سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: بيت

باب:

صفحو:4 

شيخ حمر

        ]شيخ حمر پٽ ابراهيم، شاه عبدالطيف ڀٽائي جو همعصر هو. لس ٻيلي ۾ شيخن جي ڳوٺ جو رهاڪو هو. زهد ۽ عبادت ۾ گهڻو وقت صرف ڪيائين. پنهنجي ڳوٺ ۾ ٻارڙن کي قرآن پاڪ جي تعليم ڏيندو هو. اٽڪل ١٧٥٠-١٧٧٦ع واري عرصي ۾ وفات ڪيائين. کانئس پوءِ سندس گهراڻي مان شيخ ابراهيم ۽ شيخ بکر مشهور شاعر ٿيا. هيٺيان بيت ”ٻيلاين جي ٻول“ تان ورتل آهن.[

 

مارئي

           

سخن اچيم سومرا، عمر اڪنڊياس

آڏيا اباڻن جا، پکا پانور پاس

عمر، هت نه گهاريان، آءُ ايرادي آندياس

لوئي هڏ نه لاهيان، سندي لب لباس

زريون زيور ڪچوئا، هي چاڳ نه اچن چاس

وطن آءُ ويندياس، وڃي سرتين جي سٿ ملان.

 

سامونڊي

١-

ڪارونڀير ڪن گهڻا، تڙ ٿا تار سڄن

وهن نت نڪونج ۾، نو سؤ سٺ ندين

هميشه، حمر چئي، ٿا ڀتين ڀير ڀرن

تتي تارو طالب ڪيترا، وارو ونجه وجهن

ڌان ڀي اونهي ڪن عميق جي، ڪونه لڌي ڪن

محب جنين جي من، سي سامونڊي ستڙ پيا.

٢-

ڪارونڀير ڪن گهڻا، تڙ مڙيئي تار

ڪنبان ٿي قلوب ۾، ڪوجهي ڪيم ڪار

پنج پڳه، ٽيه اوليون، ساڄا سڙه سوار

جتي تسو ترندا، ڀئي لڳندي بازار

تتي، حمر چئي، حبيب جي آهي سٽاڻي سرڪار

پرور وجهي پار، دنگي هن درياه مان.

 

مجاز

١-

ميم ملاقت سڄڻين، جيم ملاقت جن

ميم ملاقت سڄڻين، وحدت وائي تن

ڀرون ڀؤنر ورنا، امل اکڙين

گهڙي هٺ، حمر چئي، مونکي سندي طبع تن

آءُ نه جوڳي سڄڻين، جتيءَ نه جوڙي جن

نظر نماڻيءَ تي، کلي مان کڻن

مان مئيءَ سان ڪن، اچي صلح سپرين.

٢-

من ملاقت سپرين، آهن محب منهين جي من

راتو ڏينهان روح ۾، ٿا اچيو گهٽ گهڙن

اهل انهيءَ پار جي، ڇڏيان تان نه ڇن

سڪ سڄائين اڳري، آهي ويتر کان وڄن

اهڙو آب اکيين ۾، جنهور جيئن جهرڪن

جر ٿر ڏيا جهپيا، ڪا جا پيان ڪن

صورت ڀريا سپرين، ٿا منهن لڳيو مرڪن

موتي ڪونه مٽ ٿيو، سندي ڏت ڏندن

پير پٽائين اڳرا، جيئن تجلو ڪيو تارن

عجب جهڙيون آڱريون، ٿو ٽمي نور نهن

سرهو ڳالهاءُ سڄڻين، ٿا کٿوريءَ کلن

تن کي پريون پسڻ آئيون، ٿيون وءِ پيو واجهن

حورون حيرت ۾ پيون، پسي سونهن سندين

عجب انهيءَ ڳاله جو، ڪيو مجرو ملوڪن

عبو سائين اڳرو آهي ڀنڀو ڀير ڀرن

سنهي ليڪ سيني تان، ٿي سونهي سپرين

ڌريو نڪ نراڙ ۾ ٿا چتونءَ چهنب چون

جا پيشاني پرين، تنهن ٻيو مڙوئي مات ڪيو.


