پٺيان پوپٽ، عشق شھزادي کي منٿون، ايلاز ڪرڻ شروع ڪيا، تان جو
الله جا نالا ۽ قسم وڌائين. عشق شھزادي کي بادشاھي
غرور ھو، تنھن دل ۾ چيو تھ، جيتامڙو ڇا ڪندو. سو
نيٺ ھن پوپٽ کي ڇوڙيو تھ اھو يڪدم ڀوت بڻجي پيو ۽
عشق شھزادي کي چنبن ۾ کڻي وٺي آسمان ڏانھن اڏاڻو.
ان وقت پدما پري بھ سھيلين سميت واپس پئي آئي،
تنھن جي نظر ڀوت تي پئجي وئي تھ ھو عشق کي کنيو
پيو وڃي. سھيلين سان صلاح ڪيائين تھ اوھين ھيٺ
بيھو تھ مان ٿي وڃي ڀوت کي پيرن ۾ چھنڊڙيون پايان
تھ من ھن جي چنبن مان عشق ڇڏائجي وڃي ۽ پوءِ اوھين
ھيٺان جھٽي وٺجو. پر سھيلين اھا ڳالھھ قبول نھ ڪئي
۽ چيائونس تھ: اسين وڃي ٿيون ڀوت کان عشق ڇڏايون ۽
تون ھيٺ ان کي جھٽي وٺج! ائين چئي سھيلين وڃي ڀوت
سان لڙائي ڪئي ۽ پدما پري ھيٺ خبردار ٿي بيھي رھي.
نيٺ عشق جي ڪرڻ تي ھن کي جھٽي ورتائين، پر ھن تي
ڏاڍي ڪاوڙ ھيس جو سندس چوڻ برخلاف پوپٽ کي ڇوڙيو
ھئائين، تنھن ڪري ھن کي ڪنھن گھاٽي جھنگل ۾ ڦٽو
ڪري، پاڻ پنھنجي محلات ڏانھن موٽي آئي.
انھيءَ جھنگل ۾ عشق جا سڀ ڪپڙا ڦاٽي ويا ۽ ڏکن بکن ھن کي ديوانو
ڪري ڇڏيو. ڊڀ ۽ وڻن جا پن کائيندو پئي ھليو تھ ھڪ
ڏينھن اھو ديو، جيڪو سندس پيءُ ٿيو ھو، اوچتو اچي
اتان لنگھيو، ۽ جنھن جي نظر عشق شھزادي تي پئجي
وئي. ھيٺ لھي اچي ھن کي کنيائين ۽ اچي پنھنجي جاءِ
تي پھتا ۽ ھن کان حال احوال پڇيائين. ھن سارو حال
بيان ڪري ٻڌايس تھ: ڀوت کان ڇڏائي پدما مون کي اتي
اڇلايو ھو. عشق شھزادو ساڳئي ديو پيءُ وٽ رھيو. ھڪ
ڏينھن ان کي عرض ڪيائين تھ: منھنجي شادي ڪراءِ. ھن
جو مطلب ھو تھ مونکي ضرور پدما پري ملائيندو. پر
ديو چيس تھ: لعل کٽياڻيءَ سان شادي ڪرين تھ اھا
توکي پرڻايان. ھوءَ توکي فقط ماني پچائي پئي
ڏيندي. عشق شھزادي اھا ڳالھھ بھ قبول ڪئي، جنھن تي
ھن جي شادي لعل کٽياڻي سان ٿي. لعل کٽياڻي ماني
ٺاھي تيار ڪري، عشق شھزادي کي کارائي پياري پنھنجي
استاد وٽ راڳ ناچ لاءِ ھلي ويندي ھئي.
