مئنا اڏامندي اڏامندي ڪئين ملڪ ۽ ميدان لتاڙي ڇڏيا، پر کيس اھڙو
جانور مليو ئي ڪو نھ جنھن تي بادشاھھ کي وٺي وڃي
نيڻان پري ڏيکاري. آخرڪار ھڪڙي ڏينھن ٿڪجي ٽٽجي،
جتان ڪٿان نااميد ٿي واپس پنھنجي ملڪ پئي وئي تھ
اوچتو درياءَ جي ڪٺي تي ھڪڙي ڌوٻيءَ جي ڪراڙي
گھوڙيءَ تي وڃي سندس نظر پئي، جنھن جي پيٽ ۾
سامونڊي گھوڙو ڏسجڻ ۾ آيو. اتي مئنا ڏاڍي خوش ٿي ۽
يڪدم اڏامندي اڏامندي اچي بادشاھھ کي انھيءَ بابت
ٻڌايو، جنھن تي بادشاھھ ھڪدم ان ڌوٻيءَ کي گھرائي
ان کان اھا گھوڙي خريد ڪئي، ۽ پوءِ ان کي پنھنجي
ڪڙھھ ۾ خاص طرح سان پلجڻ لڳي. نيٺ وقت پوري ٿيڻ تي
گھوڙيءَ کي وڇيرو ڄائو جو ننڍي ھوندي کان ئي ھلڻ
جو تکو ھو. آخرڪار گھوڙو اچي وڏو ٿيو ۽ سواريءَ
ڪرڻ جھڙو ٿيو. سنجھھ صبح سئس مٿس سونا سنج وجھو
پيا گھمائيندا ھئا، ڪنھن اڃا مٿس لانگ بھ نھ ورائي
ھئي.
بادشاھھ کي ھڪڙو سڪيلڌو پٽ ھو، جنھن جو نالو بخت ڪمال ھو، جو
سونھن سوڀيا ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھو. ھڪڙي ڏينھن جيئن
شام جو سئيس گھوڙو وٺيو پئي آيو تھ تيئن شھزادي جي
وڃي مٿس اک پئي، پوءِ نھ ڪيائين ھم نھ تم، ٽپ ڏئي
گھوڙي تي چڙھي ويٺو ۽ سئيس کان واڳون کسي گھوڙي کي
جو ڇٻي ڏنائين تھ گھوڙو وٺي اڏاڻو ۽ گھڙيءَ ۾ وڃي
عرش سان لڳو. اھو حال ڏسي نوڪر ڊوڙندا ڊوڙندا
بادشاھھ وٽ ويا، جنھن ان وقت مئنا سان ڪوھھ قاف ڏي
وڃڻ بابت ڳالھيون پئي ڪيون. سئيس ھٿ ٻڌي سڄي ڳالھھ
بادشاھھ کي ٻڌائي، جو ڪاوڙ ۾ باھھ ٿي ويو. اتي
مئنا بادشاھھ کي چيو تھ: بادشاھھ سلامت! ڳالھھ تھ
خراب ٿي، پر ھاڻي آءٌ وڃان ٿي شھزادي جي پٺيان.
ائين چئي ھوءَ اڏامي وئي ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ
وڃي شھزادي بخت ڪمال جي ڪلھي تي ويٺي ۽ چيائين تھ:
شھزادا! تو ھي ڪھڙو ڪلور ڪيو، ھي گھوڙو تھ
بادشاھھ، نيڻان پريءَ کي ڏسڻ لاءِ ڌاريو ھو.
شھزادي چيو تھ: مئنا! ھاڻي نيڻان پريءَ سان پاڻ
خبر چار ڪنداسون. قصو ڪوتاھھ، گھوڙو اڏامندو اچي
ڪوھھ قاف جي ويجھو پھتو، اتي مينا کي پريان ئي
نيڻان پريءَ جو طلسمي باغ ڏسڻ ۾ آيو، جنھن ڪري
شھزادي کي چيائين تھ: شھزادا! نيڻان پري ھڪ طلسمي
باغ ۾ رھندي آھي، جتي ڪيترن جنن ڀوتن جو غيبي پھرو
آھي، ڪنھن کي بھ مجال نھ آھي جو ان باغ ۾ پير پائي
سگھي. سو مھرباني ڪري ناحق سر نھ وڃاءِ ھل تھ موٽي
ھلون، نھ تھ خير ڪو نھ ٿيندو. پر شھزادي مئنا جي
ھڪ بھ نھ مڃي ۽ سڌو وڃي نيڻان پريءَ جي باغ ۾ لٿو.
