سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-3

 باب:

صفحو :19

ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ ھي اچي پنھنجي شھر ۾ پھتا، خلاصين ڇا ڪيو جو ھن ڇوڪري کي ڌڪا ڏئي جھاز تان لاھي ڇڏيائون ۽ چيائون تھ: ھي سمورو مال اسين وڃي بادشاھھ کي ڏينداسون، جيئن اسان جو نالو ٿئي ۽ بادشاھھ جو راضپو بھ اسان تي ٿئي. ڇوڪرو ويچارو ماٺڙي ڪري ھليو ويو ۽ وڃي پنھنجي ماءُ سان مليو، جيڪا ھن سڪيلڌي پٽ جي جدائيءَ ۾ روئي روئي اکين کان ويھي رھي ھئي. پير مرد بٺارو بھ ڇوڪري کي صحيح سلامت ڏسي ڏاڍو سرھو ٿيو، ۽ پنھنجي ڪئي تي ڏاڍو پشيمان ٿيو.

ھوڏانھن خلاصي بھ جھازن مان خزاني جون گاڏيون ڀرائي اچي بادشاھھ وٽ حاضر ٿيا. بادشاھھ اھو خزانو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کين انعام اڪرام ڏئي روانو ڪيائين. پير مرد خلاصي بھ اتي حاضر ھو، جنھن ٻئي مال سان گڏ ڇوڪري واريون ساريون بھ بادشاھھ جي حوالي ڪيون. بادشاھھ اھي ساريون وڃي پنھنجيءَ راڻيءَ کي ڏنيون. راڻي ساريون ڏسي ڏاڍو خوش ٿي ۽ بادشاھھ کي چيائين تھ: ھنن سارين جي چوپڙ بھ مونکي گھرائي ڏيو. راڻيءَ جو راض ڏسي بادشاھھ، پير مرد خلاصيءَ کي گھرائي کانئس پڇيو تھ: ھنن سارين جي چوپڙ ڪٿان ملندي؟ جنھن تي پير مرد خلاصي جواب ڏنو تھ: مونکي چوپڙ بابت ڪا بھ خبر ناھي، باقي اھي ساريون انھيءَ ڇوڪري کان ھٿ آيون آھن، جنھن جي رت جي زور تي اسان جا جھاز ھتان روانا ٿيا ھئا. اھو ڇوڪرو وڏو نصيب وارو آھي، ھيءُ جيڪو خزانو آندو اٿئون اھو سڀ ان ڇوڪري جو ڪمايل آھي. ھنن خلاصين سائينجن وٽ جيڪي ٻٽاڪون ھنيون آھن، سي سڀ ڪوڙيون آھن. ھاڻي جيڪڏھن سارين واري چوپڙ ڪو آڻيندو تھ اھو ڇوڪر آڻيندو، ڇاڪاڻ تھ اسان مان ڪنھن کي بھ خبر نھ آھي تھ ھن اھي ساريون ڪٿان ۽ ڪيئن آنديون آھن. تنھن ڪري سائينجن انھيءَ ڇوڪري کي گھرائي، مٿس اھو ڪم رکن. مونکي پڪ آھي تھ اھو سدورو ڇوڪرو ھيءُ ڪم ڪري ايندو. بادشاھھ ھڪدم پنھنجي وزير کي حڪم ڏنو تھ: اي وزير با تدبير! انھيءَ ڇوڪر کي ڳولي ھڪدم حاضر ڪيو وڃي، جنھن جي رت جي برڪت سان، اسان جا جھاز بندر تان روانا ٿيا ھئا. بادشاھھ جي حڪم تي وزير، پير مرد بٺاري ۽ ان ڇوڪري کي ساڻ وٺي، بادشاھھ جي ڪچھريءَ ۾ اچي حاضر ڪيو. بادشاھھ خبرون چارون وٺندي، ڇوڪري کي چيو تھ: تون وڏي بخت وارو ٿو ڏسجين، ھاڻي جيڪي ساريون تو آنديون