئي گوڙ

سارنگ سر ساز ڪيا، ٿي درهر دوڙ دٻوڙ

پلٽيا مينهن پٽن تي، ٿي ڇني ڇني ڇر ڇوڙ

اوهيرا الٽي پيا، ٿي جر ٿر ٻائڙ ٻوڙ

ڏيئي هونگ، حمل چئي، ڪئي پٽ سر مينهن پتوڙ

سڪا وڻ ساوا ٿيا، تن موٽي ڪڍيا موڙ

گاهه گلن گهمسان ڪيا، ٿيا کيٽ کنڀين جا کوڙ

ڪن مهٽي ڪال ڀڳو، جان ڏنس مينهن مروڙ

بارانيون برحال پڪيون، لٿو ڏرت ڏڦوڙ

سڀڪنهن جاءِ سڪار ٿيو، ٿي ڪڻي ڪڻي مؤن ڪوڙ

لٿي سوڙ سنگوڙ، پهريا مال پٽن تي.

 

 

ميان بيگ انڍڙ

 

        ]ميان بيگ ذات انڍڙ، ڳوٺ هاليجي شريف، تعلقي پني عاقل جو ويٺل هو. درويش شخص هو. اٽڪل ٨٠ سال اڳ ١٨٨٢ع ڌاري وفات ڪيائين.[

سسئي

١-

جيڏيون! مان جيڏا ڪيا، جتن ساڻ جتن

وسيلا، هر حيلا وڌامان، خداوند پاڪ جا سو قسمن

ننڊ نڀاڳي گهوريان، مونکي ماريو آ سهمن

هڻان پاڻ هنڌن تي، جاڳايو ڪين جتن

شاهي وڃي شهيد ٿيا، هجان ساڻ امام حسين حسن

ميان بيگ چئي، ڇا کؤن ڀڳن، جو دل مٽي پرديس ويا.

٢-

لڪن منجه لقاءُ، اٿس هوت پنهل جا

نه جابول جتن جي، نه گورن جو گوگاءُ

جتي اهو مرن اڃ سان، لڳي لک لقاءُ

پٽ نه ٻيلي پيءُ جو ۽ ڀاءُ نه ڀائي ڀاءُ

مرسل مير مڪي جا، اتي دوست ورائين داءُ

اتي آڏو آءُ، جتي هوت! هونديس هيڪلي.

سهڻي

٣-

ساهڙ جا هيس سير ۾، گهوتا منجه گهوتن

مڇي وار ورڇيا، لوڊان منجه اڊن [1]

 

 

 

سيسر، واڳون سير ۾، ٻروان ٻوگه ٻرن[2]

سي سبيل ٿيا سهڻيءَ تي، مڙيو مڇ مڙن

مئي پڄاڻا ڀي ساهڙ ’ساهڙ‘، هيس نالو منجه نبضن

اهي ميون ڪيئن چئجن، جيڪي ساريو سارين سير ۾.

٤-

ڪيئي ويا انهيءَ ڪن ۾، واپس وريوئي ڪونه

وينديون ويهان ڏٺيون، سي سوين ٽاڻي سون

لکين لکپتي لڏي ويا، ڀؤ ڀلن کي هون

انهيءَ منزل جون، ميان بيگ چوي، مامري ماريون

الله جل جلاله، ڏاتر ڏينهن ڪندون

وعدا ڪيون وڃون، حامي ڏينهن حشر جي.

 

 

مريد پالاري

 

        ]مريد پٽ وريو، پاڙو موندر پوٽا ذات پالاري. محال ڪوهستان ۾ ٽڪ مڪان جو ويٺل هو؛ جو ڪلي کان ٨ ميل الهندي سريءَ واري رستي تي آهي. سنه ١٨٨٢ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس قبر به انهيءَ ڳوٺ ۾ آهي. وٽس مينهون هونديون هيون. ’سال‘ ۾ ٻپرن وٽ مال ڪاهي ايندو هو ۽ وس ۾ وري پنهنجي مڪان ڏانهن موٽندو هو. فقيراڻو نمونو هئس. سندس بيت مشهور آهن.[

 

سسئي

١-

اٺن وارا آئيا، ڪري آرياڻي اور

پسي ڄام پنهونءَ کي، منڌ ٿي مخمور

حسن ڏسي حيران ٿي، مرگهه ڏسو مور

کليو وڃيو کيڪاري، ڏيرن ساڻ ڏور

وٺي هن ويهاريا، وڃي طاقن منجهه طنبور

کاڄ رڌيو خوشيءَ مان، ٿي هٿ ڌوئاري حور

کائي ماني خوش ٿيا، ڪيا پانڌيئڙن پور

پوءِ وڃي وڌائين سيجن تي، ڪا خوشيءَ مان خوشبور

هئي ڪا هوتن من ۾، جنهن جي پاتي ناهي پروڙ

هو چوري رات چڙهي ويا، ڏيئي اٺن کي اور

 

