سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-3

 باب:

صفحو :5

جڏھن رات ٿي تڏھن وزير زادي وري بھ ساڳي نموني وڃي، چاڪياڻيءَ جي ماڙيءَ واري ڪلھوڪي ڪنڊ وسائي. ساعت گذرڻ بعد ڪاڻو ديو بھ اچي سھڙيو. چاڪياڻي ديو کي ڏسڻ شرط ننھن کان چوٽيءَ تائين باھھ ٿي وئي، ۽ يڪدم ٻانھيءَ کي ھڪ رسو کڻي اچڻ لاءِ حڪم ڏنائين. ٻانھي رسو آندو تھ ھن يڪدم ڪاڻي ديو جي ڪنن کي وٺي، ان سان آڪيڙا چاڙھيا، جنھن تي ديو وٺي دانھون ڪيون. چاڪياڻيءَ چيس تھ: ڪميڻا، تون مون لاءِ ڪچا ۽ ڦڪا صوف ٿو کڻي اچين ۽ تنھنجي ماءُ گل سفيد پري منھنجي مڙس کي سٺا سٺا صوف چونڊي ڏئي وئي آھي. ڪاڻي ديو چيو تھ: خدا خدا ڪر، ڪٿي تنھنجو مڙس، ڪٿي گل سفيد پري! تنھنجو مڙس گل سفيد کي ڏسي تھ ھفتو ھوش نھ اچيس، سو ٿو سندس ھٿ جا صوف کائي! چاڪياڻيءَ چيو تھ: مون خود وٽس ھھڙا صوف ڏٺا آھن. اھو ٻڌي ڪاڻو ديو حيران ٿي ويو. نيٺ ھن چيو تھ: چڱو ھاڻي ھيئن ڪر، اٺين ڏينھن وري گل سفيد پريءَ جو ناچ آھي، تون ھڪ لوھو پڃرو ٺھرائي ڇڏ، تھ آءٌ توکي ان ۾ کڻي اتي ھلندس، پوءِ پنھنجي اکين سان گل سفيد پري تي لڳايل پھرو ڏسجانءِ. ديو ائين چئي مس مس پنھنجي جان ڇڏائي ھليو ويو. صبح جو چاڪياڻيءَ پڃرو ٺھرائڻ شروع ڪيو ۽ وزير زادي رات واري سموري حقيقت وڃي شھزادي کي ٻڌائي.

جنھن رات گل سفيد پريءَ جو ناچ ھو، تنھن رات ساجھرئي شھزادو ۽ وزير زادو ڳوھھ جي ذريعي ماڙيءَ تي چڙھي، انھي پڃري وٽ پھتا ۽ لڪي وڃي پڃري جي ھڪ ڪنڊ ۾ ويھي رھيا. ڪجھھ دير کانپوءِ ڪاڻو ديو اچي پھتو، تڙ تڪڙ ۾ چاڪياڻيءَ ۽ ان جي ٻانھيءَ کي پڃري ۾ ويھاري وٺي اڏاڻو ۽ وڃي انھيءَ باغ جي ڪنڊ ۾ پڃرو لاٿائين، جنھن ۾ گل سفيد پريءَ جو ناچ ٿيڻو ھو. ساعت بھ ڪا نھ گذري تھ ناچ شروع ٿيو. چمن باد تخت تي ويٺو ھو ۽ گل سفيد پريءَ سندس اڳيان پئي ناچ ڪيو. چاڪياڻي ۽ ٻانھي ويھي اھو تماشو ڏسڻ لڳيون، پر وزريزادي وڃي ڌوڪڙيءَ جو پاسو ورتو، جيڪو ننڊ سبب پورو تال مڪائي نھ رھيو ھو. وزير زادي ڌوڪڙيءَ کي چيو تھ:چاچا مونکي وارو ڏيندين؟ ڌوڪڙي تھ ان ڳالھھ لاءِ اڳيئي آتو ويٺو ھو، تنھن يڪدم ھن کي کڻي ڌڪڙ ڏنا. وزير زادي اھڙا تھ ڌڪڙ وڄايا جو گل سفيد مدھوش ٿي وئي. چمن باد بھ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ھڪڙو رومال، گل سفيد پريءَ تان گھوري کڻي ڌوڪڙيءَ ڏانھن اڇلايو. وزير زادي، ڌوڪڙيءَ کي لوڏو ڏئي جاڳائي ڌڪڙ سندس حوالي ڪري، شھزادي سميت وري وڃي پڃري ۾ لڪي ويھي رھيو.

