سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-3

 باب:

صفحو :11

شھزادي جي چٺي پڙھي گل پري ڏاڍي خوش ٿي، سو يڪدم ٻانھيءَ جي ھٿان بادشاھھ کي نياپو موڪليائين تھ: ھاڻي آءٌ توسان شادي ڪرڻ لاءِ تيار آھيان. بادشاھھ اھا خبر ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ يڪدم شاديءَ جي تياريءَ ۾ لڳي ويو. انھيءَ وچ ۾ گل پريءَ ڇا ڪيو جو ساڳيءَ طرح ٻانھيءَ جي ھٿان ماني موڪلي ۽ ان ۾ چٺي وجھي ڇڏيائين تھ فلاڻي ڏينھن تون ھڪڙو ڀلو اٺ تيار ڪيو بيٺو ھج، آءٌ ايندس پوءِ پاڻ گڏجي ھليا ھلنداسين.

مقرر ڏينھن تي شھزادو ھڪڙو ڀلو اٺ وٺي آڻي محلات جي پٺئين دروازي وٽ بيھي رھيو، ڪيتري دير گذرڻ کان پوءِ خدا جي قدرت اھڙي ٿي جو شھزادي کي اچي ننڊ ورايو، سو اتي ئي کيس ننڊ کڻي وئي. اتفاق سان انھيءَ رات ھڪڙو چور، جنھن جو نالو کاپرو چور ھو، چوريءَ ڪرڻ لاءِ بادشاھھ جي محلات ڏانھن پئي آيو. اوچتو سندس نظر وڃي اٺ ۽ شھزادي تي پئي، سو دل ۾ چيائين تھ: ايڏانھن وڃي ڏسان تھ ڇا آھي. پير پير ۾ ڏئي اتي آيو ۽ وڃي ڏسي تھ ڪو شخص اٺ جي گوڏي تي ستو پيو آھي. چور ڏٺو تھ اٺ ڀلو آھي، اھو ضرور ھٿ ڪرڻ گھرجي. سو ڇا ڪيائين جو ڪھاڙيءَ سان ڊڀ وڍي، انھن جو مولھاٽو ٺاھي، شھزادي کي آھستي آھستي ڪري ھن جو مٿو گوڏي تان لاھي انھيءَ جي مولھاٽي تي رکيو ۽ اٺ آھستي آھستي... وٺي ٿورو پرڀرو وڃي بيھاريائين. شھزادو ائين ئي مولھاٽي تي ننڊ ۾ پيو ھو. چور اٺ وٺي دل ۾ خيال ڪيو تھ ھن بيگاھھ وقت ۾ جو ھتي سنڀريل بيٺو آھي، سو انھيءَ ۾ مڙيئي ڪو حساب رکيل آھي، ھاڻي گھڙي ساعت بيھي ڏسان تھ ڇا ٿو ٿئي. گھڙي کن گذري تھ ڏسي تھ پريان ھڪڙي سھڻي زال پئي اچي. راڻي بھ اٺ سينگاريل بيٺل ڏسي سمجھيو تھ شھزادو بيٺو آھي، سو تنھن نڪي پڇيو نڪي ڳاڇيو، سڌو اچي اٺ تي چڙھي ويھي رھي، ۽ چور کي چيائين تھ: ھاڻي ھل. چور کي لڳي وئي ساڄي، تنھن وٺي اٺ کي ھڪليو ھلندا ھلندا شھر کان ڳچ پنڌ پرڀرو ويا تھ اتي راڻيءَ چور کي چيو تھ: تنھنجو گھوڙو ۽ وزير ڪٿي؟ اتي چور ورندي ڏنس تھ: ڇا جو گھوڙو ڇا جو وزير، آءٌ تھ کاپرو چور آھيان. تنھنجا وزير ۽ گھوڙا اتي رھيا. گل پريءَ دل ۾ چيو تھ مون سان ويل ٿي ويو. پر ھاڻي ھن کان بھ جند ڇڏايان، سو چور کي چيائين تھ: ميان کاپرو چور ! ھيس تھ انھيءَ جي زال جنھن کان تون اٺ ڦري آيو آھين، پر ھاڻي ٺھيو ھينئر تنھنجي قبضي ۾ آھيان، سو تون ئي مونکي قبول آھين. ھاڻي منھنجي صلاح آھي تھ تون مونکي ھتي ويھاري پنھنجا مٽ مائٽ وٺي ڄڃ ڪري اچ تھ ھتان شادي ڪري ھلون....... ڇو تھ ائين تون مونکي وٺي ھلندين تھ چور ٿي پونداسين. اھا ڳالھھ چوري دل سان لڳي. سو گل پريءَ کي اتيئي.

