ڳچ پنڌ کان پوءِ ھو وڃي ھڪڙيءَ چر وٽ پھتو. اندر
گھڙي وڃي ڏسي تھ ھڪڙي عاليشان محلات لڳي پئي آھي،
جنھن ۾ ھڪڙي خوبصورت شھزادي پلنگ تي ستي پئي آھي.
ھن وڌي وڃي ڏٺو تھ اھا ئي کوھھ ۽ شھر واري تصوير
واري شھزادي روح افزا ھئي. ھن شھزادي کي سجاڳ ڪيو،
جنھن دانھن ڪري کانئس پڇيو تھ: اي انسان! توکي
ڪھڙي کٽيءَ کنيو آھي، جو ھتي آيو آھين؟ اجھو ھتان
ڪي راڪاس آيو ۽ ذريون ذريون ڪري ڇڏيندئي. تنھن تي
وزيرزادي چيو: انھيءَ راڪاس کي ڏٺو ويندو، تون اھو
خيال نھ ڪر. آءٌ توکي وٺڻ آيو آھيان، تيار ٿي.
انھي تي روح افزا ڏاڍي خوش ٿي ۽ ھڪدم ڀاڪر کڻي
وڌائينس، مگر وزيرزادي کانئس جدا ٿي چيو تھ:
شھزادي! تون منھنجي شھزادي جي امانت آھين، جنھن جي
حالت تنھنجي عشق ۾ تمام خراب ٿي وئي آھي. اھو ٻڌي
روح افزا بھ پرپٺ شھزادي تي عاشق ٿي پئي ۽
وزيرزادي کي چيائين تھ: ھاڻي جلدي منھنجي ديو کان
جند ڇڏاءِ ۽ مونکي ان وٽ پھچاءِ. وزيرزادي
شھزاديءَ کي چيو تھ: تون ديو کان پڇ تھ سندس ساھھ
ڪٿي آھي، پوءِ آءٌ پاڻھي ٿو انھيءَ جو علاج ڪريان.
شھزادي چيو تھ: اھو ڪم منھنجو. پوءِ وزيرزادو پاڻ
لڪي وڃي ويھي رھيو.
ڪا مھل ڪا نھ گذري تھ اوچتو مينھن وسڻ لڳو، جنھن کان پوءِ ٺڪرين
جو طوفان لڳو. جڏھن اھي بند ٿيا تڏھن ھڪڙي ست سريو
ديو اچي اتي پرگھٽ ٿيو. اچڻ سان ”آدم بو آدم بو“
ڪرڻ لڳو. تنھن تي روح افزا شھزادي چس تھ: منجھي تھ
ڪو نھ پيو آھين، ھتي آدم جو پاڇو بھ ڪو نھ پئي.
وري جو ساڻس مٺيون مٺيون ڳالھيون ڪيائين تھ ديو
ريجھي پيو ۽ اھو خيال ئي لھي ويس. نيٺ شھزادي
کانئس پڇيو تھ: اي ديون جا بادشاھھ! تون گھڻو ڪري
ٻاھر ٿو رھين، ساھھ تي ڪنھن جو ڀروسو ڪونھي، ھلندي
ھلندي ڪٿي مري پئين تھ پوءِ منھنجو ڪھڙو حال
ٿيندو. تنھن تي ديو کلي چيس تھ: انھيءَ جو تون ڪو
بھ فڪر نھ ڪر، منھنجو روح ھڪڙيءَ مڻ ۾ آھي، جا
فلاڻي بيابان ۾ رکي آھي... انھيءَ تائين ڪنھن
انسان تھ ڇا، پر جنن ۽ ڀوتن جو پھچڻ بھ مشڪل آھي،
ٻي ڳالھھ تھ اھا روز رات جو ڏسڻ ويندو آھيان، ۽ ان
تي وڃي پھرو ڏيندو آھيان. شھزادي روح افزا اھو
ڳجھھ وٺي ڏاڍي خوش ٿي. پوءِ ديو ڪجھھ دير ويھي
ھليو ويو.
ديو جي وڃڻ کان پوءِ وزيرزادو ٻاھر نڪتو ۽ شھزادي کان احوال وٺي
انھيءَ رڻ پٽ ڏانھن روانو ٿيو؛ ھلندي ھلندي ھن کي
ڪيترا ڏينھن گذري ويا. آخر ھڪڙي ڏينھن ھڪ تمام وڏي
رڻ پٽ ۾ پھتو، اتي کيس رات بھ پئجي وئي، سو ھڪڙي
وڻ جي ھيٺان رات
گذارڻ
لاءِ ويھي رھيو.
