سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-3

 باب:

صفحو :25

ٻئي ڏينھن کان شھزادو منير ٻڪرين جو ڌڻ وٺي وڃي چاري ايندو ھو ۽ شام جو اچي انڌي ديو جي خذمت ڪندو ھو. ائين ڪندي ڪندي ھن کي اتي ٻھ چار سال گذري ويا. اتي ھن ديو کي چيو تھ: ماما! ھاڻي مون کي موڪل ڏيو تھ واپس وڃان. تنھن تي ديو ھن کي دلاسو ڏنو تھ: ابا! ھائو، ھاڻي تنھنجو بلو ڪبو. اھڙيءَ طرح سان شھزادي منير ڪئين دفعا ديو کي چيو، پر ديو رڳو ٺلھا دلاسا ڏيندو رھيو ۽ کيس اسرن ۾ رھائيندو آيو.

شھزادو ديو جي ڪورن دلاسن کان ڪڪ ٿي پيو، سو سر تان آسرو لاھي، ھڪڙي ڏينھن ٻڪرين جو ڌڻ ڪاھي اتر ڏانھن ويو. دل ۾ چيائين تھ ھھڙي جيئڻ کان موت ڀلو آھي. سو ھي ڌڻ چاريندو چاريندو اتر طرف وٺيو پئي ويو. پريان ڏسي تھ ھائو ٻيلي ھڪڙو ٻڪرين جو ٻيو بھ ڌڻ آھي، سو بھ چرندو پيو اچي، ۽ ھڪڙو وڏو نانگ آھي، جو ٻڪرين جي پويان لڳو اچي. شھزادو منير نانگ کي ڏسي پھريائين تھ دھلجي ويو، پر پوءِ خدا کي ياد ڪري ترار ھٿ ۾ کڻي ھڪڙي وڏي وڻ تي چڙھي ويھي رھيو. نانگ جو ٻڪرين جو ٻيو ڌڻ ڏٺو، سو ڦوڪون ڏئي ان کي اچي سوڙھو ڪيائين ۽ جڏھن شھزادي واري وڻ جي ھيٺان اچي لنگھيو، تڏھن شھزادي بھ خدا کي ياد ڪري ترار کڻي، واسينگ تي اھڙو وار ڪيو جو نانگ ٻھ ٽڪر ٿي پيو. بس پوءِ تھ شھزادي کي نانگ مارڻ ۾ آساني ٿي پئي، ھڻي ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائين.

شھزادو شام جو نانگ وارو ڌڻ ۽ پنھنجو ڌڻ ٻئي ڪاھي ديو وٽ آيو ۽ ان کي اچي چيائين تھ: ماما! اڄ ٻڪرين جا ڪن تھ ڳڻي ڏسو. انڌي ديو جان کڻي ڳڻيون تھ ٻڪريون ٻيڻيون ھيون. ديو پڇيس ٻچا!ھي ڇا! تنھن تي شھزادي منير ٻڌايس تھ: ماما! اڄ واسينگ نانگ کي ماري ان جو ڌڻ بھ ڪاھي آيو آھيان. اھو ٻڌي ديو ڏاڍو سرھو ٿيو. پوءِ وري چيائين تھ: ٻچڙا! ايڏانھن وئين تھ ٺھيو، پر ڏکڻ ڏانھن اصل نھ وڃجئين، ڇاڪاڻ تھ ڏائڻيون اھڙيون تھ مڪار آھن جو ڪيترن کي ماري ڇڏيو اٿن ۽ ڪيترن کي انڌو ڪري ڇڏيو اٿن. اتي شھزادي چيو تھ: ماما! آءٌ ايڏانھن ڪو نھ ويندس.

