ٿوري گھڻين ڏينھن ڇوڪرو ۽ وزيرزادو گڏجي راڻيءَ کي
ساڻ ڪري انھيءَ جاءِ تي اچي نڪتا، جتي ھي ٽئي يار
ھڪٻئي کان جدا ٿيا ھئا. اتي خيال ڪري ڏٺائون تھ
شھزادي جي موٽڻ جو ڪو بھ پار پتو ڪو نھ آھي.
تنھنڪري ھي ٽئي ڄڻا وري انھيءَ رستي ڏانھن ويا،
جيڏانھن شھزادو ويو ھو. ھلندي ھلندي اتي پھتا جتي
شھزادو قيد ھو. اتي ڏسن تھ ھتي بھ ھڪڙي تصوير ٽنگي
پئي آھي ۽ اشتھار لڳو پيو آھي. ڇوڪري اتي بھ قسمت
آزمائڻ جو فيصلو ڪيو، پر پھرين خيال ڪيائين تھ
راڻي ھيترن سارن ماڻھن کان راند کٽي آھي، تنھن ۾
ضرور ڪا نھ ڪا چالاڪي ھوندي. سو پڇا ڳاڇا ڪري پتو
لڌائين تھ راڻي ڪئن جي مدد سان راند کٽي ٿي وڃي.
پوءِ ھن پاڻ وٽ ھڪڙي ٻلي پالي. پوءِ وڃي ڀير تي
ڏونڪو ھنيائين. ٻانھي نڪري آئي، جنھن کي ھن پنھجي
اچڻ جو مطلب ٻڌايو. نيٺ ھي راند کيڏڻ لاءِ وڃي
راڻيءَ جي آڏو ويٺو. راند ڪرڻ وقت اھا ٻلي پاڻ سان
کڻي ويو ھو، جنھن ھر ھر پئي ”ميائو ميائو“ ڪئي.
راڻي راند ڪئي، ڇوڪري بھ ڍارو ھنيون. سندس قسمت
چڱي ھئي ۽ ڍارون سنئون پئجي ويو. انھيءَ وقت راڻي
ڪئن کي اشارو ڪيو، پر ٻليءَ جي آواز سبب نڪتائي
ڪين، جنھن ڪري راڻيءَ راند ھارائي ۽ ڇوڪري کٽي.
پوءِ تھ شھر ۾ وھواھھ ٿي وئي. راڻيءَ بھ ھار مڃي ۽
اعلان ڪيائين تھ آءٌ ھاڻي ھن سان شادي ڪنديس.
اھڙيءَ طرح ڇوڪري جي ٻي بھ فتح ٿي. وري بھ ھن قيد
ٿيل ھمراھن کي آزاد ڪيو، جن ۾ سندس شھزادو بھ ھو.
ٻھ – ٽي ڏينھن اتي گذارڻ بعد ڇوڪري ۽ راڻيءَ پوئتي موٽڻ جو
ارادو ڪيو. ٻئي راڻيون ۽ ٽيئي دوست گڏجي ھليا.
جڏھن پنھنجي ملڪ جي حد ۾ پھتا، تڏھن شھزادي ۽
وزيرزادي پاڻ ۾ صلاح ڪري ڇوڪري کي مار ڪڍي، گھوڙا
۽ راڻيون کسي، گھوڙن تي چڙھي ھليا ويا ۽ ڇوڪري کي
اتي ئي ڇڏي ويا. شھزادو ۽ وزيرزادو تھ يڪدم اچي
پنھنجي شھر ۾ پھتا، پر ڇوڪرو ٿورن گھڻن ڏينھن کان
پوءِ ڪھندو ڪھندو اچي پنھنجي گھر ڀيڙو ٿيو.