ھڪڙي ڏينھن جيئن لعل کٽياڻي نڪتي، تئين عشق بھ ھن جي پٺ ورتي ۽
وڃي ڏٺائين تھ ھڪڙو بڙ جو وڻ آھي، ان تي چڙھي ويٺي
۽ اھو وڻ کيس کڻي اڏاڻو. اھو تماشو ڏسي عشق شھزادو
موٽي اچي پنھنجي گھر ويٺو. ٻئي ڏينھن غائب ٽوپي
پائي لعل کٽياڻيءَ جي وڃڻ کان اڳ ئي ان وڻ تي چڙھي
وڃي ويٺو. ٿوريئي وقت کان پوءِ ھوءَ بھ آئي ۽ بڙ
تي چڙھي ويٺي تھ بڙ وٺي اڏاڻو، ۽ اچي پرين جي ملڪ
۾ درياءَ جي ڪناري تي لٿو. لعل کٽياڻي وڻ تان لھي
درياءَ تان ھٿ منھن ڌوئي محلات ۾ ويئي، جتي پدما
پري ۽ ان جون ست سھيليون اينديون ھيون ۽ راڳ ۽ ناچ
ڪنديون ھيون، عشق شھزادي بھ لعل کٽياڻيءَ جي پٺ ڪا
نھ ڇڏي ۽ وڃي اندر محفل ۾ ڌڪڙائيءَ جي ڀرسان ويھي
رھيو. پدما پريءَ ناچ پئي ڪيو ۽ ٻيا سڀ نشن ۾
مخمور ھئا. عشق شھزادي ڏٺو تھ ڌڪڙائي بھ نشي ۾
جھوٽا پيو کائي، سو ھن کي سيري پان ڌڪڙ ويھي وڄائڻ
لڳو. پدما پريءَ ڏاڍيءَ موج سان ناچ ڪيو، جنھنڪري
سندس استاد مٿس ڏاڍو راضي ٿيو ۽ ھڪ وينڊو لاھي،
کيس ڏنائين. پدما وري اھو وينڊو کڻي عشق کي ڌوڪڙي
سمجھي ڏنو. محفل پوري ٿيڻ تي عشق يڪدم اچي بڙ جي
وڻ تي ويٺو ۽ اچي گھر پھتو.
لعل کٽياڻيءَ ماني تيار ڪري رکي، پر ڏسي تھ اڳئين ڏينھن واري
ماني بھ جيئن جو تيئن رکي آھي، تنھن ڪري ھن عشق
شھزادي کي وڃي ننڊ مان جاڳايو. ھن جاڳيندي ئي ٻھ –
ٽي لڪڻ لعل کٽياڻيءَ کي وھائي ڪڍيا ۽ چيائينس تھ:
آءٌ پدما پريءَ جي محفل ۾ ويو ھوس ۽ ڌڪڙ پئي وڄايم
جنھن تي ھن مونکي ھڪ وينڊو انعام ڏنو ھو. اڙي، ڏس
اھو منھنجي چيچ ۾ پيو آھي. ٻئي ڏينھن بھ عشق
ساڳيءَ طرح اتي ويو ۽ پدما پريءَ جي ناچ ۾ ڌڪڙ
وڄايائين.محفل ڏاڍي لڳي ۽ استاد راضي ٿي پدما کي
ھڪ ھار ڏنو، جيڪو ھن وري عشق شھزادي کي ڏنو.
اھڙيءَ طرح ھو ھار ھٿ ڪري موٽي پنھنجي گھر آيو ۽
اھو ھار بھ لعل کٽياڻيءَ کي ڏيکاريائين، جنھن ڪري
لعل کٽياڻيءِ کي ڏاڍا خار لڳا ۽ اھي ٻئي شيون کڻي
استاد وٽ دانھين ٿي وئي تھ پدما پري منھنجي مڙس تي
عاشق ٿي پئي آھي ۽ ھي شيون انھيءَ کي ڏنيون اٿس.
تنھن تي استاد پدما پريءَ کان ان بابت پڇا ڪئي.
پدما چيو تھ: اھو منھنجو مڙس آھي، اوھان ڀلي ھن کي
گھرائي پڇي ڏسو.
پرين جي استاد عشق شھزادي کي گھرايو. جنھن چيو تھ: پدما پريءَ
سان منھنجي گھڻي وقت کان شادي ڪيل آھي. استاد
فيصلو ڪيو تھ: پدما پريءَ کي ستن سھيلين ۽ لعل
کٽياڻيءَ سان گڏ قطار ۾ بيھاريو، جيڪڏھن عشق، پدما
کي سڃاڻي ويو تھ پوءِ ھن جي ڳالھھ سچي، نھ تھ ڪوڙو
آھي. پدما پري ۽ سندس ست سھيليون ھار سينگار ڪري
ھڪ جھڙي پوشاڪ پھري اچي قطار ۾ بيٺيون. پدما پريءَ
کي وچ ۾ بيھاريائون ۽ ٻيون ھن جي پاسن کان بيٺيون.
