سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-3

 باب:

صفحو :18

جڏھن صبح ٿيو تڏھن درٻار ۾ سڀ ماڻھو گڏ ٿيڻ لڳا تڏھن بادشاھھ بھ شھزادن سميت درٻار ۾ آيو. اتي شھزادن کان خواب جو پڇاڻو ٿيو. ڇھن ئي ڀائرن اھا جھوڙ نانگ واري مڻ ڪڍي کڻي ٻاھر رکي ۽ پوءِ ھٿ ٻڌي بيھي رھيا، ڇو تھ سچي حقيقت جي تھ انھن کي خبر ڪا نھ ھئي. نيٺ ڪجھھ دير کان پوءِ ننڍي شھزادي بادشاھھ کي چيو تھ: قبلا! جيڪڏھن حڪم ٿئي تھ آءٌ بھ حقيقت پيش ڪريان. بادشاھھ ڪاوڙ ۾ چيس تھ: ٻڌاءِ! پوءِ ھن ڀريءَ درٻار ۾ پنھنجي ڏاکڙن ۽ جھوڙ نانگ کي مارڻ، مڻ ھٿ ڪرڻ، شھزادن جو عورت وٽ ڦاسڻ، پرين کي ڳولي لھڻ، وري شھزاديءَ جي مڙس چونڊڻ جي تماشي ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ ڀائرن جو کانئس مڻ ڦرڻ جي سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي، جا ٻڌي سڀئي ماڻھو عجب ۾ پئجي ويا. پوءِ حڪم ڪيائين تھ ھڪڙو ميدان صاف ڪرايو تھ ھاڻي اوھان جي خواب جو تعبير ٿئي. يڪدم ھڪ ميدان صاف ٿي ويو ۽ جڏھن مير اونداھيءَ جو وقت ٿيو تڏھن شھزادي يڪدم کيسي مان پنجئي وار ڪڍي انھن کي ٿورو سيڪ ڏنو تھ پنجئي پريون اچي سھڙيون. شھزادي پرين کي چيو تھ: اڄ بادشاھھ سلامت کي خواب جو تعبير ڏيکارڻو آھي. ھڪدم پرين حڪم جي تعميل ڪئي. چاندنا پري ٿڙ، سونا پري ڏار، زمرد پري پن، نيلم پري ڦر، ۽ ياقوت پري گل بنجي وڻ ٺاھيو، تنھن جي وچ ۾ شھزادو ھٿ ۾ مڻ کڻي چڙھي بيھي رھيو. سڀني ماڻھن اھو تماشو ڏٺو ۽ واھھ واھھ ڪئي ۽ سڄي جڳ ننڍي شھزادي کي آفرين چئي. پوءِ شھزادي سڀني پرين کي موڪل ڏني ۽ ٿوري گھڻي ڏينھين وڏي شان شوڪت سان: وڃي کٽيل شھزاديءَ سان شادي ڪري آيو ۽ باقي حياتيءَ جا ڏينھن ڏاڍي مزي ۾ گھارڻ لڳو.

