سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: بيت

باب:

صفحو:12 

پاهڙ دل

        ]شاعر پاهڙ، ذات دل، ’ڳوٺ سومار دل، ديهه پروڙ، تعلقي ساماري ۾ ڄائو. جيئن ته ناري تي اٿل يعني ”ريڻي“ ايندي هئي، جنهن تي گاهه جام ٿيندا هئا، تنهنڪري عام طور ڀاڳيا ماڻهو انهيءَ گاهه سانگي لڏي اچي ناري جي ڪپ تي رهندا هئا. اهڙيءَ طرح سندس پيءُ، جو پڻ هڪ مالوند ۽ ڀاڳيو ماڻهو هو، سو به انهيءَ گاهه سانگي لڏي اچي ڳوٺ ’کاڻ‘ تعلقي ميرپورخاص ۾ رهيو، جتي هن پنهنجي جوانيءَ وارو عرصو گذاريو. سندس شاعريءَ جي شروعات پٽ جي وفات کان ٿي، جو ڇهن سالن جي ننڍيءَ عمر ۾ گذاري ويو. ان بعد ترت ئي وڏو پٽ گذاري ويس. انهيءَ فراق ۾ سندس شاعريءَ جو عروج ٿيو.

        سندس ڪچهريون همعصر سگهڙن مان غلام حسين مغل (ويٺل سنڌڙي) ۽ صادق خاصخيلي سان ٿينديون هيون. ميڙن ملاکڙن ۾ ان وقت جا مشهور نڙائي بخش چانڊيو، بخشڻ ڇڄڙو ۽ سنگهار مڱريو سندس بيت نڙ تي چوندا هئا، ۽ اڄ تائين سندس بيت نڙ تي تي چيا ويندا آهن. تاريخ ١٠-ربيع الاول ١٣٣٩ هه / ١٩١١ع ۾ وفات ڪيائين.[

سسئي*

١-

آڌيءَ اٺ اٿي ويا، اديون! ٿيم اندوهه

هو ڪرم منهنجي ۾ قافلو، ڪنهن کي ڏيان ڏوهه

وسعت ناهي وک جي، آءُ ڪيئن ڪپينديس ڪوهه

 

 

ڪوهيارو قرب مان، لنو هڻي ويم لوهه

لڳي باهه ڀنڀور کي، پچي ٿيڙس پوهه

ڏيئي مٺيءَ کي موهه، پنهون وٺي ويا، پاهڙ چئي.

٢-

گونگن گڏي آهيان، جال وهايان جر

مون وٽان رات رسي ويا، رکي ڏير ڏمر

اديون! تن اٺن جا، ٿيڙم سور سٻر

ڀانئي مارايم ڀينر! جو توڙان ڪيم تڪبر

ويا هوت هٿن مان، ڏسو پاڙيچون پٿر

سڏ نه ويجها سپرين، وڃي ڏير لنگهيا ڏونگر

هاڻي هئي هئي ڪيو ٿي هٿ کڻان، من ڪن پوين ڪوڪر

پرين وٺي ويا، پاهڙ چئي، نٿي هوت ڏسان هيڪر

جي ديس ڇڏي ويا دلبر، اهي قادر ڪيچي ميلئين.

٣-

گونگن گڏي آهيان، گؤنرا ٿيم گئون

ساجن سان ڙي سرتيون! منهنجو لڳو نينهن نئون

واٽ ڏنگي، ور گهڻا، ناهي پنڌ سنئون

ريبئون راند کڻي ويو، پنهل مون کان پئون

ڏيئي ڀليءَ کي ڀئون، ويا پاهڙچئي، پريت جو.

٤-

گونگن گڏي آهيان، مونکي ميا ويا ماري

ڏير ڏکيءَ جي ڏيل ۾، ٻارڻ ويا ٻاري

روڏا روهه رڙهي ويا، ڪيچي قطاري

ٻولي ٻوليائون پاڻ ۾، ويا ’پاريشي‘ پاري

چوري اٺ چاڙهي ويا، پنهون پاڳاري

در جهليو دانهون ڪري، ٿي اڱڻ اوساري

ڏسان پلنگ ڄام پنهل جا، اڱڻ اوساري

مري وينديس ماڳن تي، ساجن کي ساري

پرين خاطر، پاهڙ چئي، ڳوڙها ٿي ڳاڙهي

هاڻي نڪريو نهاري، ته پنهون منهنجو پنڌ ۾.

٥-

پنهون منهنجو پنڌ ۾، آءُ ڀٽڪان منجهه بَرن

نماڻيءَ سان ننڊ ۾، ڏاڍي ڪئي ڏيرن

هو پنهون وٺي ويا پاڻ سان، آءُ ڇلان پئي ڇپرن

ڳوڙها وهايو ڳلن تان، پئي ڏوريان ڏونگرن

ملان من محبن کي، رسان رهبرن

پرت پڄايان، پاهڙ چئي، ديکيان دلبرن

آهيان ٿڪي منجهه ٿرن، من ڪيچي اچي ڪرم ڪري.

٦-

ڪيچي اچي ڪرم ڪري، من ڪامل ڪوهيارو

محبوبن ري من مٿي، آهي ٻارڻ ۽ ٻارو

هوتن سواءِ حب ۾، نه چلڻ نه چارو

پهڻن پير پٿون ڪيا، ٻيو گس نڪو گهارو

ڪوهه ڄاڻان ڪٿان ويو، اهو ساٿ سونهارو

ڀٽڪان ڀڻي بر ۾، ڏيو ڏونگر کي ڏارو

گوندر گهيرو لائيو، ڪيو اهنج امارو

دردن سندو، دل چئي، آهي وريو وسڪارو

پهچان ڪيئن ات، پاهڙ چئي، جت ڏس نه ڏيکارو

هڪ عورت، ٻيو اڪيلائي، ٽيو جبل جونجهارو

چوٿون خوف مرن جو، جن جو پري پاسارو

پنجون پهچ نه پرڻ جي، منهنجو ست ويو سارو

پسي حال همارو، من ڪيچ ڌڻيءَ کي ڪهل پوي.

٧-

ڪيچ ڌڻيءَ کي ڪهل پوي، من اچي اورانهون

ڪريان پئي ڪوهياري لئي، آءُ حيلا هلائون

من سڻي سڏ سقيم جا، هو آرياڻي آهون

آهن بند بنديءَ جون، سڀ ورنه ريءَ واهون
منهنجو ڪم ڪوڪون ڪرڻ، ٻئي کڻي ٻآنهون

ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو، هي دردن جون دانهون

ڪامل منهنجو ڪيچ ڌڻي، آهي مڙنيان مٿاهون

پاڙيندو پريت، پاهڙ چئي ايندو پنهون وري پانهون

ڪري ڪوهيارو ڪاهون، اچي ڪندو داد، دل چئي.