....”چر ۾ گھڙي ڏسي تھ اندر عاليشان محلات لڳي پئي
آھي، جنھن ۾ ھڪڙي خوبصورت شھزادي ستي پئي آھي“....
جڏھن ڳچ رات گذري تڏھن وزيرزادي ڏٺو تھ ھڪڙي پاسي کان روشني پئي
اچي، ھي بھ لڪي لڪي انھي پاسي ويو. اتي وڃي ڏسي تھ
پٽ ۾ ھڪڙي مڻ پئي آھي، جنھن مان اھا روشني پئي
اچي، ۽ ساڳيو ست سريو ديو پيو ان جي چوگرد ڦيرا
ڏي. اتي وزيرزادو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ويھي اٽڪل ويچارڻ
لڳو تھ ڪھڙي نموني سان ديو کي ختم ڪجي. نيٺ گھڻي
ويچار کان پوءِ ھڪڙي اٽڪل سجھي آيس.
ٻئي ڏينھن صبح جو ھي ڀر واري شھر ڏانھن ويو. جتي
ھڪڙي لوھار وٽ ويو ۽ کيس چائين تھ: ھڪڙي اھڙي
نموني جي ٽھ ٽنگي ٺاھ ڏي، جنھن ۾ ھيٺ ويٺل کي ڪو
بھ ايذاءُ نھ رسي، ۽ ٻئي کي اھڙو سوگھو جھلي جو
جيئن ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري تيئن ڦاسي، تان جو پورو ٿي
وڃي. لوھار کانئس سؤ رپيا ورتا ۽ شام تائين ٽھ
ٽنگي ٺاھي ڏيڻ جو انجام ڪيائين. شام جو لوھار کان
ٽھ ٽنگي وٺي ھي سڌو انھي رڻ پٽ ڏانھن روانو ٿيو.
جڏھن رات ٿي تڏھن ساڳيءَ مھل ست سريو ديو آيو. وزيرزادي وجھھ
وٺي پاڻ کي ٽھ ٽنگيءَ ۾ لڪائي، وڃي ان مڻ مٿان
ويھي رھيو. جنھن ڪري تمام اوندھھ ٿي وئي. مڻ جي
ڍڪجڻ سان ديو جون رڙيون شروع ٿيون. سڌو ٽھ ٽنگيءَ
تي حملو ڪيائين پر اھو ان ۾ قابو ٿي ويو، جيئن
ڇڏائڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين تيئن ٿي قابو ٿيو. ايتري
۾ وزيرزادي کڻي مڻ تي ھٿ رکيو، پوءِ اچي ديو جو
ساھھ منجھيو. ديو جي رڙ ھيٺ رڙ مٿي، تان جو ڦٿڪي
ڦٿڪي ساھھ ڏنائين. پوءِ پاڻ ٻاھر نڪتو ۽ مڻ کيسي ۾
وجھي ديو جو ڪن ۽ پڇ وڍي واپس روانو ٿيو، ۽ ٻن ٽن
ڏينھن ۾ اچي شھزادي روح افزا وٽ پھتو، جيڪا ھن کي
صحيح سلامت ڏسي ڏاڍي خوش ٿي.
ٻئي ڏينھن وزير زادو ۽ شھزادي روح افزا ٻئي سھي سنڀري ديو جي
ملڪيت ۽ سامان کڻي واپس روانا ٿيا. ھلندي ھلندي
ھڪڙي ڏينھن ڪنھن درياءَ وٽ اچي پھتا، جتي اڳئي
ڪنھن بادشاھ جا ٻيڙا بيٺا ھئا. انھي بادشاھ جي روح
افزا تي نظر پئجي وئي، سو مٿس عاشق ٿي پيو. تنھن
يڪدم حڪم ڏنو تھ: ڪنھن بھ طرح وڙھي جھڙي بھ اھا
شھزادي آڻي ڏيو. بس رڳو حڪم جي دير ھئي، بادشاھھ
جي ماڻھن ويچاري وزيرزادي کي ماري ڪٽي، کانئس
شھزادي ۽ مڻ ڦري ٻيڙن ۾ چڙھي روانا ٿي ويا.
