سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-3

 باب:

صفحو :23

سج لٿي ديو ”آدم بوءِ آدم بوءِ“ ڪندو اندر آيو. راڻيءَ چيس تھ: تنھنجي ڪوٽ ۾ آدم تھ ٺھيو پر ھوا بھ ڪا نھ ٿي اچي سگھي، تنھنجو مغز خراب ٿي پيو آھي ڇا؟ وري جو کڻي مٺڙيون مٺڙيون ڳالھيون ڪيائين تھ ديو کي ڳالھھ ئي وسري وئي. رات جو راڻيءَ چٽ ڏئي پڇيس تھ: ساھھ تي ڀروسو ڪونھي، اڄوڪو سج سڀاڻي بھ ڏسبو يا نھ، تنھن ڪري منھنجي صلاح آھي تھ پنھنجو ساھھ اھڙي ھنڌ لڪائي رک، جو ڪو ڪوسو واءُ بھ نھ لڳي. ديو چيس تھ: منھنجي ساھھ جو فڪر نھ ڪر، اھو اھڙي ھنڌ قابو آھي جو آدم تھ ٺھيو پر جنن کي بھ طاقت ڪانھي جو ان تي نظر ڪن. راڻيءَ چيس تھ: اھو ڪھڙو ھنڌ آھي، مونکي بھ تھ ٻڌائي ڇڏ. ديو راڻيءَ جي ڌاڳي ۾ اچي ويو ۽ ٻڌايائينس تھ: منھنجو ساھھ ھڪڙي ڪبوتر ۾ آھي جو ستن سمنڊن جي وچ ۾ منھنجي ڀاءُ اجگر ديو جي محلات ۾ سوني پڃري ۾ آھي. راڻيءَ چيس تھ: برابر ھاڻي منھنجو ڊپ لٿو، اھو سوگھو آھي. اڃان بھ مٺيون مٺيون ڳالھيون ٻڌائي، ديو کان سڀ گس پنڌ پڇي ڇڏيائين.

صبح جو ديو روزاني عادت موجب راند ڪرڻ لاءِ ٻاھر نڪري ويو. شھزادو بھ نيرن پاڻي ڪري سرنگھھ تي آيو ۽ سرنگھھ کولي ماءُ وٽ پھتو، ماءُ پٽ کي ڏسي خوش ٿي ۽ چيائينس تھ: ابا! شل خدا

....”شھزادي سٽ ڏيئي ڪبوتر جي باز پٽي تھ ديو جي بھ ٻانھن پٽجي ويئي“....

