سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-3

 باب:

صفحو :8

ڏينھن گذرڻ ۾ ڪا ويرم ئي ڪا نھ ٿي، نيٺ ھڪڙي راڻيءَ کي پٽ ڄائو. راڻين پاڻ ۾ خيال ڪيو تھ ھي معصومڙو ائين ئي بکن ۾ مري ويندو، تنھنڪري ڇو نھ انھيءَ کي کائي ڇڏجي. اھا صلاح بيھاري، ھڪٻئي ۾ فيصلو ڪيائون تھ جنھن کي جيڪو ٻار ڄمندو، اھو ڪھي کائي ڇڏينديونسين. اھڙيءَ طرح پنجن ئي کي ھڪٻئي پٺيان پٽ ڄاوا ۽ ھن انھن کي ڪھي کائي ڇڏيو. آخر ھڪڙي ڏينھن ڇھين راڻيءَ کي پٽ ڄائو، تنھن تي سڀني چيو تھ: ان کي ڪھي کائون. ڇھين راڻي چيو تھ: ادي! آءٌ پنھنجو پٽ پنھنجن ھٿن سان ڪھنديس. تنھن تي سڀني چيو تھ: ڀلي جنھن ۾ تون راضي. ھنن پنجن ئي راڻين کي گوشت مليو، سي کائي پي ماٺ ڪري ويھي رھيون. ڪا مھل ٿي تھ اتي ٻار جي روئڻ جو آواز آيو، جنھن تي سڀني راڻين چيو تھ: ھي ڪير پيو روئي! ڇھين راڻيءَ وراڻيو تھ: اھو منھنجو پٽ آھي. تنھن تي راڻيون عجب ۾ پئجي ويون ۽ چوڻ لڳيون تھ: ادي! پوءِ اسان گوشت ڪنھن جو کاڌو؟ ننڍي راڻيءَ جواب ڏنو تھ: اھو گوشت توھان جي ٻارن جو ھو، جيڪو آءٌ گڏ ڪندي ويندي ھئس. تنھن تي راڻين چيو تھ: ڀيڻ! جي اھا ڳالھھ آھي تھ ھاڻي اھو ڀلي پيو جيئي، اسان ۾ جيڪو رت ست آھي، سو ھن لاءِ آھي. پوءِ تھ ڇھئي ڄڻيون انھيءَ ٻارڙي کي نپائڻ لڳيون.

ھوڏانھن خدا جي ڪرڻي ائين ٿي جو ستين راڻيءَ کي بھ ھڪڙو پٽ ڄائو. سڄي بادشاھيءَ ۾ شادمانا ٿي ويا، ٻڪريون پيون ڪسجن، ڪڃريون پيون نچن. غريب غربو خوش ٿي ويو. ھيڏانھن محل ۾ شھزادو پلجڻ لڳو، ھوڏانھن کوھھ ۾ بھ شھزادو پئي پليو. ٻئي ڀائر اڄ ننڍا، سڀان وڏا اچي ھمت ڀريا جوان ٿيا. محلن جو شھزادو لاڏ ڪوڏ جو پليل، سو سڄو ڏينھن گھوڙي تي سوار، گز ڪمان ڪلھي تي کنيو پيو شيل شڪار ڪندو ھو، ۽ ھي غريب شھزادو، کوھھ مان نڪري سڄو ڏينھن بازار ۾ ڪھر وڪڻي شام جو جيڪا اپت ٿيندي ھئس، تنھن مان مائرن لاءِ کاڌي جو سامان وٺي ويندو ھو؛ اھڙيءَ طرح پيو سندن گذر سفر ٿيندو ھو.

ھڪڙي ڏينھن ڇا ٿيو جو شھزادو پنھنجن سنگتين ساٿين سان گھوڙي تي سوار ٿي، شھر جي وچان پئي لنگھيو تھ اوچتو غريب شھزادو گھوڙي سامھون اچي ويس. بس، پوءِ تھ شھزادي کي باھھ وٺي وئي، لھندي سان ئي اٺ ڏھھ چھبڪ واھي ڪڍيئينس، چي: نڀاڳا، پڻھين جو راڄ آھي ڇا جو ائين سڄو سڄو رستو ٿو والاري ھلين. ويچاري کي مار بھ ڪڍيائين ۽ ڪھر بھ ھاري ڇڏيائينس. ويچارو ڇوڪرو ماٺڙي ڪري واپس موٽي آيو.

