صبح ٿيو تھ ميھار گل شھزادي وٽ پھچي ويو. ان کي سڄي حقيقت اچي
ٻڌايائين. شھزادي يڪدم تيار ڪئي. اتي ھڪڙي ھاريءَ
شھزادي کي اچي عرض ڪيو تھ: جيئندا قبلا! منھنجي
ٻنيءَ جو ريج سڪيو ٿو وڃي، مون کي پوکڻ لاءِ آھر
جو ٽويو ملي. شھزادي خيال ڪيو تھ اڳو پوءِ خير جو
ڪم ڪري پوءِ گل پريءَ ڏانھن وڃان. آھر جي ڳولا ۾
شھزادي ماڻھو ڊوڙايا، جن اڌ ڏينھن کان پوءِ آڻي
آھر حاضر ڪئي. ھاريءَ کي آھر ملي وئي، جا کڻي
روانو ٿيو. شھزادي کي اتي گھڻي دير ٿي وئي تنھن وچ
۾ جادوگرياڻي جنھن جي ننڊ رات ڏينھن ڦٽي پئي ھئي،
تنھن جادو ھڻي ڏٺو تھ گل تيار ٿي ويو آھي، ان ۾ گل
پري بھ سرجي وئي آھي. سو ڇا ڪيائين جو جادوءَ سان
اڏند کٽولي ٺاھي، نوڪرن کي گھرائي، انھن کي ھزار
روپيا انعام ڏئي چيائين تھ: ھن اڏند کٽوليءَ تي
چڙھي، فلاڻي ھنڌ جھنگل ۾ ھڪڙو ڏاڙھونءَ جو وڻ بيٺل
آھي، جنھن ۾ ڪلف ڪنجيءَ سان ھڪڙو ڏاڙھون پيو لٽڪي
ان کي پاڙ سوڌو پٽي مون کي آڻي ڏيو. نوڪرن وڃڻ سان
وڻ کي پٽي، ڪلف ڪنجي سوڌو آڻي جادوگرياڻي کي ڏنو.
گل شھزادو ۽ ميھار اچي جھنگل ۾ پھتا. ڏسن تھ مار! وڻ ڪو پاڙ
سوڌو ڪڍي ويو آھي. ھي ارمان کان بيھوش ٿي ڪري پيا.
اتي گھڻي رات گذري وين. ان وڻ وٽ ڪي ٻھ پکي، مامو
۽ ڀاڻيجو اچي ويٺا. مامي ڀاڻيجي کي چيو تھ: پٽ! ڪا
ڳالھھ کڻ تھ رات گذري. تنھن تي ڀاڻيجي، مامي کي
چيو تھ: ماما! تون وڏو آھين، تنھن ڪري ڪا اھڙي
ڳالھھ کڻ جنھن جي ٻڌڻ مان ھنن زماني جي ستايلن کي
ڪا فرحت اچي. اتي مامي ڳالھھ شروع ڪئي تھ: ابا!
تازو ھن گل شھزادي کان ڪلف ڪنجيءَ سميت گل پري
نڪري وئي آھي، جنھن جي سسي ۽ ٻيا عضوا، ھن گھاٽي
جھنگل ۾ پيل آھن. جيڪڏھن ڪو بھ ماڻھو ان جي سسي ۽
عضوا کڻي زمين ۾ پوري، ان کي پاڻي ڏيندو تھ ان مان
ڏاڙھونءَ جو وڻ سرجندو. ۽ آخر اھو گل ڪڍندو، جنھن
مان ڪلف ڪنجيءَ سان ڏاڙھون پيدا ٿيندو، ان ۾ گل
پري سرجندي. اڄ ايتري ڳالھھ سڀاڻي وڌيڪ.
ميھار ۽ شھزادي پکين جي اھا ڳالھھ ٻڌي، يڪدم اٿي جھنگل ۾ ويا تھ
اتي کين تجلي ڏسڻ ۾ آئي. ڏسن تھ برابر سسي پئي
آھي. ان کي کڻي پنھنجي آستان تي آيا ۽ ھڪڙي کڏ
کڻي، ان ۾ سسي پوري ان کي پاڻي ڏيڻ شروع ڪيائون.
ٿورا گھڻا ڏينھن گذريا تھ ان ھنڌ ھڪڙو ڏاڙھون جو
وڻ پيدا ٿيو، آخر ان ۾ گل پيدا ٿيو، تنھن ۾ ڪلف
ڪنجيءَ سان ڏاڙھون بنيو، ان ۾ گل پري سرجي پئي.
جڏھن پري سرجي لائق ٿي، تڏھن ھنن پاڻ ۾ صلاح ڪئي
تھ ھن ڏاڙھون تي چوڪي ڏيڻ لازم آھي، جا رات ڏينھن
پئي ھلي. پوءِ ھنن چوڪيءَ جو ڪم شروع ڪيو.
ھوڏانھن وري جادوگرياڻي جادو ھلائي ڏٺو تھ کيس خبر پئي تھ سسيءَ
مان ڏاڙھون جو وڻ پيدا ٿيو آھي، ان ۾ ڪلف ڪنجيءَ
سان ڏاڙھون بنيو آھي، جنھن ۾ پري سرجي وئي آھي. ھن
خيال ڪيو تھ آءٌ ميس! سو وري بھ نوڪرن کي حڪم
ڪيائين تھ، ٻھ ھزار روپيا اوھان کي انعام ڏيان ٿي،
رڳو اھو ڏاڙھون، ڪنجيءَ ڪلف سوڌو مون وٽ کڻي اچو
تھ باھھ ۾ ساڙي ڇڏيان. نوڪر حڪم جا بندا ٻيو وري
انعام جي لالچ سي اتي ويا. ڏاڙھونءَ تي چوڪي شروع
ھئي. جڏھن چوڪي ختم ٿي، تڏھن نوڪرن بھ انھيءَ
ڏاڙھونءَ کي ڪلف ڪنجيءَ سميت پٽي اڏند کٽوليءَ ۾
وجھي آڻي جادوگرياڻيءَ کي ڏنو. انھيءَ آڙاھھ تي
اڳئي تيار ڪرائي ڇڏيو ھو، سو ڏاڙھون وٺي پريءَ کي
چيائين تھ: تون پري ڪانھ آھين. پريءَ جواب ڏنس تھ:
ادي! آءٌ پري آھيان، جادوگرياڻي چيس تھ: توسان ٻھ
– ٽي ڀيرا تعديون بھ ٿيون آھن، تھ بھ اڃان جيئري
آھين! پريءَ جواب ڏنس تھ: بچائيندڙ بچائي تھ
جوھيندڙ ڀلي جک ماري. تون ڪيترو بھ مارڻ جي ڪوشش
ڪرين پر حياتي بچائڻ وارو ويجھو آھي. اھو ٻڌي
جادوگرياڻي کي وڌيڪ ڪاوڙ لڳي، سو کيس کڻي باھھ ۾
اڇلايائين. ھوءَ تھ ھئي پريءَ جو ٻچڙو، سا ڀڙڪو
ڏئي ٿي رواني. مگر ائين چوندي وئي تھ: ھاءِ کامان
ٿي.