آھن. انھن جي چوپڙ بھ مھرباني ڪري اسان کي آڻي ڏي! بادشاھھ جي اھا ڳالھھ ٻڌي ڇوڪري عرض ڪيو تھ:جيئندا قبلا! اھو ڪم تمام ڏکيو آھي، ھن لاءِ پھريائين گھڻا ڏاکڙا ڪاٽڻا پوندا، پوءِ جي قسمت چڱي ھوندي تھ چوپڙ ملي سگھندي. تنھن تي بادشاھھ چيس تھ: ڇوڪرا، توکي اھو ڪم ڪيئن بھ ڪرڻو آھي، مال خزاني جي ڪمي اسان وٽ ڪانھي، نوڪر چاڪر ھزارين توکي ڏيڻ لاءِ تيار آھيون. ڇوڪري جواب ڏنو تھ: حاضر...... ھڪڙو شرط آھي، جي اھو قبول ٿئي تھ پوءِ آءٌ اھا چوپڙ ھٿ ڪري اچان. بادشاھھ چيو تھ: اھو ڪھڙو شرط آھي؟ ڇوڪري جواب ڏنو تھ: چار ماڻھو چئن ڏينھن ۾ جيڪو خزانو کڻي سگھن اھو شاھي خزاني مان ڏنو وڃي. تنھن کانسواءِ رستي جي سفر لاءِ مونکي چار ماڻھو، چار گھوڙا ۽ ٻيو راھھ خرچ بھ ڏيندا. بادشاھھ ڇوڪري جا سڀ شرط قبول ڪيا. ٻئي ڏينھن کان ڇوڪري خزانو ڍوئڻ شروع ڪيو. نھ رڳو پير مرد بٺاري جو گھر ڀريائين، پر ٻين بٺارن کي بھ ڪافي خزانو ڏنائين. تنھن کان سواءِ جن کيس اھو خزانو کڻايو تن بھ پنھنجا گھر خزاني سان ڀري ڇڏيا.

ھفتي کن کان پوءِ ڇوڪرو بادشاھھ کان موڪلائي چار ماڻھو ۽ چار گھوڙا وٺي روانو ٿيو. ڇوڪري جو ڀاڳ سڻايو بيٺو ھو، سو منزلن تي منزلون ڪندو ڪيترن ڏينھن جي مسافريءَ بعد ھڪڙي بيابان ۾ اچي پھتو. ڏسي تھ ھڪڙو ننڍو باغ آھي، جنھن ۾ ھڪ آديسي فقير دونھون دکايو ويٺو آھي. سندس اکين تي ڇپر وري ويا آھن ۽ اڪيلو ئي اڪيلو بيٺو آھي. ڇوڪري کيس نوڙت سان سلام ڪيو ۽ پنھنجي سفر جو سمورو احوال ٻڌايو. فقير ڏاڍي آڌر ڏيندي کيس چيو تھ: ابا! ڏاڍي ڏکئي ڪم لاءِ نڪتو آھين. ھن ڪم ۾ جان جو جوکو ۽ حياتيءَ جو خطرو آھي، پر چڱو، ڌڻي مڙئي چڱي ڪندو. ھاڻي ٻڌ، ھتان ڏھن ڏينھن جي پنڌ تي ھڪڙو کوھھ ايندو، جنھن کي ڪارو کوھھ چوندا آھن، جتي ڪا پھر بھ ڪا نھ ھوندي، تون اتي وڃي منزل ڪج. پوءِ رات جو لوڪ ستي رسيءَ جي آڌار تي کوھھ ۾ ھيٺ لھي وڃج. کوھھ جي تري ۾ ھڪڙي ڏاڪڻ آھي، جنھن تان ھيٺ لھي وڃج. جتي توکي وڏو ميدان ڏسڻ ۾ ايندو. اتي ھڪڙو محلات آھي، ان محلات ۾ ٽي پريون رھنديون آھن، جن مان ھڪڙي منڊي ھوندي، اھي ٽيئي پاڻ ۾ ڀيڻون ٿين. انھن  ٽنھي مان ھر ھڪ تي نانگ، شينھن ۽ ديو جو قبضو آھي. اھي ٽيئي آفتون توکي مارڻيون پونديون، جنھن کان پوءِ اھي پريون تنھنجي مدد ڪنديون ۽ توکي چوپڙ ملندي. فقير کان اھو ڏس وٺي، سلام ڪري کانئس موڪلائي اڳتي روانو ٿيو.

