سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-3

 باب:

صفحو :3

ٻئي ڏينھن بادشاھھ جي حڪم سان ڇوڪري کي وري بھ درٻار ۾ گھرايو ويو. بادشاھي سڏ تي شھزادي کي وري بھ فڪر ٿيو ۽ خيال ڪيائون تھ بادشاھھ کي وري بھ کٽيءَ کنيو آھي. سو ڇوڪري کي سمجھايائون تھ: بادشاھھ جيڪي بھ توکي چئي ان جو جواب سڀاڻي ڏيڻ جو واعدو ڪري ھليو اچج. ڇوڪرو درٻار ۾ آيو ۽ بادشاھھ ساڻس اوري پري جون ڳالھيون ڪري کيس چيو تھ: ڇوڪرا! کل ڦل پريءَ جي ڦلن جي ضرورت آھي. ڪيترن ئي ماڻھن تي اھو ڪم رکيم پر نٿا ڪري سگھن، مونکي پڪ آھي تھ اھو ڪم تو کانسواءِ ٻيو ڪو بھ ڪري نھ سگھندو، تنھنڪري جي کل ڦل پريءَ جا ڦلا تون نھ آندا تھ توکي مارائي ڇڏبو. ڇوڪرو کل ڦل پريءَ جي ڦلن آڻڻ جو ٻڌي وائڙو ٿي ويو، پر پاڻ سنڀالي بادشاھھ کي چيائين تھ: سائين! اھا ورندي سڀاڻي ڏيندس. ائين چئي سڌو جاءِ تي آيو ۽ ٽنھي شھزادين کي احوال ڏنائين. شاھھ پريءَ چيس تھ: تون انھيءَ جو ڪو بھ فڪر نھ ڪر، ڇو تھ کل ڦل پري منھنجي سؤٽ آھي، تنھنڪري ڪم تھ ضرور ٿيندو، پر تون سڀاڻي بادشاھھ کي چئج تھ کل ڦل پري ھتان ڇھن مھينن جي پنڌ تي ٿي رھي، اوٽ موٽ ۾ ٻارنھن مھينا لڳي ويندا، تنھن کان سواءِ ڦلن ھٿ ڪرڻ ۾ بھ ڪجھھ وقت لڳي ويندو، پوءِ بھ خبر نھ آھي تھ جيئرو موٽي اچان يا نھ، تنھنڪري شرط ھي آھي تھ ايتري وقت جي کاڌ خوراڪ لاءِ، منھنجا چار مزور صبح کان شام تائين توھان جو خزانو ڍوئيندا، پوءِ جي ڦلا آندم تھ وھواھھ، نھ تھ اھو سمورو خزانو ۽ راڻيون توھان جون آھن؛ جي ھيءَ شرط منظور ھجي تھ ڦلن لاءِ وڃان؟ ٻئي ڏينھن ڇوڪري بادشاھھ کي اھو شرط ڏنو. بادشاھھ وزير سان صلاح ڪئي، جنھن چيس تھ: سائين! اھو شرط ڀلي منظور ڪريو، ڇو جو ھي ڇوڪرو کل ڦل پريءَ جا ڦلا ڪڏھن ڪو نھ آڻيندو؛ نيٺ بھ تھ اھو خزانو وري زالن سوڌو پنھنجو ئي ٿيندو. اھو ٻڌي بادشاھھ ھائوڪار ڪئي. ڇوڪري ٻئي ڏينھن چار مزور وٺي اچي بادشاھھ وٽان خزانو کڻايو.

ٻھ چار ڏينھن رکي ڇوڪري مسافريءَ جي تياري ڪئي. موڪلائڻ وقت شاھھ پريءَ چيس تھ: ھتان اڀرندي طرف چئن مھينن جي پنڌ کان پوءِ ھڪڙو جبل ايندو، جنھن جي وچان رستو آھي، جبل لنگھندين تھ ھڪڙو ميدان ڏسڻ ۾ ايندءِ. اتي شينھن ۽ شينھڻ رھن ٿا، جي ڪنھن کي بھ جيئرو ڪو نھ ڇڏين؛ پر تون جبل تان ٻھ ٻڪريون جھلي تڪبير وجھي، ھڪڙي گھوڙي جي ھڪڙ پاسي ۽ ٻئي ٻئي پاسي رکي پوءِ ميدان ۾ وڃج، جيڪڏھن توکي ڏٺئون تھ پوءِ تنھنجي پٺيان ڪاھي پوندا، ڪيترو بھ گھوڙي کي ڀڄائيندين تھ بھ اچي رسندءِ، جنھن وقت ھو توکي اچي رسن، تنھن وقت گھوڙو تيز ڪري ھڪڙي ٻڪري شينھن کي ٻي ٻڪري شينھڻ کي اڇلائي ڏج، جيسين اھي ٻڪريون بيھي کائين تيسين تون ھنن جي حد مان نڪري وڃي کل ڦل پريءَ جي ملڪ ۾ رسندين. پوءِ ھيءُ خط ۽ منڊي وڃي کل ڦل پريءَ کي ڏج، اھا توکي سکيو بھ رکندي ۽ ڦلا بھ ڏيندي.