عشق آيو، جنھن ٻھ چڪر لڳايا پر پدما پريءَ کي
سڃاڻي نھ سگھيو. ٽئين ڀيري جڏھن آيو پئي تھ پدما
پريءَ دل ۾ چيو تھ ھينئر عشق ڪوڙو ٿي پوندو. تنھن
ڪري پنھنجي چيچ ٻاھر ڪڍي ڇڏيائين، جنھن ۾ وينڊو
پيل ھوس، اھو وينڊو عشق شھزادي جو ڏنل ھوس. جنھن
کي ڏسي يڪدم پدما پريءَ کي قطار مان ڪڍي ٻاھر
ڪيائين. جنھن تي ٽيون دفعو استاد جي ھٿن سان عشق
شھزادي ۽ پدما پريءَ جي شادي ٿي.
ان کان پوءِ عشق شھزادو پنھنجي ديو پيءُ وٽ آيو ۽ ان کان ديون
جي لشڪر جي مدد گھريائين، جنھن تي ھن کيس ديون جو
لشڪر ساڻ ڪري ڏنو. عشق شھزادو ديون جو لشڪر ۽ پدما
پريءَ سميت پنھنجي ملڪ ۾ آيو ۽ اچي وزير سان جنگ
ڪيائين. ديون جي لشڪر وزير جي لشڪر کي ماري مات
ڪيو ۽ وزير کي قيد ڪيائين. ان کا پوءِ عشق شھزادو
پنھنجي پيءُ – ماءُ سان مليو، جي ھن جي فراق ۾
روئي روئي انڌا ٿي پيا ھئا. انھن جو عشق کي ڏٺو،
تھ الله تعاليٰ جي قدرت سان ھنن جون اکيون سڄيون
ٿيون ۽ سڀ ھڪٻئي سان ملي خوش ٿي رھڻ لڳا. شال!
جوڙو ميڙو جملي جھان جو ٿئي!
11
– گل شھزادو ۽ گل پري
*
ھڪڙو ھو بادشاھھ، بادشاھن جو بادشاھھ پاڻ خدا آھي. پر ھي
بادشاھھ ھن ڪوڙي دنيا جو بادشاھھ ھو. سندس نالو
زين الملوڪ ھو. مال متاع جي وٽس ڪمي ڪا نھ ھئي، پر
اولاد نھ ھئڻ ڪري سندس جيئڻ ڏکيو ٿي پيو ھو. نيٺ
خدا جي حڪم سان، پيريءَ ۾ ھن کي سڪي پني پٽ ڄائو.
سڄي بادشاھيءَ ۾ خوشيون ٿي ويون، غريب غربو ڍئجي
ويو. شھزادي جو نالو ”گل“ رکيو ويو ۽ وڏي لاڏ ڪوڏ
سان پلجڻ لڳو. ڳالھيون سگھيون ٿين، ڏينھن چرڪا
نبرن، ڪوڙيون سچيون خدا بخشيندو، شھزادو اڄ ننڍو،
سڀان وڏو، اچي مچي مڙس ٿيو.
ھڪ ڏھاڙي پنھنجن سنگتين ساٿين سان گڏ محفل ۾ ويٺو ھو تھ ھڪڙو
پيرسن اچي اتي ويٺو. سڀئي جوان کانئس پڇڻ لڳا تھ:
پريا مڙس! تو بھ وھي ڏٺي آھي، دنيا ۾ سھڻو ڪير؟
پيرسن ٺھھ پھھ چيس تھ: ابا! سھڻا گھڻائي ٻڌم، پر
”گل پري“ وڃي دنگ ٿي، ھيءَ پري ڏاڙھونءَ وڻ ۾ سرجي
آھي. گل شھزادي، پيرسن جي ڳالھھ ٻڌي، دل ئي دل ۾
پھھ پچايو تھ، جي شادي ڪندس تھ گل پريءَ سان، نھ
تھ ائين ئي چڱو آھيان. سو اتان سڌو پنھنجي پيءُ وٽ
آيو ۽ چيائينس تھ: بابا! گل پري جا ڏاڙھونءَ جي
سرجي آھي، تنھن سان شادي ڪرائيم. پڻس جواب ڏنس تھ:
پٽڙا! پاڻ آدم، ھوءَ پري، اھو سڱ ڪيئن ٿي سگھندو!
