سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-3

 باب:

صفحو :16

ھاڻي راڻيءَ کي اچي پيٽ ۾ سور پيو تھ ڪنھن بھ حيلي اھو گابو ڪھائجي. نيٺ ويچاري سيچاري ھن ھڪڙي رٿ رٿي. ڇا ڪيائين جو ڳچ خزانو پنھنجي ٻانھين کي ڏنائين تھ ھي کڻي شھر ۾ جيڪي حڪيم آھن تن کي ورھائي ڏيو ۽ انھن کي سمجھائي ڇڏيو تھ بادشاھھ جڏھن کانئن منھنجي تندرستيءَ بابت پڇا ڪري تھ توھين کيس اھا صلاح ڏجو تھ راڻيءَ کي حساب آھي، ۽ جيستائين اھو گابو نھ ڪھندا تيستائين راڻيءَ کي آرام نھ ايندو. ٻانھيون حڪم موجب ويون ۽ شھر جي حڪيمن کي اھو خزانو ڏئي انھن کي راڻيءَ واري ڳالھھ سمجھائي پڪو ڪري آيون.

راڻيءَ ٻئي ڏينھن مڪر ڪري پاڻ کي بيمار ظاھر ڪيو. چي: پيٽ سور مران، بادشاھھ کي يڪدم خبر ڏني وئي. بادشاھھ يڪدم حڪيم گھرايا. جن دوائون ۽ ستيون ڦڪيون ڏيڻ شروع ڪيون. پر ھجي سور تھ ستي ڦڪي بھ اثر ڪري، اھو تھ ھو ڪوڙ سو راڻي جي رڙ ھيٺ رڙ مٿي لڳي پئي ھئي. اتي بادشاھھ چيو تھ: آخر ڪنھن قولين سور سور لھندو بھ يا نھ؟ جنھن تي ھڪڙي حڪيم چيس تھ: بادشاھھ سلامت راڻيءَ کي ڪو حساب آھي، تنھن ڪري کيس ڪنھن ٿلھي گابي جو گوشت کارايو، تھ سور ڇڏيندس نھ تھ ڪڏھن بھ سور نھ لھندس. ٻين حڪيمن بھ انھي حڪيم جو سر جھلايو، اتي بادشاھھ سڀني جي اھا ڳالھھ ٻڌي، ويچار ۾ پئجي ويو تھ اھو گابو تھ منھنجو پٽ آھي، ان کي ڪيئن ڪھايان! نيٺ ڳڻتيون کائي کائي گابي جي ڪھڻ جو حڪم ڏنائين. جڏھن اھا خبر شھزادي ڌڻ وڇوڙي کي پئي تڏھن ھن کي اچي ڳڻتيءَ ورايو. شام جو گابو موٽيو تھ ڌڻ وڇوڙي کيس سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي. جنھن تي گابي چيس تھ: ادا! تون فڪر نھ ڪر. سڀاڻي صبح جو سوير رڳو منھنجي ڳچيءَ مان رسي ڪڍي ڇڏجئين تون منھنجي پڇ کي چنببڙي پئجئين، پوءِ ھي پاڻ کي جھلي ئي ڪو نھ سگھندا. اتي شھزادي ڌڻ وڇوڙي کي پيٽ ۾ مڙئي ڪجھھ ساھھ پيو. صبح جو سوير گابو ڇوڙي ان جي پڇ ۾ چنبڙي پيو، جنھن کڻي اچي ٻي بادشاھيءَ ۾ ڇڏيس.

