مھاڳ
سنڌ جي ”لوڪ ادب“ کي سھيڙڻ لاءِ ھڪ تفصيلي تجويز، سنھ ١٩٥٥ع ۾،
”سنڌي ادبي بورڊ“ جي سامھون رکي وئي، جا ١٩٥٦ع جي
آخر ڌاري بورڊ بحال ڪئي، ۽ ان جي عملي نگراني ۽
تڪميل بنده جي حوالي ڪئي.
ان تجويز مطابق، جنوري ١٩٥٧ع کان لوڪ ادب سھيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو
ويو؛ انھيءَ سلسلي ۾ تعلقيوار ڪارڪن مقرر ڪيا ويا
تھ ڏنل ھدايتن موجب، ٻھراڙيءَ مان مواد گڏ ڪري
موڪلين. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، ”سنڌي لغت آفيس“ سان
گڏ لوڪ ادب جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي وئي ۽ ڪارڪن
مقرر ڪيا ويا، تھ مقامي طور گڏ ڪيل، توڙي ٻاھران
آيل مواد کي ھدايتن موجب ورڇي ورھائي، ڀيٽي صاف
ڪري، ڇپائڻ لائق بنائين.
پھريان ٻھ سال، ١٩٥٧ع ۽ ١٩٥٨ع، لوڪ ادب جي مواد سھيڙڻ ۾ صرف
ٿيا. انھيءَ عرصي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، ڳوٺن مان
گھربل ڳالھيون ھٿ ڪيون: مرڪزي آفيس جي عملي ڇپيل
ڪتابي ذخيري مان ضروري مواد اتاريو؛ ۽ بنده ڪوشش
ڪري سنڌ جي ھر ڀاڱي جو گشت ڪري، سڄاڻ سگھڙن سان
ڪچھريون ڪيون، ۽ عام سنڌي ادب جي ھر پھلوءَ کي
سمجھڻ ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي. انھي سعيي ۽ ھمت، بلڪ جذبي ۽ محبت سان قدري
ايترو مواد گڏ ٿيو، ۽ ٿي رھيو آھي، جو ان جي آڌار
تي عام سنڌي ادب جي ھر ڀاڱي بابت، نموني طور ھڪ
ڪتاب مرتب ڪري سگھجي. ڪتابن جي تاليف جو سلسلو
ٽئين سال ١٩٥٩ع کان شروع ڪيو ويو آھي.
ھت ٻھ ڳالھيون واضح ڪرڻ ضروري آھن:
پھريون تھ ھن تجويز موجب، سنڌي ٻوليءَ جي عام ادب جون اھي جملي
جنسون، جيڪي ھن وقت تائين ٻھراڙيءَ جي عوام ۾
مقبول ۽ مروج آھن، تن کي ”لوڪ ادب“ جو ذخيرو تسليم
ڪيو ويو آھي. انھيءَ ذخيري ۾ سنڌي ادب جون معياري
جنسون پڻ شامل آھن، مثلا: مداحون، مولود، ٽيھھ
اکريون، ڪافيون وغيره؛ مگر جيئن تھ اھي ھن وقت
تائين ٻھراڙيءَ ۾ عام مقبول ۽ مشھور آھن، انھيءَ
ڪري انھن کي پڻ ”لوڪ ادب“ جي دائري ۾ شمار ڪيو ويو
آھي. انھيءَ لحاظ سان، ھن تجويز ھيٺ گڏ ڪيل ”لوڪ
ادب“ کي بعينه، ”فوڪ لور“ (Folklore)
جي مغربي مفھوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نھ ٿيندو اسان
جي ملڪ ۾ شھري زندگي اڃا ايتري وسعت يا خاص نوعيت
اختيار نھ ڪئي آھي، جو اھا خواص جي زندگيءَ ۽ تمدن
جو، يا ”معياري ادب“ جو سرچشمو بنجي. سنڌي زندگيءَ
جو مرڪزي دائرو اڃان تائين ڳوٺ آھي، ۽ انھيءَ ڪري
سنڌي ادب جو وڏو ذخيرو اھو ئي آھي جو عوام جي
زندگيءَ جو آئينو آھي. انھيءَ ڪري ھن مرحلي تي
سنڌي ٻوليءَ جي ”لوڪ ادب“ ۽ ”معياري ادب“ جي وچ ۾
حد فاصل قائم ڪري نٿي سگھجي.