ڪري تنھنجو وار بھ ونگو نھ ٿئي، مون ديو کان پڇيو پر ھن جو ساھھ اھڙي ھنڌ سوگھو آھي جو تنھنجي پھچڻ جي اتي طاقت ڪانھي، ماٺڙي ڪري موٽي وڃ، مونکي مئو سھسائي ڇڏ. شھزادي گھڻو زور لاتس، نيٺ سڀ حال ٻڌايائينس. شھزادو بھ موڪلائي نڪتو ۽ سرنگھھ بند ڪري پوڙھيءَ وٽ آيو. پوڙھيءَ کان موڪلائي دعائون وٺي ڏس ڏي روانو ٿيو. پڇائيند پڇائيندو ڏک ڏوجھرا ڏسندو اچي ستين سمنڊ تي پھتو. ھاڻ ويچار ۾ ھو تھ محلات تي ڪيئن پھچان. اڃان انھن ئي خيالن ۾ روئڻھارڪو ٿيو بيٺو ھو تھ ھڪ لڌڙو پاڻيءَ مان نڪتو. شھزادي کي ڪپ تي بيٺل ڏسي کانئس پڇيائين تھ: تون آسمان مان ڪريو آھين يا زمين اوڳاري ٻاھر ڪڍيو اٿئي؟ شھزادي چيس تھ: آءٌ ديو جو ٻچو آھيان، پنھنجي چاچي اجگر ديو جي محلات ۾ ويندس. لڌڙي چيس تھ: آءٌ اجگر ديو جو مريد آھيان، جي تون سندس ڀائٽيو آھين تھ اچ، اچي منھنجي پٺيءَ تي چڙھھ تھ توکي محلات ۾ پھچائي اچان. شھزادي کي اھا ئي ڳالھھ کپندي ھئي، سو ٽپ ڏئي مٿس چڙھي ويٺو. لڌڙي اک ڇنڀ ۾ آڻي اتي پھچايس. ھيءُ محلات جو نمونو ڏسي ڏندن ۾ آڱريون ڏئي بيھي رھيو. نيٺ ڌڻيءَ جو نالو وٺي اڳتي وک وڌايائين. ھڪڙي ڪمري ۾ آيو تھ ھڪڙي عورت ڏٺائين. ھي ”چاچي چاچي“ ڪري اچي پيرن تي ڪريس. مائي عجب ۾ پئجي وئي. تنھن تي شھزادي چيس تھ چاچو ڪٿي آھي، مائيءَ پڇيس تھ پھريائين ٻڌاءِ تھ تون ڪير آھين؟ شھزادي روئڻھارڪو ٿي چيس تھ: چاچي! آءٌ توھان جو ڀائٽيو آھيان. بابي مونکي موڪليو تھ وڃي چاچي وٽان گھمي اچ. ھتي مونکي لڌڙو وٺي آيو. پر امان دعائون سلام ڏنا اٿئي. مائيءَ کي بھ پڪ ٿي تھ برابر ھي منھنجي ڏير جو پٽ آھي. تڏھن ھن کي چيائين تھ چاچھن ويو آھي گھمڻ، سو اجھو ٿو اچي. ڪنھن مھل اوچتو طوفان اٿيو، چاچيءَ ھن کي لڪائي ڇڏيو ۽ ٻڌايائينس تھ: جڏھن چاچھن اچي، تڏھن ”آديس چاچا آديس چاچا“ ڪري وڃي پيرن تي پئجائنس. ديو بھ ”آدم بوءِ آدم بوءِ“ ڪندو محلات ۾ آيو. زال چيس تھ: آدم بوءِ ڪانھي پر تنھنجو ڀائٽيو گھمڻ لاءِ آيو آھي. شھزادو بھ نڪري اچي ديو جي پيرن تي ڪريو. ديو کڻي ڪڇ ۾ ڪيس پڻس جون خبرون پڇائينس. شھزادي سڀ احوال ڏنو. ديو پنھنجيءَ زال کي چيو تھ: ھن جي ھر طرح خاطري ڪج. پوءِ تھ شھزادو سڄو ڏينھن پيو محلات ۾ گھمندو ھو. ھن گھمندي گھمندي اھو ڪبوتر بھ ڏٺو جو پڃري ۾ پيو ھو. ھي سڄو ڏينھن ڪبوتر سان پيو راند ڪندو ھو ۽ ھن کي ھيرائيندو ھو. چاچو ۽ چاچي ھن جو شغل ڏسي پيا ٽڙندا ھئا. ھن جڏھن ڪبوتر کي پاڻ تي چڱيءَ طرح ھيرائي ڇڏيو تڏھن ھن چاچي کي چيو تھ: چاچا! ھاڻي آءٌ اما ۽ بابي کي ساريان ٿو، ھاڻي ويندس. اجگر ديو چيس تھ: بابا! ھتي رھندين تھ اسان جون اکيون ٿڌيون، ھاڻي جي مائٽن کي ساريو اٿئي تھ تيار ٿيءُ تھ توکي ڪناري تي ڇڏي اچان. شھزادو تيار ٿيو ۽ ڪبوتر وارو پڃرو کنيائين. چاچس چيس تھ: بابا! اھو نھ کڻ. ان ڪبوتر ۾ پڻھين جو ساھھ آھي، باقي ٻيو جيڪي کپئي سو کڻ. شھزادي روڄ لائي ڏنو، چي: اتي ٻيو تھ سڀ ڪجھھ آھي پر ھي ڪبوتر مونکي وڻي ٿو. تنھن کان سواءِ بابي جو منجھس ساھھ آھي سو ڪو نھ ڇڏيندس، پنھنجي سر سان رکندو سانس. چاچيس مڙس کي چيو تھ: ڏينس تھ ڪبوتر کنيو وڃي، متان تنھنجو ڀاءُ رنج ٿي پوي تھ منھنجي پٽ کي منھنجو ڪبوتر بھ ڪو نھ ڏنائون. ھون ئي پنھنجي پيءُ کي وڃي ڏيندو ڀلي تھ ڪبوتر پڻس جي اکين اڳيان ھجي. انھيءَ تي اجگر ديو راضي ٿيو ۽ شھزادي کي پڃرو کڻي ڏنائين. پوءِ ھن کي پنھنجي پٺيءَ تي چاڙھي سمنڊ جي ڪناري تي وٺي آيو، جتي ھن جو گھوڙو بيٺو ھو. چاچس کان موڪلائي شھزادو گھوڙي تي سوار ٿيو. ڪبوتر پڃري مان ڪڍي ور ۾ سوگھو ڪيائين ۽ مينھن واچ ڪندو اچي پوڙھيءَ جي گھر پھتو. خدا خدا ڪندي رات  گذاريائين صبح جو ڪبوتر پڃري ۾ وجھي شھر ۾ آيو. پڇائيندو پڇائيندو چوپڙ راند جي پڙيءَ ۾ پھتو. ھن دل ۾ خيال ڪيو تھ ڪبوتر ھٿ ۾ ڪريان متان ديو جو شوڪارو نھ لڳي وڃي. ھن ڪبوتر ڪڍي ھٿ ۾ ڪيو ۽ ان کي ٿورو زور ڏنائين تھ راند ڪندڙن مان ھڪڙو ماڻھو رڙ ڪري اٿيو ۽ شھزادي کي چيائين تھ: اھو ڪبوتر وڪڻندين ھن جواب ڏنس تھ: ھا وڪڻندس. ھي اڳيان ۽ ديو پٺيان ديو سڄو پئي ڏڪيو، سندس سڀ وڄائون ويون ھليون، جو ساھھ جي سوڙھھ اچي ٿي ھيس. گنبذ تي پھچي ديو کي چيائين تھ: پھريائين ھي پنڊ پھڻ اصلوڪيءَ شڪل ۾ آڻ. تنھن تي ديو شوڪارو ھنيو تھ ستئي  بادشاھھ اصلوڪيءَ شڪل ۾ آيا. شھزادي انھن کي چيو تھ: توھين سڀئي گھوڙن تي چڙھي تيار ٿي بيھو پر ھڪڙو گھوڙو خالي ڇڏيو. پوءِ ديو کي چيائين تھ: باقي منھنجي ماءُ تنھنجي گنبذ ۾ آھي، سا ٻاھر ڪڍ. ديو کي سر سان لڳي پئي ھئي، تنھن اک ڇنڀ ۾ راڻيءَ کي ٻاھر آندو. شھزادي ماءُ کي چيو تھ: امان! تون بھ گھوڙي تي چڙھھ. راڻي گھوڙي تي چڙھي تھ شھزادو بھ اچي گھوڙي تي چڙھيو ۽ اڙي ھنيائين. ديو بھ ھنن جي پٺيان منٿون ڪندو ڊوڙندو آيو شھزادي سٽ ڏئي ڪبوتر جي باز پٽي تھ ديو جي بھ ٻانھن پٽجي وئي، ديو وٺي رڙيون ڪيون. اھڙيءَ طرح شھزادو ڪبوتر جو ھڪڙو ھڪڙو عضوو پٽيندو ديو کي عذاب ڏيندو گھوڙو ڊوڙائيندو ويو. جڏھن پنھنجي شھر کي ويجھو پھتو، تڏھن ڪبوتر جي منڍي پٽيائين تھ ديو جي سسي بھ ڪري پئي ۽ پڇاڙيءَ جي دانھن ڪري ھميشھ لاءِ پورو ٿي ويو. ھي سڀئي خير سان پنھنجي ملڪ ۾ اچي گھڙيا. پوءِ تھ چو طرف خوشيون ٿي ويون. شھزادو سڀني جي اکين جو تارو بنجي پيو، جو ھن جي ڪري سڀني کي نئين حياتي ملي. جيئن ھنن جون اميدون پوريون ٿيون تيئن شال سڀني ڀائرن جون اميدون پوريون ٿين.