٨-

ڪيچين ڪرها پلاڻيا، سنجهي ويا ساٿي

اٿيو آڌيءَ رات جو، ڏيان جهنگل ۾ جهاتي

ڪينهن هت ڪيڏانهن ويا، منهنجا اڄ ڀاتي

ڏکن مون ڏٺو آهي، آهيان سورن سڃاتي

وڻجارا وڍي ويا، ڏئي قلب کي ڪاتي

پرين ساڻ، پاهڙ چئي، هيس حجائتي

پنهون پاڙيچي، ڏئي ويو سيپارو سورن جو.

٩-

سيپارو سورن جو، آءُ پاڙيچيون پڙهان

منهنجو ور وٺي ويا، گهراڻي گهران

اڱڻ جايون ان جون، ڏسيو ٿي ڏران

مال خزانا کٿوريون، ڪيڏانهن آءُ ڪريان

سونا سهج اٺن جا، جيئري آءُ جڙيان

تازا پير پنهل جا، وساري ڪيئن ويهان

قادر مونکي ڪيچ رسائيين، جيسين آءُ جيان

پنهل پڄاڻان، ڏيان باهه ڀنڀور کي.

 

مارئي*

١-

لڏي ويا اٿم ڇڏي، ڪنڌيءَ هئڙم ڪال

ڏٺي تن کي ڏينهن ٿيا، سڪان تن سنڀال

وچان تن کي ورهيه ٿيا، ساريان ويٺي سال

نڪو ڌڻ، نڪي ڌنار، نڪي مارن سندا مال

نڪو ڀؤنر، نڪو ڀڻڪو، نڪا مارن جي به مقال

نڪي سانگي، نڪي وانگي، نڪي مارن ڇوڙيامال

نڪو سڏ، نڪو مڏ، نڪو هتي ڀائي حال

گهوڙا! ڳاڙيان ڳوڙها، ويٺي جر وهايان جال

اٿم قسمت وس ڪمال، تڏهن ديس ڇڏي ويا، دل چئي.

٢-

لڏي ويا اٿم ڇڏي، ڏيئي تاڙيون طاق

منهنجو من ماروءَ لاءِ، ڦٽي دل فراق

وڍيو وڍ ويڙهيچن لاءِ، چڪيو چڪن چاڪ

سڌر سڏائين سومرا! تون هاڃا ڪرين هاڪ

پنهوارن جا، پاهڙ چئي، واريون نه سڻان واڪ

ٿر جني جا ٿاڪ، سي ديس ڇڏي ويا، دل چئي.

٣-

لڏي ويا اٿم ڇڏي، جاني منجهان جوءِ

ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان، هل نه سڻيان هوءِ

نڪي لوڏ تن جي لوڪ ۾، نڪي کل تن جي خوءِ

نه منهن مقابل ماروءَ جي، نڪو رنگ تنهن جي روءِ

پنهوارن جي، پاهڙ چئي، بانس نه اچي بوءِ

ڪريان ٿي سڏ صبوح، منهنجا ديس ڇڏي ويا، دل چئي.

 

٤-

لڏي ويا اٿم ڇڏي، ڇڏي وڻ ولهار

فڪر ڦوڙائن جي، ويٺي نيڻ ٽمايان نار

هو ويا ڪنهن ولائت ڏي، جي سانگي هئا سنگهار

انهن مان ڪنهن نه چتائيو، پاڙيچي پنهوار

ويٺي اڏايان ڪانگڙا، وجهيو ڦوڙائي جا ڦار

مان ميڙائو مون ٿئي، جن جي اٿم تن اندر ۾ تار

هاڻي ويٺي ڪٽيان ڪوٽ ۾، لکئي جي لغار

قسمت وس ڪريم جي، جنهن ڪيو ڇني ڌاروڌار

هڪڙي جهل، بي جهوري، ٽيو جيئڻ ٿيم جنجار

هينئڙي منجهه هزار، مونکي درد دکن پيا، دل چئي.

٥-

لڏي ويا اٿم ڇڏي، جن جا ويڙها پيا وڍين

پکا، پيهيون، پاهڙ چئي، اوڏانهن پيا اڏين

ان ٿر عميق ۾، ٿيون توڏيون تنوارين

پنهواريون پائر ۾، گڏجو گذارين

وٺيو ڀر ڀٽن جي، هو نت نهارين
گهيٽا پاس گهرن جي، ڇيلا ڇڇڪارين

تساريون تڙن ڏي، ڪامل ڪوڪارين

مارو مٽ ملير ۾، مونکي سانگي ٿا سارين

مونکي ٿا مارين، عمر! ڦٽ فراق جا.

٦-

لڏي ويا اٿم ڇڏي، هڻي جيءَ جڙي

مارن جي فراق ۾، ويو منهنجو من سڙي

هينئون ڦوڙائي ڦٽ ڪيو، ڪارو ٿيو ڪڙهي

ڀانيان ڏينهن قيام جو، گهاريان ڪين گهڙي

ڪڏهن مارو ملندا، جهوريءَ دل جهڙي

قسمت وس ڪريم جي، ويو اٿم انگ آڙي

چٽاڻئون چڙهي، ٿي ديس نهاريان، دل چئي.

٧-

وڄن جو وطن تي، مون ڏٺو آڌيءَ رات اهاء

بادل برساتون ڪيون، کنوڻين کيل ڪيا

جهڙ جهڪورون جهانگين ڏي، ٿر ۾ ٿاڪ ٿيا

ڏوٿين ڏيهه ڦٽو ڪيو، ڀڄي تنهنجي ڀوا

ڇڏي مارو ماڳ ويا، ڊڄي تنهنجي ڊاءُ

تون ناحق ٿو نير پارائين، ڪري ڏوٿين تي ڏيا

تن پنهوارن جا، پاهڙ چئي، مونکي روح ۾ رنج رهيا

هو جي ويڙهن پاس ويا، سي سانگي ويٺي ساريان.