 

شيخ ابراهيم

 

        ]شيخ ابراهيم پٽ شيخ حمر، لس ٻيلي ۾ شيخن جي ڳوٺ جو رهاڪو هو. ڄام مير خان اول (١٧٧٦-١٨١٨ع) جي دور حڪومت ۾ ٿي گذريو. مختلف روايتن موجب سندس ڄم ١٧٣٠ع ۾ ٿيو هوندو. سندس ڪري لس ٻيلي جي شاعريءَ کي عروج ۽ شهرت ملي. وقت جي حاڪمن وٽ سندس قدر هوندو هو. ڄام مير خان اول جي درٻار ۾ سنڌ جي شاعر ڪبير شآه سان سندس مشهور مقابلو ٿيو. سندس بيت قافين جي پختگي ۽ مضمون جي جدت سببان خاص اهميت رکن ٿا. هيٺيان بيت ”ٻيلاين جا ٻول“ تان ورتل آهن.[

 

ساراهه

           

من موهن منهنجا پرين، آهن حورن کؤن به حسين ميان

سن سال صنوبر سيد اڳيان، سينو سيني برابر سين نه ميان

ملڪ ڏسيو مشتاق ٿين، ان جي روشن روءِ رنگين ميان

تان جي پائن پريون، زيور زريون، ڪرمش ڪريون، تان
                                       ب
ه ان جي ڪؤنش برابر ڪين ميان

هر دو جهانا هار هميشه، نرمل نور نگين ميان

رين انڌيري جلوه ديون، سرسي سونهن سندين ميان

براهم چئي بيگ بهادر، اعليٰ قدر ڪرين ميان

نجم ستارا، ماهه مقابل، شمسئون شاه شبين ميان

ايڏي صورت سرت سٻاجها، معافي مهر مبين ميان

شاهه شفاعت، احمد عاصين، ڪندو صراط ويل سرين ميان

وير ولايت، قرب قريبان، محبت ميٺ منجهين ميان

جنت مولي جاءِ جنين جي، اهڙي جوت جبين ميان

هو سدائين ارواح ۾، تون ڇو پرتئون پيه پڇين ميان

جن جي اهڙي جوڙي صاحب سونهن سنگين ميان، تنهن سين

ٻيو ڪي برابر ڪين ٿئي.

 

سسئي

١-

ڪوهن ڪهڪ ڏنياس، ان جا پهڻن پڳ پٿون ڪيا

سا ٿڪي سگهي نه رکي، تنهن ڇپر پير ڇناس

احمر عينل ساه آڳانجهو، اڪثر آلا نينن آب نمياس

بينيءَ کؤن براهم چئي، بَينسر بديهل بنهوت باب بنياس

لڙڪ لڙيون پون ڪچوئي، قابو ڪينر واڄٽ من وڄياس

بيت دمامان، ڌو ڌو سرنان، دهلن دڙ ٻڙ لاياس

ڏڪر ڏاٺيون، ڪڏن چايون، ڀرڻي دل اٿيارياس

سر سارنگيون سرندا، ٻيا چت ۾ چنگ چرياس

وارووار وجود ۾، هئين ۾ هوءِ هياس

وڄن سر سرير ۾، ٻيا نيڻين نڙ لڳاس

ناچو پيرين ٻڌوين گهنگهرا، ٽليان سر ڪيتاس

ڪيارڻ تنبورن، جهٻي جهٻڪي لاٿيس، ڪياٿيس جهڻڪا ياس

گج گج گهوگهٽ بينسريون، ٻيا ناز نفيلن ڪياس

ڪڙڪڙ ڪنجين، قلب ڪماچو، ڪافي ڪينر، ٻهون ساز ٻرياس

هڪ تار پڪارستار، پنڌ رند پريان جي پدمڻي، سرمنڊل سڻياس

روئڻ ربابئون مرچنگ مرلي، هئي هئي هوءِ هياس

دست دنبوري دڦ درد جي، چاڪ چنگن چورياس

جيلانه سازن سرڀرياس، تيرنه ٿي ڪهي ڪشالا ڪيچ ڏي.

٢-

سوين ساٿ اچن، ڀيڻيون شهر ڀنڀور ۾

هن جي پاڳن پيچ ابتا، ٻي آخاصي جوڙ جتن

تن خوب کٿوريون کوليون، هنڌ لهي هوتن

شهر سڄوئي واسيو، اوڳر ساڻ اٺن

بلوري براهم چئي، ٻڌا ٻيڙا ٻروچن

ڪيائون پرڻو پنهون ڄام جو، پڇي پريٽين ڳن

ڏک سسئي کي سامهان، ڏيج ڏنا ڏيرن

فدا ڪيو فقير جو، وٺيو ور وڃن

پيرين ڪير پڄن، ٿي حب رساڻي هوت کي.