ڌڪڙن جو مزو ٽٽو تھ ناچ بھ ڇٽو. مجلس پوري ٿي ۽ چمن باد خوش ٿي ديون ۽ پرين کي ڏاڙھن جو باغ بخشش ۾ ڏنو. ڪاڻي ديو پڃرو کڻي اچي چاڪيءَ جي ماڙيءَ ۾ لاٿو ۽ پوءِ پاڻ واپس موٽي ويو. چاڪياڻي ۽ سندس ٻانھي بھ وڃي ستيون ۽ شھزادو ۽ وزير زادو بھ ڳوھھ جي وسيلي لھي گھر روانا ٿيا.

چمن باد ديو جا جڏھن خمار لٿا، تڏھن پنھنجو رومال ياد پيس. گل سفيد پريءَ کي گھرائي، کانئس ان رومال بابت پڇا ڪيائين، جنھن پنھنجي اڻڄاڻائي ظاھر sڪئي. ڌوڪڙيءَ بھ چيو تھ:الائي ڪير ھو، جنھن ڌڪڙ پئي وڄايا، آءٌ تھ ننڊ ۾ ھوس. آخر چمن باد ڪاوڙجي حڪم ڪيو تھ: جي سڀ پريون ۽ ديو مونکي پنھنجو رومال ھٿ ڪري نھ ڏيندا تھ سڀني کي قيد ڪيو ويندو. اھو حڪم ٻڌي سڀڪو ڏڪي ويو. پوءِ تھ يڪدم رومال جي ڳولا شروع ٿي وئي.

ھوڏانھن وزير زادي ڇا ڪيو جو پنھنجي ماڙيءَ مٿان پلنگ رکي، اھو رومال وڇائي، تلوار ننگي ڪري، بيھي پھرو ڏيڻ لڳو. گل سفيد پري رومال جي جاچ ڪندي ڳوليندي ڳوليندي جڏھن وزير زادي جي ماڙيءَ مٿان آئي، تڏھن رومال ڏسي اتي لھي پئي. وزير زادي کي چيائين تھ: ڏانءَ تھ اھڙي جو آھين جو چيڻي چيڻي جيڏا داڻا ڪري ڇڏيانءِ. اسان جو جيئڻ ڏکيو ٿي پيو آھي ۽ تون رومال لڪايو ويٺو آھين. وزير زادي جرات ڪري چيو تھ: ڀلا انھيءَ رومال ۾ رکيو ڇا آھي، جو تون ايتري پريشان آھين؟ گل سفيد پريءَ چيو تھ توکي خبر نھ  آھي تھ ھي چمن باد ديو جو قيمتي رومال آھي. ھن رومال لاءِ ھو سڀ ديو پريون قيد ڪرڻ تي تيار ويٺو آھي. وزير زادي کلي چيو تھ: واھھ! خسيس رومال جي ڪري سڀئي اچي مصيبت ۾ پيا آھيو، پر منھنجي بادشاھھ وٽ رڳو پتليون آھن، انھن کي بھ اھڙا ڪپڙا آھن، پر سندس ٻھاريدار بھ اھڙا ڪپڙا پھريندا آھن. تنھنجو چمن باد ديو شايد ڪو سڃو سکڻو آھي! اھو ٻڌي پري عبرت ۾ پئجي وئي ۽ وزير زادي کي چيائين تھ: تون مونکي اھي پتليون ڏيکار. وزير زادي چيو تھ: مونکي ٻارھن مھينن جي مھلت ڏي، مان انھن پتلين جو تماشو توکي ڏيکاريندس. تون ڀلي پنھنجي چمن باد کي بھ وٺي اچجانءِ. گل سفيد پري چيو تھ: چڱو، ٻارھن مھينن کان پوءِ جي اھو تماشو نھ ڏيکاريئي، تھ ھي شھر غرق ڪري ڇڏينديس. وزير زادي وعدو ڏنو ۽ پري ھلي وئي.