شھزاديءَ گھڻيون ئي دانھون ڪوڪون ڪيون پر وريو ڪي
بھ ڪين.
ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ بادشاھ شھزادي روح افزا کي شادي لاءِ چيو،
پر ھن چيس تھ: آءٌ تو سان ٻارنھن مھينن کان پوءِ
شادي ڪنديس ۽ تون اڄ کان وٺي خيرات شروع ڪر جا
ٻارنھن مھينن تائين ھلي، جيئن سڀڪو ھتان راضي ٿي
وڃي. بادشاھھ کي تھ رڳو حڪم ڪرڻ جي دير ھئي. يڪدم
خيرات شروع ٿي وئي، سڄي ملڪ ۾ اھا خبر پکڙجي وئي
تھ فلاڻي بادشاھ وٽ خيرات پئي ھلي، سو پري پري جا
ماڻھو اتي اچڻ لڳا.
ھوڏانھن وري شھزادي جي اھا حالت ھئي جو ڏاڙھي وڏي، وار اڻڀا، بت
۾ ڳري ڪنڊا ٿي ويو ۽ گھوڙو بھ اڀرو ٿي ويو ھوس.
سڄو شھر ھن کي چريو ڪري سڏيندو ھو. ھڪڙي ڏينھن
انھيءَ شھر جي ماڻھن خيال ڪيو تھ اڄ ھلي خيرات
کائي اچون. تنھن تي ڪن صلاح ڏنن تھ ڇو نھ چرئي کي
بھ وٺي ھلون! آخر ريھي ريبي ھن کي بھ وٺي آيا.
جنھن وقت ھن کي کاڌو ڏنائون تھ ھن ڇا ڪيو جو ٻھ
گرھھ کڻي وات ۾ ھڻي چيائين تھ: کڻو پنھنجو کاڌو.
اھا خبر جڏھن شھزادي روح افزا تائين پھتي، تڏھن
چوائي موڪليائين تھ: ڪو بھ شخص ھتان ناراض ٿي نھ
وڃي، آءٌ خود انھيءَ شخص سان ڳالھائينديس ۽ ماني
کارائينديس. پوءِ ٻانھي ساڻ ڪري ھن وٽ آئي، ۽
چيائينس تھ: اي درويش! ڪھڙو سبب آھي جو تون ماني
نٿو کائين؟ جڏھن شھزادي منھن مٿي کڻي ھن کي ڏٺو تھ
بي اختيار وات مان نڪري ويس: ھڪڙن کي ھڪڙي، ٻين کي
ٻي، واھھ جا صورت ۽ مورت ڏٺيسين. اھي لفظ ٻڌي
شھزاديءَ ھن کي سڃاتو ۽ ھن کي ھٿن سان ماني
کارائي، گھوڙي کي گاھھ موڪلي پاڻ محلات ۾ موٽي
آئي. پوءِ شھزاديءَ اڪيلائيءَ ۾ شھزادي کي سڏائي
کيس دلداري ڏني، ۽ اھا صلاح ڪيائون تھ: تنھنجو
گھوڙو ٿڪل آھي جو پاڻ ٻن کي کڻي ڪو نھ سگھندو،
تنھن ڪري اڄ رات جو آءٌ بادشاھ کي پاڻ وٽ
گھرائيندس ۽ اوڏي مھل تون محلات جي ھيٺان اچي
بادشاھ کان سامونڊي گھوڙي ۽ بادشاھي وڳي جي خيرات
گھرجئين. پوءِ ٻيءَ رات پاڻ انھي تي سوار ٿي
ھلنداسين. رات ٿي تھ شھزاديءَ، بادشاھھ ڏي ماڻھو
موڪليو تھ: ھينئر جو ھينئر مون وٽان ٿي وڃ. اھو
ٻڌي بادشاھ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سڌو شھزاديءَ ڏي آيو.
اڃان ڏاڪڻ جي ڏاڪي تي پير ئي مس رکيائين تھ شھزادي
گھوڙي ۽ بادشاھي وڳي جي صدا ھنئين. تنھن تي بادشاھ
کيس چيو تھ: فقير! صبح جو اچج، اندر داخل ٿيڻ تي
شھزاديءَ پڇيس تھ: ڪنھن سان ٿي ڳالھايو، بادشاھھ
چيو تھ: ھڪڙو فقير ھو جنھن گھوڙو ۽ بادشاھي وڳو ٿي
گھريو، تنھن تي شھزاديءَ پڇيس تھ:ھن کي ڪھڙو جواب
ڏنو؟ بادشاھھ چيس تھ: صبح جو اچڻ لاءِ چيو اٿم.