٨-

ڪٿي وطن، ڪٿي ويڙهيون، ڪٿي سڳر، ڪٿي ساهڙيون،

ڪٿي کڻي آيم خمير

قادر! مئيءَ تان ڪاٽئين، زوراور زنجير

تن مارن سان مونکي ميڙيندو، پنهوارن جو پير

واري گڏيندو ويڙهيچن سان، محمد اتي مير

دل تان نه لهن، دل چئي، ماڙيچيون رهيون منجهه ملير

جهڻون جهانگيڙن جون، ٿي ڀانيان انبن کان اڪسير

کاهڙ ۾ کٿيريون کير، جيڏيون ڏيندم جوءِ ۾.

٩-

ڪٿي وطن، ڪٿي ويڙهيون، ڪٿي سڳر، ڪٿي ساهيڙيون،

ڪٿي جهليا گولاڙن گل

دل تان نٿيون لهن، دل چئي، جهوڪون منجهه جهنگل

ڇيلا انهن جا ڇيڪ چرن، جتي ڦوڳن جهليا ڦل

ڪانه ٻڌيسون ڪڏهن، جهانگين مٿي جهل

تون ڪوهه زوراور ظلم ڪرين، جن جا ٻچا آهن اٻل

ڏوٿين ڏيهه ڦٽو ڪيو، سڻي هاڃي جي به هڪل

هو پهون پڪاري، مون وساري، ويا کڻي خان خلل

تون به مير! ڇڏيندين ماڙيون، ڪي حملا هيءَ هل

لکين لک لقائون ويون، اري هيٺ اجل

منهند بيهندين محشر ۾، جتي ٿيندي توراڙي جي تل

اتي پنهوارن جي، پاهڙ چئي، من ڪا ٿئي آهه اٽل

ڪنبندا ويا ٿي ڪورٽ کان، جيڪي مانجهي هئڙا مل

ڪئين افلاطون آهل، هتي راڻيون راءُ ڇڏي ويا.

١٠-

ڪٿي وطن، ڪٿي ويڙهيون، ڪٿ ڦوڳن چاريم ڦر

وڌو وڇوڙو ويڙهيچن کان، آڻي تو عمر!

محل، ماڙيون، بنگلا، تنهنجو ڀانيان ڪوٽ قبر

دل تان لهن نه، دل چئي، ويڙهيچن وڳر

مهندان ڏينهن محشر، پوندئي ڪم ڪريم سان.

١١-

ڪٿي وطن، ڪٿي ويڙهيون، ڪٿ پکا پنهوارن

وڌئي وڇوڙو ويڙهيچن کان، قابو ڪيئي ڪوٽن

پوندئي ڪم ڪريم سان، جو ڏکويئي ڏوٿين

دل تان لهن نه، دل چئي، مارو منجهه محلن

پنهوارن جا، پاهڙ چئي، اڌميو سور اٿن

ويڙهه ڇڏي وڳرن، حاڪم تنهنجي هيبت کان.

١٢-

ڪٿي وطن، ڪٿي ويڙهيون، ڪٿ منهن ماروئڙن

هت وڄون وسن وطن تي، هت وهايان آب اکين
هت سرتيون ڀٽ مٿي، جهڄن پڻ ڀڄن

جهڙي انڊلٺ اڀ ۾، تهڙو سهج سندن

رويو وهامن راتڙيون، مارو ياد پون

ساريو سنگهارن کي، ٿا دليئون درد چڙهن

تن پنهوارن جي، پاهڙ چئي، محبت رهي من

هو ٿا ويڙهه وڃن، آءُ جهڄان ٿي جهل ۾.

١٣-

ڪٿي وطن، ڪٿي ويرهيون، ڪٿ ڌڻو ندي ڌنار

نڪا ٻيڪ ٻڪر جي، نڪا تڙ مٿي تنوار

آهيان بندياڻي بند ۾، نيڻ وهايان نار

جهوريءَ هيئون جهيڻو ڪيو، ساريان ڀڻي سنگهار

ان ٿر عميق ڏي، منهنجا پري ويا پنهوار

دل تان لهن نه، دل چئي، ويڙهيچا ولهار

تني جيءَ تنوار، آءُ عمر! اڪنڊي آهيان.

١٤-

ات اوکو ٿيندين عمر ادا! جت ترندو تورو

ڏاڍائيءَ جو ڏيهه ڌڻي، اچي ڦوليندئي ڦورو

ايندا ملڪ الله جا، ڪرٽ کڻي ڪورو

سوجهي ڪڍندئي ساهه کي، ٿيندين گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گهورو

پڇاڻي ويل، پاهڙ چئي، ڏيهه ٿيندين ڏوهرو

مهندان منهن مورو، ٿيندين ڪورٽ ويل ڪريم جي.

١٥-

ڪورٽ ويل ڪريم جي، ڪڇي سگهندين ڪين

ڪندا چٺيون ظاهر اچي، جت الله جا آمين

جن کي ڪاغذ قلم هٿن ۾، آهن ڪلهن ڪاتبين

پوءِٿيندين پشيمان، ۽ هوندئي اکيون منجهه زمين

تيلاهين هينئر ئي سوچ تون، هي ستم ڇڏ سنگين

ڪم ايندئي ڪينڪي، محشر اندر مين

محل، ماڙيون، بنگلا، هي سڀ رولڙو رنگين

پت م وڃاءِ، پاهڙ چئي، ڀاءُ! م ٿيءُ بيدين

مار م هيئن مسڪين، هٺ ڇڏي ڪر هوش تون.

١٦-

هٺ ڇڏي ڪر هوش تون، ٿي سالم سياڻو

ظلم نه ڪر ضعيفن سان، نه ٿيءَ ادل! آياڻو

پرور اڳيان، پاهڙ چئي، نه تنهنجو هلندو حڪم حاڪماڻو

نه هلندي سفارش صاحب وٽ، نڪي ڪم ايندئي ناڻو

اهو ٽيڙيءَ جو ٽاڻ، وسري ويندئي واحد اڳيان.

١٧-

ڏٺم آڌيءَ رات اهاء، وٺو پٽن پوڄ پلر

جهوري جهانگيڙن جي، ساريان ٿي سڳر

هوندين ڪين حياتي، اهو گهوٽ م ڀانءِ گهر

ٿيندو لڙهه لقاءُ تي، مهندان ڏينهن محشر

مهندان بيهندو مصطفيٰ، ڪامل کڻي ڪر

ڇڏائيندو ڇيهن کان، دوزخ جي دلبر

او ڏسندا منهن ماروءَ ڄام جو، آهي آجو جن اندر

پنهوارن جو، پاهڙ چئي، لٿو ڏک ڏمر

ڏوٿين ڪهڙو ڏر، جن ڀريو ڪلمون ڪريم تي.