 

ڪبير شاهه

 

        ]ڪبير شاه پٽ احمد شاه ”ڳاڙهيا“ سيدن جي پاڙي مان هو. سندس وڏا اصل شهر ”سن“ تعلقي ڪوٽڙي جا رهاڪو هئا. ڪبير شاه پڻ اتي ئي ڄائو ۽ ساماڻو، پر پوءِ لڏي اچي ڪوٽڙي طرف رهيو. آخر ڪار لس ٻيلي جي شاعر شيخ ابراهيم جي هاڪ ٻڌي، ساڻس مارڪي ۽ مقابلي لاءِ سنڌ ڇڏي لس ٻيلي ڏانهن روانو ٿيو. شيخ ابراهيم سان مقابلي بعد ڄام مير خان سندس قدرداني ڪري کيس لس ٻيلي ۾ رهائي ڇڏيو، جتي ”اٿل“ لڳ ڄام دري جي ڳوٺ ۾ هميشه لاءِ رهي پيو ۽ وفات به اتي ڪيائين. جيئن ته ڪبير شاه، شيخ ابراهيم جو ساٿاري هو، انهيءَ ڪري غالبا ١٨ صدي جي آخر ڌاري وفات ڪيائين. سندس هيٺيان بيت ”ٻيلاين جا ٻول“ تان ورتل آهن.[

 

ساراهه

           

ڏيه ڌڻي ڏاتار، جو ڏي نه پچاري بادشاه

والي وارث وحده، خالق خلقڻهار

جنهن ارڙهن هزار عالم جا، ڪيا عرش زمين اظهار

سڀڪي تو ڪريمنئون، جيڪي قلم ڪيو ڪلتار

صاحب ڪل سخاوت جو، پاند نه پارا وار

تنهن پنهنجي پاران پاڻ ويهاريو، محمد مير مختار

سو پيڙهي ويٺو انور اعليٰ، دين ٻڌي دستار

نوري نرمل خلقيائين، مهر ڀريو مڻهار

تنهن وٽ جبرئيل ايندو هو جري جري سين،

خاطي خدمتگار

مهر تنهن ملڪ مٿي، نبوت ٿي نروار

هڪ صديق سچو صدق صاحب هو، هادي وٽ هموار

ٻيو عمر اڪابر عادل اعليٰ، محمد مهندا مرد متار

ٽيون حيا حلم عثمان اڳرو، ٿيو عاقل عقلدار

چوٿون شاه سخي شامل تن سين، يڪدل جانب يار

سي چارئي يار چڱا هئا، صاحب مجلس جا مدار
تن دين دڳو ڪيو داور ڌڌڪو، ڏينهن پيو ڏهڪار

اهڙو اوجر ڏيومون دل کي، جيئن چيه ڪري چمڪار

دين دنيا جا دان گهران ٿو، ٿئي مون ڪرم قرار

رزق ڪشادي، ڏيو مون شادي، آهيان

بد بندو بيڪار

قابل ڪبير شاه چئي، ٿيو پشت منجهان پار

ونگو نه تن هو وار، جن کي ڪلمي ذوق قلب سين.

 