مئنا ويچاريءَ کي اچي سر سان لڳي تھ ھاڻي اجھو ٿو
شھزادو مري. ان وقت سج لھي ويو ھو، جنھن ڪري نيڻان
پري دستور مطابق پنھنجي ستر سھيلين سان گڏ، تلاءَ
۾ وھنجڻ لاءِ آئي ھئي، اوچتو سندس نظر وڃي شھزادي
تي پئي، جنھن ڪري ھوءَ پنھنجن سمورين سھيلين سميت
ڪبوتر جو روپ وٺي اڏامي ھلي وئي. اتي مئنا وري بھ
شھزادي کي چيو تھ: شھزادا! ھاڻي تھ نيڻان پري
ڏٺئي، چڱو ائين آھي تھ موٽي ھلون. پر شھزادي کيس
ڪو بھ جواب نھ ڏنو ۽ اکيون کپايو تلاءَ ۾ پئي
ڏٺائين. شھزادي جو اھو حال ڏسي مئنا کي پڪ ٿي وئي
تھ ھاڻي شھزادو ڪو نھ موٽندو، سو نيڻان پريءَ جي
خبر چار وٺڻ لاءِ ان جي شيش محل ڏي وئي، جتي نيڻان
پري رھندي ھئي. مئنا اتي ڏٺو تھ نيڻان پري بھ
شھزادي جي سڪ ۾ ويٺي لڙڪ ڳاڙي ۽ سھيلين کي پئي چئي
تھ: ڪيئن بھ ڪري اھو آدمزاد مون سان ملايو. اھو
احوال ٻڌي ڏاڍو خوش ٿي ۽ يڪدم اچي شھزادي کي
خوشخبري ٻڌايائين. ھي اڃان انھن ئي ڳالھين ۾ بيٺا
ھئا تھ اوچتو ھڪڙو اڇو ڪبوتر اڏامندو اچي ھنن جي
سامھون ويٺو ۽ ليٽي پيٽي پري ٿي، ھنن کي نيڻان
پريءَ جو پيغام ٻڌايائين تھ: اي آدمزاد! اسان جي
شھزادي نيڻان پري تنھنجي اچڻ تي ڏاڍي خوش ٿي آھي،
ھاڻي تون نيڻان پريءَ جو مھمان آھين. سڀاڻي ھن
تلاءَ تي تنھنجي مھماني آھي. ائين چئي پري وري بھ
ڪبوتر جو روپ وٺي واپس ھلي وئي، شھزادو خوش ٿي ٻئي
ڏينھن جو انتطار ڪرڻ لڳو. ٻئي ڏينھن شام جو ڪبوترن
جو ولر اچي تلاءَ تي لٿو. ويرم ڪا نھ ٿي تھ اھي
سڀئي ڪبوتر سھڻين پرين جي شڪلين ۾ ٿي بيھي رھيون،
شھزادو بخت ڪمال وڌيو ۽ وڃي نيڻان پريءَ جي ٻانھن
۾ ھٿ وڌائين. شھزادو ۽ نيڻان پري ھڪ ٻئي سان ملي
ڏاڍو خوش ٿيا. نيڻان پري، شھزادي کي وٺي تلاءَ ۾
گھڙي وئي باقي ٻيون سڀئي پريون ٻاھر ئي بيٺيون
رھيون. شھزادو اندر وڃي ڏسي تھ سبحان الله! ھڪڙو
شاھي محلات آھي جيڪو سڄو سون جو ٺھيل آھي، منجھس
قسمين قسمين ٻوليندڙ پکي ھئا، جن شھزادي کي نيڻان
پريءَ سان گڏ ايندو ڏسي سندس آجيان ڪئي. قصو
ڪوتاھھ، ھي ٻئي ھڪڙي سوني پلنگ تي اچي ويٺا.