وزير زادي، شھزادي کي سموري ڳالھھ ٻڌائي چيو تھ: ھاڻي ھن رومال جي سنڀال تنھنجي حوالي آھي. جي صحيح سلامت ”ٻاون پتليون“ ھٿ ڪيم تھ واھھ، نھ تھ ھن شھر جو بھ خير ڪونھي. اھو ٻڌي شھزادي کي تھ ڏاڍو ڏک ٿيو، پر ھاڻي ٿي ڪجھھ بھ نٿي سگھيو.

وزير زادو، خرزين ٽڪن جي ڀري روانو ٿيو. ڪيترن مھينن جي ساندھھ سفر کان پوءِ، ھڪڙي ڏينھن، ھڪڙي وڻ ھيٺان اچي سھڙيو. وطن کي ياد ڪري ڳوڙھا پئي وھايائين تھ ھڪڙي طوطي روئڻ جو سبب پڇيس. ھن انھيءَ طوطي کي پنھنجو سربستو احوال ٻڌايو. طوطي چيس تھ: مونکي وڌيڪ خبر ڪانھي، باقي ايترو ڄاڻان ٿو تھ اھو تماشو اسان جي قبيلي جو ھڪ طوطو ڪندو ھو. اھو ڏس ٻڌي وزير زادو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ جتي بھ ڪي طوطا ڏسندو ھو، اتي ويھي روئندو ھو. پر ڪيترن ڏينھن تائين ڪنھن طوطي ھن کي پڇيو ئي ڪين. ھڪ ڏينھن ھو جھنگ منھن ڪيو پئي ويو تھ ٻن ديون اچي سندس کنڀڙاٽين کان ورتو ۽ سڌو وڃي پنھنجي سردار وٽ حاضر ڪيائونس. وزير زادي سمجھيو تھ سندس حياتي پوري ٿي چڪي آھي. پر الله ۾ وڏو آسرو ھوس. ديون جي سردار حڪم ڏنو تھ، ھن کي شھزاديءَ جي محلات ۾ ڇڏي دروازو بند ڪري ڇڏيو. وزير زادو اتي وڃي ڏسي تھ ھڪ شھزادي، سڪي سڙي پئي آھي، رڳو سندس پيٽ وڏو آھي. ديون جي سردار پنھنجي ديو کي چئي ڇڏيو ھو تھ جي سڀاڻي تائين بچي تھ واھھ، نھ تھ سندس لاش کي کائي ڇڏين. وزير زادو سياڻو ھو، سمجھيائين شايد موت انھيءَ سڪي سڙي جي ھٿان نصيب ٿيندو، سو ترار مياڻ مان ڪڍي ڪجھھ پرڀرو ٿي بيھي رھيو. ويرم ڪانھ گذري تھ شھزاديءَ جو پيٽ وڌڻ لڳو. ايستائين جو نڪ سان اچي لڳس، ھيءُ مڙس بھ سنڀري بيٺو. شھزاديءَ جي وات مان ھڪ نانگ نڪتو ۽ وزير زادي تي سٽ ڪيائين، ھيءُ بھ خبردار ٿي بيٺو ۽ ڇال ھڻي اھڙي ترار ھنيائينس جو نانگ جي ڦڻ وڃي پري پئي. ھن نانگ کڻي ھڪ ڪنڊ ۾ رکيو ۽ پاڻ ھڪ کٽ تي لت ڏيئي سمھي رھيو. جڏھن صبح ٿيو تڏھن ديون اچي در کوليو ۽ شھزاديءَ کي خوش ڏسي وڃي پنھنجي سردار کي ٻڌايائون. ديون جي سردار وزير زادي کي حڪيم سمجھي گھڻي عزت ڏني ۽ پنھنجي ڌيءَ جي تندرستيءَ بابت کانئس پڇا ڳاڇا ڪرڻ لڳو. وزير زادي ديون جي سردار کي چيو تھ: مونکي پندرھن ڏينھن جو کاڌو پيتو ۽ ٻيو سامان ملي ۽ پندرھن ڏينھن تائين شھزادي جي محلات جو دروازو بھ نھ کوليو وڃي. ديون جي سردار ھن جي چوڻ جو يڪدم پورائو ڪيو.