.... گل پري اٺ تي سوار ٿي ۽ چور، شھزادي کي اتي ئي ستل ڇڏي، اٺ کي ھڪليو“....

ويھاري، پاڻ اٺ تي چڙھي، پنھنجي ڳوٺ ڏانھن ڄڃ وٺڻ لاءِ روانو ٿيو.

گل پري چور کي اماڻي ، پاڻ واپس شھر ڏانھن رواني ٿي. ھلندي ھلندي اچي ڏسي تھ ٻھ ٻڪرار بيٺا آھن. ٻئي ڄڻا گل پريءَ کي ڏسي اچي پاڻ ۾ وڙھيا. ھڪڙو چئي تھ ھن کي آءٌ پنھنجي زال ڪندس. ٻيو چوي تھ ھيءَ منھنجي زال آھي. ھنن کي ھڪٻئي ۾ اھڙيءَ طرح وڙھندو ڏسي گل پريءَ کين سڏي چيو تھ: توھان وٽ ڪيتريون ٻڪريون آھن؟ ھڪڙي چيو تھ: ستر کن آھن. ٻئي کان پڇيائين تھ: تنھنجون گھڻيون ٻڪريون آھن؟ جنھن چيو تھ: شڪر آھي، مون وٽ اسي کن ٻڪريون آھن. گل پريءَ اھو ٻڌي ھنن کي چيو تھ: ھاڻي توھين پاڻ ۾ وڙھي نھ مرو. ڪھاڙيون تھ توھان وٽ اھيئين آھن، توھين ٻئي ڄڻا انھن ڪھاڙين سان پنھنجون پنھنجون ٻڪريون مارڻ شروع ڪريو، پوءِ جيڪو توھان مان پنھنجون ٻڪريون اڳي ماري مون وٽ ايندو، آءٌ انھيءَ جي زال ٿينديس. ٻڪرارن اھو ٻڌي ڪھاڙيون ھٿن ۾ کڻي اچي ٻڪرين ۾ ٻاڪر ڪٽو وڌو. ٻڪرار لڳا ٻڪرين کي مارڻ ۽ گل پري وجھھ ڏسي اڳتي رواني ٿي وئي.

ھوڏانھن کاپرو چور خوشيءَ مان ھلندو ھلندو پنھنجي ڳوٺ ۾ آيو ۽ پنھنجا مٽ مائٽ گڏ ڪري کين چيائين تھ: ھڪڙي ڪنوار ھٿ ڪري  آيو آھيان، توھين ڀائر ڀينرون مون سان ڄڃ ڪري ھلو ۽ منھنجي شادي ڪري اچو. تڏھن سندس مائٽن وڏي ڄڃ کڻي ٺاھي ۽ ڇم ڇم ڪندا ڏاڍا دھل دماما وڄائيندا اچي اتي پھتا، جتي کاپرو چور گل پريءَ کي ويھاري ويو ھو. ڄڃ کي بيھاري کاپرو چور ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو، پر گل پري ھجي تھ ڏسجي. سو ڄڃ اڳيان اچي منھن مٿو پٽيائين، چي ھتي آءٌ پنھنجي ڪنوار  ويھاري ويو ھوس، الاجي ڪيڏانھن گم ٿي وئي. تنھن تي ماڻھن ڏاڍي جٺ ڪيس چي: عقل جا انڌا! ڪڏھن جھنگ ۾ ويھاريل ڪنوار بھ ماڻھو پرڻيا آھن؟ خير ڄڃ ھن کي جٺ ڦٺ ڪري واپس وئي. کاپرو چور بيھي پير نھارڻ لڳو، تھ ايتري ۾ شھزادو بھ اٺ جو پيرو کڻي اچي اتي پھتو. ھڪٻئي کان حال احوال ورتائون پھرين کاپرو چور پنھنجو احوال ڪيو. شھزادي سڄي ڳالھھ ٻڌي کيس چيو تھ: ادا! حيف اٿئي، اھا منھنجي زال ھئي. ھاڻي ھل تھ ٻئي ڄڻا پيرو کڻون. پوءِ ھي ٻئي پير کڻندا انھن ٻن ٻڪرارن وٽ اچي پھتا. ڏسن تھ ٻڪرين جا ڍير ڪٺا پيا آھن ۽ ٻھ ٻڪرار آھن جي ويٺا روئن، چور ۽ شھزادو ساڻن حالي احوالي ٿيا، ٻڪرارن کين سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي. جنھن تي شھزادي کين چيو تھ: اسين بھ ساڳي عورت جي ڳولا ۾ آھيون جي اسان سان ھلو تھ صلاح اٿو. ٻڪرارن چيس تھ: ھاڻي ھتي ويھڻ ڪھڙو؟ اسين بھ توھان سان آھيون پوءِ چارئي ڄڻا پيرو کڻندا اڳتي ھليا.

