سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-3

 باب:

صفحو :4

ٻئي ڏينھن ڇوڪري بادشاھھ کي اھا ڳالھھ ٻڌائي، جا ھن قبول ڪئي ۽ باقي اڌ بادشاھي ۽ ڌيءَ جو سڱ ڇوڪري کي لکي ڏنو. ڏينھن ٻن کان پوءِ ڇوڪري شھزادين جي سيکارڻ موجب بادشاھھ کي چيو تھ: ھاڻي آءٌ اوھان جي وڏن جي خبر چار وٺڻ ويندس، تنھنڪري ھڪڙي ڪاٺ جي اھڙي جاءِ ٺھرايو جنھن کي فقط ڇت ۾ ھڪڙو سوراخ ھجي، جاءِ جي چوڌاري سؤ مڻ ڪاٺيون رکائي ڏيو، پوءِ آءٌ جنھن مھل اندر ڪوٺيءَ ۾ وڃان. توھان انھن ڪاٺين کي گھڻي باھھ ڏجو پوءِ پاڻيھي اوھان کي پنھنجن مري ويل وڏڙن جي خبر چار آڻي ڏيندس. بادشاھھ ۽ وزير اھو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيا. خيال ڪيائون تھ پاڻھي ٿو موت جي منھن ۾ وڃي. سو يڪدم حڪم ڪيائون تھ ھڪڙي ڏينھن ۾ ڪاٺ جي جاءِ بھ ٺھي وئي ۽ ڪاٺين جو بھ ڍڳ لڳي ويو. جڏھن سڀ بندوبست ٿي ويو. تڏھن ڇوڪري کي اطلاع موڪليائون. شھزادين وري ڇوڪري کي وھنجاري سھنجاري ڪفن ڏئي کٽولي تي سمھاري بادشاھھ ڏانھن ڏياري موڪليو. بادشاھھ ۽ وزير کيس ڏسي پڪ ڪري ڇوڪري کي سوراخ مان اندر ڦٽو ڪيو. سج لٿو ۽ منھن اونداھي ٿي تڏھن بادشاھھ جي ڪم سان ڪاٺين کي باھھ ڏني وئي. جنھن کان سڄي شھر ۾ سوجھرو ٿي ويو. شھزاديون بھ انتظار ۾ ھيون تن جڏھن ڏٺو تھ ھاڻي باھھ ڏني اٿن سو کل ڦل پري وٺي اڏاڻي ۽ گھڙي کن ۾ ڇوڪري کي باھھ مان ڪڍي مٿان محلات ۾ کڻي آئي. ھوڏانھن ساري رات باھھ جا تجلا لڳا پيا ھئا. بادشاھھ ۽ وزير کي پڪ ٿي تھ ڇوڪرو ھاڻي پورو ٿي ويو.

ڳالھيون سگھيون نبرن، ڏينھن دير سان، ڇوڪرو ٻارھن ئي مھينا پنھنجي محلات کان ٻاھر نھ نڪتو ۽ آرام سان ويٺو رھيو. آخر مدو پورو ٿيو، وزير ۽ بادشاھھ کي پڪ ٿي تھ ھي ڪو نھ موٽندو؛ اڃا انھيءَ خيال ۾ ھئا تھ ڇوڪري بھ اچي ٺڪاءُ ڪيو. بادشاھھ ۽ وزير ھن کي ڏسي حيران ٿي ويا تھ ھيءُ وري ڪيئن جيئرو ٿيو! لاچار ھن جو آڌر ڀاءُ ڪري حال احوال ورتائون. ڇوڪري ٻڌايو تھ: بادشاھھ سلامت! توھان جا وڏا تمام خوش ويٺا آھن، مون چيو مان تھ توھان جي خبر چار وٺڻ لاءِ مونکي بادشاھھ موڪليو آھي، اھو  ٻڌي ھو ڏاڍا خوش ٿيا. ٻارھن مھينا ڏاڍي آرام سان گذاريم، مون جڏھن موڪلايو ٿي تھ تڏھن ڇڏين ئي نھ ۽ چون تھ اسان وٽ ڪو ماڻھو آھيئي ڪو نھ، تون ترسي پئو، پر مونکي تھ ھتي واعدو پورو ڪرڻو ھو، تنھنڪري لاچار موٽي آيس. پر ھنن ھلندي مھل چيو تھ اسان کي وزير ۽ حجامڻ جي ڏاڍي ضرورت آھي. ڪيترائي فيصلا وزير کان سواءِ ٿين نٿا، ٻيو تھ اسان جا ننھن بھ وڏا ٿي ويا آھن، سو اھي ٻئي ماڻھو مھرباني ڪري موڪلي ڏيو. اتي وزير ڏٺو تھ سر ٿو وڃي! سو بادشاھھ کي چيائين تھ: سائين! ڇوڪرو ڪوڙ ٿو ڳالھائي، مئن ماڻھن کي وري وزير ۽ حجامڻ جي ڪھڙي ضرورت؟ پر بادشاھھ کي پڪ ٿي وئي تھ ھي جيڪي چوي ٿو سو سڀ سچ آھي، مونکي پنھنجي وڏن جو ھر طرح خيال آھي، جي نھ موڪليندس تھ ناراض ٿيندا. تنھنڪري وزير کي چيائين تھ: توھان ۽ حجامڻ اوڏانھن وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. وزير گھڻئي نٽايو ۽ دانھون ڪيون پر بادشاھھ ھڪ بھ نھ ٻڌس ۽ زوريءَ وزير ۽ حجامڻ کي ساڳي طرح ڪاٺ جي جاءِ ٺھرائي بند ڪري باھھ ڏياري ڇڏيائين.