شھزادو حيران ھو تھ ھن تلاءُ ۾ ھيڏو منڊل ڪيئن
منڊيو ويو آھي! ايتري ۾ نيڻان پريءَ تاڙي وڄائي تھ
اک ڇنڀ ۾ سونين ٿالين ۾ قسمين قسمين جا طعام اچي
حاضر ٿيا. وري تاڙي وڄايائين تھ سوين پريون اچي
حاضر ٿيون جي نچڻ لڳيون. اھو لقاءُ ڏسي شھزادو خوش
ٿيو. آخرڪار طعام ڪلام کان پوءِ اھي سڀ پريون گم
ٿي ويون ۽
....”نيڻان پري، شھزادي کي وٺي تلاءَ ۾ ٽٻي
ھنئي“...
نيڻان پري ۽ شھزادو پاڻ ۾ رھاڻ ڪرڻ لڳا. نيڻان پريءَ ھن کي چيو
تھ: شھزادا! منھنجي پيءُ جو مون تي سخت پھرو آھي،
تون آھين جو بچي ھتي اچي پھتو آھين. ڪالھھ بابي وٽ
ديون جي ھڪ خاص گڏجاڻي ھئي، نھ تھ ھونئن ھتي ڪنھن
نر پکيءَ کي بھ اچڻ جي اجازت نھ آھي. انھيءَ ڪري
توکي ھن محلات ۾ رھڻو پوندو، ڇو جو ھن محلات ۾ مون
کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي بھ اچڻ جي اجازت نھ آھي. ھتي
توکي ڪا بھ تڪليف نھ رسندي. شھزادي بخت ڪمال چيو
تھ: آءٌ ھڪڙو بادشاھھ آھيان، تنھنجي حسن جي ھاڪ
ٻڌي ھت آيو آھيان ۽ ھاڻي سواءِ توکي حاصل ڪرڻ جي
آءٌ مور نھ موٽندس. نيڻان پريءَ چيو تھ: شھزادا!
تون ڪو بھ خيال نھ ڪر، سڀ لکيي جو ڪم آھي. وسئون
آءٌ ڪين گھٽائنديس، اڳتي کٽن اسان جا ڀاڳ. مونکي
بابو ڪيتري وقت کان شاديءَ جو چوندو پيو اچي، پر
مون کيس جواب ڏئي ڇڏيو آھي، ھاڻي جيڪڏھن ڪو وجھھ
مليو، تھ ائين ضرور چوندي سانس تھ آءٌ شادي ان سان
ڪنديس، جنھن جي ڳچيءَ ۾ چندن ھار وجھنديس. آءٌ اھو
ھار تنھنجي ڳچيءَ ۾ وجھنديس. قصو ڪوتاھھ، نيڻان
پري اھو وعدو ڪري رواني ٿي وئي، شھزادو اتي ئي رھي
پيو.
نيڻان پري جي پيءُ جو اھو دستور ھو تھ روز صبح جو پنھنجي ڌيءَ
کي سوني ساھميءَ ۾ گلن سان توريندو ھو. ھڪڙي ڏينھن
پڻس جڏھن کيس توريو تھ سندس تور وڌيل ھئي. جنھن
ڪري ھن کي شڪ پيو تھ مڙئي ڪا خاص ڳالھھ ٿي آھي. سو
يڪدم باغ جي سڀني پھريدارن کي سڏائي کانئن پڇيائين
تھ: سچي ڪريو، ھتي ڪير آيو آھي؟ پھريدارن چيو تھ:
اي ديون جا سردار! ھتي ڪنھن جي مجال آھي جو اچي
سگھي! ديو تھ موٽي ويا پر ھن جي دل ۾ آنڌ مانڌ لڳي
پئي ھئي. نيڻان پريءَ جي تور بھ ڏينھون ڏينھن
وڌندي پئي وئي، ۽ سندس پيءَ کي بھ پڪ ٿي ويئي تھ
ضرور نيڻان پري ڪنھن سان ملي آھي. تنھن ڪري کيس
سڏائي ھڪدم چيائين تھ: ھاڻي تون شادي ڪر. نيڻان
پريءَ چيس تھ: حاضر بابا! توھين ديون جو ميڙ
ڪوٺايو، آءٌ پنھنجو ور پاڻ چونڊينديس. ديون جو
سردار اھو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ھڪدم ديون کي انھيءَ
جي نينڍ ڏني، جنھن تي پري پري جا ديو اچي اتي حاضر
ٿيا.