ھڪڙي ڏينھن شھزادي ڪن بزرگن سان ويٺي ڪچھري ڪئي، ڪچھريءَ ۾ پرين جي حسن جي ڳالھھ پئي ھلي. ڳالھين مٿان ڳالھيون ڪندي ھڪڙي ٻڍڙي چيو تھ: سڀ پيا پرين جي تعريف ڪريو، پر ”چاندني چال پريءَ“ جو حسن ڏسو تھ عقل چرخ  ٿي وڃيو. اھو ٻڌي شھزادو پر پٺ چاندني چال پري تي عاشق ٿي پيو ۽ ھڪدم وزير جي پٽ کي ساڻ ڪري، ماءُ پيءُ کان موڪلائي انھيءَ پريءَ جي ڳولا ۾ نڪتو. رستي تي وري بھ اھو ساڳيو ڪھرن وارو ڇوڪرو مليس. شھزادو ھن کي ڏسي ڏاڍو ڪاوڙيو، چي: وري ھي نڀاڳو سامھون آيو آھي، شل اسان کي پري ملي! تنھن تي ڪھرن واري ڇوڪري چيس تھ: سائين! جيڪڏھن مونکي پاڻ سان وٺي ھلو تھ آءٌ توھان جي گھوڙن جي خدمت پيو ڪندس. شھزادي تھ انڪار ڪيو، پر وزيرزادي جي چوڻ تي کڻي ساڻ کنيائونس. تنھن تي ڇوڪري شھزادي کي چيو تھ: سائين! توھين ھلو تھ آءٌ گھران موڪلائي اچي ٿو توھان سان ملان. ائين چئي ڊوڙندو ڊوڙندو ماءُ وٽ آيو، ۽ کانئس موڪلائي اچي ھنن سان گڏيو.

ھلندي ھلندي ھڪڙي ھنڌ اچي پھتا، جتان ٽن طرفن ڏانھن رستا ٿي ڦٽا. ھنن پاڻ ۾ صلاح ڪئي تھ: ھاڻي ھر ھڪ جدا جدا رستو وٺي، جي قسمت ٿي تھ وري اچي گڏباسين...... پر جيڪو واپس ھتي پھچي سو نشاني طور ڪو ڪلو کوڙي وڃي، جنھن مان خبر پوي تھ ڪير واپس وريو آھي. اھا صلاح بيھاري ٽئي ڄڻا جدا جدا گس وٺي روانا ٿي ويا.

شھزادو ھلندي ھلندي اچي ھڪڙي شھر ۾ پھتو، جتي ڏسي تھ ھڪڙو محلات آھي جنھن جي ٻاھران ھڪڙي راڻيءَ جي تصوير ٽنگيل آھي ۽ ان جي ڀرسان ھڪڙو شرط لکيل آھي تھ جيڪو ماڻھو راڻيءَ کان ڍاري راند کٽي ويندو، ان سان راڻي شادي ڪندي، پر جيڪو راند ھارائي ويندو تنھن کي قيد ڪري گھوڙن جي ڪڙھھ ۾، گھوڙن وانگر ٻڌو ويندو ۽ چرڻ لاءِ داڻو ڏنو ويندو. ان راڻيءَ وٽ سيکاريل ڪئا ھئا، جي ھوءَ ڪڇ ۾ لڪائي رکندي ھئي؛ جن جي مدد سان ڍاري راند کٽي ويندي ھئي. شھزادي بھ ساڳيءَ طرح ٻين ڪيترن شھزادن وانگر راند ھارائي ڪڙھھ ۾ گھوڙو ٿي بيھي رھيو.