انھيءَ ڪم جي پوري ٿيڻ کان پوءِ ڇوڪري بادشاھھ کي چيو تھ: ھاڻي پنھنجو واعدو پاريو ۽ پنھنجي نياڻي جي شاديءَ جي تياري ڪريو. بادشاھھ پنھنجي نياڻيءَ جي شادي ڇوڪري سان ڪرائي ۽ اقرار موجب بادشاھي بھ ھن کي ڏنائين. پر ڇوڪري بادشاھي قبول نھ ڪئي ۽ بادشاھھ کي عرض ڪيو تھ: بادشاھھ سلامت! اھا بادشاھي توھان کي نيبھھ ھجي، آءٌ توھان جو غلام ٿي رھندس. توھان کي رڳو وزير برغلايو ھو سو ان کي پنھنجي ڪئي جي سزا ملي. ھاڻي ھڪڙو عرض آھي تھ وزير جي جيڪا ملڪيت آھي سان منھنجي حوالي ڪئي وڃي ۽ سندس ڌيءَ سان منھنجي شادي ڪرائي وڃي. بادشاھھ وزير جي ڌيءَ ۽ ملڪيت ڇوڪري جي حوالي ڪري ھن کي پنھنجو وزير ڪيو.

ڪيترائي سال گذري ويا، ڇوڪرو عيالي اولادي ٿي ويو. ھڪڙي ڏينھن سندس پھرين زال کيس چيو تھ: مونکي پنھنجي مائٽن جي سڪ ٿي آھي پر ھاڻي ڪيئن انھن سان ملي سگھان، ھنن تھ مونکي وساري ڇڏيو. تنھن تي ڇوڪري چيس تھ: ڪجھھ ڏينھن صبر ڪر تھ آءٌ بادشاھھ کان موڪل وٺان. پوءِ ڇوڪري اھا حقيقت پنھنجي بادشاھھ سان ڪئي، جنھن چيس تھ: انھيءَ ملڪ جو بادشاھھ منھنجي آنڪي ڀريندو آھي. ھن سال آنڪي بھ ڪا نھ ڏني اٿس، تنھنڪري تون کيس لک تھ آنڪي بھ رسائي ۽ منھن بھ ڏيکاري وڃ. شھزاديءَ جي پيءُ خط پھچڻ سان آنڪي سميت اچي حاضر ٿيو. وزير بادشاھھ جي مھماني ڪئي. انھيءَ ڏينھن شھزاديءَ پنھنجي ھٿن سان ماني ٽڪي تيار ڪئي. رات ٿي تھ بادشاھھ بھ محلات ۾ آيو، بادشاھھ جي اڳيان طرح طرح طعام رکجي ويا، ھن اڃان ٻٽي گرانھن مس کنيا تھ ماني مان ھٿ ڪڍي ويھي ڳوڙھا ڳاڙڻ لڳو. ڇوڪري حيران ٿي انھيءَ جو سبب پڇيس. بادشاھھ چيو تھ: خدا نھ ڀلائي تھ ھي طعام منھنجي نياڻي جو رڌل آھي، جا مون کان ورھين کان وڇڙيل آھي، انھيءَ کي ياد ڪري روئان ٿو. اڃا بادشاھھ ايترو مس چيو تھ شھزادي نئون وڳو پھري ھٿ ٻڌي اچي پنھنجي پيءُ جي اڳيان بيٺي ۽ چيائينس تھ: بابا! برابر اھا آءٌ ئي آھيان، ۽ ھي کاڌو بھ منھنجو رڌل آھي. پر ھاڻي مونکي ٻڌايو تھ آءٌ روز ڪنھن جو ٿي کاوان پنھنجو يا تنھنجو؟ بادشاھھ کي پنھنجي ڪيل فيصلي تي ڏاڍو ارمان ٿيو ۽ ڪنڌ ھيٺ ڪري چيائين تھ: ڌيءَ! برابر تو سچ ٿي چيو تھ روز سڀڪو پنھنجو ٿو کائي، مونکي اھا خطا بخش ڪر. پوءِ تھ سڀ راڻيون اچي سندس منھن لڳيون ۽ ھڪ ٻئي کي ملي ڏاڍو خوش ٿيا. جھڙا ميلا انھن جا ٿيا اھڙا شل جڳ جھان جا ٿين.