ٻئي ڏينھن ھڪڙي وڏي ميدان ۾ سڀ ديو اچي گڏ ٿيا. ايتري ۾ ھڪڙي
پاسي کان شھزادو بخت ڪمال بھ اچي اتي بيٺو. سڀ ھن
کي ڏسي حيران ٿي ويا ۽ ڪاوڙ ۾ پنھنجي پنھنجي جاين
تان اٿي کڙا ٿيا ۽ ھڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تھ: ھي
آدمزاد ڪٿان آيو آھي؟ ايتري ۾ نيڻان پري بھ چندن
ھار کڻي، ٽي ڦيرا ڏئي وڃي شھزادي جي ڳچيءَ ۾ وڌو.
تڏھن سڀ اڀا ٿي بيھي رھيا ۽ شھزادي کي مارڻ لاءِ
اڳتي وڌيا، پر ديون جي بادشاھھ رڙ ڪري چيو تھ:
خبردار جي ڪنھن ھن آدمزاد کي ھٿ لاتو آھي. سردار
جو حڪم ٻڌي سڀ بيھي رھيا. بادشاھھ وري چيو تھ:
منھنجي ڌيءَ جو ور ھاڻي اھو ئي آدمزاد آھي. اھو
حڪم ٻڌي سڀ ديو ھليا ويا.
ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ شھزادو بخت ڪمال ۽ نيڻان پريءَ جي شادي
ڏاڍي ڌام ڌوم سان ٿي ۽ سمورو طلسمي باغ کين ڏاج ۾
مليو. شھزادو ۽ نيڻان پري خوشي سان حياتي گذارڻ
لڳا. ڇھن مھينن کان پوءِ شھزادي بخت ڪمال کي
پنھنجو ملڪ ياد پيو. تنھن پنھنجي زال کي اھا حقيقت
ٻڌائي، جنھن پڻ ھن جي ڳالھھ مڃي. جڏھن نيڻان پريءَ
پنھنجي پيءُ سان اھا ڳالھھ ڪئي، تڏھن ھن چيو تھ:
ڀلي، پر جي ھتي رھو تھ بھ ھي پنھنجو گھر اٿو، جي
نھ تھ آءٌ اوھان کي روڪيندس ڪو نھ، ڇو جو ڌيءَ
پرايو ڌن ٿيندي آھي، منھنجي طرفان اوھان کي وڃڻ جي
موڪل آھي. آخر ھڪڙي ڏينھن ھو پنھنجي سامونڊي گھوڙي
تي چڙھي وطن ڏانھن روانا ٿيا. ديون جي بادشاھھ ھنن
جي حفاظت لاءِ ديون جو لشڪر بھ ڇڏيو ھو، جيڪو ھنن
کي ڪوھھ قاف جي حد ٽپائي موٽي آيو. منزلون ڪندي
ڪندي ھڪڙي ڏينھن اچي پنھنجي وطن پھتا. انھيءَ عرصي
۾ مئنا، نيڻان پريءَ کي ٻڌايو تھ: مون ھيءَ شرط
ٻڌي ھئي، تون راڻين کي چئج تھ توھان جي ھٿن جو
پاڻي ڪير پيئندو! آخر ھي محلات ۾ آيا، جتي بادشاھھ
۽ راڻيون نيڻان پريءَ کي ڏسي حيران ٿي ويون ۽
نيڻان پريءَ، مئنا جي چوڻ موجب ڪيو، جنھن تي
راڻيون ڏاڍيون لڄي ٿيون، ۽ وري ڪڏھن بھ پنھنجي حسن
جي ڳالھھ ڪا نھ ڪيائون. ڪالھھ ڏٺاسين تھ سڀئي پاڻ
۾ راس پاس ٿي محلات ۾ ويٺا رھاڻيون ڪن.