ٻھ چار مھينا گذريا تھ شھزادي منير کي وري اچي ھن خيال ورتو تھ ھاڻي ڏکڻ ڏانھن بھ وڃجي، ڏسان تھ ڪھڙيون ڏائڻيون آھن؟ سو ھڪڙي ڏينھن شھزادو منير ٻڪرين جو ڌڻ ڏکڻ طرف وٺي ويو. ھڪليندو ھڪليندو وڃي ھڪڙي جھنگ ۾ پھتو. اوچتو پريان ڪن ڏائڻين جي ڏندن کڙڪائڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيس. ھو ھڪدم ترار کڻي ٻڪرين جا بُج ڪپڻ لڳو. بج ڪپي ھڪڙي وڏي وڻ تي چڙھي ڏاڍيان آواز ڪري روئڻ لڳو ۽ انھن وارن مان نوڙيون ٺاھڻ لڳو تھ ايتري ۾ انھن ڏائڻين کي ڪنھن جي روئڻ جو آواز ڪن تي پيو، سو سڀيئي ڊوڙنديون آيون. ڇا اچي ڏسن تھ ھڪڙو نھايت حسين جوان مرد آھي، جو روئي بھ پيو ۽ ٻڪرين جي وارن مان رسي بھ پيو وٽي. جنھن تي حيران ٿي ھن کان پڇڻ لڳيون تھ: اي ڇوڪرا! روئين ڇو ٿو؟ جنھن تي شھزادي چين تھ: پريان ھڪڙو ظالم شڪاري وڏو ڪتن جو ڌڻ ڪاھيو پيو اچي ۽ جيڪو بھ شڪار ھٿ لڳيس ٿو تنھن کي ڇڏي ڪين ٿو. سو اھڙي ڇيڇاڙجي مرڻ کان مان پاڻ کي ڦاھو ڏيندس. اڃا شھزادي اھا ڳالھھ ڪري بس ڪئي تھ ھڪدم ڏائڻيون بھ روئڻ لڳيون ۽ شھزادي کي چوڻ لڳيون تھ: ڇوڪرا! خدا جي واسطي اول اسان کي ڦاھو ڏي، ڇو تھ اسين ڏائڻيون آھيون، جنھن ڪري اسان کي تھ ڏاڍو خراب ڪري ماريندو, تون اڃان جوان مرد آھين، تو کي متان ڇڏي ڏين، سو مھرباني ڪري سيگھھ ڪر، اسان کي پھريائين ڦاھو ڏي. شھزادي دل ۾ چيو تھ ھاڻي وارو آھي، سو ھڪدم ھر ڪنھن کي ڦاھو ڏئي، ڇھن ڏائڻين کي ماري، ستين ڏائڻ کي چوٽيءَ کان وٺي، کڙيون ڏائڻ جون چيري ھن جو علم ختم ڪري ڇڏيائين ۽ چيائينس تھ: مامي! ديو جون اکيون ڪٿي آھن؟ ڏائڻ ھڪدم آزيءَ سان عرض ڪيس تھ: اجھي ھي اکيون، پر خدا جي واسطي منھنجي چوٽي نھ ڪپجئين. شھزادي بھ نڪا ڪئي ھم نڪا تم، يڪدم ترار سان ھن جو چوٽ ڪپي کڻي ڦٽو ڪيو ۽ ڌڪي ڪيائينس ڌڻ اڳيان، چي: ھل رن تکي. شھزادو ٻڪرين جو ڌڻ بھ ھڪڙيءَ ڏائڻ سوڌو ڪاھي شام جو اچي ديو جي مڪان تي پھتو ۽ کيس چيائين تھ: ماما! اڄ ٻڪرين جا ڪن ڳڻ. ديو جو ڪن ڳڻ ڪئي تھ ڏٺائين تھ اڄ ٻڪريون تھ ٽيڻيون ھيون. پوءِ شھزادي ماٺ ماٺ ڪري ھڪڙي اک بھ وجھي ڇڏيس، تھ ديو بُل ڏئي اٿي بيھي رھيو. جنھن تي شھزادي چيس تھ: ماما! بيھھ تھ ٻي اک بھ وجھئين. تڏھن ديو ان جي ڀرسان آيو ۽ شھزادي کيس ٻي اک بھ وڌي. ديو کي ديد ٿي سو ڏاڍو خوش ٿيو. شھزادي ديو کي چيو تھ: ماما! ھيءَ ڏائڻ بھ ھاڻي بيڪار ڪري ڇڏي اٿم، جو ھاڻي ھن وٽ ڪو بھ علم ڪونھي. تنھن ڪري ھن کي اھڙيءَ حالت ۾ ڪري تنھنجي خذمت لاءِ ڇڏيان ٿو، ۽ مون کي مھرباني ڪري پنھنجي ملڪ اماڻ، ديو چيو تھ: ٻچا! ھاڻي تو کي تنھنجي ملڪ ڏانھن ضرور اماڻيندس. ائين چئي ھڪڙي ٽوپي کڻي شھزادي کي ڏنائين ۽ چيائين تھ: ھن ٽوپيءَ کي آڱر ۾ وجھي ڦيرائي ۽ اکيون ٻوٽ تھ پاڻھي پنھنجي شھر ۾ پھچي ويندين. شھزادي ائين ڪيو ۽ وري کڻي اک کولي تھ ڏسي تھ ميدان لڳو پيو آھي. اتان ھي پيادو ھلي پنھنجي شھر ۾ آيو، پر شھر جي ٻاھران ديو واري ٽوپي پاتي ھئائين، سو ڪراڙو جھور ڏسڻ ۾ پئي آيو. خير ھي اچي پنھنجي محلات وٽ پھتو.