ڇوڪرو خط ۽ منڊي وٺي، موڪلائي توڪلائي اٿي ھليو. ڪيترن ڏينھن جي مسافريءَ کان پوءِ ھن کي ھڪڙو جبل ڏسڻ ۾ آيو ۽ شاھھ پريءَ جي ٻڌايل ڏس موجب ھن جبل تان ٻھ ٻڪريون جھليون ۽ انھن کي تڪبيرون وجھي گھوڙي تي کنيو ۽ جبل واري رستي مان لنگھي ٻئي طرف ٿيو. اڳيان اھو ميدان ھو جنھن ۾ نرماد شينھن رھندا ھئا. ڇوڪري بھ خدا کي ياد ڪري کڻي گھوڙي کي ھڪليو. ڪجھھ پنڌ ڪرڻ کان پوءِ اوچتو ڏسي تھ نر ماد شينھن يڪي لر ڀڳا اچن. ھن بھ گھوڙي کي تکو ڪيو، جڏھن ڏٺئين تھ شينھن اچي رسيا آھن، تڏھن ھڪڙي ٻڪري ھڪڙي کي ۽ ٻئي ٻڪري ٻئي کي شينھن کي اڇلي ڏنائين. شينھن کي جي ٻڪريون مليون سي کاڌو ڏسي بيھي رھيا ۽ ھيءُ گھوڙي کي ڀڄائي ميدان پار ڪري اچي کل ڦل پريءَ جي ملڪ ۾ نڪتو.

ڇوڪرو ويچارو شھر ۾ نئون آيل ھو، سو سڄو ڏينھن ھليو، پر ڪٿي بھ رھڻ جي جاءِ نھ مليس. نيٺ اٽڪل ڪري ھڪڙي پوڙھيءَ کي ماسي ماسي ڪري وڃي پيرين پيو. پوڙھي حيران ٿي وئي تھ ھي ڀاڻيجو وري ڪٿان ساماڻو، سو پڇيائينس تھ:ابا! ڀليو تھ ڪو نھ آھين؟ ڇوڪري چيس تھ: ماسي! منھنجي مرھياتي ماسي بھ تو جھڙي ھئي، تڏھن اچي توکي چنبڙيس ٻيو تھ آءٌ ھن شھر ۾ نئون آيل آھيان، سو دل ۾ چيم تھ تون ئي شايد منھنجي مدد ڪرين. ائين چئي  ٻھ ٽي سونيون مھرون کڻي ھٿ تي رکيائينس، جي ڏسي پوڙھي ڏاڍي خوش ٿي ۽ چيائينس تھ: ابا! ڀلي آئين، جيءُ آئين، ھن گھر کي پنھنجو گھر سمجھھ. ائين چئي کيس اندر وٺي آئي. ڇوڪري وري پوڙھي کي سونين مھرن جي ٻي مٺ ڀري ڏني ۽ چيو تھ: ماسي! تون منھنجي لاءِ ماني تيار ڪر؛ مھرون وٺي قسمين قسمين طعام ٺاھي ڇوڪري کي کارايا. ڇوڪرو بھ ھو بکايل ۽ ٿڪل سو کائي پي ڍؤ ڪري، بالم ٿي سمھي رھيو. اھڙيءَ طرح ڇوڪري ٻھ چار ڏينھن آرام ڪيو.