سسئي

١-

پٽ ڪوٺايو پنهنجا، ٿو آڻائي آري

تن اچي اوطاقن تي، ڪي ڪوڏئون ڪچهاري

ته پنهون آندو نه پاڻ سان، جو هو آن منجه آجاري

تڏ تنهن دم تنين تيار ڪيا، ڀري اٺ باري

حليا پوش هوتن جا، هئا جڙيا جنساري

سي اٿي هليا ڀڙ ڀنڀور ڏي، ترت ڪري تياري

ايندي تن اتهين ڪي، سڀ پنهنجي اختياري

سي پڇي گهر پريٽ جو، هوءِ ٿي خوشيون کينڪاري

هوءِ ٿي پائي ڀاڪر ڀائرن، زور ڪري زاري

پر هئي ڏيرن من ۾، سي ٿيا چوڌاري چاري

وجه لهي ٿي وڙهيا، هئا شڪرا شڪاري

ان آڌيءَ رات اٺن جي، واڳ پوئتي واري

صبوح جو سا سسئي اٿي آساري

تان پنهون ناه پلنگ تي، ساجن سچاري

هيري، لعل، زريءَ سين، هئي سهجئون سينگاري

تنهن پٽي سڀ پرزا ڪيا، ٿي ٻانڀڻ ٻاتاري

ڪئي نه، ڪبير شاه چئي، تو هر هر هوشياري

تان چئي: رکان نه رتيءَ جيتري، ڪا مٿن مياري

هو انگ اصل کان ائين لکيو، پر ڪرم اها ڪاري

هو ٻروچ، آءُ ٻانڀڻي، هاڻي لکيي ليچاري

مادر هيءَ ماري، گهايل گهاءِ بلوچ جي.

٢-

ڪرڙا ڏونگرڪه گهڻي، آءُ چاڙهين تي چڙهندياس

ٻانهي ڪل ٻروچ جي، آءُ پيرين پنڌ ڪندياس

پيرن پنڌ ڇڏيو، آءُ کوڏن ڀر گسندياس

گوڏن گسڻ ڇڏيو، آءُ چيله ڀر چرندياس

چيله چرڻ ڇڏيو، آءُ سيني ڀر سرندياس

سيني سرڻ ڇڏيو، آءُ ٻانهن ڀر ٻرندياس

ٻانهن ٻرڻ ڇڏيو، آءُ هٿن سان هلندياس

هٿن هلڻ ڇڏيو، آءُ سسيءَ ڀر سرندياس

سسيءَ سرڻ ڇڏيو، آءُ چوٽيءَ ڀر چرندياس

چوٽيءَ چرڻ ڇڏيو، آءُ اکين ڀر ايندياس

پکين ۾ پکي ٿي، آءُ واهڻ ووڙيندياس

مرن ۾ مرون ٿي، آءُ سر به سوجهيندياس

ماڻهن ۾ ماڻهو ٿي، آءُ گهر گهر ڳوليندياس

وندر ووڙيندياس، ڪيچين لاءِ، ڪبير شاه چئي.

 

مومل راڻو

 

ڀينر ٻئي جان ڀيڙيون هيون، ماڙيءَ منجه محل

تنهن سان ستي سيج تي، هئي سهج ڪري سومل

ڪا جا مدي مومل من ۾، جنهن اڳ ڇند ڪيا ڇاهل

ڪانڌ بنان جا ڪوڙي ٿي، رکي بوتو منجه بغل

سا ڏکي مر ڏهاڳ جو، حال گذاري هل

پر اصل عزرائيل کؤن، هئي پڌري اها پل

جان آيو ڪامل سائين ڪاڪ جو، منجهان اوز اڇل

تان ٻٽ ڏٺائين ٻه ڄڻا، رمز ڪنهين سان رل

هي ڀي راڻو رنگ رکي ويو، منجهان خوف خلل

سو لڪڻ لاڙي هليو، ڏيئي ميي کي موڪل

پر حرف رکن ٿا هيڪڙو، توتي آڻيو ڪي عاقل

جيئن هيئي نار نڪاح جي تنهنجي، ايءَ نه ڪيائي اٽڪل

جي تون منڌ جاڳائي مينڌرا، هاتڪ ڪرين هڪل

ته مڙيوئي معلوم ٿيا، توتي ان جا عيب عمل

پر سوڍا! تنهنجي ڀي ساه ۾، سوز سڪڻ ڪيا سل

هي ڀي اٿي عجيبن لاءِ، ناز منجهان نرمل

چي: وير منهنجي ورجي، ادي! ڪانڌ ڪريان ڪا ڪل

تان، چي: هئي مٺياس، ڌري ويو مينڌرو، ڪام ڪنڌيءَ

سين جهل

رويو رت ريهون ڪري، ٿي ڳوڙها هاري ڳل

ڀيڻ وڙهي ٿي ڀيڻ سان، جوش منجهارا جل

ڙي ڪامڻ! ڪبير شاهه چئي، توکي آندو ڪنهن اجل

هاڻي مٺياءِ کي مومل، جنهن سان اچي سومل ستينءَ سيج تي.