شھزادو پنھنجي محلات وٽ ڏسي تھ ماڻھن جا ميڙ لڳا پيا آھن. وڌي وڃي ھڪڙي ماڻھوءَ کان پڇيائين تھ: ادا! ھي ڇا جو گوڙ آھي؟ اتي ھڪڙي چڱي مڙس چيس تھ: ڪراڙا! ھي شھزادي منير جو محلات آھي، جنھن کي پنج ڇھھ سال ٿيا جو شڪار ڪرڻ ويو ھو تھ وري نھ آيو ۽ ان جي غم سبب پيءُ بھ روئي روئي مري ويو. باقي وڃي رھي شھزادي منير جي راڻي، تنھن کي بھ وزيرن اچي تپايو آھي تھ مڙس ڪر، تنھن لاچار ٿي ھڪڙو شرط وڌو آھي تھ جيڪو شخص رڪ جي ڪمان تي رڪ جو گز چاڙھيندو، تنھن کي حق ڪنديس. سو انھيءَ شرط پوري ڪرڻ جو اڄوڪو ڏينھن مقرر ٿيل آھي تنھن ڪري پري پري جا پھلوان انھيءَ شرط کٽڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا آھن، پر ان سان گڏ اھو بھ شرط آھي تھ انھيءَ شرط پوري ڪرڻ جي خواھش رکندو ۽ گز ڪمان ۾ چاڙھي نھ سگھيو تھ پوءِ ان کي موت جي سزا ڏني ويندي.

شھزادو منير اھو احوال ٻڌي ڏاڍو غمگين ٿيو ۽ پاڻ بھ انھيءَ ميدان ۾ اچي بيٺو ڪيترائي پھلوان قسمت آزمائڻ واسطي اچي رڪ جو گز رڪ جي ڪمان تي چاڙھڻ لڳا، پر ڪو بھ اھو ڪم پورو ڪري نھ سگھيو. اتي شھزادو منير بھ ميدان ۾ آيو ۽ اچي چيائين تھ: ادا! آءٌ بھ پنھنجي قسمت آزمائي ٿو ڏسان، من آءٌ کٽي وڃان. ماڻھن جو ڏٺو تھ ھيترا پھلوان بھ ھن ڪم ۾ فتحياب نھ ٿيا، سو ھيءُ پوڙھو جھور وري ڪھڙو گز ڪمان تي چاڙھيندو. سي کيس ڦري آيا، چي: پوڙھا! ناحق ٿو جان وڃائين، ڀڄ پري. پر شھزادو ڪو نھ مڙيو. اچڻ سان خدا کي ياد ڪري، وٺي جو زھھ کي گز تي چاڙھي زور ڏنائين تھ گز ٺڪاءُ وڃي ڪمان تي ڪيو. وھواھھ پئجي وئي، ڀير تي ڏؤنڪو لڳي ويو. راڻيءَ کي ٻانھين وڃي ٻڌايو تھ ھڪڙي جھور پوڙھي اھا شرط کٽي آھي. راڻيءَ اھو ٻڌي ڏاڍي غمگين ٿي پر بادشاھي قول ڦيرائڻ مشڪل لڳس. آخرڪار ڪراڙي کي تخت تي ويھاري راڻي سندس حوالي ڪري ڇڏيائون.