پيءُ ھڪڙي تي، پٽ ٻيءَ تي نيٺ پٽ جي راض جي اڳيان
پيءُ کي جھڪڻو پيو ۽ شھزادي کي اجازت ڏنائين تھ
ڀلي وڃي پرڻج.
گل شھزادو، اڇي ۽ ڳاڙھي جون خرزينون ڀري ھڪ پاسي سفر تي نڪتو.
ڪھندي ڪھندي ھڪڙي ڏينھن، ھڪ باغ وٽ اچي پھتو. ڏسي
تھ باغ سڪو پيو آھي ۽ ھڪڙو جھور پوڙھو سامي آھي جو
گھريءَ ننڊ ۾ ستو پيو آھي. شھزادي ويچار ڪيو تھ
جيستائين سامي اٿي، تيستائين ڇو نھ ھن باغ کي پاڻي
ڏئي وٺان. سو يڪدم کوھھ تي نار چاڙھي، ويٺو پاڻي
ڏيڻ. ڪن ڏينھن پڄاڻا، باغ سائو ٿيو، ھن بھ ساندھھ
ٻارنھن مھينا باغ جي خذمت ڪئي. نيٺ ھڪڙي ڏينھن
سامي بھ پاسا ورائي، ڪر موڙي اٿي کڙو ٿيو. چئني
طرف ڏٺائين تھ حيران ٿي ويو. ايتري ۾ گل شھزادو،
آديس گرو آديس گرو چوندو اچي پيرن ۾ پيس. سامي ڏسي
چيس تھ: اي آدمزاد! ھي باغ تو سائو ڪيو آھي؟ گل
شھزادي چيس تھ: گرو! سائو ۽ سڪو ڪندڙ پاڻ ڌڻي
تعاليٰ آھي، مون رڳو ھن کي پاڻي ڏنو آھي. اھو ٻڌي
سامي ھن کان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائينس تھ: ٻچا! تون
ھن باغ جي تمام گھڻي خذمت ڪئي آھي، ھاڻي جيڪي توکي
گھرڻو ھجي سو گھر. گل شھزادي جواب ڏنو تھ سائين!
خدا جو ڏنو، اوھان جو ڏنو سڀ ڪجھھ اٿم، باقي آءٌ
گل پريءَ جو سڪڙائو آھيان. تنھن تي ساميءَ جواب
ڏنس تھ: پٽ! تون اتي پھچي ڪو نھ سگھندين. چڱو ائين
آھي تھ تون واپس موٽي پنھنجي وطن وڃ. گل شھزادي
چيو تھ: سائين! آءٌ موٽي ڪو نھ ويندس. ساميءَ چيس
تھ: چڱو، جي نٿو مڃين تھ ڇھھ مھينا ھتي مون وٽ ترس
تھ توکي گل پريءَ وٽ پھچايان.
ڇھن مھينن گذرڻ کان پوءِ، گل شھزادي ساميءَ کي چيو تھ: ھاڻي
مونکي گل پريءَ وٽ پھچايو. ساميءَ مٿس ٻھ – ٽي
ڦيڻا پڙھيا تھ ڏسندي ڏسندي، شھزادي مان ڦري باز
بڻجي پيو، ۽ کيس ھٿ ۾ ھڪ ڪاتي ڏئي چيائينس تھ: اھا
ڪاتي وات ۾ وجھيو اڏامندو وڃ. ٻن پھرن تائين گل
پريءَ جي ملڪ پھچي ويندين. اتي ديون جي سخت چوڪي
بيٺل آھي. تون اتي پھچي ڪو وڻ اڳيان ڏئي بيھي رھج.
جڏھن چوڪي ختم ٿيندي تھ اتي ھڪڙو گنبذ ظاھر ٿيندو
تون گنبذ ۾ اندر ھليو وڃج. جتي توکي ھڪ ڏاڙھونءَ
جو وڻ نظر ايندو. جو ڪلف ڪنجيءَ سان ڏسندين. ان ۾
اندر گل پري آھي. تون کيڏ ڪري، ان کي ڪپ سان
ڄنڊيءَ کان وڍي، ثابت کڻي اچج.