٢ – ملڪان پري *

ھڪڙو ھو بادشاھھ، جنھن کي فقط ھڪ پٽ ھو. بادشاھھ ۽ راڻيءَ جو شھزادي تي تمام گھڻو پيار ھو. ننڍي ھوندي کان ئي لاڏ ڪوڏ سان نپنو. سڄو وقت سنگتين سان ۽ ڪڏھن اڪيلو راند روند ۽ سير شڪار ۾ گذاريندو ھو. ھڪڙي ڏينھن گز ڪمان کڻي، شڪار ڪندو اچي ھڪڙي شاھوڪار جي جاءِ وٽ پھتو. اتي ڏسي تھ ھڪڙو ڪبوتر ويٺو آھي. ھن کي تھ گھربو ئي اھو ھو، سو تير ڪشي ٺڪاءُ ڪيائين. ڪبوتر تير سميت اندر جاءِ ۾ وڃي ڪريو. ھي خوش ٿي شڪار ۽ تير کڻڻ لاءِ جاءِ ۾ گھڙي ويو. اندر گھڙندي ئي سندس نگاھھ شاھوڪار جي وڏ ور جوان ڌي تي وڃي پئي، بس سندس صورت دل کي وڻي وئي. جيتوڻيڪ اڳ بھ شادي ڪيل ھئس، پر پڪو پھھ ڪيائين تھ ھن امير زاديءَ سان بھ ضرور شادي ڪندس. سو شڪار کڻي گھر ڏي موٽيو، پر انھيءَ جھوريءَ جھوري وڌس. نھ ڪنھن سان ڳالھائي نھ ٻولھائي، اندر ئي اندر ۾ پيو گھاٽ گھڙي تھ ھاڻي ڇا ڪريان. آخر سنگتين جي گھڻي پڇڻ تي سچي ڪيائين. انھيءَ قصي جي خبر بادشاھھ کي بھ پئي جنھن بھ کيس گھڻو ئي سمجھايو تھ اھو سڱ پنھنجي شان وٽان نھ آھي. باقي ٻي جيڪا شھزادي چئين، سا پرڻايانءِ. پر شھزادو اٽ ھڻي بيٺو تھ پرڻائين تھ اھا شاھوڪار زادي پرڻاءِ، نھ تھ آءٌ فقير ٿي ويندس ۽ ساري عمر ان جي فراق ۾ ڪاٽيندس.

بادشاھھ لاچار ٿيو، سو شاھوڪار ڏي سنڱ لاءِ وزير کي موڪليائين، جنھن وڃي شاھوڪار سان ڳالھھ ڪئي ۽ کيس چيائين تھ: خوشيءَ سان ڏيندين تھ واھھ، نھ تھ بادشاھھ زوريءَ بھ سڱ وٺندءِ. شاھوڪار ڳالھھ ٻڌي فڪر ۾ پئجي ويو تھ ھاڻي ڇا ڪجي. جي سڱ نٿو ڏئي تھ بادشاھھ جو ڊپ، ۽ جي سڱ ڏئي ٿو تھ ذات وارن جو ڊپ. آخر ڳڻ ڳوٺ ڪري وزير کي چيائين تھ: ھڪ ھفتي جي موڪل ڏيوم تھ آءٌ ويچار ڪري، اوھان کي جواب ڏيان. وزير سيٺ کي خوشيءَ سان مھلت ڏني ۽ واپس بادشاھھ سان حقيقت ڪئي.