 

 

هيءَ به پٺيان ويندي پنهون جي، سامهان ڪري سور

ڳوڙها واهي ڳلن تؤن، ماٺ نه اچيس مور

سا ماري ڦٽ فراق جي، هئي چوٽيءَ تائين چور

محبن لاءِ، مريد چئي، وڃي ٿي لڪن ۾ لهلور

هڪڙي سسئي ٻيا سور، ويا وڳندا پاڻ ۾.

٢-

ڀنڀوران ٻاهر پئي ڪٽيائون ڪنواٽ

سونپيا اٺ سرواڻن، تن ليڙن ڪئي هئي لاٽ

سسئي تن ساٿين لاءِ، هاڻ گهڙي پيئي گهاٽ

اٿي سنبت ڪر سسئي! وٺ اٿي تون واٽ

سو ڳولج محب، مريد چئي، جنهن جي اٿئي اندر منجه اساٽ

پوءِ سنهي صراط واٽ، توکي سوکي ٿيندي سسئي!

٣-

سوکي ٿينديئي سسئي! جنت منجه جاءِ

سائين توکي سڏ ڪيا، پر ٻوڙي! تو نه ٻڌاءِ

هاڻي ڪوڪون ڪرئين ٿي ڪوڪرا، جانب جي جاءِ

تون ٻانڀڻ، هو ٻروچ، پوءِ ڪيئن ٿي پيچ پياءِ

تن ترسيو هو تنهنجو، ڪر لکئي ليٽ ڪياءِ

ڪ ڄا پندي ڄام پنهون سان، اصلي انگ هياءِ

سي بيغرض بلوچ ٿيا، سسئي سيڻ سنداءِ

جنين لڪن تؤن لال ويو، اڄ سيئي لڪ لڌاءِ

پٺيان لڳي پنهون جي، ڏونگر سڀ ڏٺاءِ

ڪهين ٿي ڪيچ ڏي، ڇپر پير ڇناءِ

تنهنجو محب، مريد چئي، هو ٿي واريو وروياءِ

اڄ وڃي ٿر ٿان ٿياءِ، ڪوهيارا ڪيچ ۾.

٤-

ڀنڀوران ٻاهر پئي، ٻانڀڻ ڪيا ٻڙڪا

هل تي هلي آيون، ڪري ساهڙيون سڙڪا

ته ڪهڙو توکي ڪوڪٽ ٻريو، جو ڪرين ٻاڪارون ٻڙڪا

چئي: پنهون ڇڏي ويم پٽ ۾، هوت ڇوڙي هڙڪا

اوهان ساري شهر ٻڌا ٿي، انهن بوتن جا بَڙڪا
پر پير پري ڪين پڇيو، ته اهي ڪهڙا هئا ڪڙڪا

چي: اسين ٿا اٺ اجهاڻيون، سي آهن کوڙيءَ تي کڙڪا

مهارون وجهون ٿا مين کي، سي گورا ڪن گڙڪا

مونکي ڪل پئي ڪانه ڪا، هاڻي مٺي ڪيئن مرڪان

سک نه اچي ساڻيه ۾، تڏهن پئي وندر ۾ وڙڪان

لڪن منجه لڙڪان، اڄ محبن لاءِ، مريد چئي.

٥-

اجهي اٺن وارا آئيا، اديون آرياڻي!

سسئي تن ساٿين جي، ڪئي موچاري مهماڻي

سي ڪرها قطاري هليا، ٿيا ساڻيه ڏي ساڻي

ڏاڍا ڏونگر لڪيون، ڏوري ڏينهاڻي

وڃي وندر وڻن ۾، ويچاري وساڻي

تنهن کي گڏيو محب، مريد چئي، اڳيان آرياڻي

سسئي سڃاڻي، هوت ويهاريو هنج ۾.

٦-

اٿي سنبر سسئي، کڻ سعيي سين ثمر

ڇڙيا اوئينگ ڇپرين، جوپ وٺو جر

اڳيان هيبت هب جي، ٻيو ڏاڍو ڏيه ڏونگر

نڪا ملام مين تي، نڪو ڏيرن تي ڏمر

هيڪليءَ جو حال ڪونهي، بنان ٻيليءَ ٻر

ڪوهيارا قلب سين، ڪج مون نماڻيءَ تي نظر

ڳولج محب، مريد چئي، اڳيان دنگن جو دلبر

دوست پنهون جو در، شال مان نماڻيءَ کي نصيب ٿئي.