١٨-

لوئي ڪيئن لاهيان، جا عمر! اباڻي آهي

سرهي سنگهارن جي، ڪيئن وڃان لوڏ لڄائي

جنهن کاڌيون پپون پنهوارن سان، سا کاڄ نٿي کائي

جيڪي لکيا هوندالوح تي، سي وينديس قيد ڪمائي

پيٽ ڀرينديس، پاهڙ چئي، سڱرين مان ساهي

عمر! مون آهي، اميد اوڏانهن وڃڻ جي.

١٩-

پٽ پهري ويهه مارئي! توکي ٿي ميرن جي مرکاءِ

زريون ڪر زيور سان، پٽ پٽيهر پاءِ

اها لوئي نه لاهي ڇڏئين ، جا ان اگلي آهه

ڇينڀيندئي ڇوري ڪري، جڏهن مري ويندئي ماءِ

هي مال خزانا ماڙيون، هٿن ساڻ هلاءِ

وهي ڪيم وڃاءِ، تون مارن لاءِ مارئي!

٢٠-

مارن ڌاران ماڙئين، ماٺ اچي مون نه

عمر! جهلجي ان کي، جيڪي ڪن خطائون خون

اسين ڏوٿي کائون ڏٿڙا، سي تڙئون تڙ تون نه

متان ڪرين ميري مون ڏي، ڀڙ جهليندئي ڀون نه

ايندو ڪوٺائو ڪريم جو، ات ڪامل هلندو ڪونه

اهي ميوا وڻن مون نه، تون عمر! آڇون ڇوڪرين؟

٢١-

پٽ پهري ويهه مارئي! گلمن پير گهماءِ

هيرا، ماڻڪ، موتي، جوهر سڀ جڙاءِ

راهون، رند رپي جون، مينا ساڻ مڙهاءِ

اهڙا پهت، پاهڙ چئي، تون ڀوري! ڀؤ نه ڀانءِ

تو ڇو مارئي! وڌو منهن مامري، جيءُ به جيڏين لاءِ

هو چارين ڇيلا، گهمن ٻيلا، سندي سڱر ساءِ

تون وهي ڪيم وڃاءِ، مارن ڪارڻ مارئي!

٢٢-

وهي ويم گهوري، مر منهنجي ڄام ڄمار

کڻان ڪيئن کٿيرين جي، مٿي تي ميار

هيم صحبت سانگين سان، تنهنجي ڌاڙي ڪيس ڌار

انهن جي ڦوڙائي ڦٽ ڪيا، هيئين منجهه هزار

ڪريان ڪيئن ڪوٽن ۾، سرتين ريءَ سينگار

ساڙي ٿي سانگين جي، عمر! اوٽ اپار

تن پنهوارن ريءَ، پاهڙ چئي، هڏ نه پايان هار

هو تليون، تڙ، تلهار، ڏٺي مونکي ڏينهن ٿيا.

٢٣-

پٽ پهري ويهه مارئي! گلمن تي گذار

رک محبت مون سان، تون ويڙهيچا وسار

ڏيانءِ بوڙ پلاهون ٻه پڙا، پرجي کاءُ پنهوار!

مرڪ نه تنهنجو مارئي، هو رڍن جا ريڍار

ويهي گلمن تي گذار، ماڙين منجهه ملوڪ سان.

٢٤-

هي محل بنگلا، ماڙيون، ويندين حاڪم حرص ڇڏي

ايندءِ اجل الله جو، ويندو لوڪ لڏي

پرو پوندو، پاهڙ چئي، وڃي ڏينهن وڏي

ڪوٺي پڇندو پاتشاهه، صاحب ربّ سڏي

ظالم ۽ ظلم جي، هو ڪڍندو پاڙ ٿڏي

آءُ تون گڏ گڏي، مارن ساڻ مارئي.

٢٥-

پٽ پهري ويهه مارئي! ڏکيو تنهنجو ڏيهه

پوشيدن پلنگن تي، وڇاڻا ڪري ويهه

ڏيانءِ مال هندورا، ماڙيون، جن کي رپي سندو ريهه

پاءِ ڳهڻا ڳهه ڳچيءَ ۾، نڪو ڇلن ڇيهه

ڏکيو تنهنجو ڏيهه، سو وساري نه ويهي رهين!

٢٦-

وساري ڪيئن ويهي رهان، منهنجا مارو مٽ مٺا

پکي اباڻي پار جا، جن کي چنهنبن تي چٺا

ڏک ڏوراپا تن جا، مون پڙهي پاڻ ڏٺا

حيف منهنجي حال کي، جنهن تي راڄ رٺا

مونکي موڪل ڏي ميان سومرا! ٻيا فڪر ڪر ڦٽا

تن پهوارن جا، پاهڙ چئي، چاريم گهرن پاس گهٽا

اهي چسڪا ۽ چٽا، عمر! آڇين ڇو مونکي.

 

رامڪلي*

١-

سامي سفر هليا، ڪابولئون ڪاهي

سڱيون، سيلهيون پاڻ سان، ثمر سانباهي

گرناري گبريون، گودڙيون، اسريا اٺائي

وجهي ڪستا ڪلهن ۾، پنڙا هليا پائي

ويا هوڪاريندا هنگلاج ڏي، رڙهندا منجهان رائي

جوڳي جهاڳي هليا، سنگت سڏائي

دردن سندو، دل چٺي، ويا دونهون دکائي

سنکڙا سڻائي، راول رات رهي ويا.

٢-

سامي سفر هليا، کڻي ڪستا ڪاپڙي

ڪاهي هليا ڪست مان، هو چوٽين تان چڙهي

ڏيئي ويا ڏاج ڏکن جو، هو لائي درد ڌڙي

دلڙي منهنجي، دل چئي، آديسين سان اڙي

جوڳين جي جدائيءَ ۾، آءُ ڪاري ٿيس ڪڙهي

ماريس ڦٽ فراق جي، سينو ويم سڙي

هئي هئي! هيڻا حال ٿيا، روئي روز رڙي

جوڳين ريءَ جهان ۾، منهنجي گذري نٿي گهڙي

وجهيو واجهه تن لاءِ، آءُ کامان هت کڙي

سامي ويا سڃ ڪري، هئي جن سان جيءَ جڙي

هاڻي ماري ٿي مڙهي، موني اديون! آديسين جي.