ھوڏانھن جڏھن چاندني چال پري سجاڳ ٿي، تھ ڏسي تھ ڪنھن اوپري
ماڻھوءَ جي منڊي سندس چيچ ۾ پئي آھي ۽ چادر بھ ٻي
رکي آھي. پريءَ دل ۾ ويچار ڪيو تھ ھي انسان ايڏو
تھ بھادر ۽ بانڪو آھي جو ھيڏي ساري پھري ۽ طلسماتي
مانڊاڻ مان بچي مون تائين پھتو آھي ۽ منھنجي بدن
کي ھٿ لائي ويو آھي، سو بيشڪ منھنجو مڙس ٿي چڪو،
ھاڻي بھتر ائين ٿيندو تھ جيئن ھو منھنجي پٺيان
ڪوششون ڪري ھتي پھتو آھي، تيئن آءٌ بھ کيس ڳولي
لھان. اھڙيءَ طرح پري پنھنجو لشڪر پاڻ سان تيار
ڪري منڊيءَ واري مھر جي نشاني تي ملڪ پڇائيندي
پڇائيندي اچي انھيءَ بادشاھھ جي باغ ۾ لٿي. ٻئي
ڏينھن بادشاھھ وٽ فرياد ڪيائين تھ تنھنجي ملڪ جا
ماڻھو اسان جي ملڪ ۾ آيا ۽ اتي چوريون ڪيون اٿن ۽
گستاخي ڪري چاندني چال پريءَ جي محلات ۾ گھڙي ويا
آھن.
ڇوڪرو بھ روزانو ڪھرن جو ٿالھھ ڀري بادشاھھ جي باغ ۾ وڪڻڻ لاءِ
ويندو ھو. جتي چاندني چال پريءَ جا ماڻھو کانئس
ڪھرن جو ڪنو ئي کسي کائي ڇڏيندا ھئا ۽ کيس ڪھرن جي
عيوض ھڪڙي پائي بھ ڪا نھ ڏيندا ھئا. ڇوڪرو بھ پيو
روز روز اھو نقصان سھندو ھو، پر واءُ سواءُ لھڻ
لاءِ روزانو باغ ۾ ويندو ھو. بادشاھھ کي خبر ھئي
تھ شھزادو ۽ وزيرزادو چاندني چال پريءَ جي ڳولا
لاءِ برابر ويا ھئا، تنھنڪري انھن کي گھرايائين
مليل فرياد لاءِ پڇا ڳاڇا ڪيائين. شھزادو ۽
وزيرزادو چوڻ لڳا تھ: اسين تھ رستي تي روڪجي پيا
ھئاسون، باقي اسان سان ھڪ ٻيو ڪھرن وارو ڇوڪرو گڏ
ھو، اھو اوڏانھن ويو ھو، ان کان انھي ڳالھھ جي پڇا
ڳاڇا ڪئي وڃي. لاچار ٿي چاندني چال پري ڪھرن واري
ڇوڪري کي گھرايو ۽ پڇا ڪئي، ڇوڪري ڳالھھ قبول ڪئي
تھ: برابر آءٌ محلات ۾ آيو ھوس. اھا منڊي ۽ چادر
نشانيءَ طور پيش ڪيائين. جنھن تي چاندني چال پريءَ
ان ڪھري سان شادي ڪرڻ جو انجام ڪيو.
تنھن کان پوءِ ڇوڪري وار کي تؤ ڏنو تھ ديو اچي حاضر ٿيو ۽
چاندني چال پريءَ جي لشڪر گڏجي بادشاھھ کي نظر بند
ڪيو، ۽ سڄي بادشاھي پنھنجي قبضي ۾ ڪئي، پوءِ
بادشاھھ کي چيائون تھ: تو بيگناھھ ڇھن راڻين کي
کوھھ ۾ قيد رکيو، تنھنڪري تنھنجي بادشاھي ھاڻي ختم
ڪئي وڃي ٿي. ڇوڪري پوءِ حڪومت تي قبضو ڪري، ڇھنئي
مائرن کي کوھھ مان ڪڍي آڻي محلات ۾ ويھاريو.
وزيرزادي ۽ شھزادي کي معافي ڏنائين ۽ اھي راڻيون،
جي کانئس مار ڏئي رستي تان ڦري ويا ھئا، سي کين
بخشش طور ڏنائين. پوءِ سڄي عمر آرام سان
گذاريائين.
7-
سوزان پري
*
ھڪڙو ھو بادشاھھ، جنھن کي اولاد نيدنو ئي ڪو نھ ھو، جنھن لاءِ
ھن ست شاديون ڪيون، نيٺ پوئينءَ زال مان ھن کي
ھڪڙي نياڻي ڄائي. بادشاھھ خدا جا لک لک شڪرانا
ڪيا، ۽ ڏاڍا شادمانا ۽ خير خيراتون ڪيون. شھزادي
اڄ ننڍي سڀان وڏي نيٺ اچي جوان ٿي.