٧-

سسئي ڏٺا سره، جن جي جبل منجه جهڪور

پڇ پسوئن کان، ته ڪي ڏٺو مين وارا مور

سليين ٽليين سونهڻا، چڱي ڏاگهن ڏور

سي ور وڏيرا وانڪي ويا، جت ڏاڍي زور

جهڙي هسواري هوت جي، تهڙا چانگا اٺ چندور

تهڙا سهڻا ڏير سسئي جا، اڙٻنگ اتور

تن محبن تان، مريد چئي، سر صدقو گهور

جهڙي منجه ڀنڀور، تئان به واڌو ٿي وڻڪار ۾.

٨-

سورين ۽ گهورين، پاڻ نهوڙي پنهنجي ڪيئه

گهر ڇڏيائين ڀنڀور ۾، تهل تائين تورين

آيس جلبو جت ڏانهن، پيئي پنڌ پورين

پير سڃاتائين پنهونءَ جي، اٿي اسورين

عشق ڏيکاريس واٽ وندر جي، تيڏانهن نظر ڪيو نورين

جو گهوٽ رانيو مورين، سو گڏيس محب، مريد چئي.

٩-

هڪ عاقوب آڌوڪن ۾، ٻيا ڀرين مٿي ڀوت[3]

هڪ لڳندءِ پير پهڻين، ٻيا لڪين مٿي لوت[4]

هڪ ڇپون منجه ڇپرين، ٻيا ڏونگر منجه ڏئوت

تون ضعيف، هو زوراور، جهنگن جا جهوت

سي چٽا چوندم ئي ڪين، نهر ٿيا نابوت

سينهن سلامي منهنجا، ٻانڀون ۽ ٻلٻوت

سي پنهون منهنجو پلي ويون، بلائون بهوت

 

 

 

معافي ٿيا، مريد چئي، هن ڪامڻ تان ڪرڪوت

مزا ٿيس مضبوط، جڏهن ور گڏيس وندر ۾.

١٠-

اٺن وارا آئيا، ٿل آرياڻي اوتاري

ڏسيو ان ڏيرن کي، ٿي کليو کينڪاري

تازا طعام تيار ڪيو، هوتن هٿ ڌئاري

کٿوري کٽن تي، پئي هٿن سان هاري

چئي: اٺ چارينديس اوهان جا، توڏا تنواري

اٺ سرماڻين سونپيا، وڏارو واري [5]

وڌا بار بودن کي، ٻروچن ٻهاري

سرتيون چون سسئي کي: توسان ڪهڙي ڪي ڪوهياري؟

تو ڪنان ور وٺي ويا، آڌي اٿياري

تان چئي: آءُ حرفياڻي هوت بلوچ جي، هو ڀلا بي مياري

ننڊ نهوڙيو نيڻن کي، آرس اساري

ڪين رهنديس ڀنڀور ۾، وينديس چانگن جي چاري

حب اڪاريس هب تان، توه تون جي تاري

ڀريم پاڻي، ٿيم ساڻي، مرڪا مينديءَ ٽاري

پڪارون پٻ وڻين ۾، سيون پئي سونهاري

آهين ان اناڙيءَ تان، جنهن جو ڀوءُ ڏسيو ڀوت جيڏاري

آيم آرياڻي اتهين، پنهنجي پت پاري

نور نمائي ناري، تنهن کي گڏ محب، مريد چئي.

 

 

 

مارئي

١١-

حاڪم چيائين، حڪم هلائين، چائين پاڻ سردار

ٻچڙوال، چارين مال، تن جو ٻاهران آندوءِ ٻار

 

پهر پڙچ تنهنجي دنگن تي دستار

مارئي جو، مريد چئي، ڪيائون نگه تون نيسار

وهلو گڏيئي واٽ ۾، مٿي پنڌ پنهوار

اڳيان ايندو سنگهار، تن جي اک جهلڻ اوکي آ.

 

ڪاپائتي

١٢-

ڪتج ڪي، ڪماءِ ڪي، اورج تون به آرٽ تي

مال تماچون، مريد چئي، ڀيري ٽڪ ٽڪاءِ

وجهي جند ياقوت ۾، تون تکي تند وهاءِ

سڀان سرتين وچ ۾، اچي پورهئي لاڪ پڇنداءِ

چئي چت وٺي، هو نوازي نينداءِ

جڏهن آرٽ ڌڻي اينداءِ، تڏهن ڪتڻ ڏينداءِ ڪونه ڪو.