ٻئي ڏينھن صبح جو گابي، شھزادي ڌڻ وڇوڙي کي چيو تھ: تون اتي پيو گھم ڦر، شام جو آءٌ توکي کاڌو پاڻي دستور موجب آڻي ڏيندس. پر ياد رک اڀرندي طرف ڀلي وڃجئين، باقي ھنن ٽن طرفن ڏانھن نھ وڃجئين. شھزادي ھائوڪار ڪئي. شھزادو ڌڻ وڇوڙو انھيءَ ھڪ طرف پئي گھميو ڦريو. ڪن ڏينھن کان پوءِ ھن کي خيال آيو تھ ٻيو طرف بھ گھمي ڏسجي. سو ھي پھرين ڏکڻ طرف ويو. ھلندي ھلندي ھڪڙي ھنڌ اچي رسيو جتي سرنھھ جي پوک ھئي، جنھن ۾ ھڪڙو تلاءُ ھو. ھي تلاءَ تان ھٿ منھن ڌوئي پاڻي پي ڪپر تي ويھي رھيو. ٿوري وقت کان پوءِ تلاءَ تي پرين جي ھڪ ٽولي اچي لٿي. پرين جو ھن کي ڏٺو، سو ڪاوڙجي پيون. ھڪڙيءَ چيو تھ: ھن کي پھڻ ڪجي. ٻيءَ چيو تھ: ھن کي اصل ماري ڇڏجي. ٽئينءَ چيو تھ: ماريوس نھ. باقي آءٌ ھن کي چٽر گڏھھ بنائي ٿي ڇڏيان. ان کان پوءِ پريءَ ڪجھھ پڙھيو تھ ھي چٽر گڏھھ ٿي پيو. ھيءُ انھيءَ حالت ۾ واپس وريو. شام ٿي تھ گابو بھ آيو ۽ اچي ڏسي تھ سندس ڀاءُ گڏھھ بنيو بيٺو آھي. تنھن تي کيس چيائين تھ: تو منھنجو چيو نھ مڃيو، ھاڻي آءٌ توکي ھن شرط سان انسان بنائيندس تھ تون وري ايڏانھن نھ ويندين. ھن قبول ڪيو. ان کان پوءِ گابي ڪجھھ پڙھي ھن تي شوڪاريو تھ وري اصل شڪل ۾ اچي ويو. جنھن ڏينھن ھن کي پرين گڏھھ بنايو ھو انھيءَ ڏينھن پرين مان ھڪڙيءَ جي حسن ھمراھھ کي موھي وڌو ھو، جنھن جي ياد ۾ ھن کي کائڻ پيئڻ وسري ويو ۽ ڏينھون ڏينھن اڀرو ٿيندو ويو. گابي سھي ڪيو تھ ھن جو ڪنھن سان نينھن لڳي ويو آھي. سو شھزادي ڌڻ وڇوڙي کان ان جي حقيقت پڇيائين. جنھن ٻڌايس تھ: ادا! ان ڏينھن انھن پرين مان ھڪڙي اھڙي سھڻي ھئي، جنھن کي ڏسڻ سان آءٌ دل ڦرائي ويٺو آھيان. ھاڻي جي اھا پري مونکي نھ ملندي، تھ آءٌ مري ويندس. ڌڻ وڇوڙي جو اھو احوال ٻڌي گابي چيو تھ: چڱو، ھاڻي ھيئن ڪر جو ھڪڙي لٺ کڻ، ان جي ھڪڙي پاسي کي سنھون ڪري چھنب ٺاھھ. اھا کڻي جتي اھي پريون اينديون آھن، اتي لڪي ويھھ، جڏھن اھي پريون وھنجڻ لاءِ اتي اچن ۽ ڪپڙا لاھي تلاءَ ۾ گھڙن تھ تون اتان نڪري انھيءَ پريءَ جي ڪپڙن تي چڙھي ويھي رھجئين، جنھن سان تنھنجي دل آھي. ۽ ھيءَ لٺ اتي کوڙي ڇڏجئين، پوءِ ان پريءَ جو جادو توتي اثر ڪو نھ ڪندو ۽ پري توسان اچي ملندي. شھزادو ڌڻ وڇوڙو لٺ ٺاھي وڃي تلاءَ جي ڀرسان لڪي ويھي رھيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ پريون آيون ۽ ڪپڙا لاھي تلاءَ ۾ وڃي گھڙيون. ھي بھ لٺ کڻي انھيءَ پريءَ جي ڪپڙن تي چڙھي، لٺ کوڙي ويھي رھيو. پرين جو ھن کي ڏٺو سي يڪدم تڙ تڪڙ ۾ پنھنجا پنھنجا ڪپڙا پائي وٺي اڏاڻيون. باقي ھن واري پري رھجي وئي. پريءَ شھزادي ڌڻ وڇوڙي تي ڪيترائي جادو ھلايا، پر ھن کي ڪجھھ ڪو نھ ٿيو. پريءَ لاچار ٿي ھن کي چيو تھ: اي آدمزاد! تو ڇو مونکي تنگ ڪيو آھي؟ تنھن تي شھزادي ڌڻ وڇوڙي کيس چيو تھ: پري! تون مون سان شادي ڪر، نھ تھ آءٌ توکي اصل ڪو نھ ڇڏيندس. پري بھ ھن جي ھمت ۽ بھادري تي موھت ٿي پئي ھئي، تنھن شادي ڪرڻ قبول ڪئي. پوءِ ڌڻ وڇوڙي ھن کي ڪپڙا ڏنا. پري ڪپڙا پائي ھن سان گڏجي اٿي ھلي، ۽ اچي پنھنجي گھر پھتا. شھزادو ڌڻ وڇوڙو ان سان شادي ڪري عيش آرام سان گذارڻ لڳو.