ٿورن ڏينھن کان پوءِ ڇوڪري پوڙھيءَ کي پنھنجي دل جو حال ٻڌايو تھ: آءٌ کل ڦل پريءَ جي حسن جي ھاڪ ٻڌي آيو آھيان، رڳو ھڪ دفعو ھن کي ڏسڻ جو ارادو اٿم. پوڙھي اھو ٻڌي حيران ٿي ويئي ۽ ڇوڪري کي چيائين تھ: ابا! ڌڻيءَ جو نالو وٺ ۽ پنھنجي سر جو خير گھر، کل ڦل پري ھن ملڪ جي حاڪم آھي، تنھنڪري ھن جي مٿان ايترو تھ سخت پھرو آھي جو نر پکيءَ کي بھ طاقت ڪانھي جو ان جي محلات مٿان اڏامي سگھي؛ سندس محلات ٽن ڪوٽن اندر بند ٿيل آھي، ھر ھڪ ڪوٽ جي دروازي تي چار چار پھلوان پھرو ڏيندا آھن، سو ڪنھن جي مجال آھي جو اوڏانھن وڃي سگھي! تون دل مان اھو خيال ئي ڪڍي ڇڏ. ڇوڪري اھڙيون پيرائتيون خبرون ٻڌي دل ۾ خيال ڪيو تھ جي ڪم ٿيندو تھ انھيءَ پوڙھيءَ ھٿان. تنھنڪري ضد ڪري بيھي رھيو، چي: ماسي! ڪو اھڙو رستو ڪڍ جو رڳو ھڪ دفعو ڏسي دل خوش ڪريان. ائين چئي اشرفين جي ھڪڙي ڳوٿري کڻي پوڙھي کي ڏنائين ۽ چيو تھ ماسي! جيڪڏھن آءٌ مري ويس تھ منھنجو گھوڙو ۽ مال متاع توکي ڦٻي، جي جيئرو رھيس تھ ايترو خزانو ڏيندوسانءِ جو تون تھ ٺھيو پر تنھنجا پوٽا پڙپوٽا بھ پيا کائيندا. پوڙھي بھ ڇوڪري جي ڳالھين ۾ اچي وئي، سو ھن کي چيائين تھ: ٻڌ! آءٌ کل ڦل پريءَ جي خاص نوڪرياڻي آھيان، مون تي اھو ڪم رکيل آھي اٺين اٺين ڏينھن کل ڦل پريءَ جي حمام ۾ گلن جي کاري رسايان، جي سندس غسل جي پاڻيءَ ۾ وڌا ويندا آھن. ھاڻي سڀاڻي گلن رسائڻ جو وارو آھي، تون ھيئن ڪر جو زنانا ڪپڙا ڍڪي، زالن وانگر گھونگھٽ ڪري مون سان گڏجي ھلج، پوءِ کڻي قسمت، ڇوڪرو ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ پوڙھيءَ کي اشرفين جي ٻي بھ ڳوٿري کڻي ڏنائين.

ٻئي ڏينھن پوڙھيءَ ڇا ڪيو جو پاڙي مان اڌارا سڌارا زنانا ڪپڙا وٺي ڇوڪري کي پارائي ۽ ڇوڪر جا ڪپڙا گلن جي ٽوڪريءَ ۾ لڪائي، ڇوڪرو ساڻ ڪري اٿي رواني ٿي. جڏھن ڪوٽ جي دروازي وٽ پھتا، تڏھن ھنن کي پھريدار ڦري آيا، چي! مائي! توکي تھ اسين سڃاڻون ٿا، پر ھي برقعي ۾ ڪير آھي؟ پوڙھيءَ ٻڌاين تھ: ھيءَ منھنجي ننھن آھي تنھن کي کل ڦل پريءَ پاڻ گھرايو آھي؛ ھاڻي جي موڪل نٿا ڏيو تھ پاڻھي خبر پوندو. نھ تھ مون کي اندر وڃڻ ڏيو، ڪجھھ خرچي ھينئر ڏيانو ٿي، ٻي اندران جيڪي مليم ان مان بھ ڪجھھ ڏينديسانو. ائين چئي اشرفين جي ھڪڙي ڳوٿري کڻي پھريدارن کي ڏنائين. اتي پھريدارن بھ ھڪڙو لالچ سبب ٻيو وري اھو ڊپ تھ متان سچ پچ کل ڦل پريءَ ھنن کي گھرايو ھجي، تن ڳوٿري وٺي ھنن کي اجازت ڏني. اھڙي طرح ھر ھڪ ڪوٽ جي پھريدارن کي بھانو ٻڌائي اڪري اندر ٿيا. انھيءَ وقت کل ڦل پريءَ پنھنجن ستن سھيلين سان باغ گھمڻ وئي ھئي. سندس محلات ۾ ھڪ ئي نموني جا ست پلنگ پيل ھئا. ڇوڪري ڇا ڪيو جو پوڙھيءَ کي روانو ڪري، زنانا ڪپڙا لاھي مردانھ ڪپڙا پائي، لت کوڙي ھڪڙي پلنگ تي چڙھي، مٿان سائي شال وجھي سمھي پيو.