 

مجاز

١٣-

گرئي گرئي گهرج پرينءَ جي، سنڌ سنڌ سڄڻ سار

تند تند طلب پرينءَ جي، ور ور ورق وار

قدم قريبن جي، وک به ڪين وسار

ساهه ڳنڍي سڄڻين، اها مرج ڪري ميار

رک صفايو سڄڻين، لاهه قلب تان ڪار

هنيون جوڙي هنڌ ڪري، گهر جي گفتار

نر پنهنجي نظر تان، ٽهلائي ٽار

مصلحت زائفان جي، اوڏاهين ڪيم نهار

 

پوندئي پڙڪال پرينءَ جو، اها ٻهڪ رهنديئي ٻهار

اتي حج هلندي ڪانه ڪا سٽائي سرڪار

اکر اميد جو اڇو ڪري اجار

محبوبن سان، مريد چئي، تون پنهنجي پت پار

طالع ٿيم تار، مون ڏٺو آهي درسن دوست جو.

 

 

موسو ’منڌير لاشاري‘

 

        ]موسو لاشاري، پاڙو موساڻي، ويٺل ڳوٺ دريا خان منڌير، جو ڳاڙهيي کان ٻه ميل اوڀر طرف آهي. اندازا سنه ١٨٨٠ع ڌاري وفات ڪيائين.[

 

سينگار

١-

صورت سونهن سپرين کي، ڏني جوڙ چڱي جنسار

سي کنون موتي ملوڪ کي، ڪر ڏنس ڏند ڏاتار

نڪ نراڙن اڳرو، هو طوطيءَ جي تمڪار

هرڻ اکيون حبيبن جون، هئا تکا جني جا تار

ڀنڀا ڀرون جن جا، ٻيا واڌو سندن وار

هلڻ چلڻ حبيب جو، ڪر ڍرڪن ڊيلون ڍار

خلق ٻولي خوب وڻي، جي چڱي مور چينگهار

آپر آواز سيباڻا، ڪر ڪاهل ڪونج تنوار

فراقي فڪرسين، ڪر ڪوئل ڪي ڪڻڪار

سي سڄڻ آيا سامهين، ڪري ڪارايل جي ڪار

ورن واسينگ ڪينڪي، بنان محبت موچار

اکين وراڪا وڄ جيئن، آگم ڪيا اپار

سي ڪيئن وهامن راتيون، بنان دوستن ڌار

من ۾ مڻيا محبوب جا، آهن وڇونئڙا واپار [6]

گن ٻڌائين گهنگهرا، ٻي جهانجهر ساڻ جنسار

 

 

 

پيرن منجه پدمڻيءَ جي، هيون ڪڙيون قرفدار

ڇلين ورڻين ڇمڪو ڪيو، ڪي کيرولين کينڪار

ڇڻڪن نورا ڇڻاٽ ڪيو، جانب کي جنسار

منڊيون، مهريون، منگليون، ٺهيون ڪري ٺاهار

ڪپ واڍولا ڪتريا، آهن بازوبند بهار

ايڪ داڻي عجيب کي، چمڪي ٿي چوڌار

پوپٽ پاتائين پنڙا، جهاٻا ۽ جهالار

هلڪا هار هس ڳچين ۾، پرتئون ڪن توار

ڪنڌ تي ڪڪور ڪٺمال جي، ڪيا تجلا تائيٿن تنهن وار

پر مڇلا تنهن ملوڪ کي، ٿا سونهن سڀ سينگار[7]

ساڳوتيون سڳين ۾، ٻيا چوٽين ڦل چوڌار

جيءَ جڙين جانب کي، آهن شلوبند شمار

وڌائين ٻانهن رکيون ٻانهن ۾، ٻيون آڻين والڙيون ساڻ واپار

لکون تنهن لالڻ کي، آهن زيب سڀ اظهار

سڀ بنيون ساجن کي، گوڪون گم گذار

ڏيڍيون، جهمٽيون لک سين، لائي لنءُ لغار

پاپ ڪنڙيون پاٻوهيون، ٻيا کڙيا کٽڻهار

ڏئڙي، ٽڪڙي، ڏهسئي، ٻيا مينڍي ڦل اپار[8]

پوتي هئي پرت سان، مڙهي مانگ مڻيهار

ڪنڍو ڏاڻ قميص جو، آهي تنرن ابتو تار

کڻن ٿا خوشيءَ سان، بي غم ايڏا بار

اهڙي ساڻ اختيار، مونکي گڏيا محب، موسو چئي.