ھوڏانھن گل پري ويچاري ھنن ٻڪرارن کان جند ڇڏائي اچي سمنڊ جي ڀرسان پھتي، رات ٿي وئي ھئي سو ڪن وڻن جي جھڳٽن ۾ زمين ٻھاري ويھي رھي. اتفاق سان ڪناري تي ھڪڙي سوداگر جي غوراب اچي لنگر ھنيو. سوداگر غوراب مان لھي ڪناري تي چڪر ھڻڻ لڳو. ٿورو جھنگل ڏانھن ويو تھ وڃي گل پريءَ تي نظر پيس، جنھن جي سونھن ڏسي سوداگر حيران ٿي ويو. گل پريءَ کي جاڳائي خبرون چارون پڇڻ لڳس تھ: ڪير آھين ۽ ھن جھنگل ۾ ڪيئن ويٺي آھين؟ جنھن تي گل پري ابتيون سبتيون خبرون ٻڌايس، جن تي سوداگر کي ويساھھ اچي ويو ۽ کيس پنھنجي غوراب ۾ وٺي آيو ۽ کيس شادي ڪرڻ لاءِ چيائين. تنھن تي گل پريءَ ساڻس ھائوڪار ڪئي، ۽ چيائينس تھ: جيڪڏھن تو وٽ ڪي مردانا ڪپڙا ھجن تھ مونکي ڏي. سوداگر چيو تھ: ڪپڙا تھ گھڻا پر تون انھن کي ڇا ڪندينءَ؟ جنھن تي گل پريءَ چيو تھ: اھي ڪپڙا پائي آءٌ مردن جي شڪل ۾ توسان گڏجي ھلنديس، متان غوراب وارا ٻيا ماڻھو منھنجي سونھن تي عاشق ٿي توکي درياءَ ۾ ٻوڙي مون کي ھٿ ڪري نھ وڃن. سوداگر کي اھا صلاح دل سان لڳي، سو يڪدم وڃي مرداڻو لباس کڻي آيو. گل پري مرداڻو لباس ڍڪي، سوداگر کي سمجھائي ڇڏيو تھ غوراب وارا ٻيا ماڻھو منھنجي خبر توکان پڇن تھ تون کين چئجانءِ تھ ھي منھنجو سوٽ آھي جو ھتي ويجھو رھي ٿو ۽ ھتي مون سان انجامي ھو. پوءِ ٻئي ڄڻا غوراب تي اچي چڙھيا. سوداگر پنھنجي ھمراھن کي گل پريءَ جي سيکاريل خبر ڏئي بس ڪئي تھ گل پريءَ کيس چيو تھ: سوٽ! خبرون خير، آءٌ جتي اوھان کي گڏيو ھوس اتي منھنجي سوني ڦڻي وسري وئي آھي، سا آءٌ کڻي ٿو اچان. سوداگر چيو تھ: تون تڪليف نھ ڪر، آءٌ ٿو کڻي اچان. پريءَ چيو تھ: چڱو تون کڻي اچ. سوداگر ھيٺ لٿو ۽ پٺيان پريءَ غوراب ھلائڻ وارن ماڻھن کي چيو تھ: ھي مال اسان کي فلاڻي بادشاھيءَ ۾ ترت  پھچائڻو آھي، سو يڪدم غوراب ھاڪاريو. ھنن چيو تھ: وڏو سوداگر تھ اچي. پريءَ چيو تھ: يار! جھڙو اھو تھڙو آءٌ. آءٌ توھان جو پگھار ٻيڻو ڪندس، توھين ھلو. غوراب ھلائيندڙن پنھنجا ٻيڻا پگھار ٻڌي يڪدم کڻي غوراب ھاڪارايو. گل پري غوراب ھاڪاري اچي ھڪڙي ٻيءَ بادشاھيءَ ۾ پھتي. بندر تي لنگر ھڻي شھر گھمڻ وئي. اڃان بندر تان اڳڀرو وڌي تھ انھيءَ ملڪ جي بادشاھھ جو لاش منھن ۾ مليس، جو اتفاق سان انھيءَ ڏينھن مري ويو ھو. انھيءَ بادشاھھ کي اولاد ڪو نھ ھو، تنھن ڪري وزيرن ۽ اميرن کي وصيت ڪري ويو ھو تھ جڏھن منھنجي لاش کي دفن ڪرڻ لاءِ نڪرو، تڏھن جيڪو ماڻھو توھان کي پھرين منھن ۾ گڏجي انھيءَ کي آڻي تخت تي ويھارجو. خدا جي قدرت سان گل پري منھن ۾ ملين، سو اميرن ۽ وزيرن ھن کي آڻي تخت تي ويھاريو. چي: تون ھاڻي اسان جو بادشاھھ آھين ۽ اسين تنھنجي رعيت آھيون. گل پري بھ حڪومت جون واڳون ھٿ ڪري بادشاھھ بنجي ويھي رھي.