ساڻس جيڪي سنگتي گڏ ھئا سي سڀ اچي ڊنا ۽ واپس ورڻ جو ارادو ڪيائون، پر ڇوڪري جي دلداريءَ تي اٿي پنڌ پيا. نيٺ منزلون ڪندا اچي انھيءَ کوھھ وٽ پھتا. ماني تيار ڪري ٻيا تھ کائي پي سمھڻ جي تياري ڪرڻ لڳا تھ ڇوڪري انھن کي چيو تھ: ڀائرو! اڄ رات مونکي ھن کوھھ ۾ گھڙڻو آھي. اوھين رسو جھليو تھ ھيٺ لھان ۽ جڏھن آءٌ رسو لوڏيان، تڏھن اوھين ھڪدم مونکي ڇڪي ٻاھر ڪڍجو. ھنن سڀني اھا ڳالھھ قبول ڪئي. ڇوڪرو رسي تي ھيٺ لھندو ويو، تان جو کوھھ جي تري وٽ پھتو. اتي پھچڻ کان پوءِ ھن ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو تھ پاسي کان ڏاڪڻ ڏسڻ ۾ آيس. بسم الله ڪري ھيٺ لھي ويو تھ ڏسي تھ برابر ھڪڙو عاليشان محلات لڳو پيو آھي، جنھن ۾ باغ باغيچا گل گلزار لڳيا پيا آھن. لنگھي محلات اندر داخل ٿيو. اندر ڏسي تھ دريءَ وٽ ھڪڙي خوبصورت پري ويٺي آھي، جنھن جي گوڏي تي ھڪڙو زبردست نانگ ستو پيو آھي. پريءَ ھن آدم جي ٻچڙي کي ايندو ڏسي اشارو ڪيو تھ: ھتان ھليو وڃ، نھ تھ نانگ کائي ڇڏيندءِ. پر ھن ھمت نھ ھاري ۽ الله جو آسرو ڪري، پوري زور سان تلوار نانگ تي وھائي ڪڍيائين. نانگ ھڪ ڌڪ سان ئي پورو ٿي ويو. اھو حال ڏسي پري ڏاڍي خوش ٿي ۽ ڇوڪري کي ڀاڪر پائي چيائين تھ: توکي جس ھجي جو ھن نانگ کان منھنجي جند ڇڏائي اٿئي. ھاڻي جيڪي گھرڻو ھجئي سو گھر. ڇوڪري پريءَ کي چيو تھ: مونکي الله جو ڏنو سڀ ڪجھھ آھي، ڌن دولت جو طلبگار نھ آھيان، مونکي فقط ھنن سارين جي چوپڙ گھرجي. پريءَ اھا ساري ڏٺي، جا ھن کانئس وٺي ڏٺي ۽ ڏسي چيائين تھ: برابر ھي ساريون اسان جي چوپڙ جون آھن. بيشڪ تون اھو ئي آھين، جنھن اسان کي راند ڪندي ڏٺو ھو. ڇوڪري ھائوڪار ڪئي. تنھن تي پري چيس تھ: اھا چوپڙ منھنجي ڀيڻ وٽ آھي، جا ھتان ٽينءَ ڪوٺيءَ ۾ رھي ٿي. ھن جي گوڏي تي ھڪڙو ديو ستل ھوندو، توکي پھريائين ھن ٻيءَ ڪوٺيءَ ۾ وڃڻو پوندو، جتي پڻ منھنجي ڀيڻ رھي ٿي، ھن جي گوڏي تي وري شينھن ستو پيو ھوندو. تو ۾ جي ايتري طاقت ھجي تھ پھريائين شينھن کي مار، پوءِ ديو کي مار. پوءِ جي تون ڪامياب ٿئين تھ چوپڙ حاضر ڪري ڏيندس. ڇوڪري کيس دلداري ڏيندي چيو تھ: تون ڪو بھ خيال نھ ڪر، رڳو مونکي اھي آفتون ھلي ڏيکار، ڇوڪري جي ھمت ڏسي پري خوش ٿي ۽ کيس وٺي ٻيءَ ڪوٺي ۾ آئي. اتي ڏسي تھ برابر شينھن ھڪڙي خوبصورت پريءَ جي گوڏي تي ڪنڌ رکيو ستو پيو آھي. ٻي پريءَ جڏھن آدمزاد ڏٺو تڏھن حيران ٿي وئي، پر پوءِ ڀيڻس اشارو ڪيس، سو کڻي ماٺ ڪيائين. ڇوڪري پوريءَ طاقت سان ترار شينھن تي وھائي ڪڍي. ھڪڙي ئي ڌڪ سان شينھن ٻھ اڌ ٿي پيو. ان کان پوءِ ھي ٽئين ڪوٺيءَ ڏي وڌيو، اتي بھ ترار جي ھڪ ئي ڌڪ سان ديو کي ماري پورو ڪيائين. ھي ٽئي آفتون. جڏھن ختم ٿيون، تڏھن پريون ڏاڍيون خوش ٿيون ۽ ھن تان نثار ٿيڻ لڳيون. ھنن کيس چوپڙ تھ ڏني، پر سڀني کان ننڍي ۽ سھڻي پريءَ ساڻس شادي ڪرڻ بھ قبول ڪئي. پوءِ پرين ڇوڪري کي ٻھ سڳا ڏئي چيو تھ: ھنن ۾ اھا حڪمت آھي، جو تون ھيءُ سڳو ڳچيءَ ۾ پائيندين تھ پيرسن ٿي پوندين. وري جو ھيءُ سڳو ڳچيءَ ۾ پائيندين تھ نوجوان ٿي پوندين. ڇوڪري اھي ٻئي سڳا وٺي کيسي ۾ وڌا، ۽ پرين کي چيائين تھ: ھاڻي آءٌ رسو ٿو لوڏيان منھنجا ساٿي ٻاھر بيٺا آھن، اوھان مان ھڪ ھڪ ٿي مٿي چڙھي ھلي. جڏھن اوھين سڀ مٿي پھچو تڏھن مون کي ڇڪي ٻاھر ڪڍجو. پرين ڇوڪري کي چيو تھ: پھريائين تون ٻاھر نڪر، پوءِ اسين ٻاھر نڪرنديونسين، تون ٻاھر ھوندين تھ چڱو آھي، اسين اڳي چڙھي في الحال وڃي ڌارين ماڻھن جي حوالي ٿينديونسين، سو چڱو نھ آھي، تنھن تي ڇوڪري چيو تھ: اھي ڌاريا ڪو نھ آھن، پر منھنجا ساٿي آھن. اوھين ڪو بھ خيال نھ ڪريو. نيٺ پريون ھڪ ھڪ ٿي مٿي چڙھڻ لڳيون. تنھن کان پوءِ قيمتي سامان ۽ چوپڙ بھ ٻاھر ڪڍيائون. باقي ڇوڪرو اندر رھجي ويو. اتي سندس ساٿين کي دل ۾ اچي بي ايماني پيدا ٿي تھ ھھڙيون سھڻيون پريون ۽ ٻيو قيمتي سامان سڀ مٿي اچي ويو آھي، باقي ڇا گھرجي! سو صلاح ڪيائون تھ ڇوڪري کي اندر ڇڏي ھلڻ گھرجي. اھو فيصلو ڪري ھن کي اندر ڇڏي، سامان سڙو ٻڌي گھوڙن تي رکي، پرين کي وٺي، منزلون ڪندي اچي بادشاھھ جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. بادشاھھ جو ھنن جي انتظار ۾ ويٺو ھو، سو ڏاڍو خوش ٿيو. کين ڏاڍا انعام ڏئي ڇوڪري بابت پڇا ڪيائين. جنھن تي ھنن چيو تھ: سائين! ڇوڪرن جي زبان تي ڪھڙو ڀروسو؟ ٻار ويچارو ڊپ جو ماريو، واٽ تان ئي ڀڄي ويو. اسان ڏاڍا ڏک ڏاکڙا ڏسي چوپڙ ۽ پريون ھٿ ڪيون آھن. بادشاھھ ھنن جي ڳالھھ کي سچ سمجھي چوپڙ آڻي راڻيءَ کي ڏني، جا ڏاڍي خوش ٿي.