وزيرزادو بھ ڪھندو ڪھندو ھڪڙي اھڙي شھر ۾ آيو جتي ھڪڙي راڻيءَ جي تصوير ٽنگي پئي ھئي ۽ اعلان لکيل ھو تھ جيڪو بھ ماڻھو راڻيءَ کان گھوڙو ڀڄائڻ ۾ پنھنجو گھوڙو اڳ ڪڍي ويندو، راڻي ان سان شادي ڪندي، پر جي اھا شرط نھ کٽي سگھيو تھ ان کي گھيٽو ڪري باغ ۾ ڇڏي ڏبو تھ پيو ڇٻر چري. وزيرزادي قسمت آزمائڻ لاءِ ڀير تي ڏونڪو ھنيو. راڻيءَ جي ٻانھين ۽ نوڪرن گھڻو ئي سمجھايس پر ھي نھ مڙيو ۽ شرط رکيائين. راڻي ڇا ڪندي ھئي جو جيڪڏھن ڪو بھ شرط پڄائيندڙ پنھنجو گھوڙو اڳتي ڪڍي ويندو ھو تھ راڻي ھڪدم اٽڪل ڪري پنھنجي سٿر تي ھٿ ھڻي شرط پڄائيندڙ جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائي، ان کي وائڙو ڪري پنھنجو گھوڙو اڳ ڪڍي ويندي ھئي اھڙي طرح وزيرزادي بھ ھارايو ۽ گھيٽو ٿي باغ ۾ چرڻ لڳو.

ھوڏانھن ڇوڪرو بھ ھلندي ھلندي اچي ھڪڙي باغ ۾ پھتو. ڏسي تھ سڄو باغ اجڙيو پيو آھي، ۽ پريان ھڪڙو ديو ويٺو آھي. ڇوڪرو ماما ماما ڪري وڃي ديو جي پيرن تي ڪريو. ديو چيس تھ: جيڪڏھن ماما ماما نھ چئين ھا تھ آھر جيڏا داڻا ڪري ڇڏيئين ھا. پوءِ ھن ٻھ – ٽي مھينا ديو جي خدمت ڪئي، جڏھن ديو راضي ٿيو تڏھن ان کان چاندني چال پريءَ جو ڏس پڇيائين. ديو چيس تھ: ان جي مونکي ڪا بھ خبر نھ آھي، باقي منھنجو وڏو ڀاءُ رستي تي ويٺو آھي، شايد ان کي خبر ھجي. موڪلائڻ مھل ديو ڇوڪري کي ھڪڙو تعويذ ڏنو، جنھن جي ٻڌڻ سان انسان کي ٻن چئن مردن جيتري طاقت ٿي ويندي ھئي. ڇوڪرو تعويذ کانئس وٺي موڪلائي اٿي پنڌ پيو ۽ نيٺ ھڪڙي ڏينھن جي پنڌ کان پوءِ ٻئي ديو وٽ پھچي ويو ۽ ان کي بھ ماما ماما ڪري چنبڙي پيو ۽ سندس خدمت ۾ لڳي ويو. پر ھتان بھ ڇوڪري کي پريءَ جو پار پتو ڪو نھ پيو ۽ ساڳيءَ طرح ھن ديو بھ کيس پنھنجي ٻئي ڀاءُ جو ڏس ڏنو ۽ ڀاءُ ڏانھن روانو ڪيائينس. ڇوڪرو پنڌ ڪندو اچي ٽئين ديو وٽ پھتو ۽ ان جي بھ ڏاڍي خذمت ڪيائين ۽ پريءَ جو پار پتو پڇيائين. ديو ورندي ڏنيس تھ: چاندني چال پريءَ جو اسان بھ فقط نالو ٻڌو آھي، باقي سندس وطن جي مون کي خبر نھ آھي، شايد اسان جي وڏي ڀاءُ کي سڌ ھجي. ڇوڪرو ديو کان موڪلائي اٿي ھلڻ تي ھو تھ ديو چيس تھ: اي ڇوڪرا! ھيءَ ڳوٿري توکي سوکڙيءَ طور ٿو ڏيان، جنھن بھ وقت توکي رستي ۾ بک لڳي تھ ھن ڳوٿريءَ مان توکي چوري ملندي. ڇوڪرو ديو کان اھا سوکڙي وٺي کانئس موڪلائي، چوٿين ديو وٽ آيو ۽ ان جي بھ ڏاڍي خذمت ڪيائين ۽ سندس ننڍن ڀائرن جا سلام بھ ڏنائينس. ديو ڇوڪري جو حال احوال ٻڌي، کيس چيو تھ: مون فقط چاندني چال پريءَ جو پاڇو ڏٺو آھي، جنھن تي موھت ٿي سندس عشق ۾ ھتي ويٺو آھيان. باقي خبر اسان جو اڳيون ڀاءُ ڏيندءِ. ڇوڪرو ديو کان موڪلائي اڳتي ھليو، اھڙيءَ طرح وڃي ستين ڀاءُ وٽ پھتو. جيڪو انھن سڀني ۾ پيرسن ھو. ڇوڪرو ۽ ديو پاڻ ۾ حالي احوالي ٿيا، جنھن تي ديو ڇوڪري کي ھڪڙو کينھون ڏنو ۽ چيائينس تھ: ھن کي زور سان اڇلاءِ، پوءِ جتي بھ ھي کينھون وڃي بيھي رھي، اتي تون سرنھھ جي پوک وڃي ڪجانءِ، جڏھن پوک گل ڪندي تڏھن گلن جي خوشبوءَ تي ھڪڙو ديو سامونڊي  گھوڙي جي شڪل ۾ اچي ان پوک ۾ پوندو، پوءِ تون لڪي ڇپي ان گھوڙي تي چڙھجئين. اھو توکي سندس ملڪ کڻي ويندو. اتي چاندني چال پري ايندي آھي، وڌيڪ حقيقت توکي اتان معلوم ٿيندي.