تنھن تي شھزاديءَ چيس تھ: سڀاڻي آءٌ تو سان شادي
ڪنديس، تنھن ڪري سوالي خالي ھٿين نھ موڪل، ھن جو
ھينئر ئي سوال پورو ڪر. بادشاھ شھزاديءَ جو راض
ڏسي يڪدم حڪم ڪيو تھ فقير کي بادشاھي وڳو ۽
سامونڊي گھوڙو ڏنو وڃي. انھي کان پوءِ شھزاديءَ
چيس تھ: آءٌ تو سان شادي ھڪڙي شرط سان ڪنديس، تھ
منھنجي مڻ فلاڻي شخص وٽ آھي جا مون کي ھينئر ئي
گھرائي ڏي. بادشاھ يڪدم انھي ماڻھو ڏي سپاھي
موڪليو تھ، مڻ ڪيئن بھ ڪري ھينئر ئي پھچاءِ، نھ تھ
ڦاسيءَ تي چاڙھيندوسئين. خير، ڳالھھ کٽي ٿي تھ مڻ
بھ اچي حاضر ٿي. اھا شھزاديءَ پنھنجي قبضي ڪئي ۽
پوءِ بادشاھ کي چيائين تھ: ھاڻي وڃي شاديءَ جو
بندوبست ڪر. بادشاھ وڃي شاديءَ جي تياري کي لڳو.
ٻيءَ رات وجھھ وٺي شھزادو ۽ شھزادي روح افزا سامونڊي گھوڙي تي
چڙھي روانا ٿي ويا. ھلندي ھلندي ھڪڙي ھنڌ اچي ڏسن
تھ وزيرزادو بيھوش پيو آھي، تنھن کي پاڻيءَ جا
ڇنڊا ھڻي سجاڳ ڪري، ھوش ۾ آندائون. وزيرزادو ٻنھي
کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. ٻھ چار ڏينھن اتي رھي، پوءِ
گڏجي بادشاھ وٽ آيا بادشاھ ھنن سڀني کي جيئرو ڏسي
ڏاڍو خوش ٿيو، پوءِ سڄي شھر ۾ خوشيون ٿي ويون،
ماڻھن خوب کاڌو پيتو. اٺين ڏينھن بادشاھ، شھزادي ۽
شھزاديءَ روح افزا ۽ وزيرزادي ۽ نؤرس شھزاديءَ جي
شادي ڪرائي، تمام گھڻا ڏاج ڏيوڻ ڏئي روانو ڪيو.
ٻئي ڄڻا پنھنجون سدا ملوڪ ونيون وٺي اچي پنھنجي
ملڪ رسيا، پوءِ تھ سڀ ھڪ ٻئي سان گڏجي خوش ٿيا،.
بادشاھ وري بھ پنھنجي پٽ ۽ وزيرزادي جي شاھي سرگس
ڪئي.... جنھن ۾ ڪئين ماڻھوشريڪ ھئا، ڪالھھ اھا ڄڃ
ڏٺيسين تھ ھتان پئي وئي.
22
– شھزادو منير ۽ نابين ديو
*
ھڪڙو ھو بادشاھ. بادشاھ تھ پاڻ ڌڻي آھي پر ھيءُ بھ زماني جو
بادشاھ ھو. کيس ٻي تھ ڪا بھ بک ڪا نھ ھئي پر اولاد
ڪو نھ ھئس. گھڻائي پير ڀيٽيائين، خير خيراتون
ڪيائين، اميرن وزيرن جي صلاح تي ست شاديون ڪيائين،
پر خدا جي ڪا اھڙي قدرت ٿي جو کيس اولاد ڪو نھ
ٿيو. نيٺ لاچار ٿي انھيءَ غم کان ڪارا ڪپڙا ڪري
پنھنجي محلات جي آڏو، شاھي رستي تي اونڌي منجي ڪري
ويھي رھيو. اتي ھن کي ويٺي گھڻو وقت گذري ويو.
ڪيئي ماڻھو بادشاھ جي اھا حالت ڏسي حيران ٿيندا
ھئا، پر ڪنھن بھ سندس درد جي دوا نھ ڪئي.