 

ڪاموڏ

 

ڄام ڏٺي هئي ڄار وجهندي، ڪا ڊونڊيءَ منجه ڊيل

سا سنمک سوڌل سهڻي، کنوڻين جهڙي کيل

عقل اندازي اعليٰ اڳري، نازڪ نينهن ڀري نانگيل

سا لٽ سان ليٽيو لٽڪي، ٿي راند ڪري منجهه ريل

تن تماچي کسي نيو، نورئين ناز ڪري منجه نيل

ڪم ڪنبايو جندڙي، عشق بنا اڻگيل

آڻي کوڙيا ڪيجهر ڪنڌئين، ترت طنبو تنهن ويل

ڪوٺيا ڪبير شاه چئي، تنهن سڏي سڀ سرکيل

هٿ پيٻيو ڪيئن گندرا گجري، اهڙي مت عاقيل

تنهن تان کارا لاهيو ککيءَ جا، جنهن جو لائق تيل ڦليل

چڙهي مر چوڏيل، هاڻي منڌ مياڻيءَ وچ ۾.

 

بلال شاه

 

        ]بلال شاهه ولد شاه شريف ولد ميون شاه عنات؛ رضوي ساداتن مان هو. ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ ٽالپرن جي شروعاتي دور ۾ ٿي گذريو آهي. هيٺيان بيت ميين شاه عنات جي رسالي تان ورتل آهن.[

 

ڪلياڻ

           

اڀ تارا، مينهن ڦڙا، جئن سي پن وڻان

ڌر اوڀڙ، پٿر، پاهڻ، واريءَ ڊه ڪڻا

شهر، بحر، بلال چئي، جان هينين ساڻ هڻان

طرح نه پييم طومار جي، ڪيڏنهن نظر کڻان

اونهون علم الله جو، آءُ پائي منهن پڙهان

تنهان ئي گهڻا، آءُ ڀال ڀلي جا ڀانئيان.

 

رامڪلي

 

نيئي پس تان لانگ بند، روئي جن رومال

ڪستين بَستين ڪمرين، لنگ چاڙهيائون لال

وڃي دونهيون دوست لاءِ، تن جوڳين ڪيون جال

صبح ويل سگن ڪندا (ڌوئي) ڌڙڪ ڌمال

بيکاري، بلال چئي، وڃي حبان رتائون حال

مڃي سوري سال، ڪؤنر ڪڪوريا ڪاپڙي.

 

سارنگ

 

وڄن لال ورن، ڏين اوتون اتر سامهيون

ڀريا تڙ ترائيون، موهيا مينهن من

اٺو عمر ڪوٽ تي، سوائي سارن

جهجهي جوڻيجن تي، سوڌي آهي سمن

بادل ڪئا، بلال چئي، مٿي داليءَ دن

آگي ڪي امن، خالق سڀ خلق سين.

 

قطب شاه

 

        ]قطب شاهه ولد بلال شاه ولد شاه شريف ولد ميون شاهه عنات؛ رضوي ساداتن مان هو. ميرن جي دور ۾ ٿي گذريو آهي. سندس هيٺيان بيت ميين شاهه عنات جي رسالي تان ورتل آهن.[

 

سسئي

١-

نيڙ، نڪون، کرڙا، کپون، ات گور کرن جا گس

ابابيل اتهين، ٻيا لوڪڙ گهڻا لس

ويٺيون آهن واٽ تي، ات تانگهون ڪيو تس

ات پير نه پئي پاهڻين، ڪنهن مجازياڻيءَ مس

هيءَ هلي ڪارڻ هوت جي، پٺيءَ ساٿ سرس

قطب چئي، ڪيترا، تنهن کي جبل ڏنا جس

پرٽياڻي پنهونءَ جي، تن ۾ آه ترس

تيلان رهيا رس، وڃي ٻانڀڻ جا ٻروچ سين.

٢-

ٻيو ڪنهين جو ڪينڪي، جيڏو آرياڻيءَ اختيار

ٿڪين تي ٿورا ڪري، پرڏينهن جو پار

قافلي هيڪل جو سونهون آ سردار

ڪيچي ڪرهي، قطب چئي، صاحب آهه سوار

اپاڙائي ان کي، جن جو باري بار

اڳين جو اڳوار، ٿو پوين پوئواريون ڪري.

٣-

هلندي هاڙهي سامهين، وڏا پيت پياس

اتي آرياڻيءَ جا، ڏونگر ڏس ڏناس

واڳوڙا ويڙهين ۾، گرک ٻيا گڏياس

چرندا روجه رڃن ۾، ڏوران سي ڏٺاس

ڪي په اتي، قطب چئي، عارفن اتاس

همراهيءَ ۾ هوت جي، سي سڀ ساڻ ٿياس

تيلان ڪيچ پنياس، وڃي ٻاروچاڻي ٻاجه سين.