ڇوڪري ديو جي ھدايت موجب کينھون اڇلايو ۽ جتي اھو وڃي ڪريو اتي سرنھھ جي پوک ڪيائين. جڏھن سرنھھ گل ڪيا تڏھن اھو سامونڊي گھوڙو بھ اچي ڪڙڪيو، ڇوڪرو بھ لڪي ٽپ ڏيئي گھوڙي تي چڙھي ويٺو. گھوڙو وٺي اڏاڻو ۽ ايترو مٿي چڙھي ويو جو ڇوڪري کي اچي سر سان لڳي. اتي گھوڙي ڇوڪري کي چيو تھ: تون بيگناھھ مون تي سوار ٿيو آھين، ھاڻي آءٌ توکي ڪيرائيندس تھ تنھنجي ڪيل گناھھ جي توکي سزا اچي. ڇوڪري ديو کي چيو تھ: آءٌ تنھنجي مرشد جو پٽ آھيان، قسمت سان تو وٽ آيو آھيان، تون ڪيئن مونکي ڪيرائيندين؟ توکي خبر آھي تھ آءٌ پنھنجي پيءُ سان ننڍي ھوندي ھڪڙو ڀيرو تنھنجي ڳوٺ ۾ آيو ھوس، ۽ ھاڻي وري منھنجي پيءُ جي مرڻ کان پوءِ اوھان ڏانھن آيو آھيان. اتي ديو کي پڪ ٿي تھ ھي ڇوڪرو برابر سندن مرشد جو پٽ آھي، سو ملڪ ۾ پھچڻ شرط ديون کي گھرائي چيائين تھ: پنھنجي مرشد جو پٽ آيو آھي. ديون ڇوڪري جي ڏاڍي خذمت چاڪري ڪئي ۽ آڻ ميا مال زيور اچي نذراني طور ڏنائونس.

ھڪڙي ڏينھن ڇوڪري ديون کان پڇيو تھ: جڏھن آءٌ اوھان وٽ آيو ھوس تڏھن اوھان وٽ چاندني چال پري ايندي ھئي، سا ڪا نھ ٿي ڏسجي، تنھن جو سبب ڇا آھي؟ ديون جواب ڏنو تھ: اسان جو چاندني چال پريءَ سان تڪرار ٿي پيو آھي، جنھنڪري نڪي ھوءَ اسان وٽ اچي ۽ نڪي اسين ان وٽ وڃون. تنھن تي ڇوڪري چيو تھ: مونکي ان جي ڳوٺ جو رستو ڏسيو تھ آءٌ ان وٽ پھچي اوھان جو صلح ڪرائي ڇڏيان.ديو انھي ڳالھھ تي راضي ٿي ٻٽي ڄڻا ڇوڪري سان گڏجي چاندني چال پريءَ جي ملڪ ڏانھن ويندڙ رستي جي آخري حد تائين وٺي آيا ۽ پاڻ اڳتي نھ وڌيا، باقي ڇوڪري کي سموري حال مان واقف ڪري ڏس، پتو ڏيئي روانو ڪري پاڻ اتي ويھي رھيا.