ٻيو تھ ھن تجويز ذريعي ”لوڪ ادب“ جو سمورو مواد گڏ نھ ٿي سگھيو
آھي، ان کي سھيڙڻ لاءِ وڏي وقت ۽ ڪافي ذريعن جي
ضرورت آھي. لوڪ ادب جو سڄو ذخيرو سربستو گڏ ڪرڻ ڄڻ
اٿاھھ سمنڊ سوجھي مڙني موتين ۽ ماڻڪن کي ميڙڻ جي
برابر ٿيندو، جو ناممڪن آھي. البتھ جو ڪجھھ گڏ ٿي
سگھيو آھي سو لوڪ ادب جي ھر جنس بابت مثالي مواد
آھي. انھيءَ لحاظ سان ھن تجويز ھيٺ تاليف ڪيل ڪتاب
اميد تھ آئينده ڪوششن لاءِ نمايان نشان ۽ نيڪ فال
ثابت ٿيندا.
”لوڪ ادب تجويز“ جي تحريڪ جيتوڻيڪ بنده جي طرفان ٿي، مگر ان جي
عملي سربراھي توڙي تڪميل ۾ گھڻن ئي مخلصن جون
ڪوششون شامل آھن. اول تھ ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي
ميمبرن کي جس جڳائي جن ھن تجويز کي سنھ ١٩٥٦ع ۾
منظور ڪيو. ان بعد گھربل مواد گڏ ڪرڻ، صاف ڪرڻ، ۽
آخر ۾ ڪتاب ڇپائڻ ۾ ڪيترائي ساٿي ٻانھن ٻيلي ٿيا
آھن. ھن تجويز کي ڪامياب بنائڻ ۾ تعلقيوار ڪارڪنن،
مرڪزي آفيس جي باھمت فردن، سنڌ جي سڄاڻ سگھڙن،
توڙي انھن مڙني دوستن جو حصو آھي، جن بنده لاءِ
سگھڙن کي ڳولي ھٿ ڪرڻ ۽ ساڻن ڪچھرين ڪرڻ ۾ پنھنجي
ھڙان وڙان مدد ڪئي. بورڊ جي نئين سيڪريٽري محترم
سيد شاھھ محمد شاھھ پنھنجي عھدي سنڀالڻ بعد
(آڪٽوبر ١٩٦١ع) ھن تجويز کي پايهء تڪميل تي پھچائڻ
لاءِ تعاون ڪيو، ۽ ڪتابن کي سھڻي نموني ڇپائڻ لاءِ
مناسب قدم کنيا.
”لوڪ ادب تجويز“ ھيٺ ”لوڪ ڪھاڻين“ جا ھيٺيان ست ڪتاب مرتب ڪري
شايع ڪرائڻا آھن: (١) بادشاھن ۽ راڻين، شھزادن ۽
شھزادين جون ڳالھيون، (٢) باشاھن، وزيرن ۽ سوداگرن
جون ڳالھيون، (٣) پرين، ديون، جادوگرن، ڏائڻين ۽
نجومين جون ڳالھيون، (٤) بادشاھن، شاھوڪارن، ڏاھن،
ٺڳن ۽ ٻين جون ڳالھيون، (٥) ٻاراڻيون آکاڻيون، (٦)
جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون ۽ (٧) ڳاھن سان
ڳالھيون. جيئن تھ ھن سلسلي جي پھرئين ڪتاب جي
مقدمي۾ لوڪ ڪھاڻين جي عملي اھميت ۽ ابتدا، ڪردارن
جي نوعيت، تاريخي پس منظر ۽ اندروني سٽاء وغيره
مکيھ پھلوئن تي تفصيلي بحث ڪيو ويو آھي، تنھنڪري
ھن ڪتاب جي مقدمي ۾، فقط شامل ڪيل سڄي مواد کي
چڪاسي، مختلف روايتن کي ڀيٽي، ترتيب ڏيئي، سيپٽمبر
١٩٥٩ع ۾ ڪتاب جو مسوده تيار ڪيو ويو؛ ۽ جنوري
١٩٦٢ع ۾ مسوده جي آخرين تصحيح ڪري پريس ڪاپي شايع
ٿيڻ لاءِ ڏني وئي.
مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محترم ممتاز مرزا ھن
ڪتاب جي مواد کي اتاري يڪجاءِ ڪرڻ، ڀيٽڻ ۽ دوباره
صاف ڪري لکڻ ۾ تحسين جوڳو ڪم ڪيو، ۽ محترم شيخ
محمد اسماعيل ان سڄي ڪم جي نگراني ڪئي، ۽ مسوده
تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ڪتاب جي آخري سٽاء، ترتيب ۽
تاليف لاءِ بنده خود ذميوار آھي.
مئنيجر پايونير پريس، ۽ سندس ساٿين ھن ڪتاب کي جلد ۽ سھڻي نموني
سان ڇاپڻ ۾ مدد ڪئي، ۽ ولي محمد طاھرزادي ان جا
پروف پڙھيا.
سنڌي يونيورسٽي،
حيدرآباد سنڌ
١٨- مارچ ١٩٦٣ع |
خادم العلم
نبي بخش |
عنوانن جي فھرست
ڳالھھ جو نالو |
صفحو |
١- کل ڦل پري |
٢٠ |
٢- ملڪان پرين |
٥٩ |
٣- گل سفيد پري |
٦٦ |
٤- پيترول پري |
٨٠ |
٥- سبز پري |
٩٨ |
٦- چاندني چال پري |
١١٣ |
٧- سوزان پري |
١٢٧ |
٨- سيڄان پري |
١٣٥ |
٩- گل پري |
١٤٤ |
١٠- عشق شھزادو ۽ پدما پري |
١٦٠ |
١١- گل شھزادو ۽ گل پري |
١٧٣ |
١٢- انينگ پري |
١٩٠ |
١٣- ڌڻ وڇوڙو ۽ پريون |
٢١٠ |
١٤- شھزادو ۽ پنج پريون |
٢٢٧ |
١٥- پرين جون ساريون |
٢٤١ |
١٦- شھزادو بخت ڪمال ۽ نيڻان پري |
٢٥٩ |
١٧- حسنا پري |
٢٦٨ |
١٨- اگھور ديو |
٢٧٣ |
١٩- گل جنگي ديو ۽ چؤٻول راڻي |
٢٨٤ |
٢٠- ديو ۽ شھزادو |
٢٩٤ |
٢١- روح افزا شھزادي ۽ ست سريو ديو |
٣٠٦ |
٢٢- شھزادو منير ۽ نابين ديو |
٣١٦ |
٢٣ – ڇوڪرو ۽ ديو |
٣٢٥ |
٢٤- غريب ۽ ست ديو |
٣٣١ |
٢٥- ڏائڻ ۽ ست چور |
٣٣٤ |
٢٦- ڏائڻ شھزادي |
٣٥٥ |
٢٧- جادوگرياڻي ۽ لعلن وارو شخص |
٣٦٢ |
٢٨- افلاطون جادوگر |
٣٧٨ |
ام للانسان ماتمنيٰ٠ فلله الاخرة والاوليٰ
مقدمه
”سنڌي لوڪ ڪھاڻين“ جي سلسلي جو ھيءُ ٽيون ڪتاب آھي. عام لوڪ
ڪھاڻين جي علمي اھميت ۽ ابتداء، انھن جي اوسر ۽
ارتقاء، مخصوص ڪردارن ۽ سٽاء، توڙي خاص سنڌي لوڪ
ڪھاڻين جي خصوص اجزاء، روايت ۽ صحت تي ھن سلسلي جي
پھرئين ڪتاب جي ”مقدمي“ ۾ تفصيل سان روشني وڌي
ويئي آھي.
ھن مجموعي ۾ شامل مڙيئي ڪھاڻيون”ڪلاسيڪي“ قالب واريون آھن، جن
جا بنيادي ڪردار – جن، پريون، ديو، ڏائڻيون،
جادوگر ۽ جادوگرياڻيون آھن؛ ۽ سندن مقابلي ۾ عام
معاشري جا انسان آھن. انساني طاقتن جي غيبي طاقتن
سان مقابلي جو خيال انساني ارتقاء جي نسبتا پوءِ
واري دور ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي دور ۾ اھڙي مقابلي
جو خيال جو اسرڻ ناممڪن ھو، جيئن جيئن انساني
معاشرو ترقي پذير ٿيو ۽ انسان جو علم وسيع ٿيو تھ
وھم ۽ گمان زائل ٿيڻ لڳا. انھيءَ لحاظ سان قصھ
خوانن پڻ ڪھنن ڪردارن جي مقابلي ۾ انسان آڻي
بيھاريو، ۽ ٻنھي جو مقابلو ڪرايو، جنھن ۾ اڪثر فتح
انسان جي ٿي.