ھڪڙيءَ رات شھزادي پنھنجي ست ماڙ تي ويٺي قدرت جا لقاءَ ڏٺا تھ
اوچتو آسمان ۾ شعاع ۽ چمڪاٽ ڏسجڻ ۾ آيس، شھزادي
ڏاڍي حيران ٿي، ڇو جو اھو شعاع وڌندو ڏانھس پئي
آيو، سو ڊپ ۾ ويچاري بيھوش ٿي وئي، گھڙيءَ کن کان
پوءِ جڏھن ھوش آيس ڏسي تھ سبحان الله! ھڪڙو تمام
سھڻو ڪنگڻ سندس ڀرسان پيو چمڪي. شھزادي يڪدم ڪنگڻ
کنيو ۽ سڌي پنھنجي پيءُ وٽ آئي ۽ ان کي سمورو
احوال ٻڌائي انگل ڪيائين تھ، اھڙو ٻيو بھ ڪنگڻ
مونکي ٺھرائي ڏيو. شھزاديءَ جو اھو انگل ٻڌي
بادشاھھ ويچار ۾ پئجي ويو ۽ پنھنجا وزير ۽ امراءَ
گھرائي انھن کي اھو ڪنگڻ ڏياري چيائين تھ: ھڪدم
ھھڙو ٻيو بھ ڪنگڻ پيدا ڪريو. وزير ۽ امير ڪنگڻ ڏسي
عبرت ۾ پئجي ويا ۽ ھٿ ادب جا ٻڌي، عرض ڪيائون تھ:
جيئندا قبلا! ھھڙو ڪنگڻ ٺاھڻ تھ انسان ذات جي طاقت
کان ٻاھر آھي، شايد ڪنھن پرستان جي پريءَ جو آھي.
ڪيئي سونارا آيا پر اھڙو ڪنگڻ ٺاھي نھ سگھيا، اتي
بادشاھھ ڏاڍو ششدر ٿيو تھ ھاڻي ڇا ڪريان.
ھوڏانھن شھزادي ڪارو ويس کڻي ڍڪيو ۽ منجي اونڌي ڪري ويھي رھي.
بادشاھھ جو شھزاديءَ جي اھا حالت ڏٺي، سو پاڻ جھلي
نھ سگھيو ۽ ھڪدم ملڪن ۾ پڙھو گھمارايائين تھ: جيڪو
بھ ھن جھڙو ٻيو ڪنگڻ آڻي ڏيندو، تنھن کي شھزاديءَ
جو سڱ ۽ اڌ راڄ ڏنو ويندو. اھو پڙھو ٻڌي پري پري
جا جوڌا جوان ڪھي اچي گڏ ٿيا، پر ڪنگڻ ڏسڻ کانپوءِ
ڪو بھ ھام ھڻي نھ سگھيو. اتي بھمڻ نالي ھڪڙو ڇوڪرو
آيو، جنھن ڪنگڻ آڻڻ جو انجام ڪيو، جنھن تي بادشاھھ
ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ کيس اھو ڪنگڻ، گھوڙو ۽ ناڻي جي
خرزين ڏيئي روانو ڪيو. ھلندي وقت بھمڻ، بادشاھھ کي
چيو تھ: جيئندا قبلا! ھڪ ورھيھ منھنجو انتظار ڪجو،
آءٌ ان عرصي ۾ اميد تھ ڪاميابيءَ سان موٽي ايندس.
ائين چئي سفر تي روانو ٿيو.