 

 ست سرو

٢-

الله جل جلاله، الاهي توهار

حقي ذڪر هر ڪنهن کي، آسا راه ربّ ستار

بديون بخشي تن کي، ڏسيو ڏوه ڏاتار

ڏاڏي حوا، ڏاڏي آدم کان، ايءِ ٿي پرج پيدا پاز [9]

نبي نرمل نوراني، امت جا آڌار

شافع تون شفاعت ڪندين، جنت جا جهونجهار

حضرت علي هڪل سين، هئا ڪيريا ڪوٽ ڪفار

ڪافرن ڪلمان پڙهيا، مٿي مير محمد موچار

پرور ڏني پير کي، ملڪن جي مهار

تن مڙني مريدي مڃي تنهنجي، داتا! داون دار

ڪلهو ڪهائي آئي، نسنگ نڪري نار

ڪيا هئائين حضرت سين، سي اچي پاريائين قول قرار

سيفل کي سڪ سرير ۾، هئا بديعل سندا بار

هو ستو صاحبزادو ننڊ ۾، خوش ٿيو منجه خمار

تان ڏٺائين مورت محبوب جي، ٿيو ديوانو درڪار

تڏهن سعد پڇيو سيفل کي، ٿيوءِ ڪڄاڙو يار

تان مست مورائين نه ڪڇي، ڪوجيءَ تي پئڙس جار

جان پٽي پرس پيتيءَ جا، اپٽيا انگ اڪار

ڪڍي ڪپڙو تنهن مان، جان سڌ لڌائين سار

ته بنيا گل بديعل جا، هئا ريشمي رنگدار

منڌير چئي، ملوڪ ڪا، ات جوپ ڏٺائين جنسار

 

 

 

سي اکر ايرادت جا، وانچيائين تنهين وار

سو داناءِ گهڻو ديوانيو، پسي وير ويچار

ڏٺائين منڊي حضرت سليمان جي، جا پري منجهه پاتار

تنهن وڃي بديعل ساڻ بحر ملايو، لکئي جي لغار

زليخا جا به يوسف تي، هئڙا حرف هزار

بهرام، گل اندام ڏي، وڃڻ ڪئي نه وار

سو ڪهي ڪامل آئيو، منجهه چين ولايت چوڌار

جتي دهشت هئي ديون جي، هئا مانجهي مل متار

سي ماري ڪل مڃايائين، همت ساڻ هزار

پوءِ پري پرڻي آئيو، آگي جي اختيار

لونهان لال ملوڪ جا، هئا سهڄان تي سينگار [10]

حب هير رانجهي کي، هئي تن اها تنوار

سسئي به سانگي پنهون جي، هئي ڪيچ پار

مارئي کي مارن ڏانه، هئي اڪنڊ گهڻي اپار

سهڻيءَ کي به سڪ ساهڙ جي، جنهن جو موهيو من ميهار

مومل ماريئي مينڌار! رکي ڪام قهار

ليلان، چنيسر لوڌي، جنهن ڪيو حيلو سندو هار

طعنو تماچيءَ کي جڳائي نه جراڙ [11]

ڀيري، بدوئي ڀورل جون، سڱيون وڄايون سوار

سي جمجما سلطان جي تان، اچي لاٿا عيسيٰ نبي آزار

سرت هئي ڪان سجان کي، جنهن جو هو

سؤ ڳوپيين منجه شمار

شمس تبريز مڙهه اتاريو، سڪ شرع جي ستار

 

 