شھزادو گل پنھنجي استاد کان موڪلائي وٺي اڏاڻو، اڏامندي اڏامندي
ٻپھرن ڌاري اچي اتي گل پريءَ جي ملڪ پھتو. ساميءَ
جي ڏس موجب ھڪڙي وڻ ۾ لڪي ويھي رھيو. اتي ديون جي
چوڪي لڳي پئي ھئي، سا جڏھن ختم ٿي تڏھن شھزادو باغ
۾ اندر ويو. ڏسي تھ برابر ھڪڙو گنبذ بيٺو آھي. گل
شھزادو لوھھ ڪري اندر گھڙي ويو. اتي ڏسي تھ برابر
ھڪڙو ڏاڙھونءَ جو وڻ بيٺو آھي. ھن بسم الله ڪري وڻ
مان ڏاڙھون پٽيو ۽ وٺي اڏاڻو ۽ اچي ساميءَ وٽ ساھي
کنيائين.
ڪجھھ وقت کان پوءِ، گل پريءَ جي ملڪ ۾ گوڙ مچي ويو تھ گل پري گم
ٿي وئي آھي. اھو ٻڌي سندس پيءُ جنن پرين ۽ ديون کي
حڪم ڏنو تھ: توھان يڪدم گل پري پيدا ڪريو، نھ تھ
اوھان سڀني کي ماري ڇڏيندس. پوءِ تھ گل پريءَ جي
ڳولا ۾ جنن، پرين ۽ ديون جا ھشام نڪري پيا. آخر
اچي ساميءَ وٽ پھتا. انھن مان ھڪ وڏو ديو سامي وٽ
ويو ۽ کيس چيائين تھ: اسان جي بادشاھھ جي ڌيءَ گل
پري گم ٿي وئي آھي، تو وٽ ھيءُ گھوڙو ۽ باز بيٺل
آھن، جن مان اسان کي آدم جي بوءِ ٿي اچي، تنھن ڪري
اسان کي شڪ آھي تھ گل پري ھتي آھي، ان کي پيدا ڪر.
تنھن تي ساميءَ چيس تھ: ميان ڀڄي وڃ! ڪٿي اوھان جو
ملڪ ڪٿي آءٌ. ھتي ڪا بھ گل پري يا آدمزاد ڪونھي.
ديو ساميءَ جو رکو جواب ٻڌي واپس ھليو ويو. ٿوري
دير کان پوءِ ساميءَ گل شھزادي کي چيو تھ: پٽ،
جيترو جلد ٿي سگھي ھتان ڀڄي وڃي پنھنجي ملڪ رس. پر
رستي تي ھن ڏاڙھونءَ سان ڪا بھ ھٿ چراند نھ ڪج.
گھر وڃي پھچين پوءِ ڪنجيءَ سان کولج نھ تھ نقصان
ٿيندءِ.
شھزادو گل، ڏاڙھون کڻي ساميءَ کي پيرين پئي موڪلائي اٿي ھليو.
جڏھن اڌ رستي ۾ پھتو تڏھن دل ۾ خيال آيس تھ: آءٌ
ھيڏو سارو جبرو بادشاھھ آھيان، ۽ پنھنجو تخت بخت،
گھر گھاٽ ڇڏي، ڏاڙھونءَ لاءِ دربدر ٿيو آھيان، سو
ڏسان تھ ڏاڙھونءَ ۾ پري آھي يا نھ. پر جيڪڏھن
منجھس پري نھ ٿي تھ دنيا کلندي. اھو خيال ڪري،
ڪنجيءَ سان ڏاڙھونءَ جو ڪلف کوليائين تھ ان مان
پري ڀڙڪو ڏئي نڪتي. پريءَ جي سونھن ڏسڻ سان ھن کي
ڏندڻ پئجي ويا. جڏھن ھوش ۾ آيو، تڏھن پريءَ چيس
تھ:اي انسان، تو مونکي سڄي دنيا ۾ بدنام ڪيو آھي
تھ آءٌ گھران ڀڄي نڪتي آھيان. ھاڻي تو مون کي
اگھاڙو ڪيو آھي، سو تو جھڙي تڪڙي ماڻھو وٽ ترسڻ
مون کان ڪو نھ پڄندو، ھاڻي پنھنجي الله واھي اٿئي.