ڪن ڏينھن کان پوءِ شھزادي ڌڻ وڇوڙي کي وري بھ اھو خيال اچي ٿيو تھ ھاڻي ھن ٻئي طرف بھ وڃي ڏسان تھ ڇا آھي؟ سو ھي  ھڪڙي ڏينھن ٻئي طرف ڏانھن روانو ٿيو. ھلندو وڃي، جڏھن گھڻو پنڌ ڪري ويو تڏھن ڏٺائين تھ ھڪڙو عاليشان محلات آھي. ھي سوچي اندر لنگھي ويو. وڃي ڏسي تھ ھڪڙي خوبصورت پري ويٺي آھي. پري ھن کي ڏسي چيو تھ: آدمزاد! تون ھتي ڪيئن آيو آھين؟ ھن چيو تھ: تولاءِ آيو آھيان. تنھن تي پريءَ چيس تھ: آءٌ  ھڪڙي ديو جي قبضي ۾ ڦاٿل آھيان. جي ان کان مونکي ڇڏائين تھ پوءِ آءٌ تنھنجي آھيان. شھزادو ڌڻ وڇوڙو اتان واپس وريو، ۽ پنھنجي گھر پھچي روئڻي شڪل ڪري ويھي رھيو، ۽ کائڻ پيئڻ بھ بند ڪري ڇڏيائين. سندس زال پري اھو ڏسي گابي سان وڃي احوال ڪيو. گابي پنھنجي ڀاءُ کي چيو تھ: ادا! خير تھ آھي. توکي وري ڇا ٿي ويو؟ ھن ورندي ڏني تھ: ادا! خير ڪھڙو آھي. پوءِ سڄي حقيقت ڪري ٻڌايائينس. گابي چيس تھ: ڏس ادا! آءٌ توکي جھليم بھ تھ ايڏانھن نھ وڃ، پر تون منھنجو چوڻ ئي نٿو مڃين. وري وري وڃيو مصيبت ۾ پوين. آخرڪار گابي سوچ ويچار ڪري ھن کي چيو تھ: تون انھيءَ

......” ڌڻ وڇوڙو لٺ کڻي پري جي ڪپڙن تي چڙھي، لٺ کوڙي ويھي رھيو“.....