ھلندي ھلندي ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ، بھمڻ ھڪڙي جھنگ ۾ وڃي پھتو،
جتي رات پئجي ويس. سو گھوڙي تان لھي ان کي دستي
ھڻي، ھڪڙي وڻ تي چڙھي چوڌاري نھارڻ لڳو. پري کان
ھن کي ڪا روشنائي ڏسڻ ۾ آئي، سو سمجھائين تھ ڪا
پھر آھي. پوءِ يڪدم وڻ تان لھي گھوڙي تي چڙھي ساعت
کن ۾ اچي اتي پھتو. ڇا ڏسي تھ مار! ھڪڙو آڌوتي ديو
آھي جنھن جون لاٽون آسمان سان ٿيون لڳن ۽ مٿس ڊڀ
ڄمي ويا آھن ۽ سندس اکيون لاٽ جيان پيون ٻرن. ھي
ايندي شرط ”ماما ماما“ ڪري وڃي پيرن تي ڪريس. ديو
ڇرڪ ڀري اٿيو ۽ چيائينس تھ :جيڪڏھن ماما ماما نھ
ڪرين ھا تھ سرنھن جيڏا داڻا ڪري ڇڏيانءِ ھا. ٻڌاءِ
تھ تنھنجو ھتي ديون جي ملڪ ۾ اچڻ ڪيئن ٿيو. ھن
ڪنگڻ ڪڍي ديو کي ڏيکاريو ۽ سموري ڳالھھ ڪري
ٻڌايائينس. ديو ڪنگڻ ڏسي ٿڌو ساھھ کڻي چيو تھ:
ابا، اھو ڪنگڻ تھ بقنا طوش ديو جي ڌيءَ سوزان
پريءَ جو آھي، جنھن جي سوز ۾ مونکي ڪيئي ورھھ ٿي
ويا آھن ۽ مٿان ڊڀ ڄمي ويا اٿم. اسان ديو بھ
اوڏانھن وڃڻ جي ھام نٿا ھڻون، تون تھ آدمزاد آھين!
موٽ پٺتي، ڇو پنھنجي جواني تان تتو آھين. ھيءُ
پنھنجي ڳالھھ تان نھ لٿو ۽ کانئس ڏس پڇيو، جنھن تي
ديو کيس، چيو تھ: ھتان ھڪڙي منزل تي منھنجو وڏو
ڀاءُ ويٺو اٿئي، ان کان توکي پورو پورو ڏس ملندو.
ائين چئي بھمڻ کي ھڪڙي ٽوپي ڏنائين ۽ چيائين تھ:
جڏھن بھ اھا ٽوپي پائيندين تھ جن، ڀوت يا ديو پري
توکي ڏسي ڪو نھ سگھندو، پر تون سڀني کي پيو
ڏسندين. آخرڪار ھن کان موڪلائي بھمڻ وڃي ھن جي وڏي
ڀاءُ وٽ پھتو. ھي ان کي بھ ساڳيءَ طرح ماما ماما
ڪري وڃي پيرن تي ڪريو. ديو دانھن ڪري اٿيو ۽
چيائينس تھ: جي ماما ماما نھ ڪرين ھا تھ سرنھھ
جيڏا داڻا ڪري ڇڏيئين ھا، پر ڀاڻيجا شينھن کي بھ
پيارا آھن. ھاڻي حقيقت ڪر، ڪيئن ھن ڏيھھ ۾ آيو
آھين؟ جنھن تي بھمڻ يڪدم ڪنگڻ ڏيکاري کيس سموري
احوال مان واقف ڪيو ۽ اڳتي جو ڏس پڇيو. ديو ڪنگڻ
ڏسي غش ٿي ويو ۽ جڏھن سامت ۾ آيو تڏھن ھن کي
چيائين تھ: ابا! اھو ڪنگڻ تھ سوزان پريءَ جو آھي.
جنھن جي سڪ ۾ سوين ديو پيا سڙن، منھنجو بھ ھيڻو
حال انھيءَ جي فراق ۾ ٿيو آھي. پر جيئن تھ تو
مونکي ماما چيو آھي، تنھنڪري توکي ڏس ٻڌايان ٿو،
اڳتي کٽي تنھنجي قسمت. ھتان ھڪ منزل کان پوءِ، سؤ
ڪوھن ۾ ھڪ بر آھي، جنھن ۾ ھڪڙو ڪارو جبل آھي، جنھن
تي ھڪڙي ڪانويلي رھندي آھي، جنھن جي وٺِ ۾ اھڙو
اثر آھي جو سؤ ڪوھھ تي ڪا بھ شيءِ ھوندي تھ ان کي
ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيندي. اھا ھر وقت ننڊ پئي ھوندي
آھي، رڳو اسر جو اٿي وٺ لاھي وري سمھي پوندي آھي.
تنھنڪري گھوڙي تي اتان تنھنجو لنگھي وڃڻ محال آھي.