ڪجھھ دير گذرڻ کان پوءِ کل ڦل پريءَ پنھنجي ساھيڙين سان گڏ باغ گھمي موٽي اچي ڏسي تھ ڇھھ پلنگ خالي پيا آھن، باقي ستين تي ڪو ماڻھو ستو پيو آھي! ڏاڍي ڪاوڙ لڳس تھ ڪنھن کي کٽيءَ کنيو آھي، جو اسان جي خاص محل ۾ ھليو آيو آھي، ۽ منھنجي پلنگ تي اچي ستو آھي! سو ھڪڙي ساھيڙي کي چيائين تھ: ڏس تھ اھو ڪير اڀاڳو ستو پيو آھي؟ ھڪڙي ڄڻيءَ، ڇوڪري جي منھن تان شال جو پلؤ کڻي ڏٺو تھ ھڪڙو حسين آدمزاد ستو پيو آھي! اھو ڏسي سڀني ساھيڙين ۽ کل ڦل پريءَ کي ڏيکاريائين. کل ڦل پريءَ جو قول ھو تھ آءٌ شادي انھيءَ ماڻھو سان ڪنديس جيڪو منھنجي کٽ تي ويھندو يا سمھندو. تنھنڪري سڀني ساھيڙين وٺي کل ڦل پريءَ سان چرچا مسخريءَ شروع ڪيا. انھي گوڙ تي ڇوڪري جي اک کلي پئي، پر دت ھنيو پيو ھو. کل ڦل پري اول تھ ڏاڍي ڦڪي ٿي پر پوءِ ساھيڙين جي مسخريءَ تي ھن کان بھ کل نڪري وئي. پريءَ جو کلڻ ڄڻڪ کيس جو چمڻ، ھزارين رنگا رنگ ڦلا ھن جي وات مان نڪري محلات ۾ پکڙجي ويا. اتي ڇوڪري، جنھن انھن ڦلن لاءِ ھيڏا ڪشالا ڪڍيا ھئا، تنھن يڪدم اٿي کل ڦل پري جي وات مان نڪتل ڦلا ميڙي شال ۾ وجھڻ شروع ڪيا. تنھن تي سھيلين حيران ٿي جھلي کڻي ھڪڙي پلنگ تي ويھاريس ۽ پڇيائونس تھ: اي آدمزاد: ڪير آھين، ڪٿان آيو آھين ۽ ھيڏن پھرن ھوندي ڪيئن اندر آيو آھين؟ ڇوڪرو يڪدم کل ڦل پريءَ کي شاھھ پريءَ وارو خط کڻي ڏنو. جنھن شاھھ پريءَ واري منڊي سڃاتي ۽ خط پڙھي ڏاڍي خوش ٿي؛ وري جو ڇوڪري سمورو احوال ٻڌايس سا ھيڪاري خوش ٿي، ۽ دل ۾ خيال ڪيائين تھ ھاڻي شادي ڪنديس تھ انھي سان ڪنديس. صبح جو کل ڦل پري پنھنجي پيءَ کي سمورو احوال ٻڌايو، ۽ چيو تھ: آءٌ شادي ھن ڇوڪري سان ڪنديس. قصو ڪوتاھھ، ھنن ٻنھي جي شادي ڏاي ڌام ڌوم سان ٿي ۽ آرام سان گذارڻ لڳا.

ڳالھيون ڪندي ڏينھن جھٽ گذرن، ڇھھ مھينا ائين گذري ويا. جڏھن بادشاھھ سان وعدي پوري ڪرڻ ۾ باقي مھينو وڃي رھيو، تڏھن ڇوڪري کل ڦل پريءَ کي ٻڌايو تھ: شھزادي! ھاڻي ملڪ موٽڻو آھي، نھ تھ اتي جو بي ايمان بادشاھھ منھنجي ٻين زالن کي نقصان رسائيندو. کل ڦل پريءَ جواب ڏنس تھ: حاضر، آءٌ توسان آھيان، جيئن چوندين تيئن ڪنديس. نيٺ کل ڦل پريءَ پنھنجي پيءُ کان موڪل ورتي ۽ اڏام کٽوليءَ تي چڙھي رات وچ ۾ اچي پنھنجي ملڪ ۾ ٺڪاءُ ڪيائون. ٽئي شھزاديون ڇوڪري جي انتظار ۾ ويٺيون ھيون ۽ ھن جي سلامتيءَ لاءِ رات ڏينھن دعا پنديون ھيون. تن جو ھن کي کل ڦل پري سميت سلامت ڏٺو سي ڏاڍيون خوش ٿيون. ڪجھھ ڏينھن آرام ڪري ڇوڪري بادشاھھ جي درٻار ۾ وڃڻ وقت کل ڦل پريءَ کي چيو تھ: بادشاھھ کي ڦلا ڏيڻا آھن، ھاڻي تون کل تھ آءٌ ڦلا ڪري کڻي وڃان کل ڦل پري چيس تھ: تون بادشاھھ کي وڃي چئو تھ ھڪڙي اھڙي جاءِ ٺھرائي جنھن ۾ ننڍڙو سوراخ ھجي تھ پوءِ اھا جاءِ ڦلن سان ڀري ڏيانو.