رات ٿي تھ شھزادو وڃي راڻيءَ واري محلات ۾ راڻيءَ سان گڏ سمھي پيو. راڻيءَ جو ھن کي جھور پوڙھو ڏٺو، سو پاسو ورائي ستي. شھزادي منير ٽوپي لاھي راڻيءَ کي چيو تھ: راڻي! منھن تھ ھيڏانھن ڪر. راڻيءَ لاچار ٿي منھن ورايو ڏسي تھ ھيءُ تھ شھزادو منير. بس پوءِ تھ ڳچيءَ ۾ چنبڙي پيس ۽ زار زار روئڻ لڳي. شھزادي کيس دلاسو ڏنو ۽ پرچايائينس تھ اڳتي ائين شڪار تي ڪو نھ ويندس. ان بعد راڻيءَ ۽ شھزادي منير ھڪ ٻئي سان حال احوال ڏنا ۽ خوش ٿي پنھنجي حياتي خير خوبيءَ سان گذارڻ لڳا. جھڙا ميلا انھن جا ٿيا، تھڙا شل جھان جا ٿين. آمين.

٢٣ – ڇوڪرو ۽ ديو *

 

ڪنھن ڳوٺ ۾ ھڪڙو غريب شخص رھندو ھو، جنھن کي ھڪڙي زال، ھڪڙو پٽ ۽ ٻھ ڌيون ھيون. ھنن جو گذران مڇيءَ تي ھوندو ھو. قدرت اھڙي جو انھيءَ شخص کي روز پنج مڇيون نصيب ٿينديون ھيون،جيڪي ھو سڀ ھڪڙي ھڪڙي ڪري ورھائي کائيندا ھئا. ائين ڪندي ھنن کي ڪيترائي ڏينھن گذري ويا، پر ھنن جو پيٽ قوت ڏاڍو تنگ پئي گذريو، نيٺ ھڪڙي ڏينھن زال  پنھنجي مڙس کي چيو تھ: ائين ڪيترا ڏينھن قصو ھلندو، ھاڻي ڇوڪرو بھ اچي جوان ٿيو آھي ۽ ان کي ڪجھھ ڪمائڻ کپي. تنھن تي ان شخص چيو تھ: ھتي تھ ڪو اھڙو ڌنڌو آھي ئي ڪو نھ، ڪٿي وڃي ڪمائي؟ تنھن تي زال چيو تھ: ھت ڌنڌو نھ آھي تھ ڪنھن ٻئي ملڪ ۾ موڪلينس تھ مڙس آھي وڃي ڪمائي اچي. مڙس چيو تھ: آءٌ ڪو نھ موڪليندس، خدا ڪندو تھ ھت ئي ڌنڌو لڳي ويندو. پر زال ضد ٻڌي بيھي رھي تھ جيڪڏھن تون پٽ کي ڪيڏانھن ڌنڌي تي نھ موڪليندين، تھ آءٌ گھر ڇڏي ٿي وڃان، پوءِ تنھنجي مرضي. مڙس چيو تھ: تون گھر ڇڏي وڃين يا نھ، باقي آءٌ پٽ کي ڪو نھ ڪڍندس. آخر زال ڪاوڙجي پنھنجي مائٽن ڏي رواني ٿي وئي. جڏھن ڳچ جھڙو پنڌ ڪري وئي تڏھن ڏسي تھ مڙس پٺيان ڊوڙندو پيو اچي، سو بيھي رھي. جڏھن مڙس ويجھو آيو تڏھن زال پڇيس تھ: ڇا آھي؟ مڙس چيس تھ: تون گھر موٽي ھل تھ آءٌ پٽ کي ٻاھر ٿو اماڻيان ٿو. ائين چئي زال کي واپس گھر وٺي آيو.