٤-

رات ڪسيندي ڪرها، جي پنرو مون پيو
ته ٿيو مشاهدو ماڻهين، جو هن ڪامڻ ڪم ڪيو

سالر ساڻ سرتئين، هوند پنهونءَ پيچ پيو

پر واري ڏنم ور کي، هوند ٻانهن ساڻ ٻيو

ڪارون ڪيچين سين ڪريان، ته وڻين آئين وهو

ڪنيزڪ، قطب چئي، نا ته هيءَ سسئي ساڻ نهو

آرياڻي اهو، ڀڻڪو سڻج ڀتار! مون.

 

مومل راڻو

١-

هو جي ڪاڪ ڪناري ڪامڻيون، پائين هزارين هار

ڪنواريون قطب چئي، سهسين ڪن سينگار

تن جو پرهڻ بيرم بادلا، ڍرڪڻ چڱيءَ ڍار

ان جي ٻوليءَ موهيا ٻاٻهيا، ڪن ڪونجن جيئن ڪڻڪار

تن جي لوڌي آيا لوءِ ۾، پٺين سڻي پچار

جا مڙين جي مهندار، سا مومل ماڻي مينڌري.

٢-

ليمي لام لڏن، وٽئو پينگهون پٽ جون

سونهن سورجان اڳري، اهڙا پار پٺن

ڪاري رات، قطب چئي، ڪر کوڻيون ٿيون کون

پئو پڙلاءُ ان پار جو، سوڌو شڪارين

پائي پلاڻ په ڪئو، گهوڙن تي گهوٽن

آتڻ مٿي آئيا، ٿيو تماشو تن

اڳيان نڱيون ناتر جيهيون، جن جا منهن ڀريا موتين

کيا اتي خوش ٿيا، ٻولايا ٻانهين

راڻو نيئي راڻين، ڪؤنر ڪنوارين رانئيو.

 

سرراڳ

 

رکي توڪل تن ۾، پهرين جوڙ جهاز

آڻي رکج ان تي، ساري سڀوئي ساز

ڪنبج گهڻو، قطب چئي، ڪج ’الا الا‘ آواز

ته مورهين تنهنجو مڪرو، بالله نه کائي باز

سنڀالج شفيع کي، ته معلم پوءِ مجاز

رهي تنهنجو راز، جدئان جس پرائيين.

 

بلاول

 

ابڙا! آيون تو ڳري، سي سائو! سرڻيون پس

آڳهه اڙين آهيين، تون جاڙيجا! جس

آيا عيراقين چڙهي، تن ترڪن ناه ترس

اڳيان ڪؤنرن ڪلو وارئو، جني منهن ۾ مس

هڻيو هوڻيگن کي، لاهين قطب چوءِ ڪس

سمون ڄام سرس، ات هڻي مٿيرو مصرئون.

 

سسئي

١-

تن جو ساٿ سڄوئي سرهو، هي جي هوت اچن

خوشبوءِ کٿوريان ئي گهڻي، مر پڻ ملي تن

راڻيون رهاڻيون ڪئو، ٻايون ٻوليون ڪن

جنهن جي سونهن سورج جهڪو ڪئو، سو سردار سڀن

اوڏا عزيز ان جا، ٻيا پڻ چار چون

پٺيءَ پنهون ڄام جي، سڀيئي سونهن

بازار منجه ڀنڀور جي، ڀينر! ٿا ڀوڻن

اچي اوتارا ڪئا، جوڙي منجه جتن

قطب چئي ڪيچين، اجهو آرياڻي اتهين.

٢-

ڪرها ڪيچ قلات جا، شتر سينگاريا جن

په ڪيائون پاڻ ۾، ڇيريون ڇوڙيون تن

متان اوڏيءَ وير اٺن ۾، ٽليون ڪين ٽمڪن

اٿيو آڌيءَ رات جو، ٻوٿين ٿا ٻڌن

مڇڻ سسئي کي سار ٿئي، بوتا ڪين ڀڀڪن

وٺي ور واٽ ٿيا، چاڙهي تي چانگن

ڪاهيائون، قطب چئي، بُغدي بلوچن

مون گهر مان اچن، آهيان جن جي آسري.