پرين جو حسن ڏسي بادشاھھ کين پاڻ سان شادي ڪرڻ لاءِ چيو، جنھن تي ھنن چيو تھ: اسان جو مڙس ڇوڪرو آھي، جنھن سان اسان جو وعدو ٿيل آھي، تنھن ڪري ٻارھن مھينا ترسو. جيڪڏھن انھيءَ وقت ۾ ھو موٽي نھ آيو تھ پوءِ جئين چوندين تيئن ڪنديونسين. اھو جواب ٻڌي بادشاھھ ماٺ ٿي ويو ۽ انتظار ڪرڻ لڳو. نيٺ اھي ڏينھن بھ آيا. بادشاھھ شاديءَ جو سعيو ڪيو. ڏاڍا بندوبست ٿي ويا، سڄو شھر سينگارجي ويو. سڀني اوطاقن ۽ محلن ۾ ماڻھن راڳ پئي ڳايا، مطلب تھ ھرڪو خوشيءَ ۾ پئي ٻھڪيو.

ھوڏانھن ويچارو ڇوڪرو لاچار ۽ بيوس کوھھ ۾ پيو ھو. ڪو بھ ڪڍڻ وارو نھ ھو. قادر جي قدرت سان انھيءَ کوھھ وٽ ھڪڙو قافلو اچي لٿو. قافلي وارا رڌڻ پچائڻ ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي ڀرڻ واسطي انھيءَ کوھھ تي آيا، ۽ ٻوڪو اندر وڌائون. ڇوڪري بھ صحيح ڪيو تھ اڄ ڪو انسان ھت آيو آھي ۽ پاڻي ٿو ڀري. سو جڏھن ٻوڪو اندر آيو تڏھن ھڪدم کيس چنبڙي پيو. قافلي وارن ڏٺو تھ ھڪڙو خوبصورت ڇوڪرو ٻوڪي ۾ ويٺو آھي. ڇوڪري کين چيو تھ: حيران ٿيڻ جي ڪا بھ ڳالھھ ڪانھي. مون سان اجھو ھھڙيءَ طرح سنگتين فريب ڪيو آھي. پوءِ پنھنجي سڄي ڳالھھ ڪري ٻڌايائين. قافلي وارن ھن تي رحم کائي ھڪ سامونڊي گھوڙو ھن کي ڏنو، جنھن تي چڙھي ھو پنھنجي ملڪ روانو ٿيو. نيٺ اچي پنھنجي ڳوٺ کان نڪتو. گھوڙي کي ٻاھر ڇڏي، پاڻ آزمودي لھڻ لاءِ پرين کان مليل سڳو ڳچيءَ ۾ پاتائين تھ يڪدم سؤ ورھين جو جھور پوڙھو ٿي پيو، پوءِ لٺ ھٿ ۾ ڪري ان جي ٽيڪ تي شھر ڏانھن روانو ٿيو. واٽ تي ڏٺائين تھ جا بجاءِ ماڻھن جا ميڙا لڳا پيا آھن. پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيس تھ سڀاڻي بادشاھھ جي شادي ٿيڻي آھي. ھن چيو تھ: ابا، آءٌ مسافر بکايل آھيان، مونکي بھ اتي وٺي ھلو تھ کائي پي توھان جي ٻچن کي دعائون ڪريان. ماڻھو ھن پير مرد کي وٺي اوڏانھن ھليا. کاڌو پئي ھليو، ديڳيون چڙھيون پيون ھيون. جتي ٻين پئي کاڌو اتي ھن بھ کائي چڙھھ ڪيو.