15 – پرين جون ساريون*

ھڪڙي ڏينھن ھڪڙو بادشاھھ ۽ راڻي، پنھنجي محلات ۾ ويٺا ھئا، تھ اوچتو راڻيءَ جي نگاھھ وڃي ٻاھرئين تلاءَ تي پئي، جنھن ۾ ھڪڙو ڪانءُ پئي تريو. اھو ڏسي راڻيءَ چيو تھ: اھو ڪانءُ مئل آھي. بادشاھھ چيو تھ: نھ اھو ڪانءُ جيئرو آھي. راڻي ھڪڙي ڳالھھ تي ۽ بادشاھھ ٻي ڳالھھ تي. آخر پاڻ ۾ شرط رکيائون تھ جيڪڏھن ڪانءُ مئل ھوندو تھ بادشاھي راڻيءَ کي ملندي ۽ بادشاھھ ملڪ ڇڏي ھليو ويندو، پر جيڪڏھن ڪانءُ جيئرو ھوندو تھ راڻي محلات ڇڏي ھلي ويندي. بادشاھھ يڪدم پنھنجي وزير کي گھرائي چيو تھ:مون ۽ راڻي پاڻ ۾ ھھڙيءَ طرح شرط رکي آھي. ھاڻي تون وڃي ڏسي اچ تھ اھو تلاءُ ۾ پيل ڪانءُ، مئل آھي يا جيئرو. وزير اھا ڳالھھ ٻڌي عجب ۾ پئجي ويو. بادشاھھ کي ھٿ ادب جا جوڙي عرض ڪيائين تھ: آءٌ ڪانءٌ تھ ڏسي اچان ٿو پر ڪنھن خسيس ڳالھھ تي ايڏي وڏي شرط رکڻ عقلمندي نھ آھي، منھنجو عرض مڃو تھ انھيءَ شرط تان لھي وڃو. بادشاھھ جواب ڏنس تھ: وزير با تدبير! جيڪو ٿيڻو ھوندو سو اوس ٿيندو، تون وڃ ۽ ڏسي اچ تھ ڪانءُ جيئرو آھي يا مئل. وزير حڪم جو بندو، سو ڪنڌ ھيٺ ڪري اچي تلاءَ تي پھتو. اچي ڏسي تھ ڪانءُ برابر مئو پيو آھي. راڻيءَ جي ڳالھھ تھ سچي ٿي ۽ شرط موجب بادشاھھ کي بادشاھي ڇڏڻي پوندي. ھاڻي ڳالھھ تھ ڏاڍي ڳري ٿي. سو ڇا ڪيائين جو وڏو پٿر کڻي ان ۾ نوڙي ٻڌي، ان سان ڪانءُ ٻڌي کڻي تلاءَ ۾ ڦٽو ڪيائين، جنھن وڃي تر ورتو. پاڻ موٽي اچي ٻڌايائين تھ: جيئندا قبلا! ڪانءُ جيئرو ھو ۽ منھنجي وڃڻ تي ھڪدم اڏامي ويو. راڻيءَ شرط موجب پنھنجي شرط ھارائي سا سڀ ڪجھھ ڇڏي، ڪنھن پاسي منھن ڪري نڪتي.

راڻي ھلندي ھلندي شھر کان پرڀرو نڪري وئي. اوچتو رستي تي ھڪ پيرسن بٺارو ڏٺائين، جنھن گڏھن تي سرون پئي کنيون. بٺاري ھھڙي جواڻ جماڻ زال کي اڪيلي سر ويندو ڏسي کانئس پڇيو تھ: ڌيءَ! تون ڪير آھين ۽ ھن وقت اڪيلي ڪيڏانھن پئي وڃين؟ راڻيءَ پھريائين تھ ڪجھھ بھ نھ ٻڌايو، پر آخر بٺاري جي زور رکڻ تي روئي چيائين تھ: چاچا! منھنجو حال نھ پڇين ھا تھ چڱو ھو. مون پنھنجي پير تي پاڻھي ڪھاڙو ھنيو آھي. پوءِ جيڪا حقيقت ھئي سا سموري کولي ٻڌايائينس، جنھن تي بٺاري چيو تھ: اما، تون منھنجي نياڻي آھين، آءٌ ۽ منھنجي گھر واري اڪيلا آھيون، جيڪڏھن تون اسان وٽ رھندينءَ تھ اسين توکي پنھنجي نياڻيءَ برابر سمجھنداسون. راڻيءَ بٺاري جون ڳالھيون ٻڌي وٽس رھڻ مڃيو ۽ پير مرد بٺاري کي قسم سنھن ڏئي جھلي ڇڏيائين تھ اھو راز ڪنھن کي بھ نھ ٻڌائج. پوءِ ساڻس گڏجي گھر وئي. بٺاري پنھنجي گھر واريءَ سان راڻيءَ جو سربستو حال ڪيو، جا پڻ ٻڌي ڏاڍي خوش ٿي ۽ راڻيءَ کي بھ پنھنجي ڌيءَ ڪري سنڀالڻ لڳي. راڻي ھئي ڪا پيٽ سان، سو ڏھن مھينن کان پوءِ کيس ھڪڙو چنڊ جھڙو پٽ ڄائو. پٽ جي ڄمڻ ڪري راڻيءَ کي ھاڻي وندر ٿي پئي ۽ سندس ڏک البت گھٽبو، ھوڏانھن بٺارو ۽ سندس گھر واري بھ ھھڙي سدا ملوڪ پٽ جي ڄمڻ ڪري ڏاڍو خوش ٿيا.