ھوڏانھن شاھوڪار ڇا ڪيو جو پنھنجي نيات وارن جي دعوت ڪئي انھن کي ماني کارائڻ کان پوءِ بادشاھھ واري سموري حقيقت ٻڌائي، کانئن صلاح پڇيائين. نيات وارن ھن کي چيو تھ: تون بادشاھھ کي سڱ ڀلي ڏي. شاھوڪار پوءِ بادشاھھ کي سڱ ڏنو. بادشاھھ پٽ پرڻائي، ڪنوار پنھنجي محلات ۾ وٺي آيو. بادشاھھ صبح جو اٿي ڏسي تھ مايا ۽ ڌن دولت سڀ ڦلھيار ٿي وئي آھي. پوءِ بادشاھھ پنھنجي پٽ کي چيو تھ: ھاڻي پاڻ ٻئي ملڪ ۾ ھلي پورھيو ڪري پيٽ پاريون. آخر بادشاھھ، شھزادو، بادشاھھ جي راڻي ۽ شھزادي جون راڻيون سڀئي شھر کان روانا ٿيا ۽ وڃي ھڪڙي شھر ۾ پھتا. ھنن وٽ اھو پيسو ڪو نھ ھو جو کڻي ماني کائين، پر شھزادي جي نئينءَ راڻيءَ وٽ ڪجھھ ڏوڪڙ پيل ھئا. ھن بادشاھھ کي انھن مان ٻھ آنا ڏنا. بادشاھھ شھر ۾ ويو، اتي گم ٿي ويو. پوءِ شاھوڪار زاديءَ پنھنجي سس کي ٻھ آنا ڏنا، اھا بھ گم ٿي ويئي. وري پنھنجي مڙس شھزادي کي ٻھ آنا ڏنا تھ اھو بھ الاجي ڪيڏانھن گم ٿي ويو. باقي شھزادي جون ٻھ زالون وڃي رھيون. جن مان پھرينءَ وٽ ھڪ املھھ ماڻڪ ھو. ھنن چيو تھ: بازار ۾ وڪڻي ڪا جاءِ مسواڙ تي وٺون. ھنن راڻين مان جيڪا راڻي شاھوڪار جي ڌيءَ ھئي تنھن پنھنجي ساھيڙيءَ کي چيو تھ: آءٌ مردانا ڪپڙا پايان ٿي ۽ تون زنانن ڪپڙن ۾ ھل. آخر ٻئي راڻيون شھر ڏانھن روانيون ٿيون.

شھر ۾ ھنن کي ھڪڙو سيٺ گڏيو، جنھن وٽ بھ املھھ ماڻڪ ھو. خبرن چارن کان پوءِ سيٺ چئي تھ منھنجو املھھ ماڻڪ سٺو ۽ راڻيون چون تھ اسان جو ماڻڪ سٺو.  ھنن جو پاڻ اچي ضد لڳو. آخر ھڪٻئي کي شرطنامون لکي ڏنائون.سيٺ شرطنامون لکي ڏنو تھ جي منھنجو املھھ ماڻڪ سٺو ٿيو تھ اوھين ٻئي منھنجي ملڪيت ٿينديون ۽ راڻين چيو تھ جي اسان جو املھھ ماڻڪ سٺو ٿيو تھ تنھنجي ماڙي ملڪيت سميت اسانجي ٿيندي. پوءِ ھي ٽئي ڄڻا صراف جي دڪان تي پھتا ۽ ٻئي املھھ ماڻڪ صراف کي ڏنائون ۽ پڇيائون تھ ڪھڙو املھھ ماڻڪ سٺو آھي. صراف ھنن کي چيو تھ راڻين وارو املھھ ماڻڪ سٺو آھي. پوءِ راڻين سيٺ کان ماڙي ورتي ۽ ھن کي تڙي ٻاھر ڪڍي ڇڏيائون. پوءِ انھن مان جنھن راڻيءَ مردانا ڪپڙا پاتا ھئا، سا شھر جي بادشاھھ وٽ وئي ۽ ھڪ سؤ رپيا ماھوار پگھار سان چوڪيدار ٿي بيٺي ۽ رات جا پھريان ٻھ پھر پھرو ڏيندي ھئي. بادشاھھ ھن جو نالو ”نئون نوڪر“ رکيو.

ٿورن گھڻن ڏينھن کان پوءِ ھن ڇا ڪيو جو خزاني مان ملڪيت کڻي ڀر واري جاءِ ۾ پوري ڇڏي. جڏھن بادشاھھ کي خبر پئي تھ خزاني مان چوري ٿي ويئي آھي تڏھن نوڪرن کان پڇيائين تھ: ڪنھن جي پھري ۾ چوري ٿي آھي؟ تڏھن نوڪرن چيو تھ: سائين! نئين نوڪر جي پھري جيواري ۾. نئون نوڪر اتي بيٺو ھو، جنھن بادشاھھ کي چيو تھ: منھنجي پھري ۾ چوري ٿي ھوندي تھ چورن ملڪيت اتيئي پوري ڇڏي ھوندي. پوءِ بادشاھھ ۽ نوڪرن چور جا پير کنيا، ڏسن تھ برابر جاءِ جي ڀرسان ملڪيت زمين ۾ پوري پئي آھي. تڏھن بادشاھھ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سندس پگھار بدلائي ٻھ سؤ رپيا مقرر ڪيائين.