ٿوريءَ دير بعد گل شھزادو ۽ ميھار جان اچي ڏسن تھ گل پري آھي ئي
ڪا نھ. تن جون متيون منجھي ويون. ٻئي ڄڻا اونڌيون
منجيون ڪري ڪري پيا.ڪجھھ وقت کان پوءِ ساڳيا اھي
ٻھ پکي اچي ويٺا، تن پاڻ ۾ وري گفتگو شروع ڪئي.
ننڍي چيو وڏي کي تھ ماما! اھڙي ڪا ڳالھھ کڻ جو
ڏکويلن جي دل کي تسلي اچي. وڏن کان سواءِ ويھون بھ
پوريون ڪو نھ ٿيون ٿين. تڏھن ان پکيءَ وري ھن ريت
ڳالھھ شروع ڪئي تھ: اھا پري اڏند کٽوليءَ ۾ کڄي
وئي، جنھن کي ساڙيائون ٿي، مگر قادر جي قدرت سان
ان جو بچاءُ ٿي ويو. ھوءَ ائين چوندي وئي تھ: ھاءِ
ڙي گھوڙا، سڙان ٿي، کامان ٿي! ھاڻي جيڪڏھن ان جو
عاشق ان کي ڏوري وڃي ڏسندو تھ طالب کان مطلوب پري
نھ آھي. ”ڏورينديون ڏسن جڏھن ڪڏھن پرينءَ کي“. پٽ!
اڄ اھا سڀان ٻي. پکي ڳالھھ ڪري اڏامي ھليا ويا.
شھزادو ۽ ميھار پکيءَ جي ڳالھھ ٻڌي ڪلمون پڙھي
اٿيا. پاڻ ۾ چيائون تھ: پري اڃا جيئري آھي، موليٰ
ڪندو تھ ڪڏھن نھ ڪڏھن ميلو ٿي ويندو.
گل شھزادو ھاڻي پريءَ جي ڳولا ۾ اڇي ۽ ڳاڙھي جا گھوڙا ڀرائي
روانو ٿيو. منزلون ڪندو ڪندو نيٺ اچي انھيءَ ساڳئي
ساميءَ جي باغ وٽ پھتو. ڏسي تھ سامي ستو پيو آھي ۽
باغ سڪو پيو آھي. ھي بيھي باغ جي خدمت ڪرڻ لڳو،
ڇھھ مھينا باغ جي خدمت ڪيائين تھ باغ سر سبز ٿي
ويو. سامي بھ ننڊ ڪري اٿيو ۽ پنھنجو باغ بھاريءَ ۾
ڏسي ھڪل ڪيائين تھ: ڪير بھ ھجين تھ ھڪدم اچي حاضر
ٿيءُ، نھ تھ تنھنجو خير نھ آھي. اتي گل شھزادو
ڊوڙي اچي ساميءَ جي قدمن تي ڪريو. ساميءَ پڇيس تھ:
ڇا گھرجئي؟ گل شھزادي چيو تھ: سائينءَ جي سربخت جو
خير – مونکي الله جو ڏنو سڀ ڪجھھ آھي. توھان
مھرباني ڪري گل پري مونکي ھٿ ڪري ڏني ھئي، مگر
بدقسمتي کان مون کان ھلي وئي ھاڻي وري بھ توھين ڪو
مون سان وڙ ڪندؤ تھ واھھ، نھ تھ آءٌ مري ويندس،
اھو عرض آھي جو اگھامي. ساميءَ چيو تھ: تر جي گھٿي
سؤ چوٽون کائي، مون توکي ڪيترو سمجھايو بھ ھو، مگر
تو نھ سمجھيو. ھاڻي ٺھيو ڇھھ مھينا مون وٽ ويھي
علم پڙھھ تھ پوءِ آءٌ توکي پريءَ تائين پھچايان.
پوءِ تھ گل شھزادو پڙھڻ کي لڳي ويو. جڏھن پڙھڻ سکڻ
واري مدت پوري ٿي، تڏھن استاد کي چيائين تھ: ھاڻي
مونکي گل پريءَ تائين پھچايو.
ساميءَ چيس تھ: تختي پير مرد جي ۽ نقش سليماني پڙھي پنھنجي پاڻ
تي ڦيڻو وجھھ، تھ ڏس پنھنجو رنگ. ھن ائين ڪيو تھ
ھڪڙو زبردست ديو بنجي پيو. ھاڻي وري ٻيو اسم اعظم
جيڪو توکي سيکاريو اٿم، اھو پڙھي پاڻ تي شوڪار. ھن
اھو پڙھي پاڻ تي دم ڪيو تھ جھڙو اڳي ھو تھڙو ٿي
پيو. پوءِ چيائينس تھ: ھاڻي وڃ، پري ساڳئي محلات ۾
رھي ٿي ھن تي ڪئين جن، ديو ۽ پريون پھرو پيا ڏين ۽
مٿس سڄو ڏينھن پاڻي پيا اوتين، تھ بھ ھوءَ ائين
پئي چوي تھ ھاءِ گھوڙا ڙي کامان ٿي! تون جڏھن اتي
پھچين، تڏھن ٻئي ڪنھن جن ديو کان پاڻي متان گھرين،
پر ان جي ڀيڻ شاھھ بانو کي چئج تھ مائي! اڃ ٿو
مران، خدا جي نالي پاڻي پيار. پوءِ ھوءَ توکي پاڻي
ڏيندي. پوءِ تون منڊي چيچ مان لاھي اٽڪل ڪري گل
پريءَ جي نائڻ واري پاڻيءَ ۾ وجھي ڇڏجانءِ. جڏھن
اھو پاڻي گل پريءَ تي وجھندا، تڏھن ان کي باھھ ڇڏي
ويندي. پوءِ گل پري پنھنجي ڀيڻ کي گھرائي ان کان
پڇندي تھ پاڻي ڪنھن پيتو ھو. ھوءَ چوندي تھ ھڪڙي
ديو پيتو ھو. مگر ھوءَ سھي ڪري ويندي تھ ان ۾ ڪو
راز آھي ۽ اھو ديو نھ آھي. پوءِ آخر ھوءَ توکي
گھرائيندي ۽ تنھنجو مطلب ٿي ويندو.