ڳالھيون سگھيون نبرن ۽ ڏينھن پنھنجي مداءَ تي گذرن. راتين پٺيان ڏينھن ۽ ڏينھن پٺيان راتيون گذري ويون، تان جو ڇوڪر بھ اچي پنجن ڇھن سالن جو ٿيو. سڄو ڏينھن پيرسن بٺاري سان پيو ڪم ڪار ۾ مدد ڪندو ھو. چوندا آھن تھ ”بندي جي من ۾ ھڪڙي صاحب جي من ۾ ٻي“. سو ھڪڙي ڏينھن ڇا ٿيو، جو بادشاھھ جا جھاز ڪنھن ٻئي ملڪ ڏانھن وڃڻا ھئا. پر اسرار الاھي اھڙو جو جھاز اتان ھلن ئي نھ. گھڻيئي حيلا وسيلا ڪيائون ۽ زور لاتائون، مگر جھاز نھ ھلڻا ھئا سي نھ ھليا. نيٺ جھاز وارن اچي بادشاھھ کي ٻڌايو تھ: سائين! جھاز بندر تان اصل چرن ئي ڪو نھ ٿا. حيلا وسيلا گھڻئي ھلايا اٿئون پر خبر نھ آھي تھ ڪھڙو اسرار آھي جو جھاز ھڪ ھنڌ ڄمي بيھي رھيا آھن. اھا ڳالھھ ٻڌي بادشاھھ پنھنجي وزير کي گھرايو ۽ ساڻس سڄي حقيقت ڪيائين. وزير بادشاھھ کي عرض ڪيو تھ: جيئندا قبلا! مونکي تھ ڪا بھ خبر نٿي پئي، پر ڪنھن نجومي کان انھي مام جي پروڙ پئجي سگھندي. بادشاھھ کي وزير جي اھا ڳالھھ وڻي، سو ھڪدم حڪم ڪيائين تھ: نجومين کي حاضر ڪيو وڃي. بادشاھھ جي حڪم تي نجومي درٻار ۾ گڏ ٿيا. کانئن ھن حقيقت جو راز پڇيو. نجومي اھا ڳالھھ ٻڌي ويچار ۾ پئجي ويا. ھڪڙن رمل ۽ ڍارا ڪڍيا، ٻين جعفر ۽ جوتش جا ڪتاب کوليا. سڀئي ھڪ بند ٿيل جاءِ ۾ ويھي سبب ڳولھڻ لڳا. گھڻي مٿا ڪٽ کان پوءِ سڀني گڏجي اچي درٻار ۾ عرض ڪيو تھ: جيسين پنجن ڇھن ورھين جو ھڪڙو سلڇڻو ۽ خوبصورت ڇوڪر ڪھي، سندس رت جھازن تي نھ ھاربو، تيسين ھي جھاز ھتان اصل ڪين چرندا. نجومين جي اھا ڳالھھ ٻڌي، بادشاھھ اھڙي ڇوڪر جي ڳولا لاءِ ماڻھن کي روانو ڪيو. درٻار ۾ گھڻئي ماڻھو اچي گڏ ٿيا. سڀ ڪنھن پئي خوبصورت ڇوڪرن جا نالا ورتا. اتي ھڪڙي بٺاري عرض ڪيو تھ: سائين! منھنجي گھر جي ڀرسان ھڪ پوڙھو بٺارو رھي ٿو، جنھن وٽ اھڙين نشانين جو نينگر رھي ٿو. اھو ٻڌي يڪدم انھي پوڙھي بٺاري وٽ پھتا ۽ ڌن دولت جي لالچ ڏيئي نينگر جي ٻانھن گھريائون. پوڙھو بھ سڄي عمر محنت ڪري اچي ٿڪو ھو، سو يڪدم کڻي آڇ قبوليائين، ۽ پيس ڏوڪڙ وٺي نينگر کڻي سندن حوالي ڪيائين، مگر راڻيءَ کي اھو ٻڌايائين تھ سندس پٽ کي بادشاھھ پاڻ سان سفر تي وٺي ويو آھي.