پريءَ کان ٻھ تکا ڪات ۽ زھھ جون نوڙيون وٺي اچ تھ پوءِ ھلي اھو ديو ماريون. اھو ٻڌي خوش ٿي وري بھ انھيءَ پريءَ وٽ ويو. ان کان اھي شيون وٺي آيو. ٻئي ڏينھن گابي چيس تھ: ھاڻي اھي ڪات ھنن نوڙين سان منھنجي سڱن کي ٻڌ. شھزادي اھي ڪات سڱن سان ڇڪي ٻڌا. پوءِ ھي ٻئي ڄڻا اوڏانھن روانا ٿيا. گابو ديو جي گس تي وڃي ويٺو ۽ شھزادو بھ لڪي ھڪڙي پاسي کان ويھي رھيو. ڪجھھ دير کان پوءِ ديو جي اچڻ جي مھل ٿي. اول تھ اچي مينھن واءُ شروع ٿيو. آخر مينھن واءُ بند ٿيو. ديو آيو ۽ سڌو اچي گابي تي ڪريو، گابي پنھنجو ڪنڌ اھڙي اٽڪل سان جھليو جو ديو جي پيٽ ۾ اھي ڪات ھليا ويا، جنھن ڪري ھيءُ گابي جي ڪنڌ تي ڪري پيو ۽ گابي جو ڪنڌ قابو ٿي ويو. ڇوڪرو جو بيٺو ھو، تنھن يڪدم گابي کي پڇ مان جھلي ڇڪي ھن جو ڪنڌ ٻاھر ڪڍيو. اھڙيءَ طرح ھي ديو ماري انھيءَ پري وٽ آيا. پري ھنن سان گڏجي ھنن جي جاءِ تي آئي. ڌڻ وڇوڙو ھن سان بھ شادي ڪري خوش گذارڻ لڳو.

ٿوري گھڻي ڏينھن شھزادي ڌڻ وڇوڙي جا سڀ غم لھي ويا. ھن کي وري بھ خيال ٿيو، تھ ھاڻي ھن ٽئين پاسي بھ وڃي ڏسجي تھ ڇا آھي! اھو خيال ڪري ھي انھيءَ ٽئين پاسي نڪري پيو. ڪجھھ پنڌ ڪيائين تھ ڏسي تھ ھڪڙو عاليشان شھر لڳو پيو آھي. ھي شھر ۾ وڃي گھمي ڦري وري پنھنجي آستان تي آيو. شام جو جڏھن گابو چري موٽي آيو، تڏھن ان کي چيائين تھ: ادا! اڄ آءٌ ھن ٽئين پاسي بھ ويو ھوس، تھ ڏٺم تھ ھڪڙو عاليشان شھر لڳو پيو آھي. ھاڻي اسين جو ھن جھنگل ۾ پيا آھيون، تنھن کان بھتر آھي تھ سڀ ھلي انھيءَ شھر ۾ پنھنجي جاءِ ٺھرائي رھون. گابي ھن کي سمجھايو تھ: ادا! ھتي آرام سان ويٺا آھيون. تون انھيءَ ڳالھھ تان لھي وڃ. مگر شھزادو ڌڻ وڇوڙو ضد ڪري بيٺو. آخر لاچار گابي سندس ڳالھھ مڃي ۽ اتي پنھنجون جايون ٺھرائي اچي انھيءَ شھر ۾ ويٺو.

ھڪڙي ڏينھن شھزادي ڌڻ وڇوڙي گابي کي چيو تھ: ادا! منھنجي مرضي آھي تھ آءٌ ھن شھر جي بادشاھھ وٽ نوڪري ڪريان. گابو ڏاھو ھو، تنھن سوچي ويچاري ھن کي جواب ڏنو تھ: ادا! بادشاھھ جي نوڪري تنھنجي واسطي چڱي نھ ٿيندي، ٻيو ڪو ڌنڌو ڪر. پر ڌڻ وڇوڙي چيو تھ: آءٌ نوڪري ڪندس تھ بادشاھھ جي، نھ تھ، نھ. لاچار گابي چيس تھ: ادا! تنھنجي مرضي. ٻئي ڏينھن شھزادو ڌڻ وڇوڙو اتي جي بادشاھھ وٽ ويو. جنھن حال احوال وٺڻ کان پوءِ چيس تھ: تون ڪھڙو ڪم ڪندين؟ ھن چيو تھ: جيڪو مشڪل ڪم ھوندو، اھو آءٌ ڪري ايندس. بادشاھھ ھن کي پاڻ وٽ نوڪري ڏني.