ڇوڪرو جڏھن درٻار ۾ آيو! تھ بادشاھھ ۽ وزير حيران ٿي ويا تھ ڇوڪرو ڪيئن سلامت موٽي آيو! لاچار سور پي پڇيائونس تھ: ڦلا ڪٿي؟ ڇوڪري ائين ئي چين، جيئن کل ڦل پري سمجھايو ھوس. بادشاھي حڪم سان انھيءَ ڏينھن جڳھھ ٺھي تيار ٿي ۽ رات وچ ۾ کل ڦل پري ان سوراخ تي وات رکي ٽھڪ ڏنا تھ سڄي جاءِ ڦلن سان ٽمٽار ٿي وئي، پوءِ اھو سوراخ ڪپھھ سان بند ڪري موٽي آئي. صبح جو ڇوڪرو بادشاھھ وٽ آيو. بادشاھھ، وزير ۽ ڪيترائي امير ساڻ ڪري ڇوڪري سان گڏجي ان جاءِ تي آيا. ڇوڪري بادشاھھ کي چيو تھ: سائين! ھاڻي اھا ڪپھھ سوراخ مان ڪڍو. بادشاھھ اڃا ڪپھھ ڪڍي مس تھ ڦلا ھڪٻئي پويان سنگھر ڪري ٽڙي پکڙي اڏامڻ لڳا. تنھن تي ڇوڪري چيو تھ:باشاھھ سلامت! اھي اٿو کل ڦل پريءَ جا ڦلا، وڻيو تھ گڏ ڪريو، وڻيو تھ ڇڏي ڏيو تھ اڏامندا ھليا وڃن، مون پنھنجو واعدو پورو ڪيو. ائين چئي ڇوڪرو موٽي پنھنجي محل ۾ آيو.

ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ وزير کي وري بھ اچي خيال ٿيو تھ ھن ڀيري بھ متان ڇوڪري ڪا نازڪ پري آندي ھجي! سو حجامڻ کي گھرائي چيائين تھ: وڃي ڇوڪري جي جاءِ جي خبر چار وٺي اچ. حجامڻ اچي ڏسي تھ مار! اڳي ٽي ڄڻيون ھيون، پر ھاڻ چار ڄڻيون ويٺيون آھن! سا موٽي وزير وٽ آئي ۽ وزير کي چيائين تھ: سائين! ڇوڪرو کل ڦل پري بھ پرڻجي آيو آھي، ان جي حسن جي ڪھڙي تعريف ڪريان، اھڙو حسن مون ڪڏھن ڏٺو نھ ٻڌو. ھي تھ سڀ راڻيون بادشاھي محلات ۾ سونھن، پر خدا بھ پيو گڏھن کي گج پارائي. حجامڻ جي ڳالھھ ٻڌي وزير ھيڪاري سڙي کامي ويو. سڌو بادشاھھ وٽ آيو ۽ اچي کل ڦل پريءَ جي ساراھھ ڪرڻ لڳو. بادشاھھ چيس تھ: وزير! تنھنجي چوڻ تي لڳي مون سڀ خزانو لٽائي ڇڏيو؛ ھاڻي ڇوڪري سان ھٿ اٽڪائڻ، پاڻ کي موت جي منھن ۾ ڏيڻ جي برابر آھي، تنھنڪري خدا جو نالو وٺ، انھيءَ ڳالھھ تان ئي لھي وڃ. پر وزير نھ مڃيو، نيٺ بادشاھھ چيس تھ: ڀلا ڪو اھڙو بھانو ڳولي ڪڍ جو ڇورو ماڳھين پورو ٿي وڃي. وزير چيو تھ: سائين! اھو ڪم منھنجو.