ان لاءِ ھيءَ اڏند کٽولي سوکڙي ڏيئين ٿو. جنھن جي
وسيلي اھو سڃ جو سفر لنگھي پار پوندين. اڳتي
ويندين تھ پيلي رنگ جي زمين ايندي، اتي پوک جي وچ
۾ وڏو تلاءُ آھي، سوزان پري ستر سھيلين سان، اٺين
اٺين ڏينھن ان تلاءُ ۾ وھنجڻ ايندي آھي، ۽ اھو سڄو
ڏينھن اتي ڦلھار ۾ ڀڃي، سج لٿي جو واپس ڪوھھ قاف
ويندي آھي. جڏھن ان جي اچڻ جو ڏينھن ٿئي تڏھن ڪنھن
بھ طرح سان تلاءَ جي ڀرسان وڃي سندس ڪپڙا پنھنجي
قبضي ۾ ڪجئين، اھي ايستائين ان کي نھ ڏجئين
جيستائين ھن کان ھٿ ۾ پيل وينڊو نھ وٺين. اھو ڏس
ٻڌي يڪدم ديو کان موڪلائي، اڏند کٽوليءَ تي چڙھي
انھي پاسي روانو ٿيو، ۽ اچي پيلي زمين تي لٿو. ان
ميدان جي اولھھ طرف کيس ڦلھار ڏسڻ ۾ آئي جتي وڃي
ڏسي تھ سبحان الله وچ ۾ ھڪڙو تمام سھڻو ۽ وڏو
تلاءُ آھي، جنھن جي چوڌاري طرح طرح جا رنگ برنگي
گل ٻوٽا بيٺا آھن! بھمڻ قدرت جا رنگ ۽ لقاءَ ڏسندو
اچي ھڪڙي جھڳٽي ۾ لڪي ويھي رھيو ۽ انتظار جون
گھڙيون ڳڻڻ لڳو. ٻھ چار ڏينھن گذريا تھ اوچتو
طوفان لڳو، جنھن مان ھي سمجھي ويو تھ سندس من جي
مراد پوري ٿيڻ واري آھي. سو ھڪدم پھرين ديو واري
ڏنل ٽوپي پائي ويھي رھيو. طوفان بس ٿيو تھ مينھن
جون ڪڻيون پيون ۽ گھڙي گذرڻ کان پوءِ ڏسي تھ سوزان
پري پنھنجين ستر سھيلين سان گڏ جواھرن سان جڙيل
تخت تي ويٺي آھي ۽ چار ٻانھيون اٿس جي ان تخت کي
ڪنارن تي کنيون کيس اڏائينديون پيو اچن.
بھمڻ جو ھن جو ٺٺ ۽ حسن ڏٺو سو ھوش کان ئي نڪري ويو، پر آخر پاڻ
سنڀالي ويھي رھيو. پريون اچڻ شرط ڪپڙا لاھي تلاءُ
۾ وھنجڻ لڳيون. بھمڻ يڪدم سوزان پريءَ جي پوشاڪ
قبضي ۾ ڪري طلسمي ٽوپي لاھي ظاھر ٿي بيھي رھيو
پرين جو آدمزاد کي ڏٺو سو پنھنجا پنھنجا ڪپڙا کڻي
ڀڙڪو ڏينديون اڏامنديون ويون، تان جو فقط سوزان
پري وڃي رھي، جا لاچار ٿي پئي، سا کيس منٿون ڪرڻ
لڳي پر بھمڻ چيس تھ: پھرين اھو ھٿ ۾ پھريل وينڊو
ڏينم تھ پوءِ ڪپڙا ڏيندو سانءِ، نھ تھ آءٌ وڃان
ٿو. اتي پري لاچار ٿي پئي ۽ وينڊو لاھي کڻي کيس
ڏنائين. وينڊي ھٿ ڪرڻ کان پوءِ بھمڻ کيس پوشاڪ
واپس ڏني، جا پھري ھوءَ ٻاھر نڪتي ۽ کانئس اتي اچڻ
جو سبب پڇيو، تنھن تي بھمڻ ڪنگڻ ڪڍي کيس ڏيکاريو ۽
اھڙي ٻئي ڪنگڻ جي گھر ڪيائينس. سوزان پري ڪنگڻ ڏسي
سڃاتو ۽ چيائينس تھ: اھو ڪنگڻ برابر منھنجو آھي،
جو ملڪن جو سير ڪندي واٽ تي ڪري پيو ھو ۽ باقي ھڪ
ھيءُ منھنجي ٻانھن ۾ آھي، ھاڻي جي اھو وينڊو مونکي
موٽائي ڏئين تھ آءٌ توکي ھيءُ ڪنگڻ ڏيان. بھمڻ کي
اھا ڳالھھ کپندي ھئي، سو ھائوڪار ڪيائين. پوءِ
سوزان پري کيس ڪنگڻ لاھي سندس حوالي ڪيو، ڇو تھ
وينڊي جي ڏيڻ ڪري سندس قبضي ۾ ھئي، ڪنگڻ ھٿ ڪري
بھمڻ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس وينڊو ڏئي کيس آزاد ڪري
ڇڏيائينس.