ھڪڙي ڏينھن ھڪڙي وزير جي نظر وڃي ڌڻ وڇوڙي جي جاءِ ۾ ويٺل پرين تي پيئي، انھن جو حسن ڏسي ھو حيران ٿي ويو ۽ يڪدم اچي بادشاھھ سان حقيقت ڪيائين ۽ ڪن ڀرڻ لڳس تھ: فلاڻي ولايت ۾ ھڪڙو نانگ رھي ٿو، جنھن جي اکين مان الا پيا نڪرندا آھن. ڪوھھ پنڌ تي انھن جي تؤ ماڻھن کي ساڙيو ڇڏي، سو ھن ڇوڪري کي حڪم ڏيو تھ انھيءَ نانگ جو کلون کڻي اچي، پوءِ ھيءُ نانگ تائين پھچي ڪو نھ سگھندو ۽ اڌ واٽ تي ئي مري ويندو ۽ اسين اھي پريون ھٿ ڪري وٺنداسين. بادشاھھ کي اھا صلاح وڻي سو ڌڻ وڇوڙي کي گھرائي اھو حڪم ڏنائين.

ڌڻ وڇوڙو اھو حڪم ٻڌي اچي گھر ويٺو. شام جو گابو آيو، تنھن سان حال ڪيائين. گابي چيس تھ: فڪر نھ ڪر، تون ھتان ھلندو وڃ، ڳچ پنڌ ڪرڻ کان پوءِ انھيءَ نانگ واري مڪان جي اوريان ھڪڙو تلاءُ ايندو، تون پھريائين گھوڙي سميت انھيءَ تلاءَ ۾ ٽٻي ھڻي غسل ڪجئين، پوءِ توتي انھيءَ نانگ جون چڻنگون اثر ڪو نھ ڪنديون. نانگ توڏانھن اوري وڌندو ايندو، جڏھن ويجھو اچي تڏھن ان کي چئجانءِ تھ: ادي گابي سلام ڏنا اٿئي. اھا صلاح وٺي، شھزادو گھوڙي تي چڙھي، نانگ ڏانھن روانو ٿيو ۽ انھيءَ تلاءَ تائين اچي پھتو. يڪدم ٽپ ڏئي لھي پيو، گھوڙي سوڌو وھنجي سھنجي ٻاھر نڪتو. نانگ بھ پريان چڻنگون ڪڍندو ھن ڏانھن پئي آيو، جڏھن ھن جي ويجھو آيو، تڏھن شھزادي ڌڻ وڇوڙي چيس تھ: ادي گابي سلامي ڏنا اٿئي. نانگ اھو ٻڌي ٺري ويو ۽ پڇيائينس تھ: تون ڪير آھين؟ ھن چيو تھ: آءٌ فلاڻي بادشاھھ جو پٽ آھيان ۽ گابي جو ڀاءُ آھيان. تڏھن نانگ چيس تھ: تون منھنجو بھ ڀاءُ آھين. پوءِ کلون بھ آڻي ڏنائينس ۽ چيائينس تھ: ترس تھ توکي ھن ملڪ جي بادشاھھ جي ڌيءَ سان شادي بھ ٿو ڪرايان. پوءِ نانگ ان ملڪ جي بادشاھھ کي چوائي موڪليو تھ ھتي منھنجو ڀاءُ مون وٽ آيل آھي، تون پنھنجي ڌيءُ جو سڱ منھنجي ڀاءُ کي ڏي، نھ تھ تنھنجو سارو ملڪ ساڙي ناس ڪري ڇڏيندس. بادشاھھ اھو ٻڌي خيال ڪيو تھ ڇوڪرو بھ آخر شھزادو آھي، تنھن ڪري ھن کي شھزادي پرڻايائين. آخر شھزادو ڌڻ وڇوڙو، شھزادي پرڻجي کلون کڻي واپس پنھنجي ملڪ ڏي وريو. شھزاديءَ کي انھن پرين وٽ ماڙيءَ تي ويھاري کلون آڻي بادشاھھ جي اڳيان رکيائين. جيڪي ڏسي بادشاھھ ۽ وزير حيران ٿي ويا.