ٻئي ڏينھن وري بھ بادشاھھ ڇوڪري کي گھرائي، ھيٺ مٿي جون ڳالھيون ٻڌائي حڪم ڏنو تھ: اسان کي ھد ھد پکي آڻي ڏي، جيڪڏھن نھ تھ تنھنجو جڻ ٻچو پيڙائي ڇڏبو. ڇوڪرو ويچارو ھد ھد جو ٻڌي حيران ٿي ويو ۽ بادشاھھ کي چيائين تھ: سائين! سڀاڻي توھان کي ورندي ڏيندس. ڇوڪرو موٽي گھر آيو ۽ اونڌي منجي ڪري سمھي پيو. راڻين جو ھن جي اھا حالت ڏٺي سي ڊوڙي وٽس آيون ۽ خبر چار پڇيائونس. ڇوڪري چئني ڄڻين کي بادشاھھ واري ڳالھھ ٻڌائي ۽ چيو تھ: اڳي خدا جي مھرباني سان ڏک ڏاکڙو سھي سوڀ ڪري آيس، پر ھينئر بچڻ مشڪل آھي. ان تي شاھھ پري چيس تھ: چريا! اھو سوال تمام سولو آھي، ھد ھد لاءِ توکي ڪيڏانھن وڃڻو ئي ڪونھ پوندو، اھو اسان وٽ ئي آھي، جنھن مھل چوندين تھ حاضر ڪري ڏينديونسين، پر تون سڀاڻي بادشاھھ کي وڃي چئجانءِ تھ بادشاھھ سلامت! آءٌ ھد ھد پکيءَ لاءِ وڃان ٿو، پر شرط انھيءَ سان جو مونکي ٽامي جي پتري تي اڌ بادشاھي جو لکي ڏيو؛جي ھد ھد پکي آندم تھ اڌ بادشاھي منھنجي، نھ تھ منھنجي سڄي ملڪيت راڻين سميت توھان جي ٿيندي. ٻئي ڏينھن ڇوڪري بادشاھھ وٽ اچي اھو شرط پيش ڪيو، جو بادشاھھ مڃيو، ۽ ٽامي جي پتري تي پنھنجي اڌ بادشاھي لکي ڏني.

ڇوڪرو بادشاھھ سان ڇھن مھينن جي موٽڻ جو واعدو ڪري گھر آيو. پنج مھينا ڏاڍي عيش آرام سان گذاريائين. باقي جڏھن ھڪڙو مھينو بچيو، تڏھن شھزادين کي يادگيري ڏياريائين تھ: بادشاھ کي ھد ھد پکي ڏيڻو آھي. شھزادين کي خبر ھئي تھ ڇوڪري کي تڪليف ڏيڻ وارو وزير آھي سو ان کي سيکت ڏيڻ جو ارادو ڪري ڇا ڪيائون جو محلات جي ڀرسان جيڪي شھر جا ڇوڪرن راند روند ڪندا ھئا، انھن کي چيائون: اوھان مان جيڪو بھ گھڻا پکين جا کنڀ چونڊي ايندو ان کي گھڻي خرچي ملندي. ٻار جو خرچيءَ جو ٻڌو تن ٻن چئن ڏينھن ۾ محلات جي ھڪڙي ڪوٺي قسمين قسمين جي پکين جي کنڀن سان ڀري ڇڏي. تيسين شھزادين وزير کي حجامڻ جي ھٿان نياپا موڪليا تھ اسان وٽان ٿي وڃ. وزير ويچارو ھنن سان ملاقات لاءِ ورھين کان سڪايل ھو سو نياپا ٻڌي ڪپڙن ۾ ئي نھ پئي ماپيو ۽ اڏامندو آيو. شھزادين ڇوڪري کي لڪائي وزير کي اندر گھرايو ۽ سندس ڏاڍي خدمت ڪئي. شھزادين وزير کي چيو تھ: اڳي تھ اڃا بھ اسان جي گھر واري جي موٽڻ جي اميد ھئي، پر ھينئر بادشاھھ سلامت اھڙي ھنڌ موڪليو اٿس جتان موٽڻ محال آھي. اسين پوءِ بھ اوھان جي ملڪيت آھيون تنھنڪري اسان تان ڀيرو نھ ڀڃجئين. پوءِ تھ سڄي رات شراب ڪباب پئي ھليا. صبح جو وزير موڪلائي پنھنجي محلات ڏي ويو. اھڙي طرح ٻئي چوٿين ڏينھن وزير ھنن وٽ پيو ايندو ھو. جڏھن مدي پوري ٿيڻ ۾ ھڪڙو ڏينھن رھيو، تڏھن شھزادين ڌوتي حجامڻ کي گھرائي وزير کي نياپو موڪليو تھ: الاجي متان سڀاڻي اسان جو مڙس موٽي اچي ۽ پوءِ ملاقات نھ ٿي سگھي، تنھنڪري اڄوڪي رات اچي اسان وٽ گذار. وزير پنھنجي گھر ٻڌايو تھ آئون شڪار تي ٿو وڃان تنھنڪري رات جو ڪو نھ ايندس، منھنجو انتظار نھ ڪجو. ائين چئي ھار سينگار ڪري، نوان ڪپڙا پائي ڇوڪري جي محلات ڏانھن اٿي ھليو. وزير جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي شھزادين ڇا ڪيو جو سرس جي ھڪڙي ديڳ ڪاڙھائي رکي ڇڏي. وزير آيو، محفل ۾ شراب ڪباب سڄي رات ھلندا رھيا. اڌ رات گذري تھ شھزادين وزير کي شراب ۾ ھڪڙي نشيدار شيءِ وجھي پياري ڇڏي. ڪجھھ دير کان پوءِ وزير بيھوش ٿي ويو. اتي شھزادين نوڪرياڻين کي حڪم ڏنو جن وزير جي ڏاڙھي، مڇون ۽ مٿو ڪوڙي اگھاڙو ڪري سرس جي ديڳ ۾ ٻوڙي کڻي کنڀن واري ڪوٺيءَ ۾ ڦٽو ڪيائونس. جتي اٿل پٿل ۾ سڀ کنڀ وزير جي بدن کي چنبڙي ويا، بيھوشيءَ جي حالت ۾ ھن کي ڪا بھ خبر نھ پئي تھ ساڻس ڪھڙي جٺ ٿي آھي. اتي پرھھ اچي ڦٽي، چارئي راڻيون ۽ پنجون ڇوڪرو، باقي جيڪي کنڀ بچيا ھئا سي ويٺا وزير کي چنبڙائڻ. اھڙي تھ سھڻي نموني ۾ رنگا رنگي کنڀ قطاري بيھاريائون جو ڄڻ تھ سچ پچ ھد ھد پکي ھو. پوءِ سج ئي ڪونھ اڀريو تھ ڇوڪري ھڪڙو نيئر کڻي ھن جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي، ٿالھيءَ ۾ لوڻ پاڻي ملائي کڻي سندس اڳيان رکيو ۽ ھڪڙي سوئي جي چوڪ ڏئي چيائينس تھ: کاءُ! وزير کي بيھوشي ڇڏي وئي ھئي باقي شراب جا نشا اڃا بيٺا ھئس، سو اکيون پوري کائي ويو. جڏھن درٻار جو وقت ٿيو، تڏھن ڇوڪرو وزير کي وٺي اٿي ھليو. اتي وزير کي ھوش اچي ويو ڏسي تھ مار! آءٌ تھ لوھھ ٿي ويس، پر ھاڻي صبر کان سواءِ ٻيو ڪو بلو ڪونھي سو ويچارو ماٺ ميٺ ۾ ڇوڪري جي پٺيان ھلندو ويو.