 

مجاز**

١-

وري آءُ وري، توکي جهليو ڪهڙيءَ جهل

تو ويندي مون وهائيا، ڳوڙها مٿي ڳل

تنهنجي مهل موڪلاڻيءَ جي، آءُ جانب ڀانيان جل

ڪيم سڏ فراق مان، هلندي مهل هڪل

هنيئي ڪاتي قرب جي، جنهن سوجهي ڪيڙاسل

جيرا، جگر، بڪيون، آيا آئٽڻ سان اٽل

ڄاڻي ٻجهي مون ڌڻي، ٻئي ڪنهن کي ناهي ڪل

هاڻي ٽليان ڪهڙي ٽل، درد ان جي، دل چئي.

٢-

وري آءُ وري، يار ڪري وئين ڌار

هڪ ڏسڻ کان ڏور ٿئين، ٻي خبر نڪا چار

ڪانهي ڪار ڪاغذ جي، نه ته حيلا ڪريان هزار

لکي هوند موڪليان، پروانا انهيءَ پار

پرين جڻ، پاهڙ چئي، پريت ۽ پچار

آهيم اڪنڊ اندر ۾، وؤڙيان ٿي وڻڪار

وطن ۽ ولهار، ديس ڇڏي وئين، دل چئي.

٣-

وري آءُ وري، آءُ تنهنجيءَ سڪ سڪان

ڏيهه سڀئي ڏوريم، ڪؤڙين اڏايم ڪان

تو ورڻ جي ڪانه ڪئي، آئي مند مٿان

 

 

 

جان جهلئين وڃي جهل ۾، حاڪم جي هٿان

جان هرئين هندورن ۾، موٽي مومل سان

موٽي جي مهر ڪرين، اچين هوت! هتان

ته سڄڻ تنهنجي ٻانهن، وري نه ڏيان ورهين کي.

٤-

وري آءُ وري، تنهنجي ڦوڙائي ڪيا ڦٽ

تو جيڏا، تو سرتا، مونکي مارين ٿا مٽ

ڏسيو پوشاڪون، پاهڙ چئي، ڪهن ڪاتيون ۽ ڪرٽ

اندر منجهه ارٽ، ڪي ڦرن ٿا فراق جا.

 

 

مبارڪ گنگو

 

        ]مبارڪ پٽ ڪنڊو پٽ ناٿو، پاڙو ”آدم رئيس“ ذات گونگا، ويٺل سماند لياري يعني لياري کان اتر ۾ پنج ميل کن پري. اٽڪل ١٩١١ع ڌاري گذاري ويو. چون ٿا ته گنگن جي آخرين حاڪم يا سردار جي پيڙهيءَ مان هو. گونگا هينئر لاکڙي ۽ لياري واري علائقي ۾ ريجو ۽ سماند وارين اراضين ۾ رهن ٿا.[

 

سسئي

 

پهرين ماهه پرين چڙهيا، آءُ خذمت منجهه کڙي

ستيس نه سرتيون، پاسي گهوٽ گهڙي

پڄي پنهون پڪڙيائون، واريائون اٺين تي اڙي

هنڌ، گليم، غاليچا، ڪيائون چانگن تي چڙهي

پڳ پٿون ٿيا، ڇوهه ڇپرين، روڏن لاءِ رڙي

مبارڪ چئي مڙي، آءُ هاڙهو ڳولينديس هوتن لاءِ.

 

مومل راڻو

 

سوڍي سنگي ڇڏيا، جي ٻيا ڀي ٻيلي يار

ويٺا ڪاڪ ڪنڌيءَ تي، ڌرئان ڌاروڌار

موتين جڙيا منڌ تي، هي آهن سونا سنسار

هار وجهي هوشيار ٿي، مونجهه رکيائون مڻ تار

ٻارهن گل ٻاجهٽ جا، ڪارهون گل قطار

تخت تنهن جي هيٺان، رتي کٽ رنگدار

ويس واڃاڻي، وجهه سهڻا، پرين جهڙا پار

مور، مبارڪ چئي، ڍرڪن ڊيليون، جت طوطين جي تنوار

رکي روات روح ۾، ڪيائون پنجئون وقت پچار

پورب پوران آيا، پنرهن هزار

ڀلا گهوڙا اٺ انين سين، آيا ڪوڏيا قطار

چٽ رڪيبن چڱا چڙهيا، ننهن ڀتين نار

دئار، دنبچون، ڪانٽين، ڪشڙا ٻڌائون بالاتنگ پتار

جهلي جنبيا بڇين بالا، چيرنگ چيلهه ڪٽار

هٿ تراريون، ڪڇ ڪمانين، ڍال ڪلابين ڍار

اسان نون اڳوار، آهن مومل موهي جهليا.

 

 

صدقي

 

        ]صدقي پٽ سنياسي، لس ٻيلي جي شهر اٿل لڳ ويٺل هو، ۽ ٻرن برفتن جي مشهور سنياساڻي قبيلي مان هو. لس ٻيلي جي آڳاٽي شاعر ”سنياسي“ جو پٽ هو. ويهن صدي عيسوي جي شروع  ۾ وفات ڪيائين. ”ٻيلاين جا ٻول“ تان سندس ڪجهه بيت هتي شامل ڪيا ويا آهن.[

 

سسئي

 

اوچا ڪيا اوتار، منهنجي آگي ارياڻين جا

پيءُ پنهنجي پٽن سان، ڪي گلا جي گفتار

ته: پرين اوهان پرڻائيو، نيئي ڏونهه ديس دوار

ساريو تنهن سپرين کي، اڄ منهنجا نيڻين ٽمن نار

ننڍي وڏي ڳالهه جو، هو ڪندو وير ويچار

آن تي ننڊ حرام، جئن هوتي، نوتي هار

هستيون هستر ان جا، جوڙ ڀليءَ جنسار

جوڙيون جاجم ان تي، تنگين ڏنائون تار

زريون زيبا بافتا، ڪن دوسالين ڌمڪار

سڀڪنهن چنگر چيلهه تي، کيڙو کڙين ڍار

هي جواڻ جماذين چڙهيا، هلڪا ڪن هونگار

ڀڙ تان شهر ڀنڀور جي، ڪي سسئي ڏٺا سردار

وڃو پنهنجي ور کي، پورا ڏئي ٿي پار

ته دانهه در دلير گهڻو، عاشق عقلدار

شال اچيندم سپرين، جي آهن ڏورئن ديس دوار

سڄاڻندي، صدقي چئي، ٿيا ڀيڙا ڀائر يار

تني گڏجي پاڻ ۾، خوش ڪئي کينڪار

ڄاڻي ڄام کٽين تي، واهه ويٺار وينجهار

چؤن ته توکي ٻاٻي سلام موڪليا، آهن بيحد بيشمار

ته اڪنڊ اوتارا ڪيا، منهنجي هينئڙي منجهه هزار

آءُ تون پنهون پيداوار، ڪامل ڌڻي ڪيچ جا.