 

٢١ – روح افزا شھزادي ۽ ست سريو ديو *

 

ڪنھن زماني ۾ ھڪڙي ملڪ تي ڪو بادشاھھ حڪومت ڪندو ھو. کيس ھڪڙو سدا ملوڪ شھزادو بھ ھو، جو پنھنجي بھادري ۽ سونھن ڪري سڄي ملڪ ۾ مشھور ھو. ھڪڙي ڏينھن شھزادو پنھنجي دوست وزيرزادي سان گڏ سير شڪار ڪيو پئي موٽيو تھ ھڪڙو پيرسن ڪاٺير ملين، جنھن کين چيو تھ: مھرباني ڪري مونکي ڪاٺيون تھ کڻايو. پر ھنن سندس ڳالھھ ئي ڪا نھ ٻڌي، چي: اسين تڪڙا آھيون. تنھن تي پيرسن ڪاٺير چيو تھ: اھڙا تڪڙا آھيو ڄڻ تھ روح افزا شھزاديءَ سان شادي ڪرڻي اٿو. شھزادي کڻي گھوڙو جھليو ۽ پيرسن کي چيائين تھ: پريا مڙس! ھاڻي وينداسين بھ اوڏانھن. ائين چئي وزيرزادي سميت محلات ۾ آيو ۽ اچي پنھنجي پيءُ کي چيائين تھ: بابا سائين! مونکي موڪل ڏيو تھ آءٌ روح افزا شھزادي سان شادي ڪري اچان. پڻس کيس گھڻو ئي روڪيو پر شھزادي چيس تھ: جي آءٌ شادي ڪندس تھ روح افزا شھزاديءَ سان نھ تھ ھينئر ٿو پاڻ کي ماريان. لاچار بادشاھھ کيس اڇي ڳاڙھي جون خرزينون ڀري ڏنيون ۽ وزيرزادي کي ساڻ ڪري وڃڻ جي اجازت ڏنائين.

وزيرزادو ۽ شھزادو ٻئي ڄڻا سھي سنڀري ھٿيار پنوھار کڻي، سامونڊي گھوڙن تي چڙھي شھزادي روح افزا جي ڳولا ۾ روانا ٿيا. منزلن تي منزلون ڪندي ھڪڙي اھڙي رڻ پٽ ۾ اچي نڪتا جتي پاڻي بھ ڪو نھ ھو. ھنن کي اڃ بھ ڏاڍي لڳي ھئي، اوچتو پري کان کين ھڪڙو کوھھ ڏسجڻ ۾ آيو. ڪھي اوڏانھن ويا. کوھھ تمام اونھو ھو جنھن ۾ ماڻھو چاڙھيءَ تان لھي وڃي پاڻي پيئندا ھئا. وزيرزادي خيال ڪيو تھ اھڙي قسم جا کوھھ خطري کان خالي نھ ھوندا آھن، تنھن ڪري شھزادي کي چيائين تھ: شھزادا! تون ترس تھ آءٌ ھيٺ لھي وڃان. وزيرزادو جڏھن پاڻي وٽ پھتو تڏھن ڏاڍو خوش ٿيو، ھٿ منھن ڌوئي پاڻي پيتائين. سامھون جو کڻي ڏسي تھ سبحان الله، ھڪڙي خوبصورت شھزادي جي تصوير پٿر تي اڪري پئي آھي. وزيرزادو اچرج ۾ پئجي ويو تھ ھي ڪھڙو راز آھي. وري خيال ڪيائين تھ شھزادو بھ پاڻي پيئڻ لاءِ ايندو، سو اھو جيڪڏھن ھيءَ تصوير ڏسندو تھ مٿس عاشق ٿي پوندو، پوءِ وري نئين آزار ۾ ڦاسجي وينداسين، تنھن ڪري ڇا ڪيائين جو انھي تصوير تي گپ ھڻي ٻاھر نڪري آيو ۽ شھزادي کي پاڻي پيئڻ لاءِ ھيٺ موڪليائين، ۽ اھو بھ چيائينس تھ: شھزادا! کوھھ ۾ گھڻو نھارجئين نھ. شھزادي کوھھ ۾ لھي وڃي پاڻي پيتو. اتي دل ۾ خيال ڪيائين تھ وزيرزادي مونکي نھارڻ کان ڇو روڪيو ھو، ۽ آءٌ بھ تھ ڏسان آخر آھي ڇا. ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريائين تھ ھڪڙي ھنڌ تازي مٽي لڳل نظر آيس. شھزادي ان تي پاڻي جا ڇنڊا ھڻي مٽي صاف ڪئي تھ ھڪڙي تصوير نظر آيس، جنھن کي ڏسڻ سان شھزادي جا ھوش خطا ٿي ويا ۽ ان تي عاشق ٿي پيو ۽ بي اختيار چوڻ لڳو تھ: ھڪڙن کي ھڪڙي، ٻين کي ٻي، واھھ جا صورت ۽ مورت ڏٺيسين. ڳچ مھل گذري وئي پر شھزادو ٻاھر نڪتو ئي ڪو نھ. تنھن تي وزيرزادو ھيٺ لھي وڃي ڏسي تھ شھزادو انھيءَ مورتي تي مست ٿيو ويٺو آھي ۽ ورائي ورائي پيو چئي تھ: ھڪڙن کي ھڪڙي، ٻين کي ٻي، واھھ جا صورت ۽ مورت ڏٺيسين. گھڻن حيلن ۽ سمجھاڻين کان پوءِ ريڌو ۽ وزيرزادي سان گڏجي ٻاھر آيو.