ھڪڙي ڏينھن ھيءَ پھرو ڏئي رھي ھئي تھ ٻڌي تھ ڀرسان ھڪڙي مقام ۾ دانھون پيون ٿين. ھيءَ سڌو مقام تي ڪاھي وئي. ڏسي تھ ھڪڙي سھڻي ۾ سھڻي زال قبر جي ڀرسان ويٺي آھي. ھن ان کان پڇيو تھ: ڪير آھين؟ چيائين تھ: آءٌ ملڪان پري آھيان، پر تون ھتي ڇو آئين؟ تڏھين چيائينس تھ: آءٌ بادشاھھ جو نوڪر آھيان. ھن جي ائين چوڻ تي پري وٺي اڏاڻي پر ھن ڇا ڪيو جو پريءَ کي ترار ھڻي، ھن جي پيرن جا نورا ڪيرائي وڌائين ۽ اھي بادشاھھ وٽ کڻي آئي ۽ اچي کيس ڏنائين. بادشاھھ نورا کڻي محلات ۾ ھڪڙي راڻيءَ کي ڏنا تڏھن ٻين راڻين چيو تھ: اسان کي بھ اھڙا نورا گھرائي ڏي! بادشاھھ لاچار ٿي نوڪر کي چيو تھ: اھڙا ڇھھ نورا ٻيا آڻي ڏي. ھوءَ سنڀري بادشاھھ کان موڪلائي رواني ٿي. ھڪڙي ولايت لنگھي اڃا اڳتي پھتي تھ ڏسي تھ چار ماڻھو آھن ۽ انھن وٽ ھڪڙي اڏند کٽولي آھي ۽ ان تان پاڻ ۾ پيا وڙھن. ھي ڪاھي ھنن وٽ ويئي ۽ پڇيائين تھ: ھي ڇا آھي؟ تڏھن ھنن چيو تھ: ھيءَ اڏند کٽولي آھي. تڏھن ھن چيو تھ اوھين وڙھو ڇو پيا؟ جنھن تي ھنن مان ھڪڙي چيو تھ: ھيءَ اڏند کٽولي منھنجي آھي ۽ ھي منھنجا دوست آھن ۽ چون ٿا تھ اھا اسان کي ڏي. پوءِ ھن کين چيو تھ: ھي تير آءٌ ھڻان ٿو، جيڪو اوھان سڀني مان پھريائين کڻي ايندو، اھو اڏند کٽولي وٺندو. ھن تير ھنيو ۽ ھو ٽيئي اوڏانھن ڀڳا. ھيءَ اڏند کٽولي تي چڙھي ويٺي ۽ چوڻ لڳي: ھل اڏند کٽولي جتي ملڪان پري.

جڏھن ھيءَ ملڪان پريءَ وٽ پھتي، تڏھن ملڪان پري ھن کي چيو تھ: تون ھتي ڇو آئين؟ تڏھن ھن ملڪان پريءَ کي چيو تھ: آءٌ نورا وٺڻ آيو آھيان. جنھن تي پريءَ چيس تھ: ھينئر جو ھينئر وڃ نھ تھ آءٌ توکي مارائينديس. پر ھن وٽ ڪا اھڙي شيءِ ھئي، جو ان کان بڇ ڪرائي پريءَ کي مار ڪڍايائين، ان تي پريءَ ھن کي چيو تھ: ھاڻي آءٌ توسان گڏ ھلان ٿي ۽ مونکي وڌيڪ نھ ماراءِ. ھيءَ پريءَ کان نورا کڻي ۽ پريءَ کي ساڻ وٺي واپس رواني ٿي.

اڏند کٽوليءَ تي چڙھي چيائين تھ: ھل اڏند کٽولي جتان آءٌ چڙھيو ھوس. اڏند کٽولي وري بھ انھيءَ ساڳيءَ جاءِ تي اچي ڇڏين. پوءِ ھوءَ نورا کڻي بادشاھھ وٽ وئي ۽ بادشاھھ کي چيائين تھ: سائين! ھاڻي ساري عمر پيا نورا ڪم آڻيو. پر اتي ٻين نوڪرن ڏٺو تھ نئون نوڪر وڃي ٿو ھاڻي ترقي ڪندو سو ڇا ڪيائون جو بادشاھھ وٽ جيڪو حجام ھفتي ھفتي ايندو ھو، تنھن کي چيائون تھ: توکي پنج سؤ روپيا ڏينداسون ۽ اسان کي نئون نوڪر ڪڍائي ڏي. حجام انھن کي انجام ڏنو. آخر ھڪڙي ڏينھن حجام بادشاھھ کي چيو تھ: مون رات خواب ڏٺو آھي تھ اوھان جا وڏا چون ٿا تھ اوھان ھينئر جيڪو نئون نوڪر بيھاريو آھي، اھو اسان ڏانھن موڪليو. بادشاھھ نئين نوڪر کي چيو تھ: تون اسان جي وڏن وٽ وڃ! نوڪر چيو تھ: ھائو سائين. نوڪر گھر وڃي ملڪان پريءَ سان ڳالھھ ڪئي. ملڪان پريءَ ھن کي چيو تھ: تون ڪو بھ فڪر نھ ڪر. انھيءَ وچ ۾ بادشاھھ حجام کان پڇيو تھ: ھن نئين نوڪر کي ڪھڙيءَ ريت موڪليون؟ تڏھن حجام چيو تھ: ڪپھھ جو ڍير ڪري ان تي کيس چاڙھيو، مٿان ھو ايندا ۽ کيس وٺي ويندا.