ڇوڪرو پنڌ ڪندو ڪندو نيٺ اچي چاندني چال پريءَ جي شھر ۾ پھتو. شھر ۾ ھڪڙي پوڙھي مائيءَ جي گھر ۾ گھڙي ويو. مائيءَ واڪو ڪري چيس تھ: اي آدمزاد! ڇو ھتي موت جي منھن ۾ آيو آھين. ھن ملڪ ۾ تھ ڪنھن بھ ديو پريءَ کي سماءُ پئجي ويو تھ نھ توکي جيئرو ڇڏيندا ۽ نھ مونکي جيئرو ڇڏيندا، بُھھ کل ڀرائي ڇڏيندا. ڇوڪري يڪدم کيسي مان ٻٽي مھرون ڪڍي مائيءَ اڳيان رکيون. پوڙھي ناڻي تي راضي ٿي وئي ۽ کڻي ماٺ ڪيائين ۽ يڪدم ڇوڪري کي پاڻ وٽ لڪائي ويھاري ڇڏيائين. ڇوڪرو ھو سياڻو، سو اٽڪل سان ان کي پنھنجو ڪري ڇڏيائين. نيٺ ڳچ ڏينھن وٽس رھيو، ۽ کيس چاندني چال پريءَ جي خبر چار وٺڻ لاءِ پيو چوندو ھو.

ھڪڙي ڏينھن پوڙھيءَ چيس تھ: ابا! پريءَ جي محلات جي چوڌاري ديون جو پھرو آھي، محلات منجھھ طلسماتي پھرو آھي. ان کان پوءِ دروازي تي ٻھ شينھن بيٺل آھن، دروازي جي اندرئين پاسي ٻھ واسينگ نانگ ويٺل آھن، اتان لنگھي وڃبو تھ چاندني چال پريءَ جي ڪوٺي آھي. ھاڻي ٻڌاءِ تھ تون ڪيئن اتي پھچندين؟ ڇوڪري چيس تھ: ناني! قسمت تھ آزمايون ٿا. پوءِ کانئس اھي ڏس معلوم ڪري ھن دل ۾ خيال ڪيو تھ سڀان رات پريءَ جي محلات تي چڙھائي ڪجي اھا ڳالھھ ڳڻي پوڙھيءَ کان ٻھ ٻڪريون ۽ ٻھ دلا کير جا گھريائين، جيڪي پوڙھيءَ ھن کي آڻي ڏنا.