ٻئي ڏينھن صبح جو سوير ننڊ مان اٿڻ شرط پيءُ پنھجي پٽ کي چيو تھ: پٽ، رسو ۽ ڪھاڙو کڻ تھ ھلي جھنگ مان ڪاٺين جون ٻھ ٽي ڀريون ڪري اچون. پوءِ ٻئي پيءُ پٽ سھي سنڀري جھنگ ڏي نڪتا. جڏھن گھڻو پنڌ ڪري گھاٽي جھنگ ۾ پھتا، تڏھن پيءُ پٽ کي چيو تھ: ابا! تون تيستائين ٻھ ٽي ڀريون ڪاٺين جون ڪر، جيستائين آءٌ جھنگ جو خيال لاھي اچان. ائين چئي پيءُ جھنگ ۾ ھليو ويو ۽ پٽ ڪاٺيون ڪرڻ لڳي ويو. جڏھن ٻھ ٽي ڀريون ڪيائين تڏھن ٿڪجي ھڪ وڻ ھيٺ ويھي رھيو ۽ پيءُ جو انتظار ڪرڻ لڳو، مگر ڪيتري دير گذري وئي جو پڻس ڪو نھ آيو. نيٺ دل ۾ خيال ڪيائين تھ پڪ بابو مون کي ڇڏي ڀڄي ويو، سو ھاڻي وري گھر ڪھڙو وڃان. پوءِ جھنگ منھن ڪري ھڪڙي پاسي اٿي ھليو. پنڌ ڪندي ڪندي ھن کي اچي رات پئي. جھنگلي جانورن جي خوف کان ھڪڙي وڻ تي چڙھي سمھي رھيو. جڏھن صبح ٿيو تڏھن وڻ تان لھي وري ھڪڙي پاسي منھن ڪري اٿي ھليو. نيٺ ھلندي ھلندي ھن کي مٿان اچي ٻپھرن جي مھل ٿي. ھي بھ پنڌ ڪندي ڪندي ٿڪجي پيو ۽ بک بھ ڏاڍي لڳي ھئس سو ھڪڙي وڻ تي چڙھي ھيڏانھن ھوڏانھن نھارڻ لڳو تھ من ڪا وسئن نظر اچيم تھ اتي وڃي ڪجھھ پيٽ بھ ڀريان ۽ ڪو ڌنڌي ڌاڙي جو بلو بھ ڪريان. اڃا ھن ھيڏانھن ھوڏانھن  نظر ڦيرائي تھ کيس پريان ڪجھھ دونھون ڏسڻ ۾ آيو، ھن کي پڪ ٿي تھ ضرور اھو ڪو ڳوٺ آھي. دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو. يڪدم وڻ تان لھي دونھين ڏي روانو ٿيو ھلندي ھلندي جڏھن دونھين واري جڳھھ تي پھتو تھ ڏٺائين تھ مار! ھڪڙا وڏا بُنڊ آھن جي پيا دکن ۽ پريان ھڪڙو ديو آھي، جو ستو پيو آھي. پاسي ۾ وڏو واڙو آھي جتي بي انداز مينھون ٻڌيون بيٺيون آھن. ديو کي ڏسڻ شرط ھن کي ڏاڍو ڊپ لڳو، پر نيٺ دل جھلي آھستي آھستي وڃي ديو جي پاسي ۾ بيٺو، پر ڏٺائين تھ ديو ستو پيو آھي. ھن دل ۾ خيال ڪيو تھ ديو الاجي ڪيڏيءَ مھل اٿي، سو يڪدم ڀانڊار ۾ گھڙي اتان ھڪڙي ڳوڻ اٽي جي وڏي تغاريءَ ۾ لاھي ھٿن پيرن سان ڳوھي، ھڪڙو وڏو ڪوڪ ڪري باھھ تي پچايائين. تنھن کان پوءِ انھيءَ تغاريءَ کي صاف ڪري ان ۾ سڀ مينھون ڏھي، ماٺڙي ڪري ويھي رھيو. ڳچ دير کان پوءِ ديو آرس موڙي اٿيو ئي مس تھ ڇوڪرو ڊوڙي ”ماما ماما“ ڪري وڃي پيرين پيس. ديو رڙ ڪري چيس تھ: اي آدمزاد! جيڪڏھن تون ماما ماما نھ ڪرين ھا تھ آھر جيڏا داڻا ڪري ڇڏيئين ھا. تنھن کان پوءِ ديو اٿي ھٿ منھن ڌوتو ۽ رڌڻ پچائڻ جي تياري ڪرڻ لڳو. پر ديو ڏسي تھ اڳيئي روٽ بھ پڪو پيو آھي ۽ کير بھ ڏڌو رکيو آھي، سو ڏاڍو خوش ٿيو. پوءِ تھ ٻنھي گڏجي اھو روٽ کاڌو ۽ کير پيتو. اتي رات بھ اچي پئي سو ڇوڪرو ماٺ ڪري سمھي پيو.