گل شھزادو ساميءَ کان ھدايت وٺي گل پريءَ ڏانھن روانو ٿيو. اتي
پھچي ساميءَ جي چوڻ موجب ھليو، جنھن ڪري گل پريءَ
کي باھھ ڇڏي وئي. تنھن پنھنجي ڀيڻ شاھھ بانوءَ کي
چيو تھ: ادي! مونکي شڪ ٿو پوي تھ جنھن ديو کي تو
پاڻي پياريو ھو، اھو ديو نھ آھي، مگر آدمزاد آھي.
تون ھن کي مون وٽ وٺي اچ. شاھھ بانو، گل شھزادي وٽ
آئي ۽ ھن کي چيائين تھ: توکي گل پري سڏي ٿي. گل
شھزادي چيو تھ: مائي! آءٌ پرائي گھر ڪيئن وڃان؟
آءٌ ڊڄان ٿو تھ متان مارجي نھ وڃان. پريءَ چيس تھ:
تون تِر جيترو بھ خيال نھ ڪر، بيخوف ھن وٽ ھليو
وڃ. گل شھزادو بھ ديو جي صورت ۾ بي ڌڙڪ وٽس ھليو
ويو. ڏسي تھ اھا منڊي جيڪا ھن پاڻيءَ ۾ وڌي ھئي.
سا گل پري پنھنجي چيچ ۾ وجھيو ويٺي آھي. اول تھ گل
پريءَ، گل شھزادي کي دڙڪا ڏئي پڇيو تھ: تون ڪير
آھين، جو ھتي مون وٽ لنگھي آيو آھين؟ ھن چيس تھ:
مونکي تنھنجي ڀيڻ تو وٽ موڪليو آھي. گل پريءَ چيس
تھ: چڱو ڀلا ويھھ. گل شھزادو ويٺو، پريءَ چيس تھ:
ھي منڊي سڃاڻين ٿو؟ ھن ھائوڪار ڪئي تھ: اھا منڊي
گل شھزادي جي آھي. پريءَ چيو تھ: گل شھزادو ڪٿي
آھي؟ ھن چيو تھ: ھو ھتي ئي تنھنجي حاضريءَ ۾ ويٺو
آھي. پريءَ چيو تھ: ھتي تھ آءٌ ھڪڙي ڪوجھي ديو کي
پئي ڏسان. اتي گل شھزادي پاڻ تي ٻيو ڦيڻو وجھي،
ساڳيءَ صورت ۾ آيو. تھ ٻئي سڪايل ھڪٻئي کي چنبڙي
ويا.
گل پريءَ پنھنجي ڀيڻ کي چيو تھ: ادي! تون بابي کي وڃي ٻڌاءِ تھ
جيڪو شھزادو مونکي ھتان کڻي ويو ھو، سو ھتي آھي،
ھاڻي مونکي اجازت ملي تھ آءٌ ساڻس شادي ڪريان.
ڀيڻس وڃي پيءُ کي چيو. جنھن اھا ڳالھھ قبول ڪئي.
گل پريءَ جي پيءُ شاديءَ جون خوب تياريون ڪيون.
شادي خير سان گذري. پوءِ گل شھزادو، گل پريءَ سان
عيش عشرت ۾ گذارڻ لڳو.
گل شھزادي کي شڪار ڪرڻ جو شوق ھوندو ھو، سو پنھنجي سھري کي
چيائين تھ: بادشاھھ سلامت! مون کي شڪار جو شوق
آھي، تنھن ڪري اجازت ملي تھ آءٌ وڃي شڪار ڪريان.
بادشاھھ چيو تھ: ابا بيشڪ، مگر شڪار تي ٽن طرفن
ڏانھن ڀلي وڃج، پر اتر طرف ڏانھن نھ وڃج. ائين چئي
شھزادو اھا اجازت وٺي شڪار ڪندو رھيو.
ھڪڙي ڏينھن گل شھزادي کي ٽن طرفن کان شڪار ھٿ نھ لڳو، تنھنڪري
ھن خيال ڪيو تھ اڄ چوٿين طرف بھ شڪار وڃي ڪريان،
من ڪو شڪار ھٿ لڳي. اھو ڏينھن جمعي جو ھو ۽ ھيءُ
انھيءَ طرف روانو ٿي ويو. ھلندي ھلندي ھڪڙي ھنڌ
ڏسي تھ ھڪڙو ڇوڪرو آھي، جو نير سان ٻڌو پيو آھي،
گل شھزادو ان وٽ پھتو تھ ھن نيزاري ڪري چيس تھ:
سائين! مونکي ھن بند مان خدا ڪارڻ آزاد نھ ڪرين!
گل شھزادي کي قياس اچي ويو. سو ھن جا نير ڇوڙڻ
لڳو. جڏھن نيرن کان آزاد ٿيو، تڏھن ھو ڇوڪر مان
ڦري ھڪڙو ديو بڻجي پيو ۽ گل شھزادي کي چنبن ۾ کڻي
وٺي اڏاڻو.