اتي گل شھزادي ڏاڍو پڇتايو، ۽ پريءَ کي آزي نيزاري
ڪندي چيائين تھ: گل پري مون برابر ڏوھھ ڪيو آھي،
اڳتي اھڙو بي ايمان ڪو نھ ٿيندس، اھو گناھھ مونکي
معاف ڪر. گل پريءَ کي مٿس رحم اچي ويو، سا وري بھ
وڃي ڏاڙھونءَ ۾ ويٺي. گل شھزادي، گل پريءَ کي
ڏاڙھونءَ ۾ بند ڪري ڪلف ڏئي، اٿي پنھنجي ملڪ ھليو.
جڏھن پنھنجي شھر جي ويجھو پھتو، تڏھن اتي بڙ جي وڻ
وٽ، جتي ھڪڙو کوھھ بھ ھو، گھوڙو جھليائين ۽ آرام
ڪرڻ لاءِ اتي ترسي پيو. گل پريءَ کي چيائين تھ:
تون ڏاڙھونءَ مان نڪري مونکي ٿورا زور ڏي. تنھن تي
پريءَ چيس تھ: آءٌ انھيءَ ڪم لاءِ حاضر آھيان، پر
اھو ڪم خراب ٿو ڪرين. پوءِ شھزادو سمھي رھيو، پري
ويھي کيس زور ڏيڻ لڳي.
خدا جي قدرت سان ھڪڙي عورت دلو کڻي کوھھ تان پاڻي ڀرڻ آئي. گل
پريءَ جو کيس ايندو ڏٺو سا يڪدم گل شھزادي جي
سيرانديءَ کان پٽڪو ڏئي، پاڻ وڻ تي چڙھي لڪي ويھي
رھي. پر ان عورت پريءَ جو پاڇو ڏسي ورتو، وري جو
شھزادي تي اک پيس تھ ھوش ئي خطا ٿي ويس. سو ويچاري
جھڙي ھئي تھڙي ھٿين ٺلھي واپس گھر موٽي آئي. پر
پاڻيءَ جي گھرج ھئس سو وري اتي آئي. پريءَ کيس وري
ايندي ڏسي چيو تھ: مائي! تون ھر ھر ڇو پئي اچين،
پرائي سونھن تي ايڏو حيران نھ ٿي، ماٺڙي ڪري ھلي
وڃ. تنھن تي ان عورت چيس تھ: آءٌ کوھھ تان پاڻي
ڀرڻ آئي آھيان، پر توھين ھن ھنڌ ڪيئن ويٺا آھيو؟
تنھن تي پريءَ سڄي ڳالھھ ڪري ٻڌايس. مڄاڻ اھا عورت
ڪا جادگرياڻي ھئي، سا گل شھزادي جو حسن ڏسي مٿس
عاشق ٿي پئي. ھوءَ ھاڻي خيال ڪرڻ لڳي تھ ڪنھن بھ
طرح گل پريءَ کي ماري شھزادي کي ھٿ ڪريان. اتي گل
پريءَ کي اچي اڃ لڳي، تنھن ھن کي چيو تھ: تون کوھھ
مان پاڻي ڀري مون کي بھ پيار ۽ تون بھ دلو ڀري وڃ.
اتي جادوگرياڻيءَ ڪجھھ پڙھيو تھ کوھھ جو پاڻي پڳھھ
تائين مٿي چڙھي آيو. پوءِ گل پريءَ کي اشارو
ڪيائين تھ وڻ تان ھيٺ لھي اچي پنھنجي مرضيءَ سان
ڍؤ تي پاڻي پيءُ. ھوءَ خوش ٿي وڻ تان لھي اچي پاڻي
پيئڻ ويٺي.
گل پريءَ ھڪڙو ٻڪ ڀري پيتو، اڃان ٻيو ٻڪ ڀري ٿي پيتائين تھ
جادوگرياڻيءَ وٺي ڌڪو ڏنس. پري وڃي کوھھ ۾ ڪري ۽
پاڻيءَ ۾ گل ٿي بيھي رھي. جادوگرياڻيءَ ڇا ڪيو جو
يڪدم پاڙي واري ساھيڙيءَ جي گھران وھنجي سھنجي
ڏاڍا عطر مکي جادوءَ جي زور تي گل پريءَ جھڙي شڪل
ٺاھي اچي شھزادي سان ڀاڪر پائي سمھي رھي.