ھوڏانھن شھزادو، کاپرو چور ۽ ٻھ ٻڪرار پيرا کڻندا اچي درياءَ جي ڪپ تي سوداگر سان مليا. حالي حوالي ٿيڻ کان پوءِ چيائونس تھ: يار سوداگر! اسين بھ ساڳي سھڻيءَ جي پٺيان آھيون. ھاڻي ھل تھ ھلي ڳوليونس، جي قسمت ٿي تھ ملي پوندي نھ تھ ٺھيو. اھو فيصلو ڪري پنجئي ڄڻا رلندا رلندا نيٺ اچي انھيءَ شھر ۾ پھتا جتي گل پريءَ جي حڪومت ھئي. اتي سوداگر چيو تھ: ادا! آءٌ پھرين بندر تي وڃي پنھنجو غوراب تھ ڏسان، متان ھتي لٿي ھجي، توھين بھ ڀلي ھلو پوءِ سڀيئي بندرگاھھ تي آيا. سوداگر جو غوراب بيٺو ھو، سوداگر ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مٿي چڙھي ويو ۽ ملاحن کان خبر چار ورتائين ۽ پنھنجو مال گھريائين، پر انھن ھن کي سڃاتو ئي ڪو نھ، چي:ھل ڙي ھل، ڇا جو مال! اسان کي تنھنجو سوٽ دوکو ڏيئي ھتي ئي ڦٽو ڪري ويو آھي. اسان جو حساب ڪتاب اسان کي مليو ئي ڪونھي، تون آيو آھين مال وٺڻ. سوداگر ويچارو جھڙو ھو تھڙو ھيٺ لھي آيو. اتي ھنن پاڻ ۾ صلاح ڪئي تھ ھلو تھ ھلي ھن ملڪ جي بادشاھھ کي دانھن ڏيون، من اھو اسان جي مدد ڪري. سو ھي پنجئي ڄڻا بادشاھھ وٽ دانھن کڻي آيا، جا خود گل پري ھئي. گل پري ان وقت بادشاھي ويس ۾ ويٺي ھئي، سو ھنن ان کي نھ سڃاتو، پر راڻيءَ سڀني کي سڃاتو. پھرين سوداگر فرياد ڏنو، ۽ بادشاھھ کي پنھنجي سڄي ماجرا بيان ڪري ٻڌائي، ۽ کيس عرض ڪيائين تھ: سائين! مونکي غوراب وارن کان پنھنجو مال وٺي ڏيو. بادشاھھ ڪوٽوال کي حڪم ڏنو تھ: شاھي خزاني مان غوراب جي مزورن کي سندن مزوري ڏئي، انھن کان ھن سوداگر کي سندس مال وٺي ڏي. سوداگر دعائون ڪندو روانو ٿي ويو، وري ٻڪرارن پنھنجي پنھنجي دانھن ڏني تھ جيڪڏھن بادشاھھ سلامت انھيءَ عورت کي جھلائي اسان کي ڏئي تھ اسين پاڻھي کانئس حساب وٺنداسين. جنھن تي بادشاھھ پنھنجي خاص ماڻھو کي حڪم ڏنو تھ: خزاني جو دروازو کوليو وڃي، ان مان جيترو ھي ٻڪرار کڻي راضي ٿين، اوترو خزانو ھنن کي ڏنو وڃي. ٻڪرار بھ خزاني مان گھڻي دولت کڻي واپس روانا ٿي ويا. بادشاھھ، کاپرو چور جي نالي حڪم جاري ڪيو تھ: ھن کي موت جي سزا ڏني وڃي. تنھن کي جلادن وٺي وڃي پورو ڪيو. باقي رھيو شھزادو، تنھن لاءِ حڪم ڏنائين تھ: ھن کي وھنجاري سھنجاري شاھاڻي پوشاڪ پھرائي مون وٽ وٺي اچو. نوڪر شھزادي کي بنائي ٺاھي پوشاڪون پھرائي بادشاھھ وٽ وٺي آيا. بادشاھھ کيس پنھنجي محلات ۾ رھايو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org