گل پري ۽ سندس ساھيڙين جو دستور ھو تھ جمعي جي ڏينھن انھيءَ ڪنڊ
تي ھڪڙي تلاءَ ۾ اچي وھنجنديون ھيون ۽ رانديون
ڪنديون ھيون. سو پريون بھ انھيءَ تلاءَ ۾ ڪپڙا
لاھي پئي وھتيون، تھ انھن مان ڪنھن جي نظر وڃي ديو
تي پئي، جو گل شھزادي کي چنبن ۾ کنيو اڏاڻو پئي
ويو، تنھن دانھن ڪري چيو اڙي مٺيس! گل شھزادي کي
ندورو ديو چنبن ۾ کنيو اڏاڻو پيو وڃي. سي سڀئي جھٽ
پٽ ڪپڙا پائي، وٺي ان جي پٺيان اڏاڻيون ۽ ديو کي
ڦري آيون. پوءِ ان کي جھلي، گل شھزادي سميت گل
پريءَ جي پيءُ وٽ وٺي آيون. بادشاھھ ھن ديو کي سخت
سزا ڏني ۽ کيس حضرت سليمان جو قسم کڻايائين تھ
آئيندي ھو ائين مستي نھ ڪندو. گل شھزادي جو طبيب
کان علاج ڪرايائون، جو ڪجھھ وقت کان پوءِ تندرست
ٿيو. گل پريءَ چيس تھ: ڏس تون جڏھن ڪڏھن اسان جو
چوڻ ڪو نھ مڃين ۽ وڃيو مصيبتن ۾ پوين، تنھن ڪري
اڳتي اھڙو ڪم نھ ڪج.
گل شھزادي ڪجھھ وقت اتي گذاري پنھنجي سھري کان ملڪ وڃڻ جي اجازت
ورتي. سندس سھري خيال ڪيو تھ ڌيءَ جي ماني بادشاھھ
وٽ بھ ڪانھي. تنھن گل شھزادي کي اجازت ڏني. ڪئين
سامان، لشڪر ۽ تنبو تولان گڏ ٿي ويا. وڏي تجمل سان
ھي اتان روانا ٿيا. ھلندا ھلندا آخر اچي پنھنجي
ملڪ پھتا. گل شھزادي، جن سپاھين اتي رھڻ گھريو تن
کي رھايو ۽ جن پنھنجن ملڪ ڏي وڃڻ گھريو، تن کي
موڪل ڏني. پوءِ گل شھزادو ۽ گل پري ٻئي ڄڻا،
بادشاھھ زين الملوڪ سان اچي مليا، جنھن کي ڄڻ مئي
بدن ۾ ساھھ پئجي ويو. وڏي اڪير مان ٻنھي ڄڻن کي
ڀاڪر پائي مليو. واڌايون وري ويون، خير خيراتون ٿي
ويون. ڪيترائي ڏينھن جشن پئي ھليا. پوءِ گل
شھزادي، ميھار دوست سان صلاح ڪئي تھ: ھن رن
جادوگرياڻيءَ ڪيتري قدر نھ اسان سان چڪري کاڌي آھي
۽ اسان کي مصيبت ۾ وڌو آھي. تنھن ڪري ھن کي سندس
ڪئي جي سزا ڏيڻ گھرجي. سو صلاح ڪري ھن جو ھڪڙو
عضوو ڪپي، ڏينھن ٻھ ڇڏي ٻيو عضوو وڍيندا ھئا،
اھڙيءَ طرح عذاب ڏئي ماريائونس. ان بعد گل شھزادو
۽ گل پري باقي حياتيءَ جا ڏينھن عيش آرام سان
گذارڻ لڳا.
١٢ – انينگ پري
*
ھڪڙي بادشاھھ کي اولاد ڪو نھ ھو، رات ڏينھن اھو ئي خيال ھوندو
ھوس تھ خدا سائين کيس ڪو پٽ ڏئي جو سندس نالو روشن
ڪري. انھيءَ لاءِ ھن درويشن جا در ڀيٽيا پر ڪٿان
بھ سندس من جي مراد پوري نھ ٿي. نيٺ ھڪڙي ڏينھن ھن
کي خبر پئي تھ سندس ملڪ جي ٻاھران جھنگ ۾ ھڪڙو
فقير اچي ويٺو آھي، جيڪو ملڪان ملڪ مشھور آھي.
بادشاھھ بھ سھي سنڀري ان درويش وٽ سوالي ٿي ويو.
درويش بادشاھھ کي دعا ڪئي ۽ چيائين تھ: اي
بادشاھھ! توکي ھڪ پٽ ڄمندو، پر جڏھن چوڏھن ورھين
جو ٿئي، تڏھن کيس اتر واري جھوني محل ڏانھن اصل نھ
وڃڻ ڏجئين. بادشاھھ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ درويش کان
موڪلائي واپس محلات ۾ آيو.
ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ، فقير جي چوڻ موجب بادشاھھ کي پٽ ڄائو.
بادشاھھ انھيءَ خوشيءَ ۾ سڄي شھر ۾ جشن ڪرايو.
شھزادو اڄ ننڍو سڀان وڏو، نيٺ اچي چوڏھن ورھين جو
ٿيو. بادشاھھ شھزادي جي تعليم ۽ تربيت جو ايترو
خيال رکيو جو ننڍڙي ڄمار ۾ ھو سڀ ڪنھن فن ۾ قابل
ٿي ويو. ھڪڙي ڏينھن بادشاھھ شھزادي کي گھرائي
نصيحت ڪئي تھ پٽ! ٻين سڀني پاسن ڏانھن وڃجئين، پر
اتر پاسي جيڪو جھونو محل آھي ان ڏي ڪڏھن بھ نھ
وڃجئين. شھزادي اوڏي مھل تھ بادشاھھ کي پڪ ڏني تھ
آءٌ انھيءَ پاسي ڪو نھ ويندس پر کيس انھيءَ پاسي
ڏسڻ جو ڏاڍو شوق ٿي بيٺو. سو ھو ٻئي ڏينھن تير
ڪمان کڻي شڪار جو بھانو ڪري انھيءَ طرف روانو ٿيو،
جنھن طرف وڃڻ جي منع ٿيل ھئس. ھلندي ھلندي جڏھن
انھيءَ محلات جي ويجھو پھتو، تڏھن ڏٺائين تھ ھڪڙي
ڏوڌياڻي ڏڌ جي چاڏي زمين تي رکيو بيٺي آھي. شھزادي
کي ايندو ڏسي ڏوڌياڻيءَ ھڪل ڪري چيس تھ: ڇوڪرا!
مونکي ھيءَ چاڏي تھ کڻاءِ. شھزادي ڏوڌياڻيءَ کي
ڏسي چيو تھ: آءٌ تڪڙو آھيان، تنھن ڪري تون پاڻ کڻ.