جادوگرياڻيءَ جي مڙس ڏٺو تھ زال اڃان نھ موٽي، سو
ڪاوڙ وچان ڏنڊو ڪلھي تي رکي کوھھ وٽ اچي نڪتو.
ڏٺائين تھ گل شھزادو ستو پيو آھي ۽ پنھنجي زال کي
سمجھيائين تھ گل پري آھي، جا گل شھزادو وٺي آيو
آھي. ڀانيائين تھ اھا خوشخبري ڇو نھ بادشاھھ زين
الملوڪ کي اڳواٽ وڃي ٻڌايان تھ ڪجھھ انعام ملي. سو
وٺي ڀڳو ۽ وڃي بادشاھھ کي گل پريءَ ۽ گل شھزادي جي
اچڻ جي خوشخبري ڏنائين.
بادشاھھ زين الملوڪ، جنھن کي ڪيتري وقت کان پٽ جو وڇوڙو ھو،
تنھن ھيءَ خبر ٻڌي ڏاڍي خوشي ڪئي ۽ جادوگرياڻيءَ
جي مڙس کي چيائين تھ: ھينئر اڇي ڳاڙھي جو گھوڙو
ڀري ڏيانءِ ٿو. جي تنھنجي سچي خبر نڪتي، تھ ھن کان
بھ وڌيڪ انعام ڏيندو سانءِ. بادشاھھ پوءِ خاطريءَ
لاءِ ٻيا ماڻھو موڪليا، انھن بھ اھا ئي خبر اچي
ڪئي. پوءِ تھ ڏاڍن لاڏن ڪوڏن سان گل شھزادي کي وٺي
آيا ۽ جادوگرياڻي، جنھن کي ماڻھو گل پري سمجھيو
ويٺا ھئا، ان سان شادي لاءِ ونواھھ ٻڌائون. آخر
ڌام ڌوم سان گل شھزادي جي شادي ٿي گذري.
گل شھزادي جا جادوگرياڻيءَ جي ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ اٿڻ ويھڻ سان
سھي ڪيو تھ ھيءَ گل پري ڪانھي، پر ماڻھن جي
خواريءَ کان لاچار ٿي جادوگرياڻيءَ سان شادي
ڪيائين. حقيقت ۾ ھن وقت ويچاري سان ظلم ٿي ويو.
خيال ڪيائين تھ ھيءُ مون سان ڪنھن فريب ڪيو آھي.
بڙ واري کوھھ وٽ مون ناحق گل پريءَ کي ڏاڙھون مان
ٻاھر ڪڍيو. آخر صبر کان ڪم ورتائين، پر گل پريءَ
جي وڇوڙي ڏاڍو پريشان ڪيس. ايتري قدر جو ھن کي
حياتي زھر ٿي پئي، محلات ڇڏي اوطاقن ۾ رھڻ لڳو ۽
اتي يار دوست گھرائي ڪچھريون ڪرڻ لڳو.
گل شھزادي جي يارن دوستن ھن کي ويڳاڻو ڏسي، ھڪڙي ڏينھن چيس تھ:
اي شھزادا! ڪشالا ڪري گل پري بھ آندئي ۽ ان سان
شادي بھ ٿي، پر توکي اڃان بھ اسين غمگين ٿا ڏسون،
تنھن جو سبب ڇا آھي؟ گل شھزادي چيو تھ ادا! سڀ خير
آھي، مگر طبيعت خوش نھ آھي. اتي سندس ھڪڙو ننڍپڻ
جو دوست ميھار ھو، جنھن کان شھزادي جي ڪا بھ ڳالھھ
لڪل ڪا نھ ھئي، تنھن کانئس خلاصو احوال پڇيو تھ:
شھزادا! اندر جو حال جيڪو اٿئي سو کڻي مونکي
ٻڌاءِ. اتي شھزادي سڄي حقيقت کيس بيان ڪري ٻڌائي
تھ مون سان ڪنھن فريب ڪري، پري جدا ڪري ڇڏي آھي.