جڏھن صبح ٿيو تڏھن ديو ڇوڪري کي چيو تھ: ھي مينھون جھنگ ڏانھن ڪاھي وڃ، ھنن ٽن پاسن تي ڀلي وڃج پر چوٿين پاسي بنھھ نھ وڃج. ائين چئي ديو تھ الاجي ڪيڏانھن ھليو ويو ۽ ڇوڪرو مينھون ڪاھي جھنگ ڏي ھليو ويو. اھڙيءَ طرح ڪيترائي ڏينھن گذري ويا. نيٺ ھڪڙي ڏينھن ھن دل ۾ خيال ڪيو تھ ديو ھن چوٿين پاسي کان منع ڪئي آھي، پر اڄ تھ ھن پاسي وڃي ڏسان تھ ڇا آھي. اھو خيال ڪري ھو انھيءَ پاسي ويو. ڏٺائين تھ ھڪ وڏو شاھي ميدان گاھ سان ڀريو پيو آھي. ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مينھون کڻي ان چراگاھ ۾ ڇڏيائين ۽ پاڻ ھڪڙي وڻ ھيٺ ويھي رھيو. اڃان ھڪ پاسي نظر کڻي ڪري تھ چار ڏائڻيون ڏانھس مينھن واچ ڪنديون اچن. ڇوڪري جو انھن کي ڏٺو تھ سمجھيائين تھ الاجي ڪير آھن، سو يڪدم انھيءَ وڻ تي چڙھي ويو. جڏھن چارئي ڄڻيون ويجھيون آيون تڏھن ڇوڪري کي چيائون تھ: لھي آءٌ، اچي اسان سان راند ڪر. پر ڇوڪري چين تھ: آءٌ ھيٺ لھي نٿو سگھان، اوھين ھينئن ڪريو جو اھي ڊڀ بيٺا آھن، انھن جي مون کي رسي وٽي ڏيو تھ انھيءَ تي آءٌ لھي اچان. پوءِ چئني ڏائڻين ڊڀ وڍي، ان جي نوڙي وٽي تيار ڪري ڇوڪري کي ڏني. ڇوڪري ھڪدم ان جو ڇلو ٺاھي وٺي جو اڇل ڏني تھ سڌو چئني جي ڳچين ۾ وڃي پئي. وري وٺي جو ڇڪ ڏنائين تھ چئني ڄڻين کي گھوگھو اچي ويو. ھنن گھڻئي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي مگر ڦاھيءَ مان نڪري نھ سگھيون، نيٺ گھٽڪي گھٽڪي دم ڏنائون. انھيءَ کان پوءِ ھي مينھون ڪاھي سڌو پنھنجي جڳھھ تي آيو ۽ اچي ديو سان سموري حقيقت ڪيائين، ديو يڪدم ھن سان گڏجي اچي اھي ڏائڻيون ڏٺيون ۽ ڇوڪري کي شاباس ڏئي چيائين تھ: تو ھيءُ تمام سٺو ڪم ڪيو آھي، ھي چارئي ديو ھئا جن سان منھنجي جنگ ھئي ۽ مون انھن جي ڪري ڊپ کان تو کي ايڏانھن وڃڻ کان منع  ڪئي ھئي.

. . . ”ڇوڪري، چئني ڏائڻين جي ڳچيءَ ۾ رسو وجھي کين گھٽي ماري ڇڏيو“. . .