شام جو بادشاھھ وٽ عام ڪچھري ھئي، پير مرد بھ لڏندي لمندي ڪچھريءَ ۾ اچي ٺڪاءُ ڪيو. بادشاھھ جي نظر مٿس پئجي وئي، جنھن گھرائي پنھنجي ويجھو ويھاريس ۽ چيائين تھ: پريا مڙس! ھن خوشيءَ جي موقعي تي ڪا ڳالھھ ٻڌاءِ. تون بھ ڪو زمانو سنڀرين. بادشاھھ جو خيال ڏسي ٻين بھ سڀني ھڪ آواز سان پنھنجي راءِ ڏني. پير مرد بادشاھھ جو راض ڏسي ڳالھھ شروع ڪئي ۽ چوڻ لڳو تھ: بادشاھن جو بادشاھھ پاڻ خدا آھي، پر زماني جو ھڪڙو بادشاھھ ھو، جو ھڪڙي ڏينھن پنھنجيءَ راڻيءَ سان گڏ محلات ۾ ويٺو ھو. پريان تلاءَ ۾ ڪانءُ کي ترندو ڏسي بادشاھھ راڻيءَ کي چيو تھ اھو ڪانءُ جيئرو آھي ۽ راڻيءَ چيو تھ اھو ڪانءُ مئل آھي. نيٺ بادشاھھ ھڪ ڳالھھ تي تھ راڻي ٻيءَ ڳالھھ تي..... پير مرد ايتري ڳالھھ ڪئي، تھ بادشاھھ ڪن کڙا ڪيا. ٻيا ماڻھو، جن کي انھيءَ ڳالھھ جي خبر ھئي، سي سڀ حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا تھ ھيءَ اسان جي بادشاھھ جي ڳالھھ پئي ھلي. سڀئي اھا ڳالھھ خيال سان ٻڌڻ لڳا. بادشاھھ ڳالھھ ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺڻ لڳو. پير مرد ڳالھھ کي ٿورو ھلائي بند ڪيو تھ بادشاھھ کيس سونين مھرن جون مٺيون ڏئي وڌيڪ ڳالھھ ٻڌڻ لاءِ شوق ڏيکاريو. اتي پير مرد بھ رنگ ڍنگ سان ڳالھھ ڪندو ويو. ڪچھريءَ ۾ اھو پير مرد خلاصي ۽ ٻيا خلاصي بھ ويٺا ھئا. سڀني ڪن لايو پئي ڳالھھ ٻڌي. پير مرد بھ اڌ اڌ ڪلاڪ بعد پئي انعام ورتو. ڳالھھ ڏاڍو رس ڪيو بيٺي ھئي. نيٺ پير مرد سڄي ڳالھھ ٻڌائي وڃي ختم ڪئي. تڏھن بادشاھھ رڙ ڪري چيس تھ: پير مرد! ڀلا اھو ڇوڪر ڪٿي آھي؟ تنھن تي ھن يڪدم سڳو کولي ٻيو سڳو ٻڌو، جنھن ڪري اصلي حالت ۾ اچي ويو ۽ چيائين تھ: بادشاھھ سلامت! اھو آءٌ آھيان اوھان جو پٽ. بادشاھھ کيس سڃاڻي ڀاڪر پائي مليو ۽ پنھنجي ڪئي تي ڏاڍو پشيمان ٿيو. يڪدم راڻيءَ کي آڻائڻ جو حڪم ڏنائين ۽ جن خلاصين ۽ ٻين ساٿين ھن سان بي ايماني ڪري ساڻس دغابازي ڪئي ھئي، تن کي گھرائي ڏاڍي جٺ ڪيائين. پوءِ تھ ڏاڍيون خوشيون ٿي ويون، سڀ وڇڙيل پاڻ ۾ مليا. ھن شھزادي انھن پرين مان ننڍيءَ سان شادي ڪئي ۽ سڄي عمر آرام سان گذاريائون. جھڙو ميلو انھن جو ٿيو، تھڙو شل جڳ جھان جو ٿئي.