ھوڏانھن ڇوڪرو جڏھن جھاز تي پھتو، تڏھن ڪپتان ھڪ نوڪر کي ڪاتي آڻڻ جو حڪم ڏنو. ڪاتيءَ جو ٻڌي ڇوڪري کي اچي ڊپ لڳو ۽ پڇڻ لڳو تھ: اوھين ڪاتي ڇا جي لاءِ گھرايو ٿا؟ تنھن تي ھن جواب ڏنو تھ: ڪاتيءَ سان توکي ڪھي، تنھنجو رت جھازن تي ھاربو تھ جھاز ھلندا. ڇوڪر چيو تھ: اوھان کي جھازن ھلائڻ سان ڪم آھي يا مونکي مارڻ سان؟ خلاصين جواب ڏنو تھ: اسان کي فقط جھازن ھلائڻ سان ڪم آھي. اھا ڳالھھ ٻڌي ڇوڪري ڇا ڪيو جو چيچ جي ھڪ بُل کي زور سان سڳو ٻڌائين ۽ جڏھن ڏٺائين تھ چيچ جو بُل رت پي گڏ ٿيڻ سبب ڳاڙھو ٿي ويو آھي، تڏھن چاقونءَ سان آڱر کي چھڪ ڏئي سڀني جھازن تي رت جو ڦڙو ڦڙو ھاريندو ويو. خدا جي قدرت، جو جھاز اٿي ھليا.، ڪپتان ۽ خلاصي سڀ ڏاڍو خوش ٿيا ۽ ھن کي خوش نصيب ۽ ڏاھو سمجھي پاڻ سان وٺي ويا. جھازن کي ھلندي ھلندي ڏھھ پندرھن ڏينھن ٿي ويا، نيٺ ٻيءَ ڪنھن بادشاھيءَ جي ھڪڙي بندر تي اچي لنگر ھنيائون. سڀني جي صلاح ٿي تھ نئين شھر ۾ ھلي گھمي ڦري اچجي، ۽ ڪو. سودو واپار لڳي تھ اھو بھ ڪجي. اھو خيال ڪري سڀ خلاصي لھي شھر ڏانھن روانا ٿيا، باقي ڇوڪري ۽ پيرسن خلاصيءَ کي جھازن جي سنڀال لاءِ ڇڏي ويا. خلاصين جي وڃڻ کان پوءِ ڇوڪري پيرسن خلاصي کي چيو تھ: چاچا! مونکي گھمڻ جو شوق آھي، جي موڪل ڏين تھ آءٌ بھ شھرن مان گھمي چڪر ھڻي اچان. پوڙھي شخص چيس تھ: ابا! وڃ ڀلي، پر سگھو موٽج، متان خلاصي مون تي نھ ڪاوڙجن. ڇوڪرو موڪلائي شھر ڏي روانو ٿيو. اڃان شھر ۾ گھڙيو ئي ڪين تھ رستي تي ھڪ سوار ڏٺائين، جو گھوڙي کي تمام تکو ڪاھيندو پئي آيو. اوچتو گھوڙو ڪنھن کتل ڪاٺيءَ سان ٽڪرجي ڪري پيو ۽ سندس ڪنڌ ڀڄي پيو. ھيءُ بھ ڊوڙي وڃي اتي پھتو. ڏسي تھ گھوڙي آھي، گھوڙيءَ جو سوار حيران ٿيو بيٺو آھي، ھن کي ڏسي چوڻ لڳو تھ: ڀائو! گھوڙي بادشاھھ جي ھئي ۽ ڏاڍي ڀلي ھئي، ھاڻي ڌڻي پيو خير ڪري، الاجي ڇا ٿيندو! اھو ٻڌي ڇوڪري چيس تھ: ادا! توکي گھوڙيءَ جو ارمان آھي، پر مونکي وري گھوڙيءَ جي پيٽ واري ڦر جو ارمان آھي. جيڪڏھن اھو پيدا ٿئي ھا تھ ڀلو سامونڊي گھوڙو ٿئي ھا. سوار چيس تھ: ڦر وري ڪٿان آيو؟ ھن گھوڙيءَ تھ ڪڏھن گھوڙو ڪو نھ ڏٺو ھو. پوءِ ڦر وري ڪيئن پيدا ٿيندو؟ سوار ھڪ ڳالھھ تي، ڇوڪرو ٻيءَ تي، نيٺ اھو فيصلو ڪيائون تھ ھلي بادشاھھ جي سامھون اھو فيصلو ڪجي. سو سوار ڇوڪري کي بادشاھھ وٽ وٺي آيو ۽ کيس سموري ڳالھھ ڪري ٻڌايائين. بادشاھھ ڇوڪري کان پڇيو تھ: اي نينگرا! تون ڪيئن ٿو چئين تھ گھوڙيءَ جي پيٽ ۾ سامونڊي گھوڙي جو ڦر آھي، ان جي ثابتي ڪھڙي آھي؟ ڇوڪري عرض ڪيو تھ: بادشاھھ سلامت! ثابتيءَ لاءِ توھين گھوڙيءَ جو پيٽ چيرائي ڏسو. بادشاھھ چيس تھ:جي تون ڪوڙو نڪتين تھ پوءِ؟ ڇوڪر وراڻيو تھ: جيئندا قبلا! پوءِ منھنجا چار جھاز اوھان جي بندر تي بيٺا آھن. جيڪڏھن مون شرط ھارايو تھ پوءِ اھي چارئي جھاز اوھان جا ٿيا. پر جيڪڏھن منھنجي ڳالھھ سچي نڪتي تھ پوءِ اھڙا چار جھاز، ايتري ئي مال سان ڀريل سائينجن کي ڏيڻا پوندا. بادشاھھ شرط مڃي ۽ گھوڙيءَ جي پيٽ چيرڻ جو حڪم ڏنائين. ڏسن تھ برابر گھوڙيءَ جي پيٽ ۾ سامونڊي گھوڙي جو ڦر پيو آھي. بادشاھھ جا ٺپ ئي ٺري ويا. پر بادشاھي زبان، سو شرط جو پورائو ڪيائين ۽ ڇوڪري اھي کٽيل جھاز ھاڪارائي پنھنجن جھازن سان گڏيا. جڏھن ٻيا خلاصي شھر مان گھمي واپس آيا، تڏھن ڏسن تھ مار، چار وڌيڪ جھاز بيٺا آھن! ھنن پير مرد کان انھن جي پڇا ڪئي، جنھن کين ساري ڳالھھ ڪري ٻڌائي. اھا ڳالھھ ٻڌي خلاصي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ ڇوڪري مان بھ ڏاڍا خوش ٿيا.