 

نوري

 

ناپو کائي نپني، هئي اهڙن اهڃاڻن

تنهن ٿي چونڊ يا ڪنؤر ڪينجهر جا، ليمو تان لامن

تڙڳي ٿي تالور ۾، هئي مير بحر منجهن

اچي نڱئو اوڏڙو، وٽان تماچي تن

تان نياز نورئين جو اڳرو، آهي سرس سڀن

تنهن جهٽي جهاٻيلين مان، نيئي چاڙهي چوڏولن

تنهن جي سونهن سونهاري، صدقي چئي، آهي ويٺي وڇاڻن

تنهن سان راڻيون ريس م ڪن،، جنهن جي

جهوليءَ چنڊ جهلي پيو.

 
 

موسو گبول

 

        ]موسو پٽ موريو خان گبول، ويٺل ”ٽاڪاڻي“، ساڪري کان ڏيڍ ميل الهندي صابو خان گبول جو ڳوٺ. پنجاهه سال کن ٿيا جو گذاري ويو. گهڻا بيت چيائين جن مان ٻه بيت هيٺ ڏجن ٿا.[

 

نصيحت

١-

پئو تون پيش پرينءَ جي، ميس پنهنجي مار

هول م ڀانءِ هتي جا، هت تک وهي ٿي تار

جت ميزان منڊيو، موسو چئي، هوندي سائينءَ جي سرڪار

جت نڪو اهاء عرش ۾، نڪا ٻي هئي ڳالهه اظهار

حورون جت هلي آيون، هيون دلبر جي ديدار

ات پيغمبر پيدا ڪيو، هو نور منجهان نروار

نبوت نبي ڄام جي، وڌي هئي تنهان پوءِ تڪرار

چار ڪرسيون چوڏهن طبق، جڙيا هئا جنسار

سوين سهڻيون تن م“ پيون سوڍل ڪن سينگار

کڻي نيڻ نهار، ته اڄ پيو سانڀاران سڏ ڪري.

٢-

پکي ڪرڪا پر، چوڻو چڻندين ڪيترو

ڏيهه تنهنجو ڏورانو، سڄي ٿو بيبانو بر

متان وسارين، موسو چئي، دوستاڻو در

پکي ڀائين ٿو پر، ايندا ڏينهن اڏامڻ جا.

 

 

خليفو غلام نبي لغاري

 

        ]خليفو غلام نبي سيرڪاڻي لغاري، ويٺل خليفن واري مٺي، تعلقو ٽنڊو باگو. مشهور شاعر ۽ درويش خليفي نبي بخش لغاري جو پوٽو هو. پير سائين پاڳاري جو مريد هو. پهرين ’حر تحريڪ‘ جو باني مباني ۽ حرن فقيرن جي جماعت جو مکيه اڳواڻ هو. اندازا سنه ١٩١٣ع ڌاري وفات ڪيائين. عالم شخص هو. سنڌي، سرائڪي ۽ فارسيءَ ۾ ڪلام چيو اٿس. ڪلام ۾ پنهنجي نالي بدران ”احمد“ ڪم آندو اٿس. هيٺيان بيت قلمي نسخص ”رسالو خليفو احمد لغاري“ تان ورتل آهن.[

 

ڪلياڻ

١-

محبت جي ميدان ۾، ساقي ٿو سڏي

ويٺو ولهن واسطي، اوتارا اڏي

مئي جا ماري مئيءَ کي، تنهن جا جام ڀريو ٿو ڏي

قاتل زهر قرب جا، سي گهوٽ کڻيو گڏي

ڪاهي وڃ ڪلاڪ وٽ، سسي سانگ ڇڏي

سنمک پيءُ پياليون، پٺي مور م ڏي

رهه تون مست مدامي، ڇا جي لوڪ لڏي

مفت ملي ٿو مئي، اي ڀورا! ڀاڳ وڏي

توڙي ڪهن ڪات مڏي، ته به چڙهه سوريءَ، ٿيءُ سنرو.

٢-

محبت جي ميدان ۾، پاهون پيرم پاءِ

ڪنڌم ڦيرج ڪيڏهين، رک نيڻن منجهه نگاهه

سوريءَ مٿي سامهون، امالڪ تون آءُ

قريبن جي قدمن تؤن، صدقو ڪجائين ساهه

ڪسڻ ڌاران قرب ۾، ٻيا سڀ ٺلها ٺاهه

جت سوري سڏ ڪري، ات ڳيرو ٿيڻ گناهه

تون احمد، ڪنڌ ڪپاءِ، چڙهه سوريءَ، ٿيءُ سنرو.

٣-

محبت جي ميدان ۾، تور ڦٽي ڪر تڪ

کڻي تيغ توڪل جي، لڙي پئو لاشڪ

سامهان جهل سيني ۾، ڌارئون سپر ڌڪ

هٿئون جيبن جي، ڪسندي ٿي م ڪڪ

مرڪڻ مئشڪڻ مرڻ وير، اي پيا ڪن پڪ

ڪرڪڻ ڪڇڻ ڪٿا ڪرڻ، منجهه نينهن وڍائڻ نڪ

چئو احمد، انالحق، چڙهه سوريءَ، ٿيءُ سنرو.

 

سسئي

 

ڪيچي رٺا ڪوهه، سڌ نه پييم سرتيون!

مادر ويو مٺيءَ کي، ڏيئي آرياڻي آندوهه

وڻيا ڪين ور کي، جيڪس ڏکيءَ ڏوهه

انگ نه مٽي اديون! جيڪي لکيو لوح

پڇڻا پيا پنهونءَ لاءِ، هن رليءَ کي روهه

ڪر تبارڪ توهه، ته موٽي ملان سڄڻين.

 

لعل بخش کوسو

 

        ]لعل بخش کوسو نواب شاهه جو رهاڪو هو. اندازا ١٨١٥ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس پٽ جنگو پڻ هينئر شاعر آهي.[

 

ست سرا

١-

موڪل ڏي ته ملير وڃان، ڪر ڪا عدالت ادا!