”غيبي طاقتن تي انسان جو غالب پوڻ“ وارو خيال غالبا تڏھن اسريو
جڏھن انساني معاشري ۾ سماجي گروه بندي ٿي، جدا جدا
قبيلا ٺھيا، قومي شعور جاڳيو؛ ۽ پنھنجي قبائلي ۽
قومي بچاءُ ۽ تحفظ جو جذبو جاڳيو. انھيءَ جذبي
پيدا ٿيڻ کان پوءِ ھر قبيلي جي سڄاڻ ۽ ذھين شخصن
پنھنجي مخالف قبيلي يا قوم جي ماڻھن کي، جن سان
سندن جنگ ھئي، تن کي جنن، ڀوتن، ديون ۽ راڪاسن سان
تعبير ڪري، پنھنجي سر بلنديءَ خاطر، پنھنجي قبيلي
جي ننڍڙي کان ننڍڙي فرد کي سورمو بنائي سندن
مقابلو ڪرايو، ۽ فتح پنھنجي مانجھيء جي ئي ثابت
ڪئي.سنڌي لوڪ ڪھاڻيون انساني معاشري جي انھيءَ
ارتقاء پذير فڪر جو چٽو عڪس آھن.
ھرڏي شعور انسان تي ماحول ۽ وقت جو اثر پوڻ لازمي آھي. ارتقائي
نڪتھء نظر کان ڪھاڻيون جوڙيندڙ يا بيان ڪندڙ با
شعور فرد ھئا، معاصرانھ معاشري ۾ سندن حيثيت مثالي
ھئي. عوام جي تقليدي جذبي جي مدنظر ۽ وقت جي ضرورت
آھر ھنن بھ تدريجا ڪھاڻين جي بنيادي تر ۾ تبديليون
آنديون. نئين نسل جي ذھن جي پرورش ائين ڪئي تھ،
”دنيا جو ھر انسان سٺو آھي، ۽ ان سان جتي ڪٿي محبت
ڀريو سلوڪ ”جڳائي ۽ نفرت جو جذبو ذھنن مان ڪڍيو
وڃي.“ اھڙيءَ طرح ديون ۽ جنن جي ڪردارن ۾ پڻ خوبين
کي چمڪايائون، ۽ ڪلاسيڪي ڪردارن جو سھارو وٺي نئين
انداز ۾ نون قدرن کي پيش ڪيائون. ڪھاڻين ۾ ”ھمتون
۽ ڪشالا“ ۽ ”حق جي فتح“ جا مرڪزي خيال انھي معنيٰ
تي شاھد آھن. ”گل جنگي ديو ۽ چؤٻول راڻي“(ص ١٥٩) ۾
مقابل توڙي مخالف ٻئي طاقتور آھن پر فتح حق واري
جي ٿئي ٿي.
مکيھ مقاصد:
ھن مجموعي ۾ اڪثر ڪھاڻين جو مرڪزي خيال ”ڪشالا ۽ ھمتون“ آھي،
جيتوڻيڪ ڪيترين ئي ڪھاڻين ۾ ٻيا مکيھ مقاصد پڻ ملن
ٿا، جيئن تھ:
حق جي فتح: ڪھاڻي نمبر ١.
جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي: ڪھاڻي نمبر ٢٩.
ھمتون ۽ ڪشالا: ٢، ٣، ٤، ٥، ٦، ٧، ٨، ٩، ١٠، ١١، ١٢، ١٣، ١٤،
١٥، ١٦، ١٨، ١٩، ٢٠، ٢١، ٢٣.
ڏند ڪٿا: ڪھاڻين نمبر ١٧، ٢٢، ٢٦.
بخت جي بازي: ڪھاڻي نمبر ٢٤.
عورت جا مڪر ۽ فريب: ڪھاڻي نمبر ٢٥.
عورت جو عقل: ڪھاڻي نمبر ٢٧.