ھڪڙي ڏينھن اھڙو طوفان اچي لڳو جو ماڻھو، مرون، جيت، پکي سڀ
اھڙا حيران اچي ٿيا، جو سندن لڪڻ جون جايون کٽي
ويون. سڀني ائين پئي سمجھيو تھ اجھو ٿا غرق ٿيون.
اھڙيءَ حالت ۾ بھ بادشاھ ويچارو ائين ئي رستي تي
پئي ليٿڙيون. تڏھن ھن جي حالت تي قدرت کي رحم آيو
۽ وٽس اوچتو ھڪڙو ازغيبي فقير اچي نڪتو، جنھن ھن
کي ٻانھن ۾ ھٿ وجھي چيو تھ: اي بادشاھ! تنھنجا غم
لٿا، تون ھاڻي پنھنجي گھر وڃ، خدا جي حڪم سان توکي
اولاد ٿيندو. بادشاھ کي انھيءَ تي ويساھھ اچي ويو،
۽ يڪدم اٿي پنھنجي محلات ڏانھن روانو ٿيو. طوفان
بھ گھٽجي ويو. بادشاھ کي جو فقير دلاسو ڏنو ھو، سو
ھن کي بھ ڪجھھ خوشي ٿي، ۽ اچڻ سان خير خيراتون
ڪيائين. آخرڪار خدا جي فضل سان بادشاھ جي گھر ۾
اميد واري ٿي ۽ وقت پڄاڻا بادشاھ کي ھڪڙو،
چوڏھينءَ جي چنڊ جھڙو پٽ ڄائو، پوءِ تھ ڏاڍيون
خوشيون ٿي ويون. خزانن جا دروازا کلي ويا، ڪيترا
فقير خير خيراتون وٺي ڏاڍا خوش ٿيا. آخر سوچ ويچار
کان پوءِ، بادشاھ پنھنجي پٽ جو نالو ”منير“ رکيو.
شھزادي منير جي سنڀال ۽ پالڻ لاءِ ڪيترائي ٻانھا
ٻانھيون مقرر ٿي ويا. شھزادو اڄ ننڍو سڀان وڏو اچي
لائق ٿيو. بادشاھ سندس تعليم لاءِ وڏا وڏا عالم
مقرر ڪيا. جڏھن جوان ٿيو، تڏھن جنگي فن سيکارڻ
لاءِ ڪئين جوڌا جوان مقرر ٿي ويا. مطلب تھ شھزادي
منير کي سڀ ڪنھن قسم جي تعليم ڏني وئي. جڏھن ڦوھ
جوانيءَ کي پھتو، تڏھن بادشاھ پنھنجي شاھي خاندان
مان سندس شادي ڪرائي ۽ پنھنجي جيئري کيس تخت ڏئي
پاڻ وڃي عبادت ڪرڻ لڳو.
شھزادي منير کي ننڍي ھوندي کان ئي شڪار ڪرڻ جو ڏاڍو شوق ھو. سو
ھڪڙي ڏينھن شڪار جي بھاني گھوڙي تي سوار ٿي جھنگ
ڏانھن نڪري پيو. شھزادو شڪار لاءِ ڏاڍو ھليو پر
کيس شڪار نھ لڳو. آخر ٽپھريءَ مھل نااميد ٿي واپس
وريو تھ اوچتو پاسي مان ھڪڙو ڪارو ھرڻ ڇال ھڻي ھن
جي گھوڙي اڳيان ڀڄڻ لڳو. شھزادي ھرڻ کي ڏسڻ شرط
کڻي گھوڙي کي ان جي پٺيان ڇڏيو. اڳيان ھرڻ پٺيان
گھوڙو ڀڄندي ڀڄندي نيٺ سج لھي ويو ۽ اوندھھ ٿي وئي
۽ ھرڻ سندس اکين اڳيان غائب ٿي ويو. شھزادو منير
ھڪڙي ڦٽل کوھھ جي مٿان اچي بيٺو. اتي شھزادو ڏاڍو
حيران ٿيو تھ ھاڻي ڪيڏانھن وڃان. اونداھيءَ سبب
رستي جي بھ خبر ڪا نھ پئي پويس. نيٺ نااميد ٿي
گھوڙي کي ڇڏي ڏنائين ۽ پاڻ اچي ان ڦٽل کوھھ جي
مٿان پاڻي پيڻ جي ارادي سان بيھي رھيو. انھيءَ سوچ