وٺا مينهن ملير تي، آهن موريا گولاڙا ۽ گاهه

چرن ٿا چوڙيلين جا، ڇنن منجهه ڇيلا

لکين لاکيڻيون هيون، تن مان قيد نه ويٺي ڪا

اباڻن جي اچڻ جا، هاواڻا هئا

سڻيو ڳالهيون ڳريو وڃان، مريو مارن لاءِ

مارو جي مرجات جا، سي وري ڪين وريا

ڪرم منجهه ڪنڀار کي، ستي ڏنائون سا [1]

سا اڪري ويئي اوڏهين، سڻي کرڪين جا کڙڪا

تيرهين سنه جي ماڻهن ڪنان، مرن پني پناهه

ويڙهي هٿ گنديءَ ۾، چوندءِ ڀلي ڪري آئين ڀاء!

جيڏيون چونديون جاڙ ڪيئي، پر ڪيئي گڏهين جي غذا

چئي: ادي! عزيزن ڪنان اڳئي، مونکي ماريندي ماء

پوندي ڪل قريبن کي، مونکي وارث وڙهندا

خوش م ٿي، کوسو چئي، توکي قبر ڪين ڏيندي جاءِ

نيئي ڍڪيندا هيڪٺپيءَ ۾، اتي رسج مير مديني جا

 

 

 

پوءِ پاند عمر کي پاءِ، موڪل ڏي ته ملير وڃان.

٢-

موڪل ڏي ته ملير وڃان، ڪارڻ منهنجو ڪر

سڀني پرين سومرا! تون آهين ڄام عمر

جهال ورائي جهڙ ٿيا، ڪنڊن ڏي ڪڪر

وٺا مينهن ملير تي، لٿو ڏوٿين تان ڏمر

آءُ مائٽن لئي مريو وڃان، منهنجي توبهه آهي تو در

اهي سون رپا ۽ صاحبيون، ويندئي ڪل ڪلر

هتي به سڌر هئڙا سومرا، افلاطون اتر

دانهن تنهن دودي جي، هئي دليءَ سندي در

سؤ ترارين سومري کي، هيون ڪلهي سر ڪپر

نالو ننهن نويس [2] جو، ڪٽي ڇڏيو قبر

عشق آندي ڪينڪي، آندي ڪڏهن امر

سڻي سڏ ميهار جا، اتي سهڻي ٻڌو ثمر

ڏس لائق تنهن ليلان جو، وڻيس نه پنهنجو ور

مئي مثل مجنا توکي، ويا ڇڏي منجهه ڇپر

اچي پيا آهنس اندر ۾، ڪي سور به سروسر

موٽي ايندا مال سين، گهمي پنهنجي گهر

تون نه موٽج مجنا! ڪشي ٻڌ ڪمر

چوڏهون سنه چون ٿا، ڏور تنهن کؤن ڏر

کوسو چئي، خير سان، ٿيندو ميلائو محشر

ڪاريءَ رات ڪرهو ڪشيو، سوڍي سروسر

آيو هو اسر جو، دوست به درودر

  

 

تنهن قدر سڃاتس ڪينڪي، بيشڪ بروبر

ان جو سنگت هو سيد سان، گهوٽ به گهروگهر

سينڌ سچي سسئي، تنهن ڪيو نه ڏيرن تي ڏمر

وٺي ور ويچاريءَ جو، ويا ڇلائي ڇپر

روئندي رت ڦڙا وئي، ڪندي هاءِ هاءِ هل حشر

جاد پئي هئي جانب کي، تنهن وري ڪيا آهن ور

لائق ڪيائين لوڙهه تي، هيڪاندا هيڪر

جيئري هن جهان ۾، ٿيندا ڌوڙيا ۽ ڌمچر

ويندئي ساهه سرير مان، هڻندئي ڪوٺي منجهه قبر

ڏيئي واري وات ۾، ڪندئي پڙڇن وري پر

سوگهو ڪري سرن سان، پوءِ گهوٽ موٽندا گهر

تن لاکيڻن سين، لعل بخش چئي، ڪندو پارس ڪهڙي پر

پوءِ موڪل ڏينم عمر، ته جيئري وڃي جيڏيون ڏسان.

٣-

موڪل ڏي ته ملير وڃان، عمر! لڳ الله

ڀيڙا جي ڀرم جا، مون کاٽونبا کاڌا

ڪونه اچي مئيءَ کي، ڪو سنگهارين جو ساءُ

سورٺ مڱڻهار کي، ٿي سوين سوال ڪيا

گهر نه گهري منهنجو تون، ڀان منهنجا ڀاءُ!

ڏيڻ جو آ ڏاتار، سو وڍي ڏيندو ويرا

هيڏي شهر ڀنڀور ۾، جنهن جو ڀيڻ نڪو آهي ڀاءُ

سڏ ٿيندو سوريءَ تي، تڏهن ڀيڻ ڪندي ڀڄڻ لاءِ

قبر جي عذاب کان، نڪي ڀيڙا هلندا ڀاءُ

بيهي ڪنائيندو ڪونڪو، ڏاڍا ڏڪ ڏجاءِ

کوسو چئي، آءُ خوش ٿيان، حال به پنهنجي لاءِ

هڪڙي گلا غريبن جي، ٻيا ڪوڙا ڪٽڻپا

والي ڪج وسيلا، موڪل ڏي ته ملير وڃان.

 

ملار جاگيراڻي

 

        ]ملار پٽ مير دوست ذات جاگيراڻي ٻروچ، ويٺل صادق آباد (اڀي) جو اٽڪل ١٩١٥ع ڌاري گذري ويو. سندس ڪي بيت هيٺ ڏجن ٿا.[

 

سسئي

١-

جاڳيس نه جار ڪري، پنهل خاطر پاڻ

جت ڇڏيون ويا جوءِ، مونکي سڃاڻي سرواڻ

اڌيءَ رات اٺن تي، پهريو پوش پلاڻ

ستي لوڪ لنگهي ويو، مهه چڙهي مهرياڻ

هٿن سان هڪلان ڪري، پيرين پڄندي ساڻ

پوءِ مليا ته ملندي ساڻ، نه ته وؤڙي شال

وري اچان.