ديو جي ڌيءَ جي ڪمزوري ختم ٿي. ھوءَ ھاڻي چڱيءَ طرح گھمي ڦري ٿي سگھي. وزير زادي ان ديوزاديءَ کي پنھنجي ڀيڻ ڪري سڏيو. جڏھن ديوزاديءَ ھن کان حال احوال پڇيو، تڏھن ھن سڄي ڳالھھ ڪري ٻڌايس. ديوزاديءَ چيس تھ: اھڙو طوطو برابر آھي، پر انکي منھنجي پيءُ قيد ڪري ڇڏيو آھي. نھ طوطو ٻاون پتلين جو تماشو ٿو ڏيکاري ۽ نھ وري بابو بھ آزاد ٿو ڪريس. تو مونکي چڱو ڀلو ڪيو آھي، منھنجو پيءُ ضرور توکي انعام ڏيندو. تون ٻيو ڪجھھ بھ نھ گھرج، رڳو اھو طوطو گھرجئين. جي ڀاڳ چڱو ھوندءِ تھ طوطو ملندءِ؛ ۽ جي قسمت پٺيري ھوندءِ تھ پوءِ بابو منڍي مروڙي ڇڏيندءِ. پندرھن ڏينھن پورا ٿيا تھ ديون جي سردار ھنن جو دروازو اچي کوليو، پنھنجي ڌيءَ کي بلڪل چاق چوبند ۽ خوش ڏسي، پاڻ بھ نھايت خوش ٿيو ۽ ان خوشيءَ ۾ ھڪڙو تمام وڏو جشن ڪيائين سردار وزيرزادي کي چيو تھ: گھر، جيڪي گھرڻو ھجئي. وزيرزادي عرض ڪيو تھ: سائين! مونکي اھو طوطو کپي جيڪو تو وٽ قيد آھي. سردار اھو ٻڌي ڪاوڙجي ويو ۽ خار مان چيائينس تھ: انھيءَ ڳالھھ تان لھي وڃ نھ تھ منڍي مروڙي سٽيندوسانءِ. وزيرزادي بھ ھمٿ ڪري چيو تھ: سائين! منڍي ڀلي مروڙ، پر وٺندس تھ اھو طوطو وٺندس. سردار چيس تھ: مون وعدو ڪيو آھي تھ جيستائين طوطو تماشو نھ ڏيکاريندو، تيستائين کيس ڪو نھ ڇڏيندس؛ تنھنڪري تون اھو ضد نھ ڪر. باقي ٻيو جيڪي وڻئي سو گھر. وزيرزادي چيس تھ: سائين، ٻيو الله جو ڏنو سڀ ڪجھھ اٿم، جي ڏين تھ اھو طوطو ڏي. سردار ٿڌو شوڪارو ڀري، ديون کي حڪم ڪيو تھ: طوطو ھن کي آڻي ڏيو ۽ جتي چوي اتي ڇڏي اچوس. پوءِ وزريزادي کي ٻيو بھ گھڻو انعام ڏنائين. وزيرزادو طوطو کڻي موڪلائي پنھنجي وطن روانو ٿيو. ديو ھن کي کڻي ھڪڙي ھنڌان لنگھيا تھ طوطي جي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا. وزيرزادي طوطي کان جڏھن روئڻ جو سبب پڇيو، تڏھن طوطي ٻڌايو تھ: ھيءَ منھنجي جوءِ ھئي ۽ ھتي آءٌ سڄو