ڳچ پنڌ ڪرڻ کان پوءِ ھڪڙي شھر جي ٻاھرئين دروازي تي اچي پھتا، انھيءَ دروازي تي بھ ساڳي کوھھ واري تصوير ڏٺائون، ڏاڍا حيران ٿيا. وري اندر وڃي ڏسن تھ مار، سڀني ماڻھن جو ويس ڪارو ھو. پڇا ڳاڇا ڪرڻ تي خبر پين تھ انھيءَ ملڪ جي بادشاھھ جي ڌيءَ شھزادي روح افزا اڄ کان ٻارھن مھينا اڳ ھتان ھڪڙي ست سريو ديو کڻي ويو آھي، ان جي غم ۾ ملڪ جي اھا حالت آھي وري ھڪڙي چؤسول تي آيا تھ اتي پڻ اھا تصوير ڏٺائون. شھزادو اھا مورت ڏسي پاڻ جھلي نھ سگھيو ۽ بي اختيار ٿي چوڻ لڳو تھ: ھڪڙن کي ھڪڙي، ٻين کي ٻي، واھھ جا صورت ۽ مورت ڏٺيسين. پوءِ تھ شھزادو چوسول مان ٿيو دروازي وٽ اچي ۽ دروازي تان ٿيو چؤسول ۾ اچي. وزيرزادي گھڻو ئي سمجھايس پر وريو ڪجھھ بھ ڪو نھ. گھوڙي اچي وڃي رستي ۾ چرا وجھي ڇڏيا ھئا. ماڻھو سڀ حيران ھئا. وزيرزادو لاچار ٿي بادشاھھ وٽ ويو ۽ شھزادي جي پاران بادشاھھ کان سڱ جي گھر ڪيائين. بادشاھھ چيس تھ: اھا ڪيترن ڏينھن کان ست سريو ديو کڻي ويو آھي. باقي ان جي ننڍي ڀيڻ نؤرس ان کان بھ سھڻي آھي، جي قبول ڪريو تھ مونکي منظور آھي. وزيرزادي اھا حقيقت اچي شھزادي کي ٻڌائي. پر شھزادو ٻي باسيئي نھ. تنھن تي وزيرزادو وري بادشاھھ وٽ آيو ۽ چيائين تھ: مونکي انھيءَ ست سريي ديو جي رھڻ جو ڏس پتو ملي تھ آءٌ اوڏانھن وڃان. بادشاھھ ۽ درٻارين کيس گھڻو ئي سمجھايو تھ اوڏانھن نھ وڃ، اھو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ. پر وزيرزادي کان شھزادي جي اھڙي حالت ڏٺي ڪا نھ ٿي، سو بادشاھھ جي ڳالھھ نھ مڃيائين، جنھن تي ھن کيس ھڪڙو ماڻھو ڏنو. جنھن کيس وٺي وڃي ست سريو ديو جي حد ۾ ڇڏيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org