جادوگري: ڪھاڻي نمبر ٢٨.
ڪھاڻين جا ڪردار:
ھنن ڪھاڻين ۾ آيل ڪردار – پريون، ديو، ۽ راڪاس – غيبي ۽ غير
انساني طاقتون آھن؛ جادوگر، جادوگرياڻيون، ڏائڻيون
۽ ڌوتيون انساني گروھھ سان تعلق رکندڙ آھن، انھن
سڀني جا فعل ۽ عمل جدا جدا آھن.
پريون:پريون غيبي طاقتن ۾ شمار آھن، پر اھي خود ڪڏھن ديو جي ظلم جو شڪار ٿين ٿيون، ۽ سندن قيد ۾ رھن ٿيون(1).
ڪي پريون نھايت طاقتور آھن، جن جون ديون ۽ جنن تي
حڪم ھلي ٿو؛ ھو انھن کي مارين ڪٽين ٿيون، ۽ پنھنجي
جادو ۽ طلسم جي زور تي ٻيو روپ ڏئي، پاڻ وٽ قيد
رکن ٿيون(1).
منجھن عجيب عجيب خاصيتون آھن، ”کل ڦل پري“ کلي ٿي
تھ سندس وات مان رنگ برنگي ڦلا نڪرن ٿا(2).
”پيترول پري“ جا وار سونا آھن(3).
”سبز پري“ ڀولڙي جي روپ ۾ رھي ٿي(4).
”سيڄان پري“ ھرڻ جي شڪل ۾ گھمي ٿي، جنھن جا سڱ
سونا آھن(5).
سندن عمرون تمام وڏيون ٿين ٿيون، پر ھو سدائين
جوان رھن ٿيون(6).
ناچ ۽ راڳ سان تمام گھڻي دل اٿن(7)
گھڻو ڪري پنھنجين سرتين سھيلين
سان گڏجي گھمن ٿيون(8).
پري جي اچڻ کان اڳ طوفان ۽ مينھن شروع ٿئي ٿو(9).
پريون اڪثر وڏ – گھراڻيون ٿين(10).
پر ”گل پري“ ھڪڙي مالھي جي گھر ۾ پيدا ٿئي ٿي(11).
”گل پري“ ڏاڙھونءَ ۾ سرجي ٿي، ۽ پوءِ ھڪڙي
جادوگرياڻي جي ڪري ڪيئين تڪليفون ۽ آزار سھي ٿي،
پر مٿس ڪنھن جادو وغيره جو اثر نٿو ٿئي، ھر ڀيري
نئين روپ ۾ پيدا ٿئي ٿي(12).
”انينگ پري“ جو محل سمنڊ جي وچ ۾ آھي، ۽ ان محل جي
وچ ۾ رکيل ھڪ پيتي ۾ بند ٿيل آھي(1).
پرين کي جيڪڏھن اڪيلو آدمزاد ملي وڃي ٿو تھ ان سان
طرح طرح جون تعديون ڪن ٿيون(2).
۽ ڪڏھن انسان کي ڏسڻ سان اڏامي وڃن ٿيون(3).
”حسنا پري“ کي انسانن وانگر گلن ڦلن سان محبت آھي،
۽ پڻ انسانذات سان بيحد محبت(4) پرين جي دنيا ڪرشمن جي دنيا آھي، ”چاندنا
پري“ چاندي جي محلات ۾، ”سونا پري“ سوني محلات ۾،
”زمرد پري“ زمردي محلات ۾، ”نيلم پري“ نيلم جي
محلات ۾ ۽ ”يا قوتي پري“ ياقوتي محلات ۾ رھي ٿي.
پريون پاڻ ڪرشما ڪن ٿيون، ۽ اھڙيءَ طرح بيھن ٿيون
جو ”چاندنيءَ جو ٿڙ، سونا ڏار، زمردي پن، ڦر نيلم
۽ گل ياقوت جا ٿي وڃن ٿيون(5).“
”نيڻان پري“ ھڪڙي طلسمي باغ ۾ رھي ٿي، جنھن تي
ڪيترن ديون ۽ جنن جو پھرو بيٺل آھي. ھو پنھنجين
ستر سرتين سميت ڪبوتر جو روپ وٺي ٿي. ھو روزانو
سوني ساھميءَ ۾ گلن سان تري ٿي(6).