صبح جو پھر ھجي، شھر جو جيڪو ماڻھو نئين نموني جو پکي ڏسي سو ھن جي پٺيان لڳيو پوي، تان جو جيسين بادشاھھ جي درٻار تائين پھتا تيسين ھزارين ماڻھو اچي گڏ ٿيا. بادشاھھ بھ صبح جو ڏندڻ پاڻي ڪري اڃان محلات مان نڪتو تھ ماڻھن جا ھشام ڏٺائين. خبر پيس تھ، ڇوڪري ھد ھد پکي آندو آھي، سو بھ ان کي ڏسڻ آيو. باشاھھ جو اھڙو پکي پنھنجي عمر ۾ ڪو نھ ڏٺو ھو سو ڪيترو وقت بيھي پکيءَ کي جاچڻ لڳو، ۽ ڇوڪري کان پڇيائين تھ: ھن پکيءَ کي ڪجھھ کاڌو کارائبو يا نھ؟ ڇوڪري چيو تھ: بادشاھھ سلامت! ھي پکي لوڻ پاڻيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ نھ کائيندو آھي، تنھنڪري اھو کيس گھرائي ڏيو. بادشاھھ يڪدم لوڻ پاڻي گھرايو جو ڇوڪري کڻي وزير جي اڳيان رکيو. وزير کائڻ کان لھرايو ڇوڪري رڳو سوئو ڏيکاريس تھ يڪدم کائڻ کي لڳي ويو. اتي بادشاھھ کي ياد پيو تھ وزير تھ آھي ئي ڪو نھ، ان ڏانھن ماڻھو موڪليائين. ماڻھو موٽي اچي ٻڌايو تھ: وزير ڪالھوڪو شڪار تي ويل آھي اڃا نھ آيو آھي. بادشاھھ کي ڏاڍو ڏک ٿيو تھ، وزير ھجي ھا تھ اھو بھ ھي پکي ڏسي ھا. وزير بادشاھھ جي ڳالھھ تھ سموري ٻڌي پر ڪيئن چوي تھ، سائين! اھو وزير تھ آءٌ ئي آھيان. سج لھڻ مھل ڇوڪري بادشاھھ کي چيو تھ: سائين! ھاڻي مونکي اجازت ملي ڇاڪاڻ تھ منھنجو پکيءَ سان اھڙو واعدو ڪيل آھي تھ ھڪ ڏينھن کان وڌيڪ توکي نھ رھائيندس، جي وڌيڪ وقت رھندو تھ پوءِ شھر جو خير ڪونھي. بادشاھھ کي تھ شينھن واري ڳالھھ ياد ھئي، تنھن يڪدم اجازت ڏنس. ڇوڪرو وزير کي شھر مان رلائي رلائي پنھنجي جاءِ تي وٺي آيو ۽ سندس بدن تان کنڀ لاھي وھنجاري سھنجاري ساڳيا ڪپڙا پارائي چيائينس تھ: اڳتي لاءِ بادشاھھ کي اھڙي صلاح نھ ڏجئين، شڪر ڪر جو ھينئر توکي جيئرو ڇڏيو اٿئون، جي اڳتي اھڙي ھلت ھلندين تھ سر سلامت نھ ھوندءِ. وزير، الاھون بلاھون ڪري ڇوڪري کان جند ڇڏائي لڪندو لڪندو اچي گھر رسيو، پر اول تھ چوڪيدارن سڃاتس ئي ڪو نھ، ڏاڙھي، مڇون، ۽ مٿو ٽيئي ڪوڙيل ھئس، سو ڪنھن بھ ڪو نھ سڃاتس، پوءِ تھ اچي موچڙن سان ورتائونس. وزير وٺي دانھون ڪيون جنھن تي سندس ڌيءَ ۽ زال ڊوڙنديون آيون، پوءِ تھ سڃاڻي جند ڇڏايائونس.