’اناالحق‘ آواز ڪيو، ايءَ هئي منصور مٿي مار

ڪافر هو قضا تي، نوشيروان نروار

جنهن پٽ پنهنجو قتل ڪيو، عادل گهڻو اظهار

مولي محمد مير کي، ڏنا چوکا چارئي يار

حضرت عمر پٽ خطاب جو، ويو هو گهوڙا سودڻ گهڻوار

تنهن حقيقت هندوءَ جي اچي ڪي، مرسل ساڻ موچار

تڏهن الحمد پڙهي ڪيائون شڪرانا بيشمار

تڏهن حضرت عمر پٽ خطاب جي، چيوتهين وار
ته شرع جا شفيع  جي، سا اچي هٿ منهنجي هيڪار

ته ڪريان عدل عالم ۾، جهڙو نوشيروان نروار

مدد ٿي مورڙئي سين، ڪي دلوراءِ درٻار

ڪڍيائين ڪڇون ڪلاچ مان، ڏنيس سگه ستار

لاکو ماري وگه واري، خوش ٿي نه ويٺو کنگهار

پوءِ رهي ريٻاري ويا، چؤ مکو چوڌار

هاڪو هيبت جاڙيجن جو، هئي ستي ڪڇ ڪنار

جهري جهونا گڍسين، ويا لڙهي لک هزار

ريجهي راءِ ڏياچ ڏنو هو، ڪانٽي ڪنڌ ڪپار

ادم عالادين جو، هئي دودي تي ڌڌڪار

روپيون ماڙيون رت سين، گڏيا جت غفار

جتي تئو ترارين جو، ات وٺي ڪڪر ڪار

ان سومري جي ست جي، ٿا سانئر ڪن سار

رنڙيءَ کي رڻ ۾ ٿيج اوڙڪ ڏينهن آڌار [12]

 

 

 

وٺي جر جبلين، تک وٺيائي تار

سيتا، رام لکمڻ کان، ويئي جنهين وار

نورئين، ڄام نوازئي، ٿي مهاڻن مهندار

موکيءَ متارن کي، سڌ نه ڏني سار

چڱي چاڪر نه ڪي، رهي مريد جي مٿي توميار[13]

من ۾ وسن، موسو چئي، اهي آهن عاشقن جا اوتار

دلبر ۽ دوستن جا، آهن پريون اهڙا پار

هاڻي هيرو به هنجهان ڌار، ٻيو جري ڪنهن نه جان کي[14].

 
 

سومار مڱريو

 

        ]سومار مڱريو، گهڻو زمانو اڳ ٿرپارڪر ۾، ناري مهراڻي جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. اندازا سنه ١٨٨٥ع ڌاري وفات ڪيائين.[

 

سهڻي

١-

پلي سانگو سر جو، ڪئي سهڻيءَ سچائي

مهندان سڄن مڇ ٿا، واڳون وڏائي

اڀ ڪپو اوڙاه وهي، ٻي لولي لهرين لائي

لنگهي ٿي سير سمنڊ جي، جنهن کي ڊپ ناهي ڊائي

واقف نه هئي ويڙهه جي، مڙي نه ٿي مائي

ساهڙ سان سچائي، سرهي ٿي، سومار چئي.

٢-

پيتائين پرڻي رات جو، چڪو ڏنو چئني

چي، آهن پي پر ٿيا، آيا ڳجه ڳنهي

اولا اکڙين جا، پرين لاٿا پني

ٿوري نه پڙان ان جي، جياريس جني

گهڻو مٺائي، مڱريو چئي، تهان پوءِ نه ڊني

ڪهڙي ڳاله ڳنهي، پڇان پنڌ پرين جو.

٣-

سور اهو، سومار چئي، مر مونکي ماري

آءُ اچان ٿي ايڏانهين، ڏم کي سمهاري

 

 

 

سمن اهو سچ جو، ڪيئن ويهان وساري

سويريون، سومار چئي، ويا اوٿڻ اٿاري

ٻڪرن جيئن ٻيٽن تي، پيو ڪنڍيون ڪوڪاري

ڪچا ڪانهن ڪنڌين جا، ويون ڦليون ڦوڪاري

شل، ڏاتر ڏيکاري، چانئٺ چڱي رسول جي.

 

 

ڇتو سؤنپار

 

        ]ڇتو سؤنپار اندازا سنه ١٨٨٧ع ڌاري ٿي گذريو آهي. سندس احوال ملي نه سگهيو آهي. هتي سندس هڪ بيت ڏجي ٿو.[

 

ست سري

 