ھو ٻئي ڏينھن اٺئي جھاز ھاڪاري اچي ڪنھن ٻيءَ بادشاھيءَ ۾ پھتا. اڳئين وانگر سڀ خلاصي، ڇوڪر ۽ پير مرد کي ڇڏي، پاڻ گھمڻ ڦرڻ لاءِ شھر ڏانھن ھليا ويا. پويان ڇوڪرو بھ پير مرد کان موڪل وٺي شھر ۾ گھمڻ لاءِ ويو. گھمندي گھمندي جڏھن بازار جي چؤنڪ تي پھتو تھ اتي ھڪڙو ماڻھو بيٺل ڏٺائين جنھن جي ھٿ ۾ ھڪڙو ڍڪيل ٿالھھ ھو، ۽ ڳالھائي بنھھ نھ پيو. ڇوڪري انھيءَ شخص کان پڇيو تھ : ادا! خبر ڏي، ھن ٿالھھ ۾ ڇا کنيو اٿئي؟ پر اھو ماڻھو ڪڇي جھڙي ڀت. ڇوڪري کانئس ٻھ – ٽي دفعا پڇيو، پر ھن ڪو بھ جواب نھ ڏنس. نيٺ ڇوڪري ڪاوڙجي ھڪڙي چماٽ وھائي ڪڍيس. ھن جو چماٽ ھڻڻ ۽ انھيءَ شخص جو مڇرجڻ. چي: شرم نٿو اچئي جو بيگناھھ مونکي ڌڪ ھنيو اٿئي. ڇوڪري چيس تھ: پوءِ تو منھنجي ڳالھھ جو جواب ڇو ڪو نھ ڏنو؟ ان شخص چيو تھ: منھنجي مرضي تون ڪير چوڻ وارو آھين. ھاڻي جي منھنجي سوال جو جواب ڏيندين تھ واھھ، نھ تھ ڇڪيئين ٿو بادشاھھ وٽ، ڇوڪري چيو تھ: آءٌ تنھنجي سوال جو جواب بادشاھھ جي سامھون ڏيندس، ڀلي بادشاھھ وٽ ھل. بادشاھھ وٽ ان شخص سڄو قصو ڪري ٻڌايو. بادشاھھ چيو تھ: تنھنجو سوال ڪھڙو آھي؟ ان شخص چيو تھ: جيئندا قبلا! ھن ٿالھھ ۾ ھيرا، جواھر ۽ موتي آھن، انھن مان ٻڌائي تھ ڪھڙو سچو، سٺو ۽ قيمتي آھي. بادشاھھ ڇوڪري کي حڪم ڏنو تھ: تون ڪو ھيرو چونڊ. ڇوڪري ھڪڙو ھيرو کڻي چيو تھ: بادشاھھ سلامت! ھي آھي اھو ھيرو. بادشاھھ بھ ھڪڙو ھيرو چونڊي چيو تھ: نھ، اھو نھ آھي، پر ھي آھي. ڇوڪري چيو تھ: بادشاھھ سلامت! آءٌ چوان ٿو تھ ھي ھيرو سچو آھي، اوھين چئو ٿا تھ اھو آھي. ھاڻي رکون ٿا شرط، جيڪو کٽي. بادشاھھ کلي چيس تھ: ڇوڪرا! تون شرط ۾ لڳائيندين ڇا؟ ڇوڪري جواب ڏنس تھ: جيئندا قبلا! اوھان جي بندر تي منھنجا مال سان ڀريل جھاز بيٺا آھن، جي اوھان کٽيو تھ اھا ملڪيت اوھان جي، پر جي نھ تھ مونکي اھڙا اٺ جھاز ڀرائي ڏيڻا پوندو. بادشاھھ شرط قبولي. يڪدم شاھي جوھري کي سڏايو ويو، جنھن ٻئي ھيرا ڏسي فيصلو ڏنو تھ ڇوڪري وارو چونڊيل ھيرو وڌيڪ قيمتي ۽ سٺو آھي. ڇوڪري شرط کٽي. بادشاھھ اٺ جھاز مال سان ڀرائي ڇوڪري جي حوالي ڪيا، جيڪي ھن ھاڪاري وڃي پنھنجن اٺن جھازن سان گڏيا. ھاڻي سندس سورنھن جھاز ٿي پيا. پير مرد ۽ ٻيا سڀ خلاصي ڇوڪري جو بخت ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ کيس ڏاڍو پيار ڪرڻ لڳا.