ڏينھن گھمندو ڦرندو وتندو ھوس. اھو ٻڌي وزيرزادي کي طوطي تي رحم اچي ويو ۽ کيس پڃري مان ڪڍي ڇڏيائين ۽ چيائينس تھ: تون تھ وڃي سکيو ٿي، اسان جو ڀاڳ اسان سان. طوطو خوش ٿي اڏامي ويو، پرڪجھھ پرڀرو وڃي، ڪجھھ ويچاري وري وزيرزادي وٽ موٽي آيو ۽ ھن کان پڇيائين تھ: اھا ڳالھھ ٻڌاءِ تھ تون مونکي ڪھڙي سبب ديو کان آزاد ڪرايو ھو؟ وزيرزادي سڄي ڳالھھ ڪري ٻڌايس. طوطي چيس تھ: ديون کي حڪم ڪر تھ تنھنجو تخت ھيٺ رکن. ديون وزيرزادي جي حڪم ڪرڻ تي تخت کي ھڪڙي وڻ ھيٺان لاٿو، پوءِ ھن وزيرزادي کي چيو تھ ٻاونجاھھ لڪڙيون ڀڃي وٺ. طوطي جي چوڻ تي ھن جھٽ پٽ ٻاونجاھھ لڪڙيون ڀڃي ورتيون ۽ ان جي حڪم سان ٻاونجاھھ مٽيءَ جون ڍڳيون پڻ بنايائين ۽ ھر ھڪ ڍڳيءَ ۾ ھڪ ھڪ ڪاٺي کوڙيائين. ان کان پوءِ طوطي سڀني کي پنھنجون اکيون ٻوٽڻ لاءِ چيو. وزيرزادي ۽ سڀني ديون طوطي جي چوڻ مطابق پنھنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ جڏھن ھنن وري طوطي جي چوڻ تي اکيون کوليون تھ سڀ لڪڙيون گم ٿي ويو. جھٽ ڪا نھ گذري تھ ھڪ ٻھاريدار اچي ميدان صاف ڪرڻ لڳو. وزيرزادي ڏٺو تھ ھن کي اھڙائي ڪپڙا ھئا جھڙو چمن باد ديو جو رومال ھو. وري ويرم ڪا نھ گذري تھ ھڪڙو پخالي اچي پھتو ۽ ڇڻڪار ڪرڻ لڳو، انکي بھ ساڳئي رومال جھڙي پوشاڪ پيل ھئي. ان بعد طبلچي ۽ سارنگي وارا آيا، جن کي بھ ساڳئي قسم جي پوشاڪ پھريل ھئي. پوءِ تھ اچي ناچ شروع ٿيو، جو گھڻي وقت تائين ھليو. وزيرزادي کي پڪ ٿي تھ اھڙو ناچ اڄ تائين گل سفيد پري تھ ڇا، پر ڪنھن کي بھ ڏسڻ نصيب نھ ٿيو ھوندو. آخر ناچ ختم ٿيو ۽ سڀ پتليون اڏامي ھليون ويون. طبلچي، سارنگي وارو ۽ ماشڪي ھليا ويا. طوطي انھن کي وري پنھنجون اکيون ٻوٽڻ لاءِ چيو. اکيون ٻوٽي وري کوليائون تھ ٻاونجاھھ لڪڙيون ميدان ۾ موجود ھيون. طوطي وزير زادي کي چيو تھ: ھي لڪڙيون پاڻ سان کڻي وڃ ۽ مون وانگر وڃي پتيلن جو تماشو ڪجئين.