سارهه صفت سدا سبحاني، رازق ملڪ رسايو آ

تنهن ۾ محمد مصطفيٰ، سو نوري نرمل آيو آ

چارئي يار رسول سچي جا، هاديءَ حڪم هلايو آ

عشق اچي اظهار ڪيو، تنهن بارسدا سرچايو آ

عشاقن انصاف وٺي، شعر ڇتي هي ڳايو آ

محبت موهيو مجني کي، جنهن عشق اڱڻ سر آيو آ

عاشق نارين سان ڪيئي، هن وهه سان وره وسايو آ

هو دوست هليا ٿس ديس ڏي، هي پير ڀري ۽ آيو آ

ليليٰ لهي لاڏ منجهارون، طالب کي ترسايو آ

بيٺو انهيءَ جاءِ تي، سو ننڌن ڪين نوايو آ

باز مٿي تي آنا لاهي، ٻچا ڦوڙي اڏايو آ

دائي ليکي بنڊ پراڻو، دانهه ڌڪ ڌڪايو آ

آهه ڪيائين دانهن گهڻيري، ليلي  مچ مچايو آ

رانجهي تخت ڇڏيو بادشاهي، جنهن جهنگ سيال پڇايو آ

راز رکي سر ساز کنيائين، جوڳي بيک بڻايو آ

هير سندومن مير اچي، سو دانهن درس دٻايو آ

سڀ سيالين سوز ٿيو، جو رانجهي چاڪ سڏايو آ

ماڙيءَ هيٺ ملوڪ اچي، تنهن ٻيجل راڳ ٻڌايو آ

تار کڻي سردار اڳيؤن، سو عاشق عرض الايو آ

ڏي سرنالي نانءُ ڌڻيءَ جي، توکي مرد سڏايو آ

سورٺ مڱڻي وٽ اچي، سو پاند ڳچيءَ ڳل پايو آ

جهونا ڳڙه توجهوريو سارو، تندن ملڪ تپايو آ

ماڻڪ وٺ مڻيا سڀ موتي، هي راڄن جو رايو آ

سر بنان توڙي سو ڏيو، ٻيو ڪم ڪل اجايو آ

مڱڻهار مڙيوئي ناهي، راجي سر ڪپايو آ

شيرين جو پرويز اڳيئون، ويهي سالڪ سير سڻايو آ

ماڻهو اهڙو ملڪ ۾، سو ڄام نه ڪاٿي ڄايو آ

سورج شمس ناهي مٽ ثاني، سو هو حسن سوايو آ

ڳاله ٻڌي، چيائين ڳول اها، جنهن جي آڻي وره ورايو آ

ديس ڇڏي پرديس پيو، ڏک پيش وزير جي آيو آ

حسن لکي پرويز سندو، تنهن وڻ منجه واه رکايو آ

صورت بڻي، سينگار سڀوئي، مورت مچ مچايو آ

ويهڻ تنهن کي وه جو ٿيڙو، تنهن سرتين کي ته سڏايو آ

شيرين ڇڏي شام هلي، هن پرويز پاڻ پڇايو آ

عشق ڏسو اسرار الاهي، شاهه گداءُ رلايو آ

سهڻيءَ کي ميهار سندي، سرڪي ساءُ چکايو آ

ور ڇڏي ٿي وهڻ تري، تنهن منجهيوال پڇايو آ

سڀر ڪندي ڇا، وڀر تنهين کي، جنهن کي درسن درد تپايو آ

ڪچيءَ مادر، ڪچ ڪيو، جو پڪودلو بتلايو آ

راجا نند، ڪارڻ ڏند، ڪيڏو ڪيس ڪرايو آ

مومل ماڙي مڪر جي جوڙي، ٺاهه عجب سرٺاهيو آ

ناڻي ڪارڻ مرد مارايون، مومل پاڻ ملهايو آ

راڻي وير وتس سڀ ساري، ڪل پڇي سر آيو آ

عمر آندي مارئي، ڏس حاڪم حڪم هلايو آ

محلين ماندي مارئي، تنهن پير نه پلنگين پايو آ

ڦاڙيون ويس ڦٽا ڪري، عمر جو آڻايو آ

شابس سڀ جهان ڪيس، هن قابل قرب وڌايو آ

سيفل صورت مست ڪيو، جنهن روئي حال وڃايو آ

بديع الجمال سندو ڏس چادر حسن چٽايو آ

ڏسي حور حسين اتي، نر ڪهن نقل رکايو آ

شهر گلستان ايرم نالو، سيفل پنڌ پڇايو آ

سعد سوين ايلاز ڪيا، هن ماءُ پيءُ کي موٽايو آ

پنهل، سسئي ڪاڻ اچي، کٽي ذات سڏايو آ

خان ويهاري کٽ اتي، تن پنهل کي پرڻايو آ

ڏيرن ڏاڍو ڪيس ڪيو، جن اچڻ ساڻ اٺايو آ

سسئي ٿيڙي سار سنجهي، هن ڪيچ پٺيءَ سو ڪاهيو آ

جبلن ۾ ٿي جانب ڳولي، ڏونگر ڏيل ڏکايو آ

سچي دل هيس، چئي سانگي، تڏهن به هيڪل آيو آ

عشق اصل ۾ اڳ ٿي گذريو، تنهن جو نقل آيو آ

بره رکيو هو بار جني تي، تن جي ڳالهين ڳايو آ

ڇڏڻو ناهي يار، ڇتو چئي، موليٰ محب ملايو آ

جن آندو ايمان نبي تي، تن لئي بهشت بڻايو آ.