ٻئي ڏينھن رات جو ڇوڪري ڇا ڪيو جو ٻڪرين کي ڪھي گوشت ۽ کير جا ٻھ دلا پاڻ سان کنيا، ۽ پھرئين ديو وارو ڏنل تعويذ بھ ٻانھن ۾ ٻڌائين ۽ پاڻ زنانا ڪپڙا ڍڪي عورت بڻجي، ڳوٿريءَ مان چوري ڪڍي انھن ۾ نشو ملائي اچي پھريدارن وٽان لنگھيو، جن عورت سمجھي پڇيس تھ: مائي! بيگاھھ وقت ڪيڏانھن ٿي وڃين؟ ھن جواب ڏنو تھ: ابا! آءٌ ڀر واري پير تي سکا ڏيڻ لاءِ پئي وڃان. اوھين بھ ٻٽي مٺيا چوريءَ جا کائو. پھريدارن چوريءَ جا مٺيا وٺي کاڌا تھ کائڻ سان ننڊ کڻي وين. پوءِ يڪدم زنانا ڪپڙا لاھي، ٻيو سامان کڻي اندر محلات ۾ داخل ٿيو. طلسمات واري حصي  مان تھ ديو واري تعويذ جي مدد سان لنگھي اڳتي وڌيو. جڏھن شينھن وٽ آيو تھ انھن کي ٻڪرين جو گوشت اڇلائي ڏنائين، اھي گوشت کي جنبي ويا. اتان مٽي اچي واسينگن کي کير ڏنائين. اھڙيءَ طرح سڀني پھريدارن کان پاڻ بچائي اچي چاندني چال پريءَ جي پلنگ وٽ پھتو. پري ان وقت ننڊ ۾ ستي پئي ھئي. ڇوڪري وڃڻ سان يڪدم پنھنجي ھٿ واري منڊي، جنھن تي سندس ملڪ جي بادشاھھ جي مھر لڳل ھئي، سا چاندني چال پريءَ جي چيچ ۾ پاتي، ۽ پري جي چيچ واري منڊي لاھي پاڻ وٽ رکيائين، وري پنھنجي چادر چاندني چال پريءَ جي مٿان وڌائين ۽ ان جي چادر پاڻ کڻي ورتائين. ائين ڪري ڇوڪرو يڪدم واپس وريو. وري بھ واسينگن کي کير ۽ شينھن کي گوشت ڏئي نڪري آيو. پھريدار تھ نشي ۾ بيھوش ٿيا پيا ھئا، جنھنڪري تمام سولائي سان اچي گھر ۾ پھتو ۽ يڪدم ڪراڙي کان موڪلائي پنھنجي مريد ديون جي ملڪ ڏانھن راھي ٿيو. جن کي ٻڌايائين تھ: چاندني چال پريءَ جي محلات تي سخت پھرو بيھاريل ھو، جنھنڪري آءٌ پھچي ڪو نھ سگھيس. اتي ڇوڪرو گھڻو وقت نھ ترسيو ۽ يڪدم واپس پنھنجي ملڪ ڏانھن موٽيو. موٽڻ مھل سندس ھڪڙي مريد ديو ھڪڙو وار ڏنس تھ، جڏھن بھ ڪا مشڪلات پويئي تھ ھن وار کي ٿورو تؤ ڏجانءِ تھ آءٌ اچي حاضر ٿيندس. پوءِ ھو ستن ديون واري واٽ ڇڏي پنھنجي ملڪ ڏانھن روانو ٿيو.

ڇوڪرو پنڌ ڪندو انھيءَ ھنڌ آيو جتي وزيرزادو قيد ھو. ھن ايندي سان دروازي تي تصوير ۽ اعلان ڏٺو، خيال ڪيائين تھ ھتي بھ بخت جي آزمائش ڪري ڏسان، سو ڀير تي ڏونڪو ھنيائين. ٻانھي نڪري آئي جنھن گھڻو ئي سمجھايس، پر ھي نھ مڙيو ۽ گھوڙي ڀڄائڻ جي شرط رکيائين، راڻي بھ ھن سان گھوڙي ڀڄائڻ لاءِ تيار ٿي. ڇوڪري کي راڻيءَ جا نوڪر ڪڙھھ ۾ وٺي ويا ۽ چيائونس تھ: جيڪو گھوڙو توکي وڻي ان تي چڙھھ. ڇوڪري چيو تھ: آءٌ پنھنجي گھوڙي تي چڙھندس. ائين چئي ان وار کي کڻي تؤ ڏنائين تھ اھو ساڳيو ديو اچي حاضر ٿيو، جيڪو سرنھھ جي پوک مان کيس کڻي ويو ھو ۽ سندس مريد ٿيو ھو. خير راڻي پنھنجي گھوڙي تي چڙھي ۽ ڇوڪرو انھيءَ گھوڙي تي چڙھيو. اچي گھوڙا ڀڳا، تان خبر پئي جو ڇوڪري وارو گھوڙو راڻيءَ جي گھوڙي کان اڳ ۾ مقرر ڪيل جاءِ تي اچي پھتو ۽ اتي راڻي لاءِ ترسي بيٺو. وري ٻئي اتان گڏ روانا ٿيا، رستي ۾ راڻيءَ سٿر تي ھٿ ھڻڻ جا گھڻئي مڪر ڪيا، پر ھن انھن ڏانھن ڌيان نھ ڏنو ۽ گھوڙو اڳ ۾ آڻي اصلوڪي جاءِ تي ڪڍيو. وھواھھ ٿي وئي، ڇوڪري شرط کٽي ۽ راڻيءَ ھارائي. ھاڻي راڻيءَ اعلان ڪيو تھ آءٌ ھن سان شادي ڪنديس. پوءِ ڇوڪري قيدين کي آزاد ڪيو جن ۾ ھن جو دوست وزيرزادو بھ نڪري ظاھر ٿيو. ڇوڪري ھن کي بھ آزاد ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org