تو مون تي وڏو احسان ڪيو آھي، ھاڻي گھر جيڪي گھرڻو ھجئي.

ڇوڪري ديو کي چيو تھ: ماما! آءٌ تمام غريب ماڻھو آھيان ۽ اسان جو ٻيو ڪو بھ ڌنڌو ڪونھي، ھاڻي منھنجا ماءُ پيءُ منھنجي انتظار ۾ ھوندا تنھن ڪري مون کي پنھنجي ملڪ ڇڏي اچ. ديو اھا ڳالھھ قبول ڪئي. پوءِ ديو ھن کي پنھنجي رضا خوشيءَ سان پنھنجن مينھن مان اڌ ڏنو ۽ ھن کي اھي ڪاھرائي سندس ڳوٺ وٽ ڇڏي آيو، جڏھن ڇوڪرو پنھنجي ماءُ پيءُ ۽ ڀيڻن وٽ پھتو تڏھن اھي ھن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ پوءِ ھميشھ گڏ رھندا آيا.

٢٤ – غريب ۽ ست ديو *

ھڪڙو غريب شخص ھو، جو سڄو ڏينھن بيڪار ويٺو ھوندو ھو. کيس سندس زال چيو تھ: سڄي دنيا روزگار ڪمائڻ ۾ مشغول آھي، پر تون بيڪار ويٺو آھين. ڇو نٿو تون بھ ڪجھھ ڪمائي اچين؟ غريب شخص زال کي چيو تھ: ڀلا مون کي مانيون پچائي ڏي تھ ڪمائڻ وڃان. تنھن تي زال کيس ست مانيون پچائي ڏنيون،جي ھو کڻي اٿي ھليو.

ھلندي ھلندي واٽ تي ھڪڙو کوھھ آيو. بک بھ اچي لڳس، سو ان جي مٿان ويھي مانيون ڇوڙي چوڻ لڳو تھ: ھڪ کان، ٻھ کان، پر ستئي کان، مڄاڻ انھيءَ کوھھ ۾ ست ديو رھندا ھئا. تن جو اھا ڳالھھ ٻڌي سو سمجھيائون تھ اسان کان بھ ڪا ڳري بلا آھي، جيڪا اسان کي کائڻ لاءِ آئي آھي. ان ڪري ڇو نھ ھن کي ڪا شيءِ سوکڙي ڪري ڏيون جو ھي خوش ٿي کڻي ھليو وڃي. سو ھڪڙي ديڳڙي آڻي ڏنائونس ۽ چيائونس تھ: تون اسان کي نھ کاءُ، باقي جنھن مھل تو کي بک لڳي تھ ھيءَ ديڳڙي ڌوئي، چلھھ تي چاڙھي جيڪو بھ کاڌو گھرندين تو کي تيار سو ڪري ڏيندي. ھي مفت ۾ اھا ديڳڙي کڻي ماڻھن کي ٻڌائيندو گھر ڏانھن روانو ٿيو.

واٽ تي کيس رات پئجي وئي، سو رات گذارڻ لاءِ انھيءَ ڳوٺ جي ڪنھن مسافر خاني ۾ ٽڪي پيو. اتي جي ڪنھن ماڻھوءَ کي سڌ پئجي وئي تھ ھيءَ ديڳڙي ھھڙي نموني جي آھي. سو رات جو ھن جي سمھڻ کان پوءِ اھا ديڳڙي کڻي، ان جي جاءِ تي ٻي ديڳڙي رکي ڇڏيائين. غريب شخص صبح جو اھا ديڳڙي کڻي ويندو رھيو. جڏھن گھر پھتو تڏھن زال کي چيائين تھ:ھيءَ ديڳڙي اھڙي آندي اٿم، جا رڳو چوڻ سان سڀ ڪجھھ تيار ڪري ڏيندي. زال چيس تھ: چڱو! اڄ تھ ڪو سيرو ٺاھي کائون. ديون جي چوڻ موجب ديڳڙي چلھھ تي چاڙھي کيس حڪم ڏنائين، پر ٿيو ڪجھھ بھ ڪو نھ. اتي غريب شخص ڏاڍو ڦڪو ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org