اتي ڏوڌياڻيءَ چيس تھ: واھھ ميان اھڙي تڪڙ اٿئي،
ڄڻ تھ انينگ پريءَ سان شادي ڪرڻ پيو وڃين. شھزادي
کي اھا ٽوڪ ڏاڍي ڏکي لڳي. سو سڌو پنھنجي محلات ۾
آيو ۽ پيءُ کي چيائين تھ: بابا! آءٌ وڃان ٿو انينگ
پريءَ جي ڳولا ۾. بادشاھھ جو اھو نئون نالو ٻڌو سو
عجب ۾ پئجي ويو ۽ پٽ کي چيائين تھ: تو ھي نالو
ڪٿان ۽ ڪيئن ٻڌو؟ جنھن تي شھزادي پيءَ کي سموري
حقيقت ڪري ٻڌائي. بادشاھھ اھا ڳالھھ ٻڌي پريشان
ٿيو شھزادي کي ڏاڍو سمجھايائين تھ: پٽ اھا اجائي
ڳالھھ آھي. پر شھزادو پنھنجي ضد تان نھ لٿو ۽ مرڳو
کائڻ پيئڻ کي ڇڏي ڏنائين. نيٺ بادشاھھ ويچاري
لاچار ٿي پٽ کي انينگ پيءَ جي ڳولا لاءِ موڪل ڏني
۽ سندس ھمراھيءَ لاءِ ڪجھھ لشڪر، وزير ۽ تمام گھڻي
دولت بھ ڏنائين. شھزادو پنھنجي اٽالي سميت منزلون
ڪندو ڪندو اچي ھڪڙي شھر ۾ پھتو. اتي پھچي ھن
پنھنجي سڄي لشڪر کي واپس ملڪ روانو ڪيو ۽ باقي پاڻ
سان گڏ وزير رکيائين. پوءِ ٻھ – ٽي ڏينھن ٿڪ ڀڃڻ
جي ارادي سان ان شھر ۾ رھي پيا. ھڪڙي ڏينھن جيئن
شھزادو ۽ وزير ان شھر ۾ پئي گھميا، تيئن ڏٺائون تھ
ڪي سپاھي ھڪڙي ماڻھوءَ کي ھٿ ڪڙيون ھنيو وٺيو پيا
وڃن. شھزادي سپاھين کان پڇيو تھ: ھن ماڻھوءَ کي
ڪيڏانھن پيا وٺيو وڃو؟ سپاھين ورندي ڏني تھ: ھيءُ
چور آھي ۽ ھن جي ذمي پنج ھزار رپيا آھن، جنھن ڪري
ھن کي وٺيو پيا وڃون. شھزادي کي ان شخص تي قياس
پئجي ويو، سو انھن سپاھين کي پنج ھزار رپيا ڏئي،
ان شخص جي جند آزاد ڪرائي، پاڻ ۽ وزير ٻئي
مسافريءَ تي نڪتا. اڃان اڳتي ويا تھ اھو شخص بھ
اچي گڏين ۽ چيائين تھ: منھنجو نالو دلبر چور آھي،
توھان مون تي احسان ڪري منھنجي جند آزاد ڪرائي
آھي، ان لاءِ آءٌ بھ اوھان سان گڏ ٿو ھلان ۽
جيستائين اھو اوھان جو ٿورو نھ لاھيندس تيستائين
اوھان کان جدا نھ ٿيندس. شھزادي چور کي گھڻو ئي
سمجھايو پر ھو پنھنجي ضد تان نھ لٿو ۽ شھزادي ۽
وزير سان گڏجي اٿي ھليو. ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ
شھزادي، وزير کي بھ واپس پنھنجي ملڪ روانو ڪيو ۽
پوءِ ھي ٻئي ڄڻا اٿي سفر تي ھليا.
ڪيترا ڏينھن ھنن کي مسافري ڪندي گذريا، مگر رستي تي ڪو بھ ڳوٺ
يا شھر ھنن کي ڏسڻ ۾ نھ آيو، جتان ھي ڪو ڏس پار
پڇن، نيٺ ھڪڙي ڏينھن ھڪڙي باغ ۾ اچتي پھتا. ھھڙي
برپٽ بيابان ۾ ڏسي ھنن کي ڏاڍو ڊپ لڳو، مگر ھي ٻئي
ڄڻا دل جھلي باغ ۾ گھڙي ويا. اندر وڃي ڏسن تھ ھڪڙو
ديو وڻ جي ھيٺان ستو پيو آھي. شھزادي ۽ دلبر چور
پاڻ ۾ صلاح ڪئي تھ ھن ديو جي خدمت ڪجي تھ ھن کان
ڪو پار پتو پئجي وڃي. سو ٻئي ڄڻا ديو جي ۽ باغ جي
خدمت ۾ لڳي ويا. ڪجھھ مھينن کان پوءِ جڏھن ديو
پنھنجي ننڊ پوري ڪري اٿيو تڏھن ڏسي تھ باغ سڄو
سرسبز ٿيو پيو آھي ۽ ٻھ آدمزاد پيا باغ جي صفائي
ڪن. ھو اھو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين تھ: آءٌ
اوھان جي خدمت ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو آھيان، ٻيو ڪو ھجي
ھا تھ ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيانس ھا، پر اوھان جيڪا
منھنجي ۽ منھنجي باغ جي خدمت ڪئي آھي، تنھن جي
عيوض جيڪي گھرڻو اٿو سو گھرو. اتي شھزادي چيو تھ:
اتي ديون جا بادشاھھ! اسين انينگ پريءَ جي ڳولا ۾
نڪتا آھيون، سو اسان کي ان جو ڏس ڏي. ديو شھزادي
کي گھڻو ئي سمجھايو تھ: ٻچا! اھو مشڪل ڪم آھي تنھن
ڪري ان ڳالھھ تان لھي وڃ ۽ واپس پنھنجي ملڪ موٽي
وڃ. پر شھزدو ۽ دلبر چور پنھنجي ڳالھھ تان نھ لٿا،
ضد ٻڌي بيٺا تھ: اسان کي انينگ پريءَ جو ڏس ڏي.