ٻئي ڏينھن بادشاھھ وري بھ وزير کي گھرايو وزير وزير بيماري جو بھانو ڪري گھر ۾ ئي ويٺو رھيو. نيٺ مھيني کن ۾ وزير جا ڪجھھ وار بھ ٿيا، سو لٺ تي رڙھي درٻار ۾  آيو. پوءِ بادشاھھ ڇوڪري جي پکيءَ آڻڻ جي سموري خبر ٻڌايس ۽ چيائينس تھ: وزير! ڇوڪرو تھ ھي شرط بھ کٽي ويو ۽ اڌ بادشاھي بھ وئي، ھاڻي ڪھڙي مرضي اٿئي؟ وزير ڪنڌ کڻي ھيٺ ڪيو. ڪجھھ ڏينھن گذريا تھ وزير کي وري اچي چورا کورا لڳي تھ ڪھڙي بھ ريت ڇوڪري کي پورو ڪري اھي راڻيون ۽ ملڪيت ھٿ ڪجي. ھن گھڻئي ويچار ڪيا، نيٺ ھڪڙي اٽڪل سجھي آيس. سڌو بادشاھھ وٽ آيو ۽ چيائينس تھ: سائين! اڃا ھڪڙو ڀيرو ڪوشش ڪبي، اميد آھي تھ ھن دفعي سوڀ اسان جي ٿيندي، اھو ھيئن جو ڇوڪري کي سوال ڏجي تھ اسان کي پنھنجي وڏن جي خبر آڻي ڏي. بادشاھھ کلي وزير کي چيو تھ: چريو تھ ڪو نھ ٿيو آھين؟ مئن جي ڪنھن خبر آندي آھي. وزير بادشاھھ کي چيو تھ: سائين! ھي ڇوڪرو مرندو بھ تڏھن ۽ راڻيون بھ تڏھن ھٿ اينديون. توھين اھو ڀيرو مون تي اعتبار ڪريو جي ڇوڪرو موٽي آيو تھ پوءِ مونکي مارائي ڇڏجو. وزير بادشاھھ کي اھڙيون تھ پٻيون ٻڌيون جو ھو ريجھي پيو ۽ ڇوڪري کي درٻار ۾ گھرائي پنھنجو سوال ٻڌايو. ڇوڪرو دستور موجب سڀاڻي جواب ڏيڻ جو انجام ڪري پنھنجي گھر موٽي آيو ۽ شھزادين کي وزير جي سڄي حرڪت جي خبر ٻڌايئين. شھزادين چيس تھ: اسين پاڻيھي ٿيون انھيءَ مئي وزير جو بندوبست ڪريون، تون سڀاڻي بادشاھھ کي وڃي چئو تھ، آءٌ توھان جي وڏن جي خبر آڻڻ لاءِ تيار آھيان، پر شرط ھي آھي جو باقي اڌ بادشاھي ۽ پنھنجي وڏھر ڌيءَ جو سڱ لکي ڏين. جي جيئرو موٽيس تھ پوءِ تون منھنجي رعيت ٿيندين، جي مري ويس تھ ٻارھن مھينن تائين منھنجو انتظار ڪج، پوءِ منھنجي ملڪيت ۽ راڻين جو تون مالڪ آھين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org