آخر بادشاھھ ڪپھھ جو ڍير ٺھرايو ۽ نوڪر کي ڍير تي چاڙھيو. پوءِ بادشاھھ حجام کان پڇيو تھ: ھاڻي ھيءَ ڪپھھ ڪيڏانھن ڪريون؟ حجام چيو تھ: ھن جي ھيٺيان باھھ ڏياريو. آخر باھھ ڏني وئي. جنھن وقت باھھ ڏني وئي تھ ان وقت پري ھن کي ٻانھن ۾ جھلي کڻي وئي ۽ وڃي پنھنجي گھر ڇڏيائين.

چئن مھينن کان پوءِ نئون نوڪر ناڻي جي ٿالھي ڀري بادشاھھ وٽ آيو ۽ بادشاھھ ھن کان حال حقيقت پڇي ھن بادشاھھ کي چيو تھ: اوھان جي وڏن چيو آھي تھ حجام کي موڪليو تھ اسان جي سنوارت ڪري وڃي. تنھن تي بادشاھھ حجام کي چيو تھ: تون وڃ. حجام مجبور ٿي ڳالھھ قبول ڪئي. بادشاھھ وري بھ ڪپھھ جو ڍير ڪرائي، حجام کي ان تي چاڙھي، ھيٺان ڪپھھ کي باھھ ڏياري تھ حجام سڙي مري ويو.

ھڪڙي ڏينھن ھيءَ بازار مان لنگھي تھ ڏسي تھ سندس سھرو، سس ۽ مڙس شھزادو ڪاٺيون کڻي ھڪڙي دڪان تي ويٺا آھن. دڪان واري ھنن کي چيو تھ: چئين آني ڀري وٺندس. تڏھن ھنن چيو تھ: پنجين رپئي ڀري آءٌ وٺندس ۽ ھلو منھنجي محلات تي. پوءِ ھيءَ ھنن کي محلات ۾ وٺي وئي. اتي ڪاٺيون رکائي چيائين تھ: ھتي ويھو تھ آءٌ اچان ٿو. ائين چئي زنانا ڪپڙا ڪري وري آئي ۽ چوڻ لڳي تھ: اوھين مونکي سڃاڻو ٿا يا نھ؟ تڏھن چيائون تھ: ھائو! تڏھن راڻيءَ شھزادي کي چيو تھ: آءٌ تنھنجي زال آھيان ۽ تنھنجي ٻي راڻي محلات ۾ ويٺي آھي ۽ ٽئين ملڪان پري آھي. ھاڻي تون اسان جو مڙس آھين ۽ ھي مايا ملڪيت مون تنھنجي لاءِ گڏ ڪري رکي آھي. پوءِ بادشاھھ ۽ شھزادي پڇاڙيءَ جي عمر اتي گذاري.

3 – گل سفيد پري *

ھڪ دفعي ڪنھن ملڪ جو شھزادو ۽ وزير زادو شڪار ڪري موٽيا ۽ اچي ھڪڙي چاڪيءَ جي ماڙيءَ ھيٺان لانگھائو ٿيا. اوچتو شھزادي جي نظر مٿي دريءَ تي وڃي پئي ۽ چاڪيءَ جي ڌيءَ جي صورت ڏسي عقل چرخ ٿي ويس. وزير زادو ھو سياڻو سو يڪدم ڳالھھ سھي ڪري ويو؛ سو شھزادي کي چيائين تھ: شھزادا! اھا ڪھڙي وڏي ڳالھھ آھي. اڄ ئي ماڻھو موڪلي چاڪيءَ جي ڌيءَ جو سڱ ڇڪايون ٿا.

شھزادو گھر پھتو، ڦرندي گھرندي ڳالھھ بادشاھھ جي ڪن تي وڃي پئي. يڪدم چاڪيءَ کان سڱ گھريو ويو، جنھن چيو تھ: آءٌ پنھنجي ڌيءَ کان پڇي پوءِ ورندي ڏيندس. چاڪيءَ جڏھن پنھنجي ڌيءَ کان ان باري ۾ پڇيو تھ ڌيڻس چيو تھ آءٌ شھزادي سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار آھيان، پر منھنجا ڪي شرط آھن، جي ھن کي منظور ڪرڻا پوندا. منھنجو پھريون شرط ھيءُ آھي تھ شھزادو، نڪاح پڙھائڻ وقت پاڻ سان قاضي، شاھدن ۽ پنھنجي دوست وزير زادي کان سواءِ ٻئي ڪنھن بھ شخص کي وٺي نھ ايندو. ٻيو تھ شاديءَ جو ٺٺ ٺانگر نھ ڪندو. ٽيو تھ آءٌ پنھنجي ماڙيءَ کان ٻاھر نھ وينديس ۽ چوٿون ھيءُ تھ جڏھن شھزادو ھتي ايندو، تڏھن منھنجي چوڻ سان ھليو بھ ويندو. شھزادي اھي سڀ شرط قبول ڪيا. آخرڪار شھزادي ۽ چاڪياڻي جي شادي ٿي.

ٻئي ڏينھن صبح جو، شھزادو ۽ وزير زادو چاڪي جي ماڙيءَ تي ويا. ٻانھيءَ ھنن کي ماڙي کان ٻاھر رستي تي ھڪ کٽ وڇائي ڏني، جنھن تي ھي ٻئي ڄڻا چڙھي ويٺا. اتي ويٺي ويٺي ھنن کي شام ٿي وئي، پر نھ تھ چاڪياڻي ٻاھر نڪتي ۽ نھ وري ھنن ڏانھن ڪو مانيءَ ٽڪر ئي موڪليائين. وزير زادو تھ اڳ ۾ ئي چاڪياڻيءَ جي مغروري ۽ بيپرواھيءَ تي چِڙيل ھو، ويتر سڄي ڏينھن جي بک، سو ھاڻي تھ وڻ ئي وڄي ويس. شھزادو تھ ويچارو سور سھي، ماٺ ڪري پنھنجي محلات ۾ موٽي ھليو ويو، پر وزير زادو دل ئي دل ۾ ويچارڻ لڳو تھ، آخر ويڌن ڪھڙي آھي؟گھڻي سوچ ويچار کان پوءِ، نيٺ ھن فيصلو ڪيو تھ ڪنھن نموني سان چاڪياڻيءَ جو گھر ڏسي انھيءَ ڳالھھ جو انت لھجي.

رات ٿي، ھئو مئو ٽريو تھ وزير زادي بھ وڃي چاڪي جي ماڙيءَ جو پاسو ورتو. ھن وٽ ھڪ پاليل ڳوھھ ھئي. ان جي چيلھھ ۾ رسو ٻڌي. ماڙيءَ جي ڀت تي کڻي اڇلايائين. ڳوھھ جڏھن پنھنجا چنبا ڀت ۾ پختا ڪيا، تڏھن ھو رسيءَ جي وسيلي مٿي چڙھي ويو. پوءِ ڳوھھ کي ٻاھرئين پاسي ڪري، جاءِ ۾ لھي ھڪڙي ڪنڊ ۾ لڪي ويھي رھيو. وزير زادي ڏٺو تھ چاڪياڻي ھڪڙي ڇپر کٽ تي ويٺي آھي ۽ پنھنجي ٻانھيءَ کي پئي چيائين تھ: ڇوري! اڄ ڪاڻي مئي ڇو دير ڪئي آھي؟ ٻانھيءَ وراڻيو تھ:سائڻ! اچڻ وارو آھي. جھٽ ڪانھ گذري تھ ھڪڙو ڪاڻو ديو، زوڪٽ ڪري اچي ماڙيءَ اندر لٿو. چاڪياڻيءَ خار مان ديو کي گھڻو گھٽ وڌ ڳالھايو ۽ ھن کان دير ڪرڻ جو سبب پڇيو. ديو چيو تھ: اسان جو سردار ”چمن باد“ ديو، اڄ ”گل سفيد“ پريءَ جو ناچ ڪرايو ھو؛ سڀئي اتي حاضر ھئاسين. ان خوشيءَ ۾ سردار اسان کي صوفن جو باغ بخشيو. مونکي پنھنجو ڀاڱو ھينئر مليو آھي جو پاڻ سان کڻي آيو آھيان، اِجھو ھو ڪنڊ ۾ رکيا آھن. اھو ٻڌي چاڪياڻيءَ ھن کي معاف ڪيو. ديو ڪجھھ وقت رھاڻ ڪرڻ کان پوءِ واپس ھليو ويو. ديو جو ھيڏانھن ٿيڻ ۽ وزيرزادي جو صوفن کي پاسو ڏيڻ، سڀئي سٺا سٺا صوف چونڊي، ھڪ ھڙ ۾ ٻڌي ساڳي رستي تان ھيٺ لھي وڃي پنھنجي گھر پھتو.