پريءَ وٽ جادو آھي، ھوءَ جادوءَ جي زور تي ھڪ ملڪ
مان ڍنڍ کڻائي ٻئي ملڪ ۾ وڃي، ڇڏي ٿي، ۽ اتان وري
باغ کڻي، آڻي ڍنڍ واري جاءِ تي رکي ٿي(7).
ديو: ديو اڪثر پرين تي عاشق ٿين ٿا(8)
۽ انھن کي زوريءَ پاڻ وٽ قيد رکن ٿا
(1).
ديو پرين جي ناچ ۽ راڳ ڏسڻ جا بھ ڪوڏيا آھن(2).
گھڻو ڪري ديو عاليشان محلن ۾ رھن ٿا، پر ڪي ديو
سڃن باغن ۾ سمھن ۽ وقت سر انسان جا مددگار ٿين
(3).
ڪي ديو ظالم آھن ۽ ماڻھن کي مارين ٿا(4)
. ”ڌوپال ديو“ ھزارن ديون ۽ پرين کي پنڊ پھڻ بنائڻ
جي قوت رکي ٿو، پر سندن سموريون طاقتون ھڪڙي مڪني
ھاٿيءَ جي آڏو ختم ٿي وڃن ٿيون
(5).
ديون جون عمرون تمام وڏيون ٿين ٿيون(6)،
۽ سندس ساھھ ڪن ٻين شين ۾ آھن، جن جي حفاظت يا ھو
خود پاڻ ڪن يا ڪن اھڙين اؤکين جاين تي رکن ٿا جو
اتي ڪنھن جو پھچڻ ئي محال آھي
(7).
ديو پڻ ڪرشما ڪن ٿا، ۽ ڪڏھن سامونڊي گھوڙي جو روپ
وٺن ٿا
(8)،
ڪڏھن فقير ٿي راڻيءَ شوڪارو ھڻي ٻڪري بنائي پاڻ
سان گڏ وٺي وڃن ٿا
(9).
۽ ڪڏھن وري شوڪارو ھڻي ماڻھن ۽ گھوڙن کي پنڊ پھڻ
بنائي ڇڏين ٿا(10).
ڪڏھن ديو انسان کان بھ ڊڄيو وڃن(11).
ڏائڻيون: ڏائڻيون چراخن تي چڙھي گھمن ٿيون ۽ ماڻھو کائين ٿيون
(1).
سندن علم کڙيءَ ۽ چوٽيءَ ۾ آھي(2).
ڪي ڏائڻيون پاڻ ۾ شڪل بدلائڻ جي طاقت رکن ٿيون، ۽
ماڻھن جا ھنيان کائين ٿيون
(3).
ڪن ڏائڻين جو ساھھ ديون وانگر ٻين شين ۾ آھي، مثلا
ڪھاڻي نمبر پنجويھين ۾ ڏائڻين جو ساھھ ”ڪبوترين“ ۾
آھي
(4).
جادوگر ۽ جادوگرياڻيون: ھي ڪردار انساني معاشري جا آھن، پر کين
وڏي طاقت حاصل آھي، ڪڏھن ڪڏھن ھو غير انساني طاقتن
۽ غيبي قوتن کي بھ پنھنجي جادوءَ ۽ طاقت جي زور تي
تڪليفون رسائين ٿا. ڪھاڻي نمبر يارھين ۾
جادوگرياڻي، پنھنجي جادوءَ جي زور تي، گل پريءَ جو
ويس ڌاري ٿي، ۽ پريءَ کي ڪافي تڪليفون ڏئي ٿي
(5).
جادوگر کي پنھنجي جادوءَ جي زور تي خبر پوي ٿي تھ
غريب شخص جي سٿر ۾ ستن بادشاھين جيتري ملھھ جو لعل
لڪل آھي
(6).
ھڪ ٻيو جادوگر پنھنجي جادوءَ جي وسيلي کوھھ جي تري
۾ ھڪڙي بادشاھي قائم ڪري ٿو، ۽ ان ۾ بادشاھھ کي
سالن جا سال رھائي ٿو، پر جڏھن بادشاھھ کوھھ مان
ٻاھر نڪري ٿو تھ خبر پويس ٿي تھ کيس کوھھ ۾ ڪا
گھڙي مس ٿي آھي
(7).
|