وزيرزادي اھي ٻاونجاھھ ئي لڪڙيون پاڻ سان کڻي، ديون جي مدد سان وڃي گھر پھتو اتي ڏسي تھ شھزادو ويچارو اڃا تائين رومال تي خود پھرو ڏئي رھيو آھي. شھزادي جڏھن پنھنجي دوست وزيرزادي کي صحيح سلامت موٽي آيل ڏٺو، تڏھن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سندس ڪاميابيءَ تي کيس تمام گھڻيون مبارڪون ڏنائين. وزيرزادي کيس چيو تھ: ھاڻي وڃي عيش ڪر، اسان ڄاڻون اسان جو ڪم.

اڃا ٻارھن مھينن ۾ اٺ ڏينھن پيا ھئا تھ گل سفيد پري وري اچي رومال وٽ لٿي ۽ وزيرزادي کي پتلين جي تماشي ڏيکارڻ لاءِ سندس ڪيل واعدي جي يادگيري ڏياري. وزريزادي چيس تھ: وقت تي سڀ ڪجھھ ٿي ويندو. آخر واعدي جو ڏينھن بھ اچي ويو. ڪوھن ۾ ميدان صاف ٿي ويو ۽ سڄو شھر انھن پتلين جي تماشي ڏسڻ خاطر اچي گڏ ٿيو. ديو ۽ پريون بھ ھڪ وڏي ڪٽڪ جي صورت ۾ چمن باد ۽ گل سفيد سان گڏ تماشو ڏسڻ لاءِ آيون. چاڪياڻي بھ پنھنجي ٻانھيءَ سميت ھڪ ڪنڊ ۾ اچي ويٺي.  شھزادي جي کٽ جي ڀرسان گل سفيد ۽ چمن باد جي کٽ پيل ھئي. تماشو شروع ٿيو. وزيرزادو جڏھن ٻاونجاھھ لڪڙين کي ميدان ۾ کوڙڻ لڳو تھ سڀ ماڻھو ان کي مذاق سمجھڻ لڳا. ديو ۽ پريون بھ ڪاوڙ وچان اڀري آيون؛ پر ٿوريءَ دير بعد جڏھن ٻھاريدار اچي لٿو، تڏھن ان جا ڪپڙا ڏسي، ديون ۽ پرين جا تھ ڏند ئي چپن سان لڳي ويا. وري ماشڪيءَ کي بھ ساڳي پوشاڪ پھريل ڏٺائون. نيٺ سڀ پتليون اچي ويون ۽ تماشو شروع ٿي ويو.

چمن باد ديو جڏھن ٻاون پتلين جو عيجب و غريب ناچ ڏٺو، تڏھن موج ۾ اچي گل سفيد پريءَ جي چيلھھ ۾ ھٿ وجھي، اھا گھوري کڻي شھزادي ڏانھن اڇلائي. شھزادي بھ کڻي گل سفيد کي پنھنجي پاسي ۾ ويھاريو. آخر تماشو پورو ٿيو ۽ پتليون اڏامي گم ٿي ويون. وزيرزادي سڀ لڪڙيون ميدان مان ميڙي، پاڻ وٽ قابول ڪري رکيون. جڏھن چمن باد ديو جا ھوش حواس جاءِ ٿيا تڏھن گل سفيد پريءَ کي پاڻ ڏانھن سڏ ڪيائين. گل سفيد پريءَ اتان ئي چيس تھ: تون مونکي گھوري شھزادي کي ڏنو آھي، ھاڻي مان شھزادي جي آھيان. چمن باد ديو گھڻو ئي چيو، پر سڀني سڌي سڌي ٻڌائي. جڏھن سڀ ديو ۽ پريون موٽي ويون تڏھن شھزادو بھ گل سفيد پريءَ کي پاڻ سان وٺي محلات ڏانھن وڃڻ لڳو. ھي ٻئي جڏھن چاڪياڻيءَ وٽ پھتا، تڏھن چاڪياڻيءَ شھزادي کي عرض ڪيو تھ: مونکي بھ پاڻ سان وٺي ھل، پر وزير زادو، جيڪو پٺيان پئي آيو، تنھن چيس تھ: ھل ڙي ھل، تو جھڙي تيلڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي. تون وڃي ڪاڻا ڳول! چاڪياڻي اھو ٻڌي، منھن مٿو پٽيندي گھر ھلي وئي ۽ شھزادو گل سفيد پريءَ سان شادي ڪري عيش ماڻڻ لڳو.