نيٺ ديو مجبور ٿي ھنن کي چيو تھ: چڱو ھيءَ منھنجي
جتي پائي، اکيون پوريندؤ تھ کن پل ۾ اوھان کي اتي
ھلي ڇڏيندي، جتي منھنجو ڀاءُ آھي. ان کي منھنجا
سلام ڏجو ۽ پنھنجو حال بھ ٻڌائجو، اميد تھ چڱي ٿي
پوندي. شھزادي ۽ دلبر چور اوڏيءَ مھل ئي ديو جي
ڏنل جتي پائي، اکيون کڻي پوريون تھ يڪدم اڏامڻ
لڳا. ڪجھھ دير کان پوءِ ھنن جا پير زمين تي لڳا،
تڏھن اکيون کوليائون، ڏسن تھ ساڳيءَ طرح ھڪڙو باغ
آھي ۽ ھڪڙو ديو ستو پيو آھي، جنھن جي چوڌاري ڊڀ
ڄمي ويا آھن. وري بھ ٻئي ڄڻا ساڳيءَ طرح ڪرڻ لڳي
ويا ۽ باغ بھ آباد ڪيائون ۽ ڊڀ وغيره وٺي صاف ڪري
ديو جي جاڳڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا. آخر ڪن مھينن بعد
ديو ننڊ مان سجاڳ ٿيو، باغ کي سائو ۽ آباد ڏسي
ڏاڍو خوش ٿيو. وري ھنن ٻنھي ڄڻن تي نظر پيس تھ
ھڪدم ھڪل ڪري چيائين تھ: اي آدمزاد! اوھين ڪير
آھيو، ھو ٻئي ڄڻا يڪدم وڃي سندس پيرن تي ڪريا، ۽
کيس ڀاءُ جا سلام ڏنائون، تنھن تي ديو ڏاڍو خوش
ٿيو، ۽ سندن ڳالھھ ٻڌي کين چيائين تھ: بابا! اوھين
پنھنجي انھيءَ ضد تان لھي وڃو. انينگ پريءَ تائين
رسڻ انسان جو ڪم ناھي. پريءَ کي سواءِ دلبر چور جي
ٻيو ڪو بھ کڻي نھ سگھندو. دلبر چور جو اھو ٻڌو سو
ڏاڍو خوش ٿيو ۽ يڪدم ديو کي چيائين تھ: اڙي ديو!
اھو دلبر چور آءٌ آھيان. اھو ٻڌي ديو چيو تھ:
بابا! جي تون دلبر چور آھين تھ ھاڻي اوھين ھتي
ترسو. انينگ پريءَ جا ڀائر ھر ٻارھين مھيني، چنڊ
جي يارھين ڏينھن ھتي ايندا آھن، ۽ انھيءَ ڏينھن
انينگ پري کان سواءِ ٻيو ڪير ئي ڪو نھ ھوندو آھي.
پوءِ آءٌ توکي سوپاريون پڙھي ڏيندس جي وڃي سمنڊ ۾.
اڇلائج تھ سمنڊ سڪي ويندو…. پوءِ تون محل ۾ ھليو
وڃج ۽ انينگ پري، جا پيتيءَ ۾ بند ھوندي سا پيتيءَ
سوڌي کڻي ھليو اچج. شھزادو ۽ دلبر چور اھا ڳالھھ
ٻڌي اتي ويھي رھيا ۽ انھي ڏينھن جو انتظار ڪرڻ
لڳا.
نيٺ خدا خدا ڪري اھو ڏينھن آيو ۽ ديو ھنن کي سوپاريون پڙھي
ڏنيون، جي کڻي ھي اڳتي انھيءَ سمنڊ ڏانھن روانا
ٿيا، جنھن ۾ انينگ پريءَ جو محلات ھو. رستي تي ھنن
ڳچ جھڙا ڪلا بھ ٺاھي پاڻ سان کنيا تھ متان انھن جي
ضرورت پئجي وڃي. نيٺ اچي سمنڊ جي ڪپ تي پھتا. دلبر
چور بسم الله ڪري ھڪڙي سوپاري سمنڊ ۾ اڇلائي تھ
سمنڊ سڪي ويو. پوءِ تھ اڪيلي سر ھيٺ لھي ويو ۽ وڃي
محلات وٽ پھتو. اتي پھچڻ تي ڏٺائين تھ محلات کي نھ
در آھي نھ دري، سو يڪدم ڪلا ڪڍي ڀت ۾ کوڙيندو،
انھن تي مٿي چڙھي ويو. ڇت ۾ ڏٺائين تھ برابر ھڪڙو
سوراخ آھي، جنھن مان ھي لھي ھيٺ ويو. اندر پھچڻ تي
ڏٺائين تھ برابر ھڪڙي وڏي بند پيتي رکي آھي. ھن بھ
نڪا ڪئي ھم نڪا تم، کڻي پيتيءَ کي کنيائين تھ
پيتيءَ مان آواز آيو تھ: اي جوان! جيڪڏھن تون دلبر
چور آھين تھ ڀلي پيتي کڻ، جي نھ تھ ڇڏي ڏي. دلبر
چور ھڪل ڪري چيو تھ: انينگ پري! اھو دلبر چور آءٌ
آھيان. پوءِ انينگ پري کڻي ماٺ ڪئي ۽ ھي پيتي کڻي
محلات مان ٻاھر نڪتو ۽ اچي شھزادي کي چيائين تھ:
ڀڄ تھ ڀڄون، ڇو تھ ديو جو چوڻ ھو تھ جيستائين پرين
جي سرحد نھ ٽپو، تيستائين پيتي نھ کولجو. پر
شھزادي کي اچي وسوسو تھ پيتي ٺلھي آھي، سو دلبر
چور کي چيائين تھ: پيتي کول تھ ڏسون تھ خالي تھ نھ
آھي. دلبر چور شھزادي کي گھڻو ئي سمجھايو تھ:
انينگ پري پيتيءَ ۾ آھي، تون پڪ رک، ٻيو تھ ديو جو
چوڻ نھ مڃيوسين تھ ڪنھن مصيبت ۾ ڦاسي پونداسين. پر
شھزادي دلبر چور جي ڳالھھ ئي ڪا نھ مڃي. آخر دلبر
چور پيتيءَ کي کوليو. اڃا پيتي مس کلي تھ پريءَ جو
اھڙو تجلو ٿيو جو ھڪدم ھن جي ڀائرن کي خبر پئجي
وئي تھ اڄ انينگ پري محلات کان ٻاھر نڪري وئي آھي،
سو اھي اتئين وٺي اڏاڻا. دلبر چور جو پريءَ جي
ڀائرن کي ايندو ڏٺو سو شھزادي کي لڪائي پاڻ ظاھر
ٿي بيٺو. جڏھن پريءَ جا ڀائر اتي پھتا.تڏھن دلبر
چور کي بيٺل ڏسي چيائون تھ: جيڪڏھن ڪو ٻيو انسان
ھجي ھا تھ اڄ ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيونس ھا، پر ھاڻي تون
دلبر چور آھين تنھن ڪري توکي ھي گناھھ معاف آھي.