ان کان پوءِ بادشاھھ ھن جي مارائڻ لاءِ وري ٻي سٽ سٽي. ٿورن ڏينھن کان پوءِ بادشاھھ، شھزادي ڌڻ وڇوڙي کي وري ٻيو حڪم ڏنو تھ: فلاڻي ملڪ ۾ ھڪڙو طوطو، آھي، جنھن جا کنڀ اسان کي کپن ٿا، اھي آڻي ڏي. اھو طوطو ايڏو تھ طاقتور ھو جو ڪو بھ ماڻھو سندس ويجھو ويندو ھو تھ اڏامي چنبن سان ان جون اکيون ڪڍي ڇڏيندو ھو. شھزادو ڌڻ وڇوڙو اھو حڪم ٻڌي گابي وٽ آيو ۽ ان کان صلاح پڇيائين، جنھن چيس تھ: تون بلاشڪ اوڏانھن وڃ. طوطو جڏھن توکي ويجھو اچي، تڏھن چئجئينس تھ ادي گابي سلام ڏنا اٿئي پوءِ ھو پنھنجا کنڀ توکي ڏيندو، جي کڻي ھليو اچج.

شھزادو گابي کان اھا صلاح وٺي طوطي واري ملڪ ڏانھن روانو ٿيو. جڏھن طوطي کي ويجھو آيو، تڏھن طوطو ھن کي ڏسي کيس مارڻ لاءِ وريو، پر شھزادي ڌڻ وڇوڙي چيس تھ: ادي گابي سلام ڏنا اٿئي. اھو ٻڌي طوطو ھٽيو ۽ پريان ھڪڙي وڻ تي ويھي ھن کان پڇيائين تھ: تون ڪير آھين؟ ھن چيس تھ: فلاڻي بادشاھھ جو پٽ آھيان ۽ گابي جو ڀاءُ آھيان. طوطي اھو ٻڌي ھن کي چيو تھ: تون تھ منھنجو ڀاءُ ٿئين. ھاڻي ڇا کپئي؟ ھن چيو تھ مونکي تنھنجا کنڀ گھرجن. طوطي چيس تھ: منھنجا کنڀ توکي جيترا گھرجن، ڪتري وٺ. پاڻ ٻي بھ ھن ملڪ جي سوکڙي وٺي ٿو ڏيئين، اھا بھ وٺيو وڃ. پوءِ طوطي انھيءَ ملڪ جي بادشاھھ کي چوائي موڪليو تھ اسين فلاڻي بادشاھھ جا پٽ آھيون، ھتي منھنجو ڀاءُ مون وٽ آيل آھي. تون منھنجي ڀاءُ کي پنھنجي ڌيءَ جو سڱ ڏي، نھ تھ تنھنجي ملڪ جا ماڻھو سڀ انڌا ڪري ڇڏيندس. بادشاھھ اھو ٻڌي پنھنجي ڌيءَ شھزادي ڌڻ وڇوڙي کي پرڻائي ڏني. ڌڻ وڇوڙو اھا شھزادي ۽ کنڀ وٺي پنھنجي جاءِ تي آيو، شھزاديءَ کي پنھنجي جاءِ تي ڇڏي کنڀ آڻي بادشاھھ جي اڳيان رکيائين.