١٧ – حسنا پري*
ھڪڙي بادشاھھ کي ھڪڙي ڌيءَ کانسواءِ ٻيو ڪو بھ اولاد ڪو نھ ھو،
تنھن ڪري بادشاھھ جو ساڻس ڏاڍو پيار ھو. شھزاديءَ
جو وري گلن ڦلن سان تمام گھڻو شوق ھو. جنھن ڪري
بادشاھھ کيس ھڪڙو عاليشان باغ ٺھرائي ڏنو ھو، جنھن
۾ ھوءَ سارو ڏينھن پئي گھمندي ڦرندي ھئي ۽ گلن ڦلن
سان راند روند ڪندي ھئي. ھڪڙي ڏينھن شھزادي باغ
مان ڪي گل پٽي انھن مان ھار ويٺي ٺاھيو، اوچتو پري
کان سوني ڪرسيءَ تي ويٺل ھڪڙي سھڻي زال ڏٺائين، جا
ڏانھنس پئي آئي. شھزادي ڪجھھ ڊني بھ، پر ماٺ ڪري
بيھي رھي. ٿورو وقت گذريو تھ اھا سھڻي زال سونيءَ
ڪرسيءَ تان لھي سڌي اچي شھزاديءَ جي اڳيان بيٺي ۽
ڏانھس نھاري چوڻ لڳي تھ: شھزادي، ھار تھ ڏاڍو سٺو
پئي ٺاھين! ان تي شھزاديءَ چيو تھ: پھرين تون
ٻڌاءِ تھ ڪير آھين؟ ۽ ھت ڪيئن آئي آھين. توکي اھا
خبر نھ آھي تھ ھيءُ باغ خاص منھنجو آھي، جنھن ۾
ٻئي ڪنھن کي اچڻ جي اجازت ڪانھي. تنھن تي ھن جواب
ڏنو تھ: شھزادي! آءٌ حسنا پري آھيان، مونکي بھ تو
وانگر گل ڦل ڏاڍا وڻن ٿا، تنھن ڪري روزانو ھن باغ
۾ اچي گلن ٻوٽن سان دل خوش ڪري ھلي ويندي آھيان،
پر ٻن ٽن ڏينھن کان دل ۾ اچي اھو خيال ٿيم تھ ڪنھن
نھ ڪنھن طرح پاڻ کي ظاھر ڪري، تنھنجي روبرو اچان ۽
توسان ساھيڙپ جو رستو رکان، ان ڪري اڄ آدمزاد جي
شڪل اختيار ڪري تو وٽ آئي آھيان. ھاڻي مون کي
توسان ساھيڙپ رکڻي آھي. سو ٻڌاءِ تھ تنھنجو ڪھڙو
خيال آھي؟ شھزادي پھرين تھ ٽٻيءَ ۾ پئجي وئي پر
پوءِ دل جھلي ساھيڙپ لاءِ ھائوڪار ڪيائين. آخرڪار
ٻئي ڄڻيون پاڻ ۾ ھاڻيون ماڻيون ٿينديون ويون. نيٺ
ھڪڙي ڀيري حسنا پريءَ چيس تھ: ادي! تنھنجي ساھيڙپ
۽ حسن جي ڳالھھ مون پنھنجي ماءُ ۽ ڀينرن سان ڪئي
آھي، جي پڻ توکي ڏسڻ لاءِ آتيون آھن، جي تون مون
سان گڏجي منھنجي گھر ھلين تھ توکي ڏسي منھنجا مائٽ
ڏاڍو خوش ٿيندا. شھزاديءَ پھرين تھ انڪار ڪيو. مگر
حسنا پريءَ جي گھڻي زور ڀرڻ تي ھائوڪار ڪيائين. ان
ڏينھن کان وٺي روانو ٻئي ڄڻيون اڏامندڙ تخت جي
وسيلي باغ مان اڏامي پرستان ۾ وينديون ھيون ۽ اتي
دل وندرائي وري بھ موٽي اينديون ھيون.
شھزادي اڄ ننڍي سڀان وڏي، نيٺ اچي لائق ٿي. بادشاھھ وٽ شھزاديءَ
جي سڱ لاءِ مٽيون مائٽيون اچڻ لڳيون، پر ھو
شھزاديءَ جو راض نھ ڏسي انھن کي جواب ڏئي ڇڏيندو
ھو، جنھن تي ٻين بادشاھن کي اچي ڪاوڙ لڳي ۽ ھن کي
چوائي موڪليائين تھ: جيڪڏھن تون ڌيءَ جو سڱ اسان
کي نٿو ڏين تھ ھڪدم جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيءُ!