ھاڻي جيڏانھن جو آھين تيڏانھن وڃ. ائين چئي پريءَ
جا ڀائر انينگ پريءَ کي کڻي واپس ھليا ويا.
ھنن جي وڃڻ کان پوءِ دلبر چور شھزادي کي چيو تھ: شھزادا! مون
پنھنجو فرض پورو ڪيو، ھاڻ تون ڄاڻ تنھنجو ڪم ڄاڻي،
آءٌ ھلان ٿو. شھزادو اتي ڏاڍو شرمسار ٿيو ۽ دلبر
چور کي آزيون نيزاريون ڪرڻ لڳو تھ: مون کي معاف
ڪر، آئينده اھڙي غلطي نھ ڪندس. نيٺ گھڻن منٿن کان
پوءِ دلبر چور راضي ٿيو ۽ وري ساڳئي ديو وٽ آيا ۽
ديو کي سڄي حقيقت ٻڌايائون. ديو اھا حقيقت ٻڌي
ڏاڍو ارمان ڪيو ۽ دلبر چور کي چيائين تھ: وري
ٻارھن مھينا ترسڻو پوندو. لاچار دلبر چور ۽ شھزادو
ٻارھن مھينن لاءِ اتي ترسي پيا.
جڏھن اھو ڏينھن آيو تڏھن اڳوڻي وانگر شھزادو ۽ دلبر چور سمنڊ تي
آيا ۽ سوپاري اڇلائي سمنڊ سڪائي، دلبر چور اندر
محلات ۾ گھڙيو. اڃان پريءَ جي پيتيءَ ۾ ھٿ مس
وڌائين تھ اندران آواز آيو تھ: اي دلبر چور!
جيڪڏھن مونکي کڻي تھ ڀلي کڻ، پر تنھنجو شھزادو تھ
بنھھ بي صبر آھي. تنھن تي دلبر چور پريءَ کي چيو
تھ: انينگ پري! ھاڻي ھو ائين اصل ڪو نھ ڪندو. دلبر
چور انينگ پريءَ کي پيتيءَ سوڌو کڻي اچي شھزادي وٽ
نڪتو. پوءِ دلبر چور شھزادي کي چيو: سائين پيتي
حاضر آھي، ڏسو متان خالي نھ ھجي، پر شھزادي چيو
تھ: دلبر! خالي ھجي يا ڀريل، جيستائين ھن حد مان
نھ نڪتا آھيون تيستائين پيتي نھ کولبي. آخر ھي ٻئي
ڄڻا اتان پيتي کڻي سڌو ديو وٽ آيا ۽ ڪجھھ ڏينھن
اتي رھڻ بعد موڪلائي اٿي پنھنجي وطن ڏي رخ
رکيائون. ڪجھھ ڏينھن جي مسافريءَ بعد ھي ھڪڙي شھر
۾ پھتا. اتي خيال ڪيائون تھ ڪجھھ ڏينھن آرام ڪجي،
سو ھڪڙي جڳھھ مسواڙ تي وٺي اتي رھڻ لڳا. اتي دلبر
چور، شھزادي ۽ انينگ پريءَ جي شادي ڪرائي.
….. ”انينگ پريءَ جو سونو پادر درياءَ ۾ ڪري پيو، جيڪو ھڪڙي مڇي
جي پيٽ ۾ وڃي پيو“……
ھڪڙي ڏينھن جيئن شھزادي ۽ انينگ پريءَ ھڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي،
درياءَ جو سير پئي ڪيو، تيئن اتفاق سان پريءَ جو
ھڪڙو پادر، جو سڄو سونو ھو، سو پاڻيءَ ۾ ڪري پيو
جو ھڪڙي مڇيءَ جي پيٽ ۾ وڃي پيو. مڇيءَ جي پيٽ ۾
پريءَ جو سونو پادر ويو، سا ڏاڍي خوبصورت ٿي پئي.
اھا مڇي ھڪڙي مھاڻي جي ڄار ۾ ڦاٿي. اھڙي سھڻي مڇي
ڏسي مھاڻي دل ۾ خيال ڪيو تھ ڇو نھ اھا وڃي بادشاھھ
کي سلامت کي ڏيان، تھ جھجھو انعام مليم. سو مڇي
کڻي سڌو درٻار ۾ آيو ۽ اچي بادشاھھ سلامت کي پيش
ڪيائين. بادشاھھ ھھڙي سھڻي مڇي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽
مھاڻي کي جھجھو انعام ڏئي روانو ڪيائين، ۽ مڇي محل
ڏي ڏياري موڪليائين. بورچيءَ مڇيءَ کي وڍي تھ
اندران اھو پريءَ جو سونو پادر نڪري آيو. ڏاڍو
حيران ٿيو، سو اھو کڻي وڃي بادشاھھ کي ڏنائين.
بادشاھھ اھو پادر ڏسي عجب ۾ پئجي ويو ۽ چيائين تھ:
مار! جنھن جو پادر سونو آھي، سا پاڻ ڪھڙي سھڻي
ھوندي! اوڏيءَ مھل بادشاھھ سان گڏ سندس پٽ بھ ويٺل
ھو، جو ھڪڙيءَ اک کان ڪاڻو ھو، تنھن جو اھو پادر
ڏٺو سو چيائين تھ: بابا! آءٌ جي شادي ڪندس تھ
انھيءَ عورت سان، تيستائين نڪي کائيندس نڪي
پيئندس. بادشاھھ کيس دلداري ڏني ۽ پوءِ سڄي شھر
جون ڌوتيون گھرائي انھن کي چيائين تھ: ھن سوني
پادر واري عورت جيڪا ڌوتي پيدا ڪندي، تنھن کي
ٿالھھ سونين مھرن جو ڏيندس. انھن ڌوتين مان ھڪڙي
ڌوتيءَ انھيءَ جي ھام ڀري ۽ ٻيڙا سنڀرائي، سامان ۽
ماڻھو وٺي انھيءَ سوني پادر واري عورت جي ڳولا ۾
اوڀارو رواني ٿي.