٢-

جاڳيس نه جار ڪري، جاڳي ڏٺيم نه جاءِ

اٿي آڌيءَ رات جو، هو ڪهڙي مهل ويا

ڏس ني ڏنگي ڏيرن ڪئي، مونکي ورتيون

ڇو نه ويا

مان کي ياد، ملار چوي، اور انهن جي آهه [3]

ساڳئي ساٿ ملاءِ، جن ڪاڻ گهڻو آساتي آهيان.

٣-

صبح ساڻ سسئي، ڪئي اٿڻ ساڻ آرس

  

 

مينهن برابر ننڊ ۾، توکي ڪيچي لايون

ويا ڪس

هاڻي رند ڏسي روئين گهڻو، توي گورا

لائي ويا گس

ڪڍ ڪامڻ ڪاهيندي وڃي، تنهين ڪاڻ ترس

مان کي ياد، ملار چوي، آهي پاڻ پنهل پارس

جفا مقابل جس، اڳيان شاهه ڪندو لک شابسان.

 

 

لــــؤنـــگ

 

        ]شاعر لؤنگ جي حياتيءَ جو احوال ملي نه سگهيو آهي. هڪ روايت موجب ١٩١٨ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس بيت مشهور آهن، جن مان مارئيءَ جا بيت هيٺ ڏجن ٿا.[

 

مارئي

١-

عمر ادا! راهه ردا! سڻ صدا، سومرا سردار!

هٿن ڪهاڙيون ڳنن ڳاڙهيون، وجهن واڙيون

منجهه ولهار

ڪڇئون ڪويو، چڙهيون چويو، ڏورئون ڍويو،

ٿا پيارين پنهوار

تنين وٽا، کير کٽا، آهن ڪٽا ساڻ قرار

آب داڻي، اتان آڻي، هتي هاڻي، سيل ڀڃ نه ستارا!

ڪر ڪرم، ٿيءُ نرم، رک ڀرم جو ڀنڊار

ڪري زوري، ڇني ڇوري، ڏي نه جهوري،

ٿيءُ جهونجهار

ٿي هوشيار، سرت ڌار، ڪر ويچار، مفت نه مار

سڀ ڪم آگي جي اختيار، لوڙڻا پيا، لؤنگ چئي

٢-

عمر ڄام! تنهنجي سام، پئي آهي پنهوار

سانگي ساري، گهنگهر گهاري، ناهي قلب قرار

ڏينهان رات، وائي وات، ويڙهيون ۽ ولهار

  

 

ڏکن سورن، اندر پورن، نيڻين وهائي نار

ماري وڇوڙي، ڏنجهه ڏوڙي، سانگن جي سردار

پيئي لڇي، واتان نه ڪڇي، اندر جي آزار

ڳوڙها ڳاڙي، لڙهيون لاڙي، اياڻي اپار

ويٺي ستي، آهي هتي، دل ۾ درد هزار

ڌڻارن کان ڌار، لکئي ڪئي، لؤنگ چئي.

٣-

عمر مير! ڏي سڌير، ڪڍ بند مان بندياڻي

وڃي ويهي، ڏسي ڏيهي، هو سکر سانگياڻي

مارن ملي، کلي ٽلي، پلر ڀري پاڻي

آهيان ڄٽ، ويهنديس نه کٽ، ڄام ڏس ڄاڻي

تخت آڻي، ويهه تون ماڻي، راءُ ڪا راڻي

اسان کاڌا، آهن سادا، للر ۽ لاڻي

رٻون رڌي، ويهون وڌي، مٿان مکڻ چاڻي

مهر ڪر، پهچاءِ گهر، روڪ نه نياڻي

وڃي جهنگن جهانگياڻي، لاهي لعنت، لؤنگ چئي.

٤-

عمر ڀائو! ٿي تائو، کنيئي تڙ تان تڪڙ ساڻ

ڇڏيئي اون، پڇئي ڪونه وانگي ۽ وٿاڻ

ڪڏهن ڀيڻ نه ڪا سيڻ، ٿي ڪٿ ڪنهن پرياڻ

آئين هڻي، کنڀي کڻي، انڌو ٿي اڄاڻ

مارن ڏانهن، سندن ٻانهن، امانت اماڻ

ڪڏهن زوري به ڪا گوري، ٻڌي ڪنهن جي ٻاڻ

هوش ڪر، ڏيان ڌر، ڇڏي ٽيڙي ٽاڻ

پسان ڀنگيون ۽ ڀاڻ، لؤنگ چئي، وڃي لوءِ جا.

 

٥-

وڃي ملير، پيان کير، ٿاريلن سان ٿر

پسي ڏؤنرا، جهڻيون ڌؤنرا، کايان خوب تر

پيرون پڪا، ڀري چڪا، سرڙيان ساڳ سڱر

چڀڙ پهرا، ڇانهيون گورا، کائي ڪريون ڪثر

ٻرو ٻرٽ، ڀلا ڀرٽ، ڪريان گولن تي گذر

کڻي گهڙا، چڙهي مڙها، آڻيان پاڻي پلر

سهيلين ساڻ، گهمي وٿاڻ، ميڙيان ڳئون ڦر

مالڪ ڪندو مهر، لهندا لوڙهه، لؤنگ چئي.


* بيت ١ کان ٧ تائين محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ) ۽ عبدالحڪيم پلي (تعلقو کپرو) کان مليا.

* ٨ ۽ ٩ بيت حاجي مصري ويٺل تعلقي ماتلي جي زباني قلمبند ڪيا ويا.

* بيت ١ کان ٢٦ تائين ٿرپارڪر (تعلقي عمر ڪوٽ) مان محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي کان مليا.

* بيت ١ ۽ ٢ ٿرپارڪر (تعلقي عمر ڪوٽ) مان محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي کان مليا.

** ١ کان ٤ تائين بيت وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان محمد بچل ۽ ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي ۽ حاجي مصري (تعلقو ماتلي) کان مليا.

* ھي بيت جمڙو خاصخيلي ويٺل لياري ۽ مجنون فقير (پاڙو سما) جي زباني قلمبند ڪيا ويا.

* ھي روايت محمد حسن لاشاري ويٺل تعلقو ساڪرو جي زباني قلمبند ڪئي ويئي.

[1] ڪنڀار = سھڻي.

[2] نويس = وڏو پڌرو درياء .

* ھيءَ روايت دائم ٻرڙي جي زباني ٢٤-جنوري ١٩٥٩ع تي ميرپور ٻرڙي ۾ قلمبند ڪئي وئي.

[3] اور = سڪ .

* ھي بيت محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمر ڪوٽ) کان مليا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org