......”سوزان پري ستر سھيلين سميت، جواھرن سان جڙيل تخت تي ويٺي
ھئي، جنھن کي چار پريون کنيون اڏامنديون پئي
آيون“....
سوزان پريءَ کي جو وينڊو مليو سو پلڪ ۾ ھن جي نظر کان غائب ٿي
وئي. اتي بھمڻ جو ڏنل وقت ۾ بھ ڪي ٿورا ڏينھن اچي
رھيا ھئا، سو ھڪدم اڏند کٽولي تي چڙھي وطن وريو.
واٽ تي جبلن، جھنگلن ۽ ملڪن جي مٿان اڏامندو اڏامندو اچي پنھنجي
وطن پھتو. ماڻھن جو بھمڻ کي ڏٺو سو خابرن ھڪدم اچي
بادشاھھ کي خبر ڪئي. بادشاھھ خبر ٻڌندي ئي ھڪدم
تخت ڇڏي اچي بھمڻ سان مليو، پوءِ ھن ٻئي ڪنگڻ جي
بادشاھھ جي حوالي ڪيا، جنھنڪري ھو ڏاڍو خوش ٿيو، ۽
ھڪدم پنھنجي لاڏلي ڌيءَ کي وڃي ڏنائين. شھزادي
ڪنگڻ ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. بادشاھھ بھ پنھنجي قول کي
پارڻ ۾ دير ڪا نھ ڪئي، ۽ ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ
بھمڻ جي شادي پنھنجي پياري ۽ لاڏلي ڌيءَ سان ڪرائي
کيس ڏاج ۾ اڌ راڄ جو ڏنو. جنھن کان پوءِ ھو سڄي
عمر آرام سان رھيو.
٨ – سيڄان پري
*
ھڪڙي بادشاھھ کي ھڪڙو پٽ ھوندو ھو، جو شڪار جو ڏاڍو ڪوڏيو ھو.
جنھن وقت ڏسبو ھوس، تنھن وقت سنگتين ساٿين سان،
شڪار تي پيو ويندو ھو. ھڪ ڏينھن شڪار ڪندي ھن جي
اک وڃي ھڪ سونن سڱن واري ھرڻ تي پئي. بس پوءِ تھ
ھمراھھ گھوڙو کڻي ھرڻ جي پٺيان ڇڏيو. ھرڻ گھوڙي
کان اڳي نڪري، ھڪڙي تلاءُ ۾ گھڙي گم ٿي ويو.
شھزادي گھڻي ئي ڳولا ڦولھا ڪئي پر وريو ڪي بھ ڪين.
اوچتو سندس ڪن تي پڙلاءُ پيو تھ: ھي سيڄان پريءَ
جو تلاءُ آھي ۽ اھو ھرڻ بھ سيڄان پري ھئي؛ اھا سال
۾ ھڪ ڀيرو ايندي آھي، ھاڻي وري سال کان پوءِ اچج.
ھن بھ ڇا ڪيو جو سڄي تلاءَ کي لوھي ڪوٽ ڏياري، ھڪ
ننڍڙو رستو ٺھرائي ڇڏيو ۽ سالن گذرڻ جي انتظار ۾
وڃي ويھي رھيو.