ويچار ۾ ھو تھ ھاڻي پاڻي ڪيئن ڪڍان جو پاڻي تمام
ھيٺ ھو. سڄي ڏينھن جي رولڙي ڪري تمام گھڻي اڃ اچي
لڳي ھئس. نيٺ ڌڻيءَ کي سنڀالي کوھھ ۾ کڻي پاڻ
ڇڏيائين تھ اچي تري ۾ پيو. ھيٺ ھن کي ھڪڙي دري نظر
آئي. شھزادو منير دري ڏسي پھريائين تھ دھلجي ويو،
پر پوءِ دل جھلي جھاتي پاتائين، ڏسي تھ قدرت جا
عجيب نظارا لڳا پيا آھن. ھڪڙو باغ آھي، جنھن ۾ ھر
طرح جا ميوا ۽ گل ڦل لڳا پيا آھن ۽ قسمين قسمين جا
پکي مٺيون لاتيون لنون. شھزادو باغ ڏسي اندر لنگھي
ويو. کيس بک ۽ اڃ بھ ڏاڍي ھئي، ميوا کائي ڍؤ
ڪيائين. پوءِ ھي باغ گھمندو ھڪڙي ميدان ۾ اچي
نڪتو، ڏسي تھ مار! ھڪڙو وڏو آڌوتي ديو آھي جنھن جي
وات مان باھھ جا الا پيا نڪرن سو بيٺو ٻڪريون
چاري. شھزادو منير آھستي آھستي، لڪندو ڇپندو
انھيءَ ديو جي پاسي ۾ اچي ويٺو. ڏسي تھ ديو انڌو
ھو. شھزادو اڃان انھيءَ ڏسڻ پسڻ ۾ ھو تھ ديو ھڪڙي
وڏي رڙ ڪئي تھ سڀ ٻڪريون ھڪڙي وڏي ڪونار مٿان وڃي
بيٺيون، جتي ديو سڀئي ٻڪريون ڏھي ڪونار کير سان
ڀريائين. پوءِ ڪونار ۾ منھن وجھي کير پيئڻ لڳو.
شھزادو بھ آھستي آھستي ٻئي پاسي کان کير پيئڻ لڳو.
جڏھن کير کپي ويو، تڏھن ديو ھٿ پيٽ کي لائي چوڻ
لڳو تھ: اڄ منھنجو پيٽ الاجي ڇو نھ ڀريو آھي، شايد
ڪو کير پي ويو اٿم. نيٺ رڙ ڪري چيائين تھ: ڪير
آھي، جو مون انڌي جو کير ٿو پئي؟ اتي شھزادي ورندي
ڏنس تھ: آءٌ آدمزاد آھيان ۽ اچي ھن کوھھ ۾ ڦاٿو
آھيان، جنھن ڪري ٻي ڪا بھ واھھ نھ ڏسي اوھان وٽ
آيو آھيان تھ من ڪو ڇوٽڪارو ٿئيم. اتي ديو ھن کي
چوڻ لڳو تھ: ٻچا! ھاڻي تون ھٿيڪو آھين. ھتي ڪيئي
مسافر آيا منھنجي سيوا ڪري مري کپي ويا. اھو ٻڌي
شھزادي کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ زارو زار روئڻ لڳو. تنھن
تي ديو چيس تھ: تون روءُ نھ، آءٌ تو کي ضرور مٿي
اماڻيندس، پر ڪجھھ وقت منھنجي خذمت ڪر. اڄ کان
ھيءُ ٻڪرين جو ڌڻ تنھنجي حوالي آھي، ھن کي روز
چاري اچج، پر اتر ۽ ڏکڻ ڏانھن ڀلجي بھ نھ وڃجئين،
ڇاڪاڻ تھ اتر ڏانھن ھڪڙي وڏي واسينگ نانگ جو راڄ
آھي،جو پاڻ ڌڻ چاريندو آھي، انھيءَ جيڪڏھن تو کي
ڏٺو تھ يڪدم ماري ڇڏيندءِ ۽ ڏکڻ ڏانھن ست ڏائڻيون
ڌڻ چارڻ اينديون آھن، تنھن ڪري اوڏانھن بھ اصل نھ
وڃجئين جو اھي بھ تو کي ماري تنھنجو ڌڻ ڪاھي
وينديون. شھزادي چيو تھ: حاضر، اھو ڪم منھنجو. |