بادشاھھ ۽ وزير اتان بھ ھن کي سلامت موٽندو ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا، چي: مارجي تھ نٿو وڃي، اٽلو پاڻ سان واري واري سان ھڪڙي شھزادي پرڻجيو اچي. سو ھنن کي ڌڻ وڇوڙي سان ھيڪاري بغض ٿيو. ان سبب ڪري ھن کي گھرائي وري ھيءُ حڪم ڏنائين تھ: شھر جي ٻاھران جيڪا گند جي ڍنڍ آھي، اھا کڻائي وڃي فلاڻي ملڪ ۾ ڇڏ ۽ اتي جيڪو باغ آھي، سو آڻي انھيءَ ڍنڍ واريءَ جاءِ تي ڇڏ، نھ تھ توکي مارائي ڇڏينداسين. اھو حڪم ٻڌي ھيءُ ويچارو وائڙو ٿي ويو. دل ۾ چيائين تھ: اڳيان ھنن جا حڪم جيئن تيئن ڪري گابي جي مدد سان پورا ڪيم. ھاڻي ھيءُ حڪم ھنن جو ڪيئن پورو ڪريان. ھتي تھ گابي جي بھ جاءِ ڪانھي، سو ڳڻتين ۾ گھر اچي ويڙھجي سيڙھجي سمھي رھيو.

زالون ھن کي منجھيل ڏسي، کيس چوڌاري ڦري آيون ۽ پڇيائونس تھ: توسان خير تھ آھي؟ ھن چيو تھ: ھاڻي خير ڪونھي. پوءِ بادشاھھ واري سڄي ڳالھھ ھنن کي ڪري ٻڌايائين. اھو ٻڌي جنھن پريءَ کي ديو کان ڇڏايو ھئائين، اھا جادوءَ ۾ ھوشيار ھئي، تنھن چيو تھ: آءٌ جادوءَ جي زور تي اھو ڪم ڪري سگھنديس. بس پوءِ تھ پريءَ جادوءَ وارا اسم پڙھي، ڍنڍ کڻي ٻئي ملڪ جي باغ وٽ ڇڏي، ۽ اھو باغ جادوءَ جي زور تي اتان کڻائي آڻي ڍنڍ وٽ ڇڏيو.

انھيءَ باغ جو مالڪ ھڪڙو ديو ھو، جو ان وقت ٻاھر ڪيڏانھن سير تي ويل ھو. اھو جڏھن واپس آيو، تڏھن ان باغ کي انھيءَ جاءِ تي نھ ڏسي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ ڳوليندو ڳوليندو جتي پريءَ باغ آڻي ڇڏيو ھو اتي اچي نڪتو. ان وقت باغ ۾ ھيءُ ظالم بادشاھھ ۽ وزير بھ سير تي نڪتا ھئا. ديو ايندي شرط بادشاھھ کان اچي پڇيو تھ: تو ھيءُ باغ ڇو چورايو آھي؟ بادشاھھ ڏسي ديو کي ڊڄي ويو ۽ ڏڪندي ڏڪندي ئي چوڻ لڳو تھ: اي ديو! ھيءُ ڪم مون نھ ڪيو آھي، پر منھنجي ھڪڙي نوڪر ڌڻ وڇوڙي جو ڪيل آھي. ديو چيو تھ: اھو ڪٿي آھي؟ بادشاھھ ھن کي ان جي جاءِ ڏيکاري. مڄاڻ جو تلاءَ واري ان ديو جي ڌيءَ ھئي، تنھن جو پنھنجي پيءُ کي ڏٺو سو بابا بابا ڪري اچي ھن سان ملي. ديو بھ ڏاڍيءَ سڪ مان پنھنجي ڌيءَ کي گڏيو ۽ ان کان حال احوال پڇڻ لڳو. پريءَ ڳالھيون ڪندي پنھنجي پيءُ ديو کي چوڻ لڳي تھ: بابا! منھنجي قسمت ۾ اجھو اھو آدمزاد ھو، جو ھڪڙي بادشاھھ جو پٽ آھي، مگر ھن ملڪ جي ظالم بادشاھھ اسان جي مڙس واسطي ظلم ٻاري ڏنو آھي، ھن جي مارڻ لاءِ ھن کي اھڙا اھڙا ڏکيا ڪم ٻڌائي ٿو، جنھن ۾ انسان ذات جي حاجت نھ آھي. ھيءُ تنھنجو باغ ھتي آيو آھي، سو بھ انھيءَ ظالم بادشاھھ جي حڪم تي. ھاڻي تون ھن کي ڪو دڙڪو ڏي، تھ اسان جي مڙس جي جان بچي، نھ تھ ھيءُ ظالم ڪو نھ ڪو بھانو ڳولي اسان جي مڙس کي مارائي ڇڏيندو.