ٻھ چار ڏينھن اتي رھي، جھاز ھاڪاريائون ۽ وڃي ڪنھن ٻيءَ ولايت کان نڪتا. دستور موجب خلاصي شھر ۾ گھمڻ لاءِ ھليا ويا. ڇوڪرو بھ ھنن جي پويان نڪتو ۽ ڇا ڪيائين جو دلالن جي پڇا ڳاڇا ڪري سورھن ئي جھازن جي مال جو سودو ڪري، نفعو وٺي، روڪڙن پئسن جا جھاز ڀرائي، بي اونو ٿي ويھي رھيو. خلاصي جڏھن گھمي ڦري آيا، تڏھن سورھن ئي جھاز ناڻي سان ڀريل ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ صلاح ڪيائون تھ ھاڻي واپس وطن ڏانھن ھلڻ گھرجي، جو مسافري ڪندي گھڻا ڏينھن گذري ويا آھن ۽ پيسو بھ چڱو ڪمايو اٿئون. سڀ انھيءَ ڳالھھ تي راضي ٿيا، پوءِ ھڪ ٻھ ڏينھن آرام ڪري جھازن جا لنگر کنيائون.

واٽ تي واري واري سان جھازن تي پھرو ڏيندا آيا. ھڪڙي رات، آڌيءَ کان پوءِ ڇوڪري جي پھري جو وارو آيو. ڪا مھل گذري تھ اوچتو ڏٺائين تھ پريان ڪناري وٽ سوجھرو لڳو پيو آھي، ڄڻ تھ ڪا بجلي پئي ٻري! اھو نظارو ڏسي، ڇوڪرو ھڪڙيءَ ننڍڙيءَ ٻيڙي ۾ چڙھي، سوجھري واري جاءِ ڏانھن ويو. اتي وڃي ڏسي تھ رات مان ڏينھن لڳو پيو آھي، ۽ سوجھري تي ڪي پريون ناچ پيون ڪن ۽ ڪي وري راند پيون ڪن. جڏھن ڇوڪرو اڳتي وڌيو، تڏھن اوچتو پرين کيس ڏسي ورتو. آدمزاد کي ڏسي وٺي اڏاڻيون، پر پنھنجي راند جون ساريون تڪڙ ۾ اتي ڇڏي ويون. ڇوڪري ڊوڙي اھي ساريون وڃي ھٿ ڪيون. پريون تھ ڪٿان جو ڪٿي وڃي نڪتيون، ۽ ڇوڪرو اھي ساريون کڻي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي وري اچي جھاز تي ويٺو. جڏھن صبح ٿيو تڏھن اھي ساريون پير مرد خلاصي کي ڏيئي چيائين تھ: ھي چڱي طرح قابو ڪري رک.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org