4 – پيترول پري*

ڪنھن زماني ۾ ھڪڙو بادشاھھ ھو، جنھن کي اولاد ڪو نھ ٿيندو ھو. ڪئين پير فقير پڇيائين پر سندس دل جي مراد پوري ڪا نھ ٿي، نيٺ ھڪڙي ڏينھن شھر جي ٽِواٽي تي منجي اونڌي ڪري وڃي سمھي پيو. خدا جي قدرت سان اتان ھڪڙو فقير  اچي لانگھائو ٿيو، جنھن ھن کي چيو تھ: اي شخص! رستو ڏي تھ لنگھي وڃان. بادشاھھ چيس تھ: فقير! منھنجي مٿان لنگھي وڃ. فقير چيس تھ: ائين ڪو نھ ٿيندو! ڀلا ٻڌاءِ تھ توکي ڪھڙي تڪليف آھي، من آءٌ تنھنجي مدد ڪري سگھان. پر بادشاھھ چيس تھ: تون ان ڳالھھ کي ڇڏي ڏي، پنھنجو دڳ وٺ. فقير، بادشاھھ تي ڏاڍو زور رکيو تھ: دل جو حال ٻڌاءِ. آخر بادشاھھ چيس تھ: آءٌ دل جو حال ان کي ٻڌائيندس، جيڪو منھنجي مراد پوري ڪندو. فقير چيس تھ: خدا تي رک تنھنجو ڪم ٿيندو. تنھن تي بادشاھھ سڄي حقيقت فقير کي ٻڌائي. فقير ڳالھھ ٻڌي ڪجھھ وقت ٻڏي ويو، ساعت رکي وراڻيائين تھ: توکي اولاد ڄمندو، پر ھو اڃا پيٽ ۾ ئي ھوندو تھ تون مري ويندين، تنھنجي مرڻ کان پوءِ تنھنجي گھر ۾ رکيل دنيا بھ ٺڪر ڀتر ٿي ويندي. جيڪڏھن اِھا ڳالھھ قبول ڪرين تھ آءٌ توکي دعا ڪريان. بادشاھھ فقير کي چيو تھ: مونکي تنھنجا شرط قبول آھن. تنھن تي فقير ڌڻيءَ جي درگاھھ ۾ بادشاھھ لاءِ دعا گھري، جا قبول پئي.

ڪن ڏينھن کان پوءِ راڻي اميد واري ٿي. اڃا کيس نائون مھينو ھو تھ بادشاھھ مري ويو، ۽ سندس سڀ دنيا سڙي ٺڪر ڀتر ٿي وئي. ڏھن مھينن گذرڻ تي راڻيءَ کي پٽ ڄائو، پر ھن وٽ پئسو وغيره ڪجھھ ڪو نھ بچيو ھو، تنھنڪري کيس پورھيو ڪري پيٽ پالڻو پيو. شھزادو اڄ ننڍو سڀاڻي وڏو، اچي جوان ٿيو. سو روز صبح جو رسو ۽ ڪھاڙي کڻي ڀر واري ٻيلي ۾ ڪاٺيون ڪرڻ لاءِ ويندو ھو، جيڪي وڪڻي ٻئي ماءُ پٽ گذران ڪندا ھئا. ٻيلي ۾ ٻيا بھ ڪاٺير ڇوڪرا ايندا ھئا، تن پاڻ ۾ صلاح ڪئي تھ، ھي بادشاھي ٻار، متان ڪنھن وقت اسان کي ڪاٺين ڪرڻ کان منع نامون ڏياري، تنھنڪري ڪا تجويز ڪري ھن جو اچڻ بند ڪجي. اھا صلاح ڪري شھزادي کي چيائون تھ: شھزادا! تنھنجي پيءُ جون ست ڪوٺيون ناڻي جون ڀريون پيون آھن، تنھنجي ماءُ توکي اتان رقم نٿي ڏئي ۽ تو جھڙي شھزادي کان ڪاٺيون ٿي ڪرائي. شھزادي اچڻ سان ماءُ کان خزاني جي ڪوٺين جون ڪنجون گھريون. تنھن تي ماڻس چيس تھ: ابا! اھا ساري دنيا ٺڪر ڀتر ٿي وئي آھي. پر ھن اعتبار نھ ڪيو ۽ کانئس ڪنجيون وٺي، وڃي پنھنجي اکين سان ڏٺائين.