ڌوتي ھلندي ھلندي نيٺ اچي انھيءَ شھر ۾ پھتي، جتي انينگ پري
ٽِڪيل ھئي. ڌوتي ڇا ڪندي ھئي جو صبح جو اٿي
نوڪريءَ ڳولڻ جي بھاني سان گھرن ۾ گھڙي ويندي ھئي
۽ واءُ سواءُ بھ پئي لھندي ھئي. ھڪڙي ڏينھن ھي
جيئن انينگ پريءَ جي گھر ۾ گھڙي آئي تيئن سندس نظر
وڃي جاري تي پيل ھڪڙي پادر تي پئي. پادر ڏسڻ سان
سڃاڻي وئي تھ برابر اھا ساڳي آھي جنھن جي ڳولا ۾
آءٌ نڪتي آھيان. پوءِ انينگ پريءَ کي چيائين تھ:
آءٌ تمام غريب آھيان ۽ ٻيو ڪو بھ ڌڻي سائين ڪو نھ
اٿم، جي مونکي نوڪريءَ ۾ بيھاريو تھ وڏي مھرباني.
انينگ پريءَ کي ڌوتيءَ تي رحم اچي ويو، سو کيس پاڻ
وٽ نوڪريءَ ۾ بيھاري ڇڏيائين.
ڪن ڏينھن پڄاڻا دلبر چور، جو ٻاھر ويل ھو، سو جڏھن گھر ۾ آيو
تڏھن ھڪ ڌارئين عورت کي ڏسي حيران ٿي ويو. شھزادي
کان پڇيائين تھ: ھيءَ عورت ڪير آھي؟ شھزادي چيو
تھ: انينگ پري ڪم ڪار جي لاءِ نوڪرياڻي رکي آھي.
دلبر چور شھزادي کي چيو تھ: ڪم ڪار جي لاءِ آءٌ ٻي
عورت ٿو آڻيان، ۽ ھن رن کي جواب ڏئي ڇڏيو، ڇو تھ
پس پيش ھن رن مان چڱائي نھ ٿيندي. پر شھزادو ۽ پري
چون تھ: ھيءَ ويچاري غريب، سا اسان جو ڪھڙو نقصان
ڪندي، پئي ڪم ڪار ڪري. ويچارو دلبر چور ماٺ ڪري
سور پي ويو.
ڪجھھ ڏينھن بعد دلبر بھ پنھنجي ڪم سان ٻاھر مسافريءَ تي ويو
ھليو ۽ شھزادو ۽ شھر ڏي ويو، اتي ڌوتيءَ موقعو ڏسي
چيو تھ: انينگ پري! ڪلھھ پريان درياءَ جي ڪناري تي
ھڪڙو وڏو بزرگ شخص آيو آھي، جو دل جون مرادون
پوريون ٿو ڪري، توکي بھ جيڪڏھن ڪا مڃتا باسڻي ھجي
تھ مون سان گڏجي ھل. انينگ پري اھو ٻڌي خوش ٿي، ۽
ڌوتيءَ کي چيائين تھ: آءٌ ھلي ٿي اولاد لاءِ دعا
پنان. پوءِ ھوءَ سنڀري تيار ٿي ڌوتيءَ سان رواني
ٿي ۽ اچي درياءَ تي پھتي،جتي ڌوتيءَ جا ٻيڙا بيٺا
ھئا. اک ڇنڀ ۾ ماڻھن کي اشارو ڪيائين. جن پريءَ کي
کنڀي کڻي جھاز ۾ ھنيو ۽ جھاز ھاڪاري روانا ٿي ويا.
ڪن ڏينھن جي مسافريءَ بعد جھاز اچي ڪاڻي شھزادي
واري ملڪ وٽ لنگر ھنيو ۽ ڌوتي انينگ پريءَ کي وٺي
بادشاھھ وٽ پھتي. بادشاھھ پري ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽
ڪاڻي شھزادي سان سندس شاديءَ جا سانباھا ٿيڻ لڳا.
پر انينگ پري چئي تھ گھٽ ۾ گھٽ مونکي ڇھھ مھينا تھ
ڇڏيو پوءِ ڀلي شادي ڪجو. بادشاھھ اھا ڳالھھ قبول
ڪئي ۽ پنھنجي ملڪ ۾ اعلان ڪري ڇڏيو تھ ڇھن مھينن
تائين روز ھر گھر ۾ جشن ھجي.
ھوڏانھن جڏھن شام جو شھزادو موٽيو ۽ انينگ پريءَ کي ڪو نھ
ڏٺائين، سو منھن مٿو پٽي اونڌي منجي ڪري ويھي
رھيو. ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ جو دلبر چور موٽي گھر
اچي ڏسي تھ شھزادو اونڌي منجي ڪيو پيو آھي. ھن کي
پڪ ٿي تھ خير ڪونھي. وري جو گھر ۾ انينگ پري ۽ اھا
ڌوتي نھ ڏٺائين سو پڪ ٿي ويس تھ ضرور ڪجھھ گڙ ٻڙ
آھي. پوءِ شھزادي کان حال احوال پڇيائين. جنھن
ٻڌايس تھ: ڪيترن ڏينھن کان انينگ پري ۽ نوڪرياڻي
ٻئي غائب آھن. دلبر چور چيو تھ: تو منھنجي ڳالھھ
ڪانھ مڃي انھيءَ جو نتيجو ڏٺئي، پري پاڻ تھ وڃڻي
ڪا نھ ھئي، ضرور اھا رن برغلائي وٺي وئي آھيس،
ھاڻي تون ڄاڻ تنھنجو ڪم، پاڻ وڃون ٿا. اتي شھزادي
دلبر چور کي منٿ ڪري چيو تھ: ٻيلي! جيئن ھيتري
مھرباني ڪئي اٿئي تيئن ھيءَ بھ ڪر، منھنجو توکان
سواءِ ھتي نڪو اوھي نڪو واھي، ھاڻي جيئن تيئن ڪر.
شھزادي جون آزيون نيزاريون ڏسي نيٺ دلبر چور جي دل
نرم ٿي ۽ انينگ پريءَ جي ڳولڻ جو انجام ڪيائين. |