بادشاھھ اھو پيغام ٻڌي اچي ڊنو تھ ھاڻي ڇا ڪجي؟ سو
انھيءَ غم کان اونڌي منجي ڪري وڃي رستي تي سمھي
پيو. خدا جي قدرت سان اتان اچي سؤ سامي مٽيا. جن
مان نوانوي سامي بادشاھھ جي منجي اورانگھي ويا،
باقي ھڪڙو سامي جو تمام جھوڙ پيرسن ھو ۽ سندس
پاپڙيون پئي ڏڪيون، سو ضد ڪري بيھي رھيو تھ: اي
آدمزاد! جي نھ اٿندين تھ آءٌ ڪڏھن بھ تنھنجي منجي
نھ اورانگھيندس. جنھن تي بادشاھھ جواب ڏنس تھ:
جيئن ٻيا نوانوي سامي ھتان مٽي ويا آھن، تيئن تون
بھ مٽي وڃ. پر ساميءَ نھ ٻڌس۽ چيائينس تھ: تون ڇا
جي ڪري ھن نموني اونڌي منجي ڪري اچي رستي تي پيو
آھين؟ ان تي بادشاھھ پنھنجي مصيبت جي ساري حقيقت
ٻڌايس ۽ چيائينس تھ: مصيبت ۾ گرفتار آھيان، ان ڪري
ئي ھتي اچي ستو آھيان. ان تي ساميءَ بادشاھھ کي
ٻانھن کان جھلي اٿاريو ۽ چيائينس تھ: اي بادشاھھ!
تنھنجي نياڻيءَ جي حسنا پريءَ سان ساھيڙپ آھي،
تنھن کي وڃي ٻڌاءِ تھ ھوءَ پنھنجو ديون جو لشڪر
وٺي اچي تنھنجي دشمنن کي ماري، تنھن کان پوءِ توکي
جيڪو بھ شھزادو وڻي، ان سان شھزاديءَ کي پرڻائي
ڇڏج. ھينئر جيڪڏھن سڱ ڏيندين ھڪڙي کي تھ وري ٻيا
توتي ڪاوڙبا ۽ لڙائي ڪري توکي ماري تنھنجو ملڪ ھٿ
ڪندا. بادشاھھ ساميءَ جي ڳالھھ ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽
رستي تان اٿي سڌو پنھنجي گھر ويو ۽ وڃي پنھنجي
نياڻيءَ جي پڇا ڪيائين، معلوم ٿيس تھ شھزادي باغ ۾
آھي. بادشاھھ پنھنجي راڻيءَ کي موڪليو تھ تون وڃي
ٻڌائينس تھ بادشاھھ تو وٽ باغ ۾ اچي ٿو. راڻي حڪم
ملندي اٿي باغ ۾ وئي، مگر ڳولا ڪرڻ تي بھ شھزادي
کيس نھ ملي، ڇاڪاڻ تھ ھوءَ حسنا پريءَ سان گڏ ويل
ھئي، تنھن ڪري واپس اچي بادشاھھ کي حقيقت ڏنائين.
بادشاھھ کڻي ماٺ ڪئي ۽ پنھنجي نياڻيءَ جي ملڻ لاءِ
انتظار ڪرڻ لڳو.
ٿوري دير مس گذري تھ شھزادي بھ پرستان کان واپس آئي. باغ ۾
پھچندي ئي کيس بادشاھھ جو پيغام مليو، سا سڌو
پنھنجيءَ ماءُ وٽ آئي، جا وري کيس بادشاھھ وٽ وٺي
آئي. بادشاھھ پنھنجي ڌيءَ کي پيار ڪري چيو تھ: آءٌ
توسان اڄ تنھنجي باغ ۾ ھلي ڳالھائيندس. پوءِ ھو
ٻئي گڏجي باغ ۾ آيا. جيئن باغ ۾ اندر گھڙيا تيئن
بادشاھھ جي نظر وڃي حسنا پريءَ تي پئي. فقير جي
ٻڌائڻ موجب بادشاھھ کيس سڃاتو ۽ پوءِ ٽئي ڄڻا
شھزاديءَ جي ويھڻ واري ٿلھي تي اچي ويٺا. اتي
بادشاھھ، حسنا پريءَ کي پنھنجي ڀر ۾ ويھاري کيس
حقيقت ٻڌائي، جنھن وڏيءَ خوشيءَ سان مدد جو دلاسو
ڏنو. بادشاھھ مدد جو ٻڌي نھايت خوش ٿيو ۽ واپس
پنھنجي درٻار ۾ اچي، پنھنجي ماڻھن ھٿان ٻين
بادشاھن کي پنھنجي جنگ ڪرڻ جو اطلاع ڪيو. |