ھوڏانھن وري جادوگرياڻي ڇا ڪيو جو ڪنھن ماڻھوءَ کي
ٻھ چار سؤ روپيا ڏئي چيو تھ فلاڻي بڙ ھيٺان کوھھ
آھي، ان ۾ ھڪڙو گل بيٺو آھي، سو پاڙان پٽي اڇلي
ڇڏيو. تنھن تي ان ماڻھو اھو گل پاڙ کان ڪپي. ٽڪر
ٽڪر ڪري ڪنھن جاءِ تي اڇلائي ڇڏيو. خدا جي قدرت
سان جنھن جاءِ تي اھو گل جادوگرياڻيءَ ڦٽو ڪرايو
ھو، مينھن وسڻ تي ان ھنڌان ھڪڙو وڻ پيدا ٿي پيو،
جنھن جي خوشبوءِ آسپاس واري ھنڌ تي اھڙي پکڙجي
وئي، جو ڄڻ عطر عنبير ڇٽڪاريل آھي. جادوگرياڻيءَ
سھي ڪيو تھ اھا خوشبوءِ انھيءَ پريءَ جي ٿي
ڀانئجي. تنھن ان کي ڳولڻ لاءِ ماڻھو موڪليا، مگر
انھن کي پتو ڪو نھ پيو.
ھڪڙي ڏينھن ٻانھيءَ گرميءَ جي سبب کان محلات تي چڙھي بازيگر ٿي
کوليو تھ ڏسي تھ ڇت تي ڏاڙھونءَ جو وڻ بيٺو آھي.
ٻانھيءَ اچي جادوگرياڻيءَ سان احوال ڪيو، جنھن چيس
تھ: ماٺ ڪر. پوءِ جادوگرياڻيءَ پنھنجي نوڪرن کي
گھرائي، انعام ڏئي چيو تھ: اھو وڻ پٽي ڪنھن جھنگل
۾ ڦٽو ڪري اچو. نوڪر انعام جي لالچ تي اھو وڻ ڪپي
ڪنھن جھنگل ۾ ڦٽو ڪري آيا.
قادر جي قدرت سان گل شھزادي جي ميھار دوست جون
مينھون انھيءَ خوشبوءِ تي جھنگل ڏانھن وٺي ڀڳيون.
ميھار بھ مينھن جو پيرو کڻندو اچي ڏسي تھ مينھون
سڀ خوشبوءِ واري وڻ جا پن پيون چٽين. اتي شڪ پيس
تھ لاشڪ ھيءُ وڻ منھنجي دوست شھزادي وارو نھ ھجي.
سو اھو وڻ سربستو کڻي زمين ۾ ھڻي، پاڻي ڏئي ان کي
تاتڻ لڳو. وڻ وري سائو ٿيو ۽ خدا جي فضل سان ان ۾
ڪنجيءَ ڪلف سان ھڪڙو ڏاڙھون پيدا ٿيو. ميھار سھي
ڪيو تھ گل شھزادي واري حقيقت سڄي اچي اکين اڳيان
بيٺي آھي، ھاڻي آءٌ ڇا ڪريان! اڃان انھن ئي ڳڻتين
۾ ھو تھ مٿان جمعي جي رات اچي ٿي. انھيءَ رات گل
پري ڏاڙھونءَ مان نڪري ظاھر اچي بيٺي، جنھن جي حسن
جي سوجھري کان رات بھ ڏينھن ٿي ويو، ميھار اھڙو
حسن جو تجلو ڏسي حيران ٿي ويو. دل ۾ چيائين تھ
جھڙي ساراھھ شھزادي کان ٻڌي ھيم، بيشڪ گل پري اھڙي
آھي، خير، پريءَ ميھار کي چيو تھ: تو گل شھزادي جو
ڇا ٿين؟ ميھار جواب ڏنو تھ: آءٌ ان جو وزير آھيان،
تنھن تي پريءَ چيس تھ: ادا! گل شھزادي کي منھنجو
پيغام ڏج تھ جي تون سڀاڻڪي ڏينھن ۾ مونکي ملئين تھ
واھھ، نھ تھ آءٌ پنھنجي ملڪ ھلي وينديس. ميھار چيس
تھ: مائي! حاضر آءٌ سڀاڻي سان کيس وٺي ايندس.
|