٣-

ساٿي سنجهي هليا، ڪاهيائون قطار

ستي هيس جيڏيون! صبح ٿيم سار

هلي هوت چت ڪري، الله تو آهار

آڏا ڏونگر لڪيون، جت تاڪئن جي توار

ڪارا رڇ، قطب چئي، چوڌاري چوپار

ڀرين مٿي ڀولڙا، جت هيڪاندا هزار

پڄتي مون پيزار، ات موٽج ڄام ڄٽين جا.

٤-

آهي انهيءَ پار ڏي، سسئيءَ سڪ گهڻي

’بيا‘ بُرفتن جي، وائي منڌ وڻي

مشڪان مٿي ڀانئيان، ان جي پيرن جي پڻي

لايان لال لڱن کي، کٿوري کڻي

ٿي قربان، قطب چئي، ڄاڻي هيڪ ڌڻي

وڃان واڳ وڻي، هئان هوت حضور ۾.

٥-

مون سين ڪاله ڪيون، ڪچين ڳالهيون ڪوه جون

مرن مٿو ناه ڪو، وجهن چور چيون

ڇاڙهون وڏيون ڇپرين، ِٻانڀون ات ٻيون

آڏو ڪيچ، قطب چئي، نڪون نيڙ نيون

او هلي اوڏاهين، هٿ ۾ ڪري هوت هنيون

جت ساهن ڪيم سيون، ات فضل ٿئي فقير سين.

٦-

مون گهر ني مهماڻ، ڀينر، ڀائر پنهون جا

ڪيچان آئيا، قطب چئي، جت جوراور جاڻ

تن هڏ نه لک لکائيو، مون نه پروڙيو پاڻ

ڏاڍائي ڏيرن ڪي، پاتائون پلاڻ

وٺي ور واٽ ٿيا، تنگن ڏيئي تاڻ

آيل! آءُ اڄاڻ، نا ته ٻاروچي ٻاجه گهڻي.

 

سورٺ

١-

ويئي ڳڙه سر اسري، ڪا جا تند توار

راجا گهڻو ريجهائيو، چارڻ جي چانگار

تنهن اسب عراقي موڪليو، ٻيا خاصا خدمتگار

گڏ گوشي پاڻ ۾، جيئن سيني سين وار

ٻنهي ٻول ٻهون ڪئا، قطب چئي، قرار

عالم ۾ اظهار ٿيو، پڇم پئي پچار

جئن لکيو تئن لوڙئو، ايءَ مهت مڱڻهار

ڏنو سر ڏاتار، سورٺ پڻ سواسئو.

٢-

چيو چارڻ نه ڪريين، جهل هزاري هار

آءُ مال متاع سڀ گهوريان، بچي هيءَ ڀتار

تون پڙهايل پرين جو، گهرين ڪالهوڪي ڪپار

ڪندو ڪيئن، قطب چئي، ايندو کار کنگهار

هيءُ راءُ راڻين جو، آهي جيءُ جيار

مٿي جنهن مدار، سو متان ماريين مڱڻا.

 

سارنگ

١-

وڄون وسڻ آئيون، چمڪيون چوڌار

پلٽيون پراڻ تي، ٻيون ڍلي جيءَ ڍار

تن ريلون رات رجائيون، پانڌين ڪي پچار

’هٿونگي‘ هٿيڪيون، لهن ’سامرجيءَ‘ سار

ٻهون ’ٻائرليءَ‘ تي، ڪي ڪڪيجيءَ ڪنار

چمڪيون ’چيل‘ تي، آگم لائي آر

’ڊليريءَ‘ ’ڊينگاڻ‘ ڏونه، وٺا سڀ ولهار

تڙ سڀيئي تار ڪيا، مينهن ۽ ملار

لاٿو ڏک ڏاتار، ٿيو قرار، قطب چئي.

٢-

ڏئي مبارڪ ماڻين، سارنگ سرار

سوڌو آيو سوڍن تي، ٿهريو وسي ٿر

وارا ڪيو ونگي تي، اوتون ڏي اپر

ڪڪرن ڪوڙ، قطب چئي، ٿيو ڏونه ننگر

آگم آرا لائيا، ڇاٽاريو ڇپر

وڄڙين وارا ڪيا، بوندون پون بکر

بادل برابر، ڪي سڻائي سنڌ تي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org