صبح جو وزيرزادو انھن صوفن مان ٻھ سٺا صوف کڻي، شھزادي کي وٺي چاڪي جي ماڙيءَ ڏانھن روانو ٿيو. رستي ۾ شھزادي کي سيکاري ڇڏيائين تھ: جنھن وقت اسان کي اتي ويٺي ساعت کن گذري، تڏھن مونکي چئج تھ ڪميڻا وزيرزادا، مونکي بک لڳي آھي، ڪجھھ کائڻ لاءِ ڏينم. آءٌ توکي جواب ڏيندس تھ ٻيو ڪجھھ ڪونھي البت جون جي مانيءَ جو ھڪڙو سڪل ٽڪر آھي.” حڪم ٿئي تھ پيش ڪريان. تون چئج اھو ئي ڏي. چاڪي جي ماڙيءَ وٽ پھچي، ھو ٻئي ڄڻا ساڳي کٽ تي ويھي رھيا. گھڙي مس گذري تھ شھزادي رڙ ڪري چيو تھ: ڪميڻا وزير زادا! مون کي بک لڳي آھي، ڪجھھ کائڻ لاءِ ڏي. وزيرزادي جواب ڏنو تھ:قبلا! ٻيو تھ ڪجھھ بھ ڪونھيم، باقي جون جي مانيءَ جو سڪل ٽڪر پيو اٿم، حڪم ٿئي تھ ڏيان. شھزادي چيو تھ: اھو ئي ڏي. چاڪياڻيءَ اھو سڀ ڪجھھ مٿي ويٺي ٻڌو، تنھن پنھنجي ٻانھيءَ کي چيو تھ: ڏس تھ شھزادو ڇا ٿو کائي؟ ھوڏانھن وزيرزادي ھڪ سٺو صوف ڪپي، شھزادي کي ڏنو. ٻانھي اھو ڏسي وڃي پنھنجيءَ سائڻ کي ٻڌايو. اھو ٻڌي چاڪياڻيءَ کي ڪاڻي ديو وارا صوف ياد آيا. تنھن ٻانھيءَ کي چيو تھ: وڃ پاڻ وارا راتوڪا صوف کڻي اچ. ٻانھي صوف کڻي آئي تھ اھي سڀ ڪچا ۽ ساوا ھئا. چاڪياڻي ٻانھيءَ کان پڇيو تھ:شھزادي وٽ بھ اھڙا آھن؟ ٻانھيءَ ورندي ڏني تھ: نھ سائڻ، ھنن وارا صوف تھ اھڙا آھن جو اسان ڪڏھن ڏٺا بھ ڪينھن. اھو ٻڌي چاڪياڻيءَ ٻانھيءَ کي حڪم ڏنو تھ: تون وڃي شھزادي کان اھو صوف وٺي اچ. ٻانھيءَ وڃي شھزادي کان چاڪياڻي لاءِ صوف گھريا. وزيرزادي چيو تھ: اٿي شھزادا، ھل، ھھڙي ڪميڻي رن کي صوف ڏيڻ کان ڪتن کي ڏيڻ چڱو آھي. ائين چئي ھو شھزادي کي وٺي ھليو ويو.

ٻانھيءَ جڏھن وزير زادي وارا لفظ وڃي پنھنجي مالڪياڻي کي ٻڌايا، تڏھن ھوءَ صفا سڙي وئي، پر سور پچائي ٻانھيءَ کي چيائين تھ: وڃي انھن کان پڇي اچ تھ ھنن اھي صوف ڪٿان آندا آھن؟ ٻانھي ڊوڙندي ڊوڙندي وڃي ھنن کي پھتي ۽ کانئن صوفن بابت پڇيائين. وزيرزادي چيو تھ: رات ديون جي سردار چمن باد، گل سفيد پريءَ جو ناچ ڪرايو ھو ۽ خوشيءَ ۾ ھن کي صوفن جو باغ ڏنو ھئائين. اھا پري، شھزادي جي سنگتياڻي آھي، سا صوف پھچائي وئي اٿس. ٻانھيءَ اھا ڳالھھ چاڪياڻيءَ کي ٻڌائي، جا حيران ٿي وئي ۽ دل ئي دل ۾ ارادو ڪيائين تھ رات جو ماريو ڪاڻو ديو وري اچي تھ ان جي چڱي طرح خبر ٿي وٺان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org