ٻئي ڏينھن شھزادو وري بھ رسو کڻي ڪاٺين ڪرڻ لاءِ ٻيلي ۾ ويو تھ وري ڪاٺيرن ساڳيو طعنو ھنيس. جنھن تي ھن کين جواب ڏنو تھ: ادا! بابي واري اھا سموري دنيا ٺڪر ڀتر ٿي وئي آھي. ڇوڪرن چيس تھ: جي اھا دنيا ٺڪر ڀتر ٿي وئي تھ ڇا ٿيو. تنھنجي پيءُ جون ڪيترن واپارين وٽ ڌراوتون رکيل آھن، جيڪڏھن تون انھن سان وڃي حساب ڪتاب ڪرين، تھ بھ تنھنجا لکھا روپيا انھن ڏانھن نڪرندا. ٻئي ڏينھن شھزادو ماءُ کان بنديون وٺي واپارين سان حساب ڪتاب ڪرڻ ويو، پر خدا جي قدرت جنھن سان بھ ليکو ڪري تھ پاڻ تنھن جا پئسا بادشاھھ ڏانھن بقايا پيا نڪرن. اتان بھ نااميد ٿي واپس آيو.

وري بھ شھزادو رسو کڻي جھنگ ۾ ڪاٺين لاءِ ويو، اتي ڪاٺيرن شھزادي کان حقيقت پڇي. شھزادي کين سڄي ڳالھھ ڪري ٻڌائي. تنھن تي انھن چيو تھ: فلاڻي بادشاھھ ڏي تنھنجي پيءُ جي ڍل رھيل آھي، اھا ئي لکين رپيا ٿيندي.، جي اھا وصول ڪرين تھ بھ چڱو.

ٻئي ڏينھن شھزادي ماءُ کي چيو تھ: آءٌ فلاڻي بادشاھھ کان ڍل اڳاڙڻ ٿو وڃان، مونکي موڪل ڏي تھ ٿي اچان. ماءُ ڇڏيس ئي نھ پئي، پر شھزادو بھ پنھنجي ڳالھھ تان نھ لٿو. نيٺ ماڻس کيس وڃڻ جي اجازت ڏني ۽ واٽ لاءِ کيس چار مانيون پچائي ڏنيون، جي ھن ٻڌي پاڻ وٽ سوگھيون ڪيون.

ماءُ کان موڪلائي توڪلائي اٿي پنڌ پيو، ھلندي ھلندي جڏھن پھرين منزل تي پھتو، تڏھن اتي ترسي ساھي کنيائين ۽ ماني ڪڍي کائڻ وارو ھو تھ ڪو فقير از غيبي اچي اتي ظاھر ٿيو ۽ کيس چيائين تھ: ڇوڪر! بکيو آھيان ماني ڏي. شھزادي اڌ مانيءَ جو ڏنس پر فقير اڌ ماني قبول نھ ڪئي. جنھن تي ھو سڄي ماني فقير کي ڏئي، پاڻ جھڙو ھو تھڙو اٿي پنڌ پيو. ھلندي ھلندي اچي ٻيءَ منزل تي پھتو، اتي بھ ساڳيءَ طرح ماني کائڻ مھل ھڪڙو فقير اچي پھتو ۽ سڄي ماني وٺي رمندو رھيو ۽ ھيءَ ويچارو بکيو ئي رھيو. ساڳيءَ طرح ٽئين منزل تي بھ فقير اچي نڪتو جنھن کي ھن از خود سڄي ماني ڏني. قصو ڪوتاھھ. چوٿين منزل تي باقي رھيل ماني بھ فقير کي ڏئي پاڻ بکن ۾ پاھھ ٿيندو اچي انھيءَ بادشاھھ جي ڪچھريءَ ۾ پھتو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org