 

 

نٿالو رند

 

        ]نٿالو عرف نٿل رند، ويٺل ڪڪرانڊ جو، تعلقو ميرپور ساڪرو ضلعو ٺٽو. سنه ١٨٩٠ع ڌاري وفات ڪيائين. بيتن ۾ پنهنجو نالو بعضي ”ناٿو“ به ڪم آندو اٿس.[

 

مجاز

١-

بت مڙيئي بُت، منهن موچارا گهڻا

لڳي نينهن، ٿانو چئي، جتي روح بَڻا

درسن پسيو دوست جو، اتي ٻاڻ هڻان

پنبڻيون جي پريت جون، سي ٿو خماريون کڻان

موتي ماڻڪ تن کي، هئا لائق لال گهڻا

آءُ تنهن کي ٿو وڻان، جنهن کي حال حوال جي.

٢-

جنهن کي حال حوال جي، سو جانب آهي جاني

محبت ۾ منهنجو پرين، سو عاشق احساني

ٻڪي ڏيندو ٻاجه جي، اچي واه منجهان واه ني

وهلو ويندو نڪري، اهو جوڀن جواني

هڪڙو ڏينهن هر ڪنهن سين، ٿيندو حيراني

کڻج ڪو پاڻ سين، ثمر ساماني

بَرسر ڪل مٿي تي، حڪم زباني

پير پيرن جو بادشاه، جنهن جو ڏيه سڄو ڏاني

 

 

 

ميران مريدن تي، آهي ڪامل ڪماني

جنهن جي موڪ هلي ماني، تنهن کي حال حوال جي.

٣-

جنهن کي حال حوال جي، سو پرين ناه پري

وري آيو ولهو، ٻه ٽي پير ڀري

مومل محلاتن ۾، ٿي ماريو ڌڱ ڌري

لڳس اوڳاهو عشق جو، تڏهن چؤپهرو چري

ساري رات سمن ۾، سا ويٺي ڏک ڏري

راڻي جي رهاڻ لئي، ٿي واڪا وس ڪري

سا مورنه ڪيم مري، جنهن کي حال احوال جي.

٤-

جنهن کي حال حوال جي، سورهيه ساماڻو

ڪاهي آيو ڪاڪ تي، سو راهه وٺي راڻو

اجهائي اٺ مٿان، اچي عاشق اڏاڻو

آيو در دوست جي، نمي نماڻو

ڏٺائين پڳ پرم جي، تنهين تان کاڻو

هٽيو پوءِ هتر کان، اتي ڪام رکي ڪاڻو

ٿيو واڻيي جو واڻيو، جو ستي ڇڏيائين سپرين.

٥-

جنهن کي حال حوال جي، توڙئون ناه تنگي

دل منجه دور درياءَ جا، سؤ سي وهڻ ونگي

هيءَ دنيا ڪوڙي بي بقا، روازڻ رنگي

ڪن سين پرچ پاڻهين، ڪنين ساڻ جنگي

ڪن سين مڙي ماٺ، ۽ ڪنين ڏور ڏنگي

ڪي پهرائي پٽ سين، ڪينن ناه انگي

ڪي نمن نماز تي، ڪي جاهل ۽ جهنگي

ڪن جي دل دين تي، ڪي بيداد ۽ ڀنگي

عرض ڪري ٿو عاشق، هيءَ ناٿي، مهرمنگي

جن جي دورن منجه دنگي، آهي تن کي حال حوال جي.


*  محمد عالم عباسي (تعلقو سکر) ۽ محمد حسن مشتاق (تعلقو پنو عاقل) کان مليل.

[1]   لوڊان = مھارون اڊن = مڇي جو قسم.

[2] ٻروان = مڇيءَ جو قسم. ٻوگھ = پاڻي. ٻرن = ھلن.

* راوي بنگل خان مروئو بلوچ جي زباني قلمبند ڪيل.

[3] آڌوڪ = پاسو جبل جو.

[4] لوت = ڪنڊن وارو وڻ.

[5] سرماڻين = سرواڻن.

* راوي پنيي ملان منڌير جي زباني قلمبند ڪيل.

[6] وڇونئڙا = پيرن جوڳھ

[7] مچلا = ڳچيءَ جو ڳھ

[8] ڏئڙي = ڏانوڻي.

[9] پرج = مخلوق.

[10] لونھان = ٽانڊو، الا.

[11] جراڙ، ڄام تماچي جو دوست يا وزير ھو.

[12] حضرت نوح ۽ پوڙھي مائي.

[13] مير چاڪر رند، شه مريد ۽ ھاني.

[14] جري = ھضم ٿئي.

* ھيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي کان ملي.

* سگھڙ حاميد رند جي زباني قلمبند ڪيل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org