ٻئي سال، شھزادي ڇا ڪيو جو ھڪ لوھي پيتي ٺھرائي ان ۾ پاڻ کي بند
ڪري، اچي تلاءَ تي لڪي ويھي رھيو. ڪجھھ ڏينھن گذرڻ
کان پوءِ، سيڄان پري پنھنجين ساھيڙين سميت اچي
تلاءَ تي لٿي. کلندي ڪڏندي ڪپڙا لاھي سڀئي اچي
پينگھن ۾ لڏڻ لڳيون. شھزادو اھو وجھھ ڏسي پيتيءَ
مان ٻاھر نڪري سڀني جا ڪپڙا ميڙي سيڙي پيتيءَ ۾
وجھي مٿان چڙھي ويھي رھيو. پريون جڏھن راند ڪري
وھنجي سھنجي ٻاھر آيون تڏھن ڏسن کڻي تھ ڪپڙا اٿن
ئي ڪو نھ! گھڻو ئي نھاريائون پر ڪپڙا ھجن تھ لڀن.
اوچتو ھڪ پريءَ جي نظر شھزادي تي وڃي پئي. بس پوءِ
ڪاوڙجي ھن کي ڊيڄارڻ لڳيون. پرين کي پڪ ٿي تھ لاشڪ
اھي ڪپڙا انھي آدمزاد کنيا آھن. سو ڪيئي چالاڪيون
ڪيائون پر شھزادي تي ڪو بھ اثر ڪو نھ ٿيو. ھڪ
پريءَ چيس تھ: اسين پريون آھيون، تو کي ڊپ ڪو نھ
ٿو ٿئي؟ شھزادي جواب ڏنو تھ: جي ڊڄان ھا تھ اچان
ئي ڪو نھ ھا. سيڄان پريءَ جڏھن ڏٺو تھ شھزادو دل
جو شير آھي تڏھن چيائينس تھ: ڀلا توکي ڇا گھرجي؟
شھزادي وراڻيو تھ: سيڄان پري. ھن چيو تھ: آءٌ حاضر
آھيان، پر ٻين کي تھ ڪپڙا ڏئي روانو ڪر. شھزادي
يڪدم ٻين پرين کي ڪپڙا ڪڍي ڏنا ۽ سيڄان پريءَ کي
پاڻ سان وٺي پنھنجيءَ محلات ۾ آڻي رھايو ۽ سندس
ڪپڙا پاڻ وٽ سوگھار رکي کيس ٻيا ڪپڙا پھرڻ لاءِ
ڏنا.
سيڄان پريءَ کي محل ۾ تھ وٺي آيو پر ھو نھ ڳالھائي نھ ٻولھائي،
سڄو ڏينھن بيمارن وانگر ھڪ ھنڌ پئي ھوندي ھئي.
شھزادو جڏھن سندس ويجھو ايندو ھو تڏھن ھيءَ ڍڍري
ٿي ڪري پوندي ھئي. انھي حالت ۾ ھنن کي پورو سال
گذري ويو. ھڪ ڏينھن سيڄان پريءَ شھزادي کي چيو تھ:
اڄ وڃي ھرڻ جو شڪار ڪري اچ تھ گڏجي کائون. انڌو
گھري الله کان ھڪ اک، منڊو گھر ٽنگ سو شھزادو ھن
کي راضي ڏسي، گھوڙي تي چڙھي ھرڻن جي شڪار لاءِ
ھليو ويو. پٺيان سيڄان پريءَ ٻانھيءَ کي چيو تھ:
مونکي منھنجا اڳيان ڪپڙا ڏي تھ ڍڪيان ۽ در دروازا
بند ڪري ڇڏ. ٻانھيءَ گھڻو ئي نٽايو پر پريءَ ھن کي
دٻائي ڊيڄاري ڪپڙا ورتا ۽ پھري مٿان منگھھ مان
اڏامي ھلي وئي ۽ ويندي وقت ٻانھيءَ کي چيائين تھ:
شھزادي کي چئج تھ آءٌ ٻارھن مھينا سندس واٽ
ڏسنديس، جي آيو تھ واھھ، نھ تھ ٻيو مڙس ڪنديس.
شھزادو جڏھن واپس وريو تھ ڏسي تھ محلات ۾ ڪاريءَ
وارا ڪک لڳيا پيا آھن. ٻانھيءَ کان خبر چار
پڇيائين جنھن سربستي حقيقت ڪري ٻڌايس. اھو ٻڌي
شھزادو يڪدم پيءُ وٽ آيو ۽ سڄي ڳالھھ ٻڌائي مدد
گھريائينس، جنھن يڪدم کيس ٻيڙا ۽ غوراب، لشڪر، سون
۽ رپو ڏئي موڪل ڏني ۽ ھو ٻيڙا ھاڪاري روانو ٿيو.
|