اھو ٻڌي ديو يڪدم انھيءَ بادشاھھ وٽ آيو ۽ ھن کي ڌمڪائي خوب ڇنڊ ڪڍيائين، ۽ چيائينس تھ: جي اڳتي شھزادي ڌڻ وڇوڙي کي تڪليف ڏني اٿئي تھ تنھنجي سر جو خير ڪونھي. ديو ھن کي ڌمڪائي ھليو ويو.

ان کان پوءِ بادشاھھ، شھزادي ڌڻ وڇوڙي کان ڊڄڻ لڳو ۽ خيال ٿيس تھ متان اڳين مصيبتن جو بدلو وٺي، تنھنڪري ڇو نھ ھن کي پنھنجي ڌيءَ پرڻائي کيس پنھنجو ڪري ڇڏيان. اھو خيال ڪري ڌڻ وڇوڙي کي گھرايائين، ۽ ھن کي پنھنجي ڌيءَ سان شادي ڪرايائين. اھڙيءَ طرح وزير بھ خوف وچان ھن کي ڌيءَ ڏئي ھن سان دوستي ڳنڍي. ڌڻ وڇوڙي اھي ٻھ زالون بھ وٺي وڃي ٻين زالن سان گڏ ويھاريون.

پوءِ تھ سڀ زالون ۽ ڀاءُ گابو وٺي پنھنجي ملڪ موٽيو جتي سندس پيءُ سندس جدائيءَ ۾ روئي روئي انڌو ٿي پيو ھو. شھزادو ڌڻ وڇوڙو پيءُ سان مليو، جيڪو کيس ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سڄي بادشاھي سندس حوالي ڪري وڃي الله جي عبادت ۾ مشغول ٿيو. شھزادي ڌڻ وڇوڙي پنھنجن ٻن ڀائرن، نانگ ۽ طوطي کي پاڻ وٽ گھرايو، جيڪي اتي رھي ملڪ جي حفاظت ڪندا ھئا، جنھن ڪري ڪنھن بھ بادشاھھ کي ھمت ڪا نھ ٿيندي ھئي تھ ڌڻ وڇوڙي تي ڪاھي اچي. پوءِ باقي سڄي عمر آرام سان گذاريائون.

١٤ – شھزادو ۽ پنج پريون *

ڪنھن ملڪ جي بادشاھھ ھڪڙيءَ رات خواب ۾ ڏٺو تھ سبحان الله ھڪ وڏو صاف ميدان آھي، جنھن جي وچ ۾ ھڪ وڻ بيٺل آھي، جنھن جي ٿڙ چانديءَ جو، ڏار ۽ ٽاريون سون جون، پن زمرد جا، ڦر نيلم ۽ گل ياقوت ھئا. قدرت سان ان وڻ جي ٻِسانگيءَ جي وچ ۾ چنڊ بيٺل آھي جنھن جي روشني ھيڪاري نور ڪيو بيٺي آھي. بادشاھھ ھھڙو جنسار ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو. اڃان ننڊ ۾ ئي ھو تھ اوچتو اک کلي ويس. ڇا ڏسي تھ نڪو اھو وڻ نڪو اھو جنسار. وري ڪوڙ ڪري اکيون کڻي بند ڪيائين تھ اھو خواب وري ڏسڻ ۾ اچي، پر ٻيو ٿيو خير. نيٺ باقي رات پاسا اٿلائيندي گذاريائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org