16 – شھزادو بخت ڪمال ۽ نيڻان پري *

ھڪڙو ھو بادشاھھ، جنھن کي چار زالون ھيون، جي چارئي سونھن سوڀيا ۾ ھڪٻئي کان سرس ۽ پنھنجو مٽ پاڻ ھيون. اھي پٽ راڻيون روز تيل ڦليل ڪري، نولکا ھار پھري، مٿي شيش محل تي چڙھي وينديون ھيون، جتي بادشاھھ جي ڌاريل مئنا سوني پڃري ۾ ويٺي ھوندي ھئي. راڻيون سڌيون مئنا وٽ اينديون ھيون، ڏاڍي وڏائي ۽ البيلائيءَ سان مئنا کان پڇنديون ھيون تھ: اي ڪاري مئنا! تو بھ گھڻا ملڪ ۽ گھڻا سھڻا ماڻھو ڏٺا ھوندا، پر اسان جھڙيون ڪي سھڻيون صورتون ڪٿي ڏٺئي؟ مئنا ويچاري راڻين جي دل خوش ڪرڻ لاءِ چوندي ھئي تھ: نھ راڻيون، مون توھان جھڙيون حورون ڪٿي ڪو نھ ڏٺيون. انھيءَ تي راڻيون ڏاڍيون خوش ٿينديون ھيون ۽ مئنا کي چوڳو ڏئي ھيٺ لھي وينديون ھيون.

ھڪڙي ڏينھن دستور موجب جيئن راڻين اچي مئنا کان پنھنجي حسن جي باري ۾ پڇيو، مئنا بھ روز روز ساڳي ڳالھھ ٻڌي ڪڪ ٿي پئي ھئي، سو ڪاوڙجي چيائين تھ: راڻيون! اوھين آھيو ڇا! جي نيڻان پري ڏسو تھ عقل چرخ ٿي وڃيو، توھين تھ ھن جي پير جھڙيون بھ نھ آھيو. اھو ٻڌي راڻيون ڪاوڙ ۾ تپي باھھ ٿي ويون، ۽ خار ۾ مئنا کي مارڻ لاءِ پڃري کي کولي ان کي ٻاھر ڪڍيائون تھ مٿان بادشاھھ اچي سھڙيو، تنھن کانئن مئنا کي پڃري مان ڪڍڻ جو سبب پڇيو. جنھن تي چئني ھن کي مئنا جي ڪيل ڳالھھ سربستي ڪري ٻڌائي. بادشاھھ مئنا کان بھ پڇيو، جنھن چيو تھ: جيئندا قبلا! برابر مون ائين چيو آھي ۽ اِھو سچ آھي تھ جيڪڏھن ڪو  نيڻان پري ڏسي تھ ھوش ئي خطا ٿي وڃنس. بادشاھھ اھو ٻڌي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو ۽ گھڻيءَ دير کان پوءِ مئنا کي چيائين تھ: مائي مئنا! جي اھو سچ آھي تھ ڪيئن بھ ڪري ثابت ڪر، نھ تھ تنھنجي سزا موت ٿيندي. ويچاري مئنا اچي منجھي تھ ڇا ڪريان ۽ اھا ڳالھھ ڪيئن ثابت ڪريان؟ آخر گھڻي دير کان پوءِ مئنا چيو تھ: بادشاھھ سلامت! آءٌ اھو ثابت ڪرڻ لاءِ تيار آھيان پر اوھان کي خبر ھئڻ گھرجي تھ نيڻان پري ڪوھھ قاف جبل تي، غيبي پھري ھيٺ ۽ طلسمي باغ منجھھ رھندي آھي، اتي ھلڻ لاءِ پر َ گھرجن. ھاڻي انھيءَ جي ھڪ صورت آھي تھ اھڙو ڪو جانور ھٿ ڪريون، جنھن تي چڙھي اڏامي ھلي اتي پھچون، تنھن ڪري مونکي موڪل ملي تھ آءٌ وڃي اھڙي جانور کي ھٿ ڪريان. بادشاھھ کيس انھيءَ جي اجازت ڏئي، پڃرو